موڪلاڻي
جيڪا عظيم ترين هستي، هڪ وڏي مقصد عالمگير آدرش ۽ سڄي جهان جي لاءِ هدايت بنجي آئي هجي، اُن پاران پنهنجو ڪم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ دنيا ۾ وڌيڪ رهيو نه ٿيندو آهي. اُن پاڪ هستيءَ کي پوءِ پنهنجي پالڻهار سان گڏجڻ جي تڪڙ هوندي آهي، جنهن وک وک تي کيس سنڀاليو، پڙهايو، رستو ڏيکاريو، ويرين کان بچايو، هر ڳالهه ٻُڌائي، دل کولي ساراهيو، سَجايو ۽ سڄي جهان جي هر ساهواري کان مَڃرايو.
اهو ئي خدا، جنهن پنهنجي ادب جي حد ته نه رکي، پر پنهنجي محبوب آخري رسولﷺ، اسان جي آقاﷺ جي عزت ۽ ادب جي خاطر پنهنجي جلال جي آخري حد به ٻڌائي ڇڏي.
الله فرمايو:
”اي ايمان وارؤ! پنهنجا آواز پيغمبر جي آواز کان مٿي نه ڪَجو ۽ جيئن پاڻ ۾ زور سان ڳالهائيندا آهيو، هُن جي اڳيان نه ڳالهائجو، ايئن نه ٿئي جو اوهان جا اڳيان سڀ عمل چَٽ ٿي وڃن ۽ اوهان کي خبر نه پوي.“ ]سوره الحشر[
سڄي دنيا ۾ ڪوبه اهڙو ڏوهه ڪونهي، جنهن جي ڪري، ڪنهن انسان جا سڀئي عمل چَٽ ٿي وڃن، اڳيان به ته پويان به، ماڻهو شرڪ جو روئڻو روئندا رهندا آهن، اها ته هڪ ”لا الھ الا الله“ جي مار آهي ۽ پوءِ انعامن جو سلسلو ”محمد رسول الله صلي الله عليھ وسلم “ چوڻ سان شروع ٿي وڃي ٿو.
فيصلي جي گهڙي آخري ساهه آهي.
اسان جهڙن گناهگارن لاءِ.
اُن ڪري اسين پنهنجي آخري ساهه ۾ الله ۽ رسولﷺ جي مُحبت جي دعا گهرون ٿا، پر ڳالهه سوچڻ جي آهي.
اهو خدا جيڪو آقاﷺ جي هر ادا جو قسم کڻي کيس ياد ڪري، سندس هر نظر ۾ پنهنجو عڪس رکي، پنهنجي نور سان ڳوهي. قرآن جو بُرهان ٽيويهين سالن تائين ڦڙو ڦڙو، ڪڏهن وري ندي، ڪڏهن دريا بنجي آقاﷺ جي پاڪ دل تي آبشار بڻجي وسي. دنيا جي سڀني قوتن سان آقاﷺ جو مقابلو ڪرائي، ڪڏهن ڏند مبارڪ شهيد ڪرائي، اهو سُهڻو چهرو، جنهن تي خدا ٻَلهار ٻَلهار ٿئي. اُن چهري جي رخسارن ۾ لوهي خود جي نوڪدار ڪَڙين کي چُڀائي، خوبصورت چهري کي آقا ﷺ جي چهري کي رنگين به بنائي.
اهو خدا جيڪو پنهنجي قلم جو قسم کائي، اسان جي آقا صلي الله عليھ وسلم جي اخلاق جا ڳڻُ ڳائي آسمان مان ارشاد ٿيو.
”نون ۽ قلم جو قسم ۽ ان جو (قسم) جيڪي لکڻ وارا لکندا آهن ته تون (اي محمدصه) پنهنجي پالڻهار جي فضل سان هر گز مجنون نه آهين ۽ بيشڪ تو لاءِ اڻ کٽ اجر آهي ۽ بيشڪ تون اخلاق جي اعليٰ مقام تي آهين. (سورة القلم: 4-1)
قرآن ته خدا ئي انعامن جي تفصيلن سان ڀريو پيو آهي.
