يتيم جي امڙ به گذاري ويئي
گهر واريءَ جي وفات کانپوءِ ٽن ورهين جو ننڍڙو پٽ سيده آمنه جي زندگيءَ ۾ اڪيلو سهارو هو، هاڻ رضاعت کانپوءِ پُٽ سيده کي مليو ته پاڻ هر وقت ان سان گڏ رهندي هئي، سندس ننڍي گهر ۾ سندس ڪُل اثاثو ڪجهه اٺ، ٿوريون ٻڪريون ۽ هڪ تيرهن سالن جي حبشي نوڪرياڻي بَرڪه هئي. سانئڻ جو سهرو سيدنا عبدالمطلب سندس گهڻو خيال رکندو هو، هو پنهنجي پوٽي کي پنهنجي سڄي اولاد کان وڌيڪ گُهرندو هو. اڪثر ڪري هو سندن گهر اچي پنهنجي پوٽي جي آڱر جهلي کيس وٺي ويندو هو. خانه ڪعبه جي ڀت سان گڏ حطيم ۾ سيدنا عبدالمطلب جي لاءِ خاص غاليچو وڇايو ويندو هو ۽ اها جاءِ قريش سردار جي لاءِ هوندي هئي. پر سيدنا آمنه جي لعل ﷺ کي اُن غاليچي تي وهاڻي جي ٽيڪ سان پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو.نه رڳو اهو پر جڏهن قريش ڪنهن غور طلب مسئلي تي سندس صلاح يا حڪم طلب ڪندا هئا ته پاڻ سڀني کي سُڻي فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ، پنهنجي ڀَر ۾ ويٺل پنهنجي ننڍڙي پوٽي ڏانهن جُهڪي سندس راءِ پڇندو هو ۽ پوءِ ڪو فيصلو ٻڌائيندوهو. خشڪ ساليءَ جي ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو برسات جي لاءِ دعا گهرائڻ آيا ته سيدنا پنهنجي اُن ئي ننڍڙي پوٽي جي ننڍڙن ننڍڙن هٿن کي کڻائي دعا گهرندا هئا، ته ڪڪر مِڙي ايندا هئا. سيدنا بَرملا قريشين کي چوندا هئا، ته مُنهنجو پوٽو وڏي شان وارو آهي. هن جو خدا جلد مان مٿانهون ڪندو.
سيدنا آمنه پنهنجي پُٽ جي ريگستان ۾ ٿيل تربيت کان گهڻي خوش هئي. ان وهيءَ ۾ به سندس پٽڙي جي گفتار گهڻي نرم ۽ مهذب هئي. بنو سعد ۾ پنهنجي زندگيءَ جي گذاريل سوا ٽن سالن دوران رسول الله ﷺ روز مروه جي ڳالهه ٻولهه ۾ استعمال ٿيندڙ زبان ڏاڍي سُٺي نموني سِکي هئي. پنهنجي دل جي ڳالهه سهڻي نموني چوڻ پاڻ سڳورن شروعاتي وهيءَ ۾ ئي سکي ورتي هئي. سندس پاڙي ۾ سائنڻ آمنه جي سؤٽ هاله جو گهر هو. جيڪا سيدنا عبدالمطلب جي سڀني کان ننڍي عمر واري هئي. سانئڻ آمنه ۽ هاله جو وهانءُ هڪئي ڏينهن ٿيو هو. هاله جي پيٽان به رسول الله ﷺ جي جنم سان گڏ ئي حمزه پيدا ٿيو هو. حمزه جي زندگي جا به ڪجهه سال بنو سعد جي رضاعت ۾ گذريا. ريگستان ۾ به رسول الله ﷺ پنهنجي اُن هم عمر چاچي، ماسيءَ جي پُٽ، ۽ رضاعي ڀاءُ سان گڏ جي کيڏندا هئا. مڪي موٽڻ کانپوءِ به ٻنهي جو ننڍپڻ گڏ گذريو. حمزه کان ٻه سال ننڍي سندس ڀيڻ صفيه به پيدا ٿي چڪي هئي. صفيه رسول الله ﷺ کان ٻه سال ننڍي هئي، هوءَ به سانئڻ آمنه جي گهر ۾ حمزه سان گڏجي پاڻ سڳورن سان کيڏڻ ايندي هئي. بنو تيم جي ابو قحافه جو پُٽ ابوبڪر، جيڪو عمر ۾ رسول الله ﷺ کان اڍائي سال ننڍو هو، اهو به ڪڏهن ڪڏهن خانه ڪعبه جي اڱڻ ۾ ساڻن گڏجي کيڏندو هو. رسول الله ﷺ جي وڏي چاچي حارث جو پُٽ ابوسفيان به رسول الله ﷺ جو هم عمر هو، اهو به ننڍپڻ جي دوستن مان هو.