”ڇا اسان تنهنجو سينو کولي ڪونه ڇڏيو ۽ توتان بار به لاهي ڇڏيو سون، جنهن تنهنجي چيلهه چُٻي ڪري رکي هئي ۽ تنهنجو ذڪر بُلند ڪيو سون. ها، ڏکن پويان سُک آهن، بي شڪ ڏکن کانپوءِ سُک آهن. تون جڏهن واندو ٿئين ته محنت ڪندو وڃج ۽ پنهنجي پالڻهار جو ذڪر ڪندو ڪج. (سوره اشراح: 8-1)
۽ اهو انعام جيڪو سڄي ڪائنات ۾ فقط آقا ﷺ کي مليو.
”بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو. تون پنهنجي پالڻهار جي لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر، بيشڪ تنهنجو دشمن بي اولاد رهندو.“ (سوره ڪوثر: 1-3)
الله ته نبوت جي شروعاتي ڏينهن ۾، انهن آخري ڏينهن جو ڀرپور نقشو ڏيکاريو هو.
صبح جي سهائيءَ جو قسم ءٌ رات جي اونداهي جو، جڏهن اها ڇانئجي وڃي وڃي. تنهنجي پالڻهار نه توکي ڇڏيو آهي ۽ نه ناراض ٿيو آهي ۽ پڇاڙي تنهنجي لاءِ پهرين حالت کان وڌيو بهتر آهي ۽ پالڻهار جلدئي توکي اهو ڪجهه عطا فرمائيندو، جو تون خوش ٿي ويندين ] قرآن سورة الضحيٰ [
خدا جا ٻيا سڀ اڳ آيل نبي سڳورا ۽ رسول سڄي زندگي اُن جتن ۾ جيئندا رهيا ته خدا کي خوش رکن، خدا خوش ٿي وڃي، هِتي خدا اسان جي
آقا ﷺ کي چئي رهيو هو
”جلد ئي توکي اهو ڪجهه ڏنو ويندو، جو تون خوش ٿيندين.“
خدا جي خلقيل هر ساهواري شئي خدا کي خوش ڪرڻ جي جستجوءَ ۾ رهي ٿي ۽ هيڏانهن خدا اسان جي آقاﷺ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
خدا کي سڀ خبر هئي ته آقاﷺڪهڙين تڪليفن ۽ ڏکن مان گذريو هو. خود هڪ گهُمري آقاﷺچيو هو، ”سڀني نبين مان آءٌ وڌيڪ سَتايو ويس.“
شروع جي زندگيءَ جون اِهي سڀئي تڪليفون، ڏک، ايذاءُ ۽ سختيون، جيڪي مشرڪن، يهودين ۽ منافقن وک وک تي آقاﷺکي ڏنيون هُيون، خدا جي مدد، اصحابين جي لڳن، محبت، وفادارين ۽ قربانين سان اهي سڀ دور ٿي ويون.
اهو جيڪو ڪڏهن اڪيلو ’غار حرا‘ مان لٿو هو،هڪ الاهي حق جو پيغام کڻي،
اڄ اُن سان گڏ سڄو عربستان هو.
ايترا ته فرمانبردار، ايترا ته عاشق، جو سڄي زمين تي ڪڏهن به ڪنهن انسان کي، انسانن کان اهڙي محبت، اهڙو ڌيان، اهڙي فداڪاري ۽ اهڙي پيروي نه ملي هئي.
هِنَ جي هڪ اشاري سان سندس چاهيندڙ پنهنجي اکين ۽ اکين سان ڏسجندڙ هر منظر کي پنهنجي نس نس مان، بي نيازيءَ سان خرچي ڇڏيندا هئا، زندگيءَ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندا هئا.
آقا ﷺ پنهنجي اصحابين جي هر اک جو چنڊ هو.
سج هو،
هُنن جي لاءِ آقا ﷺ جي خوشنودي ئي زندگي هئي.
ايمان هئي.
اهو ئي انهن سڀني ايمان آڻيندڙن جو شان هو. هُنن سڀني آقاﷺ جي خدا تي ايمان آندو هو
نه ته خدا ڪنهن ڏٺو هو؟
ڪنهن ٻُڌو هو.
خدا جو ڪلام، اُن ڪري ته خدا جو ڪلام مڃيو ويو،
ته اهو الامين ﷺ جي دل تي لٿو هو ۽ ان جي زبان مبارڪ مان ادا ٿيو هو.
آقاﷺآسمان ۽ زمين جي وچ ۾ خدا جو باضابطه آخري رابطو هو. آقاﷺکي جيڪو مَشن سونپيو ويو، اهو مڪمل ٿيو، هاڻي آقاﷺکي پنهنجي خدا سان گڏجڻ ۽ خدا کي پنهنجي محبوب جي ڀليڪار جو اوسيئڙو هو.