سيده آمنه جو پنهنجي سهري سيدنا عبدالمطلب جي يثرب ۾ ناناڻي ڪٽنب سان به دلي لڳاءُ هو. انهن جو واسطو بنو خزرج جي اوڙڪ بنونجار ۽ ان جي ذيلي قبيلي بنوعديءَ سان هو. هن سيدنا عبدالمطلب جي امڙ سيده سلميٰ جي همگير ۽ پر ڪشش شخصيت جا قصا ٻڌا هئا. سيده سلميٰ جو ڪٽنب بنونجار يثرب مان مڪي اچي سدائين سيدنا عبدالمطب ۽ ان جي ڪٽنب سان دلي لڳاءُ جو اظهار ڪندو هو. سانئڻ آمنه جي گهرواري سيدنا عبدالله يثرب ۾ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن انهن جي پاڙي ۾ ئي گذاريا هئا. اُنهن ڏينهن پاڻ هڪ سفر تي شام وڃي رهيو هو ته بيماري جي ڪري يثرب ۾ پنهنجن مامن وٽ ٽِڪي پيو هو. سندس علاج به اتي ئي ٿيو هو، پاڻ هڪ مهيني تائين سخت بخار ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ يثرب ۾ ئي گذاري ويا. يثرب جي مرطوب سرسبز فضا ۾ مڇرن جي واڌ ويجهه عام هئي، مڪي جا رهاڪو اهڙي هنڌ جا عادي نه هئا، تنهنڪري عام طور تي مليريا جو شڪار ٿي ويندا هئا. گمان اهو ئي آهي ته سيدنا عبدالله به مليريا جو ئي شڪار ٿيو.
اُتي بنونجار جي پاڙي جي هڪ گهر ۾ سيدنا عبدالله جي قبر هئي.
سانئڻ آمنه کي پنهنجي مرحوم گهرواري جي قبر تي وڃڻو هو.
کيس پنهنجي گهرواري جي مامن ۽ مامين جي اُن پاڙي ۾ وڃڻ جي خواهش هئي، جتي سيدنا عبدالله پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏينهن گذاريا هئا، سيدنا عبدالله زندگي جي آخري ڏينهن ۾ڪهڙيون ڳالهيون مُهاڙيون ڪيون، ڪنهن کي ياد ڪيو، ڪهڙا خواب سوچيا، ڪهڙا سَپنا ڏٺا، شايد سيدنا آمنه اهو سڀ ڄاڻڻ ٿي گهريو، اهو به اُمڪان آهي ته سانئڻ آمنه اهو سوچيو ته پنهنجي پُٽ کي يثرب جي انهن مٽن مائٽن سان ملايو وڃي، جن جي وچ ۾ سيدنا عبدالله پنهنجي زندگي جو آخري مهينو گذاريو ۽ آخري پساھ کنيا. ٿي سگهي ٿو ته پاڻ پنهنجي پٽڙي کي، پيءُ جي قبر به ڏيکارڻ گهري ٿي. جيڪو پُٽ جي هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳ هي جهان ڇڏي ويو هو.
سيده آمنه پنهنجي ڇهن سالن جي پُٽڙي ۽ سورنهن سالن جي وفادار ٻانهي بَرڪه کي ساڻ ڪري يثرب رواني ٿي.
هنن اهو سفر ٻن اُٺن تي ڏهن ڏينهن ۾ پورو ڪيو.
پاڻ سڳورن کي پنهنجي امڙ سان گڏ اهو يادگار سفر سدائين ياد رهيو. رستي جا وارياسا پَٽ، سنگلاخ پهاڙ، گرم پٿر، ڪٿي ڪٿي پاڻيءَ جي چشمن جي آسپاس وسندڙ نخلستان، واري اُڏائيندڙ هوائون، رستي جي اُڃ ۽ دل ۽ جان سان پيار ڪندڙ امڙ، جنهن سان رسول الله ﷺ کي واپسيءَ جو سفر نصيب نه ٿيو. کيس ٻانهيءَ سان گڏ اڪيلو اچڻو پيو. اهو پاڻ سڳورا ڪيئن وساري سگهيا هوندا.
يثرب ۾ سانئڻ آمنه جو سندس گهرواري جي ناناڻن بنونجار وارن وڏي محبت سان آڌرڀاءُ ڪيو، پاڻ اُتي هڪ مهيني تائين پنهنجي ٻانهيءَ سان گڏ ترسي- رسول الله ﷺ اُن ننڍي وهيءَ ۾ يثرب جي پنهنجن هم عمر سنگتين سان کيڏندا هئا.
يثرب جي فضا مڪي کان گهڻي مختلف هئي.
مڪو ريتي ۽ پٿرن جي سرزمين هئي، خشڪ جبل، اُڏندڙ ريتي ۽ اُس ۾ تپندڙ پٿر مڪي جون نشانيون هئا، يثرب خوشگوار موسم وارو شهر هو، اُتي اڪثر برسات وسندي هئي، شهر ۾ پاڻيءَ سان ڀريل تلاءُ ۽ ڍورا نظر ايندا هئا. اتي ساوڪ عام هئي، کجين جا باغ هئا، ان ٿيندو، هو، اتي گهر ۾ڪڻڪ ۽ جَوَن جي ماني پَچندي هئي، ٻوڙ رڌبي هئي، کجور کانسواءِ سنگتڙا، زيتون، صوف ۽ انگور يثرب ۾ عام جام ملندا هئا. مڪي ۾ ماڻهن جي خوراڪ عام طور تي اُٺڻين جو کير ۽ اٺ جو سُڪل گوشت هوندو هو. انهن ڏينهن رسول الله ﷺ پنهنجن هم عمر سنگتين سان گڏ هڪ تلاءَ ۾ وهنجڻ ويندا هئا. اُتي ترڻ به سکيائون.
يثرب ۾ هنرمند ماڻهو هئا.
جيڪي چمڙي جون جيڪٽون، وڇائڻ جي لاءِ گاديلا، ۽ چمڙي جا بوٽ ٺاهيندا هئا، ڪجهه گهرن ۾ ڪپڙي ٺاهڻ جا آڏاڻا به هئا. اتي لوھ ۽ ٽين کي تپائي ٿانوَ ۽ تلوارون ٺاهيون وينديون هُيون. اتي سون ۽ چاندي جا زيور به ٺهندا هئا. زيورن ۾ قيمتي پٿرن جو نفيس ڪم به اُتي ٿيندو هو، سون جي ڪوٺاريءَ جي هيٺان ٻرندڙ باھ، ۽ سونهري ٿڙڪندڙ نرم سون، خوشنما قيمتي پٿرن جي پالش ۽ تراش خراش ۽ ننڍن ننڍين سنهين هٿوڙين سان غور سان تڪيندڙ اکين جي وڪڙ ۾ ٻُڏل مُنڊين ۽ جڙادار هارن مان اُٿندڙ محتاط ۽ ملائم ٺڪا ٺڪ جو نازڪ آواز، گهرجي ٻاهر کجين جي باغن جي وچ ڪٿي ڪٿي کوھ جي نار تي ڦري اُٺ پاڻي ڪڍندا هئا. ڪٿي انهن مان ڪڻڪ ۽ جَوَ پيهڻ، سَرنهن ۽ ڄانڀي مان تيل ڪڍڻ جو چڪيون لڳل هيون ۽ انهن هلندڙ چڪين جو انوکو آواز.يقينن اُن ننڍي وهيءَ ۾ رسول الله ﷺ جي لاءِ اهي سڀ منظر دلچسپ ۽ علم ۾ واڌاري جو باعث بنيا هوندا. ان جي ڀيٽ ۾ مڪي جي اندر ڪعبي جي ڀرپاسي هڪ بازار هئي، جتان پري پري کان ٺهيل ٺُڪيل شيون وڪري جي لاءِ اينديون هيون. واپاري عام طور تي پنهنجا اُٺ ويهاري ان جي پٺي ۽ ٿوهي تي پنهنجو سامان سجائي ان کي پنهنجو دڪان بنائيندا هئا. مڪي ۾ شهر کان ٻاهر ڪجهه گهرن ۾ چمڙو رڱڻ ۽ ڌوئڻ جو ڪم ٿيندو هو، ڪجهه ماڻهو درزڪو ڪم به ڪندا هئا. ڪجهه چمڙي مان جوتا، اُٺن ۽ خچرن جون ڪاٺيون ۽ سواريءَ جو سامان به ٺاهيندا هئا. رسول الله ﷺ پهريون ڀيرو باريڪي، نفاست ۽ هنرمنديءَ جو ڪم يثرب ۾ ٿيندي ڏٺو هوندو.
مڪي ۾ پاڻيءَ جي کوٽ هئي.
پيئڻ جي لاءِ شهر ۾ زم زم کانسواءِ ڪجهه ٻيا کوھ هئا، وهنجڻ جي لاءِ تلائن ۽ ڍورن جو مڪي ۾ ڪو تصور ئي نه هو، مڪي ۾ برسات به ٿوري وسندي هئي، مڪي ۾ موسم به سڄو سال گرم رهندي هئي. يثرب ۾ پاڻيءَ جي گهڻائي ۽ خوشگوار موسم ڏسي پاڻ سڳورا ﷺ پڪ سان خوش ٿيا هوندا.
يثرب ۾ بنوخزرج ۽ بنواوس کانسواءِ ٽي يهودي قبيلا هئا، بنو قينقاع، بنو نضير ۽ بنو قريظه . اُنهن قبيلن ۾ پراڻي الهامي ڪتابن جا عالم به هئا، انهن عالمن پنهنجن ڪتابن ۾ ايندڙ آخري رسول برحق جون ڪيتريون ئي نشانيون پڙهيون هيون. هو پنهنجن ڪتابن جي حوالي سان ايندڙ آخري نبيءَ کي سڃاڻندا هئا، رسولﷺ جي دائي بَرڪه، جنهن کي پوءِ سندس ڌيءَ جي ولادت کانپوءِ اُم ايمن چيو ويو. چوي ٿي ته هڪ ڏينهن بنونجار جي پاڙي مان ٻه يهودي گذريا. هنن ڇهن سالن جي رسول الله کي گهٽيءَ ۾ ڏٺو ته بيهي رهيا.
۽ بيٺا ڏسندا رهيا.