آقا ﷺ جي پروانن ۾ خوف ۽ ڏُک جي هلچل مَتل هئي.
پروانن جي اڳيان شمع کڄي وڃي ته سندن زندگي بي معنيٰ بنجي وڃي ٿي.
آقا ﷺ ناچاڪ ٿي پيو،
اصحابي بي چين ٿيڻ لڳا.
موڪلائڻ جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا هئا.
وصال کان ڪجهه مهينا اڳ آقاﷺجي زندگيءَ جو جيڪو رمضان ڏهين هجريءَ ۾ آيو هو، اُن ۾ آقاﷺويهه ڏينهن اعتڪاف ۾ ويٺا، ٻه ڀيرا قرآن پاڪ جو جُبرائيل عليھ السلام جي اڳيان دور ڪيائون. اڳ ۾ هڪ ڀيرو سُڻائيندا هئا، ڏهه ڏينهن اعتڪاف ۾ ويهندا هئا. حجة الوداع جي موقعي تي فرمايو هئائون:
”شايد هن سال کان پوءِ، هِن جاءِ تي پنهنجي ٻيهر ملاقات ٿي نه سگهي.“
جمره عقبه وٽ آقا ﷺ چيو هو:
”مون کان حج جا ارڪان سِکي وٺو، ڇو ته هِن سال کان پوءِ شايد حج نه ڪري سگهندس.“
هڪ آيت لٿي.
”اڄ اسان اوهان لاءِ اوهان جو دين مڪمل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجون نعمتون مڪمل ڪري ڇڏيون. اوهان لاءِ اسلام کي پسند ڪيوسون.“ ]سوره المائده-3[
طئي ٿي ويو.
وڇوڙي جي گهڙي اچڻ واري آهي.
حجةالوداع کان ورڻ کان پوءِ آقاﷺ تسبيح، توحيد ۽ توبه و استغفار ۾ مشغول ٿي ويا
حالانڪه آقا ﷺ ته ڪائنات جا روح هئا.
اڳئينءَ پوئينءَ هر گناهه کان آجا.
پر پنهنجي رب کي کانئس وڌيڪ ٻيو ڪير چاهيندڙ هو.
جتي چاهت هُجي، مُحبت هُجي، اُتي اظهار ڇو نه هُجي.
۽ خدا جي ذڪر لاءِ حضور ﷺکانسواءِ ٻي ڪهڙي بهتر زبان ٿي سگهي ٿي؟
پاڻ سڳورا ﷺ خدا جي وڏائيءَ جي بيان ۾ مگن رهندا هئا،
صفر جو مهينو اچي ويو
مهيني جي شروع وارا ڏينهن هئا
هڪ ڏينهن آقاﷺ جبل احد وٽ ويا. احد جي جنگ کي اٺ سال ٿي چڪا هئا، اٺ سال اڳ اُتي ستر مسلمان شهيد ٿيا هئا، انهن ۾ آقاﷺ جو محبوب چاچو امير حمزورضه به هو.
آقا ﷺ اٺن سالن کان پوءِ اُتي ٻيهر جنازي نماز پڙهي.
احد جي شهيدن جي قبرن وٽ ويٺا. خدا ٿو ڄاڻي ته دل ئي دل ۾ ڪنهن سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيائون. سڀني قبرن وٽ وڃي دعا گهريائون. هر قبر وٽ ايئن ويا، ڄڻ موڪلائڻ جي لاءِ الوداعي سلام ڪرڻ آيا هُجن. فرمايائون:
آءٌ اوهان جي قافلي جو سرواڻ آهيان
۽ اوهان تي شاهد آهيان
خدا ٿو ڄاڻي هينئر آءٌ پنهنجو حوض ڪوثر پيو ڏسان
مون کي زمين ۽ سڄي زمين جي خزانن جون ڪُنجيون ڏنيون ويون آهن.
پوءِ جيئرن ڏانهن مُنهن ورائي چيائون:
خدا ٿو ڄاڻي ته مون کي اهو ڊپ ڪونهي ته ڪو اوهين مون کان پوءِ شرڪ ڪندؤ، پر اهو انديشو اٿم ته اوهين دنيا جي طلب ۾ هڪٻئي سان وڙهندا.