ڪجهه ڏينهن کانپوءَ ٻه يهودي آيا، هو پنهنجي ڪتاب جا عالم لڳي رهيا هئا. هنن چيو، اسان کي محمدﷺ ڏيکاريو. ڏسڻ کانپوءِ هنن جي چهرن جا رنگ بدلجڻ لڳا، سمجهه ۾ نه پي آيو ته هو خوش آهن يا پريشان. هُنن جون اکيون کليل ئي رهيون ۽ مُنهن ڳاڙا ٿي ويا. هنن جا هٿ ڏڪڻ لڳا، پوءِ انهن مان هڪ ٻي ڄڻي کي چيو:
”هي ٻارڙو هِن اُمت جو نبي آهي ۽ هي شهر سندس هجرت جي جاءِ آهي“. ]ابن ڪثير ص 164[
سيده آمنه يهودين جي اها ڳالهه ٻڌي ورتي، پوءِ هن ٻنهي يهودين جي جسمن جي حرڪت به ڏٺي. کيس انهن يهودين جي نسبت پنهنجي ننڍي وهيءَ واري ٻارڙي جي لاِءِ ڊپ پيدا ٿيو ۽ هن واپس مڪي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
يثرب مان مڪي رواني ٿيڻ مهل سانئڻ آمنه جي صحت ٺيڪ هئي ۽ آخري ڀيرو پنهنجي خاوند عبدالله جي قبر ڏسڻ آئي ته ڪمزور نظر آئي. هن پنهنجو سامان ٻَڌو ، سواريءَ جي لاءِ اُٺ پلاڻيو ۽ پنهنجي ٻارڙي ۽ ٻانهي بَرڪه کي ساڻ ورتو ۽ بنونجار جي پنهنجن مائٽن کان موڪلائي رواني ٿي ويئي .
واپسيءَ جو سفر به ڏهن ڏينهن جو هو،
اڃا هِن ڪو اڍائي ٽن ڏينهن سفر ئي مس طئي ڪيو ته بيمار ٿي پئي
کيس سردي محسوس ٿي
جسم ڏڪڻ ٿي لڳس ۽ بخار چڙهي ٿي ويس
بخار به تيز
ٻن اٺن جو ننڍو قافلو رستي ۾ پهچي ويو،جهنگل، بيابان، ويراني، وڏا جبل، سنگلاخ ٽڪريون، واري اُڏائيندڙ ماٿريون.
ويجهي ڪابه بستي نه هئي.
بيماريءَ جي حالت ۾ هوءَ هڪ بستي ’ابوا ‘ وٽ پهتي،
آسپاس ٻيو ڪير به نه هو. هڪ ننڍي حبشي ٻانهي ۽ ڇهن سالن جو ٻارڙو. سندس ٻانهي بَرڪه ايندڙ ويندڙ قافلن کان سيده جي بخار جي لاءِ دوا گهرندي رهي. ڇهن سالن جو رسول الله ﷺ پنهنجي زندگي جي واحد سهاري، بخار ۾ ڌڳندڙ پنهنجي اُڃايل امڙ جي لاءِ پاڻي جي ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن واجهائيندو وتيو.
صديون اڳ، سندس اباڻي گهر ڪعبي جي ٺهڻ کان، اڳ ان جي اڱڻ جي پاسن کان فلسطين کان ايندڙ سندس وڏي بيبي حاجران جي ٿڃ پياڪ ٻارڙي اسماعيلعه جي لاءِ پاڻيءَ جي ڳولا ۾ صفا ۽ مروه جي ٽڪرين جي وچ ۾ ڊوڙندي رهي، هاڻ ائين ئي ڇهن سالن جو رسول الله ﷺ پنهنجي ننڍڙن قدمن سان پريشان ۽ ڏکويل امڙ جي لاءِ ’ابواء‘ جي ٽڪرين تي ڊوڙندو رهيو.
ڪٿان پاڻي ملي وڃي،
سندس بيمار امڙ چاڪ ٿي وڃي،
رسول الله ﷺ جو ماءُ کانسواءِ ٻيو ڪوبه سهارو نه هو.
پيءُ سندس جنم کان ٻه مهينا اڳ گذاري ويو هو. پاڻ پيءَ جي قبر تان ٿي آيا هئا. گهر ۽ خاندان اُٺن ڏينهن جي پنڌ تي پري مڪي ۾ هو. علائقو اڻڄاتل ۽ ويران هو، نه ڪو ساٿي نه ڪو مِٽ مائٽ، سفر جو سامان به ٿورو هو، جيڪو به کپي ويو هو. هڪ ننڍي عمر جي ٻانهي هئي بَرڪه ، جيڪا ڀڄ ڊڪ ڪندي رهي. کاڌي پيتي ۽ علاج جي ذميداري هن پنهنجي ذمي ڪري ورتي هئي.
ڪيڏي نه بي وسي هوندي ننڍڙي رسول الله ﷺ جي.
سندس ڪائنات، سندس امڙ، سندسن سامهون بخار ۾ ڌڳندي هوريان هوريان موت ڏانهن وڌي رهي هئي. ننڍڙي رسول الله ﷺ کي ڪهڙي خبر ته موت ڇا هوندو آهي. امڙ جو گرم تپندر جسم، بي سُرت ڳاڙهيون اکيون ۽ ٻرندڙ نبض رسول الله ﷺ جي ننڍڙي ذهن کي ڏکن ۾ ڌڪي رهي هئي. سفر جي دوران اڻڄاتل ويرانيءَ ۾ پنهنجن ۽ پَراون کان ڪوهين ڏور پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان قيمتي هستي کي ايئن موت طرف ويندو ڏسڻ، هڪ ڇهن سالن جي ٻارڙي لاءِ ڪهڙي حيثيت ٿي رکي.
اِهو، اُهو ئي سوچي سگهي ٿو، جنهن جو ڪوبه نه هجي.
هو هجي به هڪ ويران بيابان ۾، جتي هڪ واحد پياري هستي هجي، جيڪا وڇڙڻ واري هجي.
الائي ڪيترا ڀيرا رسول ﷺ پنهنجي ننڍن ننڍن هٿڙن کي پکيڙي خدا جي اڳيان ليلايو هوندو، اي پهاڙن ۽ ريگستانن ۾ هوائن کي هلائيندڙ، اي آسمان مان برسات وسائيندڙ، تون ڪعبي جي ديوار جي ڇانوَ ۾ منهنجي کليل هٿن سان گهريل دعائون ٻُڌي ان خشڪ بنجر ۽ سنگلاخ ماٿريءَ تي ڪڪر وسائيندو هُئين، اڄ ڏس منهنجا هي هٿ ٻيهر کليل آهن. هنن هٿن جي ترين تي تنهنجي ڪڪرن جي برسات بدران منهنجي اکين مان ڪريل لڙڪ آهن. اڄ تون منهنجي اکين جي برسات کي ڏسي رحم ڪر. منهنجو ته پيءُ به ڪونهي. مون ته کيس ڏٺو به ڪونه هو، نه ڪو ڀاءُ اٿم، نه ڪا ڀيڻ اٿم، هڪ جيڪو ڪراڙو ڏاڏو اٿم، ان کي به خبر ڪونهي ته اسين ڪٿي آهيون، اسان تي ڇا پيو وهي واپري، هتي ڪو منهنجو مِٽ مائٽ به ڪونهي، ڪو واقف ڪار به ڪونهي، ڪو اڻ واقف به ڪونهي، اسين ته وارياسي رڻ جا ڏکويل مسافر آهيون. بس منهنجي سڄي ڪائنات منهنجي هيءَ امڙ آهي. کيس چاڪ ڪر، کيس بچائي. تنهنجي سڄي مخلوق جي جيئرن ننڍڙن ٻارڙن کي سندن اَمڙيون ئي پالين ٿيون. جيڪڏهن منهنجي امڙ گذاري ويئي ته مونکي ڪير پاليندو؟
يا الله منهنجي ماءَ کي بچائي.