دل ۾ موڪلاڻيءَ جي بي چيني وڌندي رهي.
هڪ رات آقا ﷺ بقيع قبرستان ويا.
اُنهن جي لاءِ مغفرت جي دعا گهريائون ۽ فرمايائون:
اي قبرن وار! اوهان تي سلام هُجي
ماڻهو جنهن حال ۾ آهن، انهن جي ڀيٽ ۾ اوهان کي هي حال مبارڪ هُجي، جنهن ۾ اوهين آهيو، فتنو ڪاري رات جي ٽڪرن جيان آهي، هڪ جي پويان ٻيو اچي پيو ۽ پوءِ ايندڙ پهرينءَ کان وڌيڪ خراب آهي.
ٿوري دير تائين آقا ﷺ بقيع ۾ خاموش ويٺا رهيا.
ڪنهن سان ڪهڙو حال اوريائون، اهو ڪنهن نه ٻُڌو.
هڪ جملو جيڪو آقا ﷺ جي زبان مبارڪ مان نڪتو
اهو ٻُڌو ويو. فرمايائون:
اي اهل قبور! اوهان کي بشارت هُجي، اسين پڻ اوهان سان ملڻ وارا آهيون.
آقا ﷺ جو غلام ابو مويبه ساڻن گڏ هو،
جيڪو، آقا ﷺ جي اها ڳالهه سُڻي روئي پيو.
آقا ﷺ فرمايو:
”الله مون کي دنيا جا خزانا ۽ سدائين جي زندگي يا اُن جي بدلي ۾ ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي پسند ڪرڻ جو اختيار ڏنو آهي، پر مون دنيا جا خزانا ۽ دائمي زندگي نه گهري، پنهنجي رب سان ملاقات ۽ جنت اختيار ڪيم.“ ]ابن هشام[
اها رات بيماريءَ جي شروع ٿيڻ واري رات هئي.
اها سومر 29 هين صفر يارهين هجريءَ جي رات هئي.
بقيع کان گهرويا ته مٿي ۾ سور شروع ٿي ويو، بُخار به ٿيو، مٿي تي پٽڪي جي هيٺان زور سان پَٽي ٻڌي ڇڏيائون، اِهو مٿي جو سور ۽ بخار ايندڙ تيرهن چوڏهن ڏينهن تائين تائين رهيو.
اهو ئي مرض الموت هو.
اُن سور، بخار ۽ سخت بي چينيءَ ۾ آقاﷺ پوڻا يارهن ڏينهن پاڻ ئي نماز پڙهائي. آخري سوا ٽي ڏينهن، سترهن نمازون پڙهائڻ جي لاءِ آقاﷺ پنهنجي دوست ۽ سيدنا ابوبڪر صديقرضه کي حڪم ڏنو.
بقيع مان موٽندي ئي مٿي ۾ سخت سور شروع ٿي ويو.
سيده عائشه جي حجري ۾ ويا، اتفاق سان هوءَ به مٿي جي سور سبب مٿو جهليو ڪَنجهي رهي هئي. پنهنجي سور جي باوجود به آقا ﷺ خوشطبعي مان فرمايو.
”عائشه، جيڪڏهن تون مون کان اڳ گذاري وڃين ته ان ۾ تنهنجو ڪهڙو گهاٽو؟
آءٌ هٿ سان توکي ڪفن پهرائي، تنهنجي جنازي نماز پڙهائي توکي دفن ڪندس.“
سيده عائشه وراڻيو، ”اوهان جي ته اهائي خواهش آهي، ته مون کي دفنائي ڇڏيو ۽ مُنهنجي حصي جو وقت منهنجي ڪنهن پَهاج کي ڏيو.“
آقا ﷺ خاموش ٿي ويا.
مٿي جو سور وڌي ويو.
پوءِ طبيعت جڏهن ٿوري ٺيڪ ٿي ته سيده ميمونهرضه جي حجري ۾ هليا ويا. طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي وئي، اُن بيماريءَ جي حالت ۾ آقاﷺ سڀني گهروارين جي حجرن ۾ ايندا ويندا رهيا. تيرهن ڏينهن جي ان بيماريءَ ۾ اٺ ڏينهن ايئن ئي گذري ويا. هاڻ هن دنيا ۾ ست راتيون ۽ اڌ ڏينهن وڃي بچيو هو.
آقا ﷺ جي طبيعت ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندي ويئي.
بُخار نه لٿو.
مَٿي تي پٽي ٻَڌل رهي
بي چيني ۽ بي سُکائي ڌار
خيبر ۾ ٽي سال اڳ يهودي عورت جيڪو زهريلو گوشت کارايو هو، جنهن کي رڳو چَکيو ئي هئائون، اُن زهر به پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏيو. آقاﷺ کي محسوس ٿيو، ڄڻ اهو زهر اندر ئي اندر رڳن کي ڇريءَ جيان وڍي رهيو هُجي.
گهروارين جا سڀئي حجرا ”مسجد نبويءَ“ ۾ هڪ ئي قطار ۾ هئا، هڪ جهڙا، ننڍا ننڍا ۽ ڪچا. پر سيده عائشه جو حجرو مسجد جي بلڪل وچ ۾ هو. اُن جي دروازي تان پردو کڻبو هو ته سامهون نمازي ۽ منبر نظر ايندا هئا. هڪ ڏينهن آقاﷺ سڀني گهروارين کان موڪل گهري ۽ سيده عائشه جي حجري ۾ منتقل ٿي ويا.
آخري ستن راتين ۽ سوا اٺن ڏينهن جي تيماداريءَ جي سعادت سيده عائشه، بيبي فاطمه ۽ حضرت عليرضه کي ملي، جن جو حجرو به سانئڻ عائشه جي ڪمري سان گڏ هو.
آقاﷺ، سيدنا فضل بن عباس ۽ سيدنا عليرضه جي ڪُلهن تي هٿ رکي هوريان هوريان هلي رهيا هئا. مٿي تي پٽي ٻڌل هئي ۽ پير مبارڪ پَٽ تي گهلجي رهيا هئا، بُت ۾ ساڻائي هئي. چهرو مبارڪ خاموش.
ماحول ۾ ماٺار ڇانيل هئي.
هر ڏسندڙ اک ڀِنل، پريشان ۽ ڊنل، اُن حالت ۾ پنهنجي وفات کان ساڍا ست ڏينهن اڳ، آقا ﷺ ، سانئڻ عائشه جي حجري ۾ هليا آيا.
اُن ناچاڪي جي حالت ۾ به آقاﷺ حڪومتي ڪاروهنوار جا فيصلا ڪيا. اسود عنسي، مسيلمه ڪذاب ۽ طلحه اسديءَ جهڙن باغين ۽ ڪوڙي نبوت جي دعويدارن کي سيکت ڏيڻ لاءِ انصارين جون مهمون روانيون ڪيون.
بخار وڌندو ويو.
وفات کان پنج ڏينهن اڳ بخار وڌيڪ تيز ٿي ويو.
جسم ۾ بي چينيءَ جهڙي ڪيفيت طاري ٿي ويئي.
آقا ﷺ فرمايو: مون تي ستن کوهن جا پاڻي وجهو. عربستان ۾ پاڻي سڀ کان وڏي نعمت آهي. ستن کوهن جي پاڻين ۾ ستن قسمن جي نمڪيات هوندي، ست برڪتون ۽پوءِ خدا ٿو ڄاڻي ته ڪهڙا ڪهڙا راز، جن بابت آقا ﷺ ئي ڄاڻندو هوندو. اُن کانسواءِ مديني جي سڀني ڏسائن جي کوهن کي به ته هڪ جهڙو شرف ملڻ گهرجي ها.
ست ئي کوهه به ته آقا ﷺ جي جسم مُبارڪ کي ڇُهڻ جي لاءِ اُڃايل هئا.
ستن کوهن جو پاڻي اچي ويو
پاڻي هڪ جيترو گُهرايو ويو هو.
ته جيئن ڪوبه کوهه شڪايت ۾ نه روئي ته آقا ﷺ منهنجي جسم مان ڪجهه گهٽ ڦڙا ڪڍيا ويا.
هر کوهه مان پاڻيءَ جي هڪ خلي ڀري آندي ويئي.
ست ئي کوهه ڀاڳ وارا
انهن جي پاڻيءَ جو نصيب ۽ انهن جو ذائقو ته آقا ﷺ کي ڇهي امر ٿي ويو.
ستن ئي کوهن جو پاڻي آقا ﷺ جي جسم مبارڪ تي وڌو ويو.
چون ٿا ته: آقا ﷺ وڏي لڳن سان ويهي رهيا هئا.