خبر ڪونهي ننڍڙي رسول الله پنهنجي خدا کان ڪيتريون دعائون گهريون هونديون. اُنهن پهاڙين تي الائجي ڪيترو ڏکوئجي ڊوڙيو هوندو. هن آسمان ۽ ان ماٿريءَ جي پٿرن ڪيتري نه بي وسي رسول خدا جي چهري تي ڏٺي هوندي. امڙ آمنه جي طبيعت جيئن پوءِ تيئن خراب ٿيندي ويئي. وقفي وقفي سان تيز بخار چڙهندو ويو. جسم بخار سبب دَڳي رهيو هئس، سخت سور سبب هوءَ ڪنجهڻ ٿي لڳي. مليريا جڏهن بگڙي وڃي ته دماغ تي چڙهي ويندو آهي. مٿو ڦاٽڻ لڳندو هو. بي هوشيءَ جا دورا پوندا آهن. ٽنگون ۽ ٻانهون آڪڙجي وينديون آهن. اکيون مٿي ڇڪجي وينديون آهن. اکين جون ماڻڪيون به ڦري وينديون آهن. رسول الله ﷺ پنهنجي امڙ جي اها حالت ڏٺي هوندي هئي.
پاڻ ڪيترو نه تڙپيا هوندا.
پوءِ يتيم جي امڙ گذاري ويئي.
ويران اڻڄاڻ هنڌ تي، جتي نه ڪو پنهنجو هو نه پرايو.
هڪ سورنهن سالن جي بي وس حبشڻ ٻانهي ۽ ڇهن سالن جو يتيم لاچار رسول ﷺ . خَبر ڪونهي ته ڪيئن اُن اجنبي ويران واريءَ ۾ هو. اُڀين ٽڪرين ۾ سفر جي دوران پاڻ پنهنجي امڙ جي جسم کي ڪفن پهرايو هوندو. سندس ننڍين ننڍين ٻانهن سان ڏاڍي ڏکيائيءَ سان قبر کوٽي ويئي هوندي. رستي ۾ امڙ جي ميت لاءِ هن رتورت حوصلن سان ڪجهه ٻين مسافرن جو انتظار ڪيو هوندو ته ڪو اچي ۽ سندس امڙ جي لاءِ قبر کوٽي.
پوءِ قبر کوٽي ويئي.
بيابان رستي ۾ هڪ غريب الوطن بيوهه ماءُ کي قبر ۾ سمهاريو ويو.
پاڻ پنهنجي ننڍن ننڍن هٿڙن سان مٽيءَ جي هر ٻُڪ سان سندس امڙ جو جسم کانئس اوجهل ٿيندو پي ويو. پوءِ سندس امڙ مٽي جي ڍڳن هيٺيان دٻجي ويئي.
قبر کوٽيندڙ واٽهڙو پنهنجي واٽ وٺي رمندا رهيا.
ماءُ جي قبر وٽ هڪ ڇهن سالن جو يتيم ۽ هڪ سورنهن سالن جي حبشڻ ٻانهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪير به بيٺل نه بچيو. سندس اباڻي شهر ۾ ڏاڏهنس جو گهر به اڃا اَٺن ڏينهن جي مسافريءَ تي هو.
کين اٺ ڏينهن ۽ اٺ راتيون انهن ئي ويران ريگستاني بيابانن مان لنگهي وڃڻو پوندو.
امڙ هتي ئي مِٽيءَ جي ڍڳ هيٺان سُمهيل رهندي.
خدا ٿو ڄاڻي ته رسول الله ﷺ ڪيترا ڀيرا تڙپي بيٺا هوندا. ڪيترا ڀيرا سڏ ڪيا هوندا. پنهنجي امڙ جي قبر سان ڪيترا ڀيرا لپيٽجي تڙپيا هوندا. ڪيترا ڀيرا امڙ کي چميو هوندائين.
امان هتي بَرپٽ ۾ ڇو اکيون ٻُوٽي سمهي پيئي آهين.
مون سان گڏ ڪير هلندو؟
منهنجو خيال ڪير رکندو. اڃا ته گهر گهڻو پري آهي.
گهر ۾ به ته امان توکانسواءَ ٻيو ڪير ڪونهي.
تون ته مونکي پيءَ جي قبر ڏيکارڻ آئي هئينءَ، پنهنجي قبر ڇو ڏيکاريءَ،
امان اُٿ
مون سان هَل
مون کان اڪيلو وڃڻ نه ٿو ٿئي،
ڏس ته سهي .. آءٌ اڃا ڪيترو نه ننڍڙو آهيان.