هر کوهه جي پاڻيءَ مان واري واري سان هڪ هڪ پيالو بُت تي هاريو ويو.
ٿڌي پاڻي وجهڻ سبب تيز بخار ۾ ’ڪولڊ سپانجنگ‘ به ٿي هوندي.
پوءِ پاڻيءَ جو تاثير، عربستان جي ريگستانين جي لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ دوا جو ڪم به ڪري ٿو.
اُن ۾ شفا آهي،
آقا ﷺ کي سِڪون مليو
بخار ۾ ڪافي گهٽتائي آئي.
آقاﷺ هڪ ڀيرو ٻيهر سيدنا عليرضه ۽ سيدنا عباس کي ويجهو گهرائي، پنهنجي سواريءَ جيان ويهاريو. انهن جي ڪلهن تي پنهنجون ٻانهون رکيون. هُنن وڏي ادب سان آقاﷺ جي چيلهه ۾ هٿ وڌو ۽ هوريان هوريان آقاﷺ کي اُٿاريو.
آقا ﷺ اُٿي بيٺا
هوريان هوريان وک وک ۾ ڏيئي دروازي مان نڪتا ۽ مسجد ۾ پير رکيائون.
آقا ﷺجا پروانا آقا ﷺجي جهلڪ ڏسي خوش ٿي ويا
اڳينءَ جي مهل هئي.
سيدنا بلالرضه ٻانگ ڏني.
ٻانگ کان پوءِ آقا ﷺ مختصر ڳالهايو.
اهو، آقا ﷺ جو آخري خطبو هو.
فرمايائون...
”الله پنهنجي ٻانهي کي اختيار ڏنو آهي ته دنيا ۽ آخرت مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري، الله جي اُن ٻانهي، الله جي نعمتن کي ڌُڻيو آهي.“
ايترو چئي آقا ﷺ خاموش ٿي ويا.
ماڻهو خاموش چهرن سان آقا ﷺ کي تڪيندا رهيا.
سامهون ويٺل سيدنا ابوبڪر، آقاﷺ جي ڳالهه سُڻي هڪدم لُڏي ويو، ڏڪڻ لڳو ۽ اندر ۾ ڄڻ ڦاٽي پيو، مُنهن جو رنگ ڦِري ويس ۽ اکين مان لڙڪ ڳڙهڻ لڳس ۽ سڄو چهرو لُڙڪن هاڻو ٿي ويس. ڍِڪون ڏيئي روئڻ لڳو.
ڪجهه ماڻهن کي حيرت ٿي.
آقا ﷺ ته هڪ ٻانهي جي ڳالهه پيو سُڻائي.
پَر، آقاﷺ جي دوست سيدنا ابوبڪر سمجهي ورتو ته اُن ڳالهه ۾ ڪهڙو اشارو آهي. بيماريءَ جي ڪري آقاﷺ هوريان هوريان ۽ رڪجي رڪجي ڳالهائي رهيا هئا. فرمايائون:
”مسجد ۾ جن ماڻهن جا دروازا آهن،
سڀ بند ڪيا وڃن.
سواءِ ابوبڪر جي گهر جي.“
منبر تان ڪمزوريءَ جي ڪري هوريان هوريان لٿا... سيدنا عليرضه
آقا ﷺ جي پيرن کي جهلڻ لڳو ۽ آقا ﷺ فرمايو.
منهنجن دوستن مان مون تي ابوبڪر جيترو احسان ڪنهن جو به ڪونهي. آءٌ جيڪڏهن خدا پاران ڪنهن کي پنهنجو خليل بنائڻ جو اختيار رکان ها ته آءٌ ابوبڪررضه کي پنهنجو خليل بڻايان ها. آقاﷺ اڃا مَنبر تان لٿا به نه هئا، جو انصارين جو ڏک مان روئڻ جو آواز آيو.
آقاﷺ، انصارين ڏانهن ڏسي، هوريان هوريان سڀني ماڻهن ڏانهن نظرون گهمايون ۽ فرمايو:
اي مهاجرن جا گروهه
انصارن سان سُٺي نموني پيش اچجو
ٻين مسلمانن جو تعداد وڌندو ويندو
پر انصاري گهٽجندا ويندا، جيئن کاڌي ۾ لوڻ،
انصار منهنجا محرم آهن
اُنهن جي دامن ۾ مون کي پناهه ملي.
اُنهن جي خوبين جو قدر ڪجو
اُنهن جي ڪمي ڪوتاهيءَ تي اک ٻُوٽَ ڪجو
هو پنهنجو فرض نباهي چڪا آهن
هاڻ اوهان کي پنهنجو فرض نباهڻو آهي،
اهي منهنجي جسم ۾ جگر وانگر آهن، جيڪو هر نفعي ۽ نقصان جو ذميدار ۽ محافظ هوندو آهي. ]بخاري[
بيماريءَ ۽ هيڻائيءَ سبب ﷺ جو بُت ڏڪي رهيو هو.
ٿوري دير ترسيا،
ڄڻ ڳالهه ڪندي ٿڪجي پيا هُجن، ٻنهي هٿن سان منبر کي جهلي بيٺا رهيا. پيرن کي سيدنا علي پنهنجن هٿن سان مَهٽيندا رهيا. سيدنا عباس، ادب مان ڀر ۾ آقاﷺ جي چيلهه ۾ ٻانهن وجهيو بيٺا هئا. ٻيئي اُن ڪري ساڻن گڏ هئا ته الائي ڪيڏي مهل آقاﷺ اُتي حجري ۾ وڃڻ جو ارادو ڪن، ڪيترائي ڀيرا آقاﷺ جي چهري تي اُٿي وڃڻ جو ارادو ظاهر ٿيو، پر ڄڻ پاڻ سڳورا ﷺ وڌيڪ ڪجهه چوڻ گهرندا هجن.
آقاﷺ وري سامهون ويٺل پنهنجن پروانن کي پنهنجي سڄي زندگيءَ جي محبت سان تڙپي ڏٺو پوءِ هڪدم چهري تي سنجيدگي آڻي فرمايو:
”ٻُڌو!
آءٌ پنهنجو پاڻ کي اوهان جي روبرو بدلي جي لاءِ پيش ڪريان ٿو.
جيڪڏهن ڪنهن کي تڪليف رسائي هُجيم ته هاڻ آءٌ حاضر آهيان.
مون کي به ايئن ئي تڪليف رسائي.“
ماڻهو روئڻ لڳا.
آقا ﷺ چيو.
”جيڪڏهن مون ڪنهن جي پٺيءَ تي ڪو ڪوڙو هنيو ته منهنجي پُٺي حاضر آهي.“
آقاﷺ ڏڪندڙ ۽ ڪمزور هٿن کي منبر تان هٽائي هوريان هوريان بُخار سبب پنهنجي جهڪيل پٺيءَ تان پنهنجي قميص هٽائي ڇڏي.
ماڻهن کان رڙيون نڪري ويون
ٻيرا ٻيرا ٿي ويا
”جيڪڏهن ڪنهن جي ڪا بي عزتي ڪئي هُجيم ته حاضر آهيان،
اُٿي ۽ اچي بدلو ڳنهي.“
ماڻهو روئڻ ۽ وِنجهلڻ لڳا.
جيڪڏهن ڪنهن جو مون تي قرض رهيل هجي ته اهو گهري وٺي.
هڪ شخص ادب سان اُٿي بيٺو
چيائين: سرڪار ﷺ اوهان تي منهنجا ٽي درهم رهيل آهن.
آقا ﷺ فضل بن عباس کي فرمايو ته هن کي ٽي درهم ڏيئي ڇڏ.
اهي ادا ڪيا ويا،
پوءِ آقاﷺ جي منبر تي ٿڙندڙ قدمن کي سيدنا علي هٿن ۾ جهلي هوريان هوريان هيٺ لاٿو، پر پنهنجن پيرن تي بيهڻ کان اڳ چيائون
مون کي خبر آهي، ته اوهين پنهنجي نبيءَ جي موت کان ڊنل آهيو،
ٿورو سوچيو ته سَهي.
آقا ﷺ پنهنجن نظرن کي چؤڏس ڦيرائي ڏٺو
ڇا مون کان اڳ ڪو نبي پنهنجي اُمت ۾ هميشه رهيو آهي، جو آءٌ رهان.
ماڻهن جا سڏڪا هاڻ روئڻ ۾ بدلجي ويا.
ٻُڌو.
آءٌ پنهنجي خدا سان ملڻ وارو آهيان.
۽ اوهين به خدا سان ملڻ وارا آهيو.
آءٌ اوهان سڀني مسلمانن کي وصيت ٿو ڪريان ته مُهاجرن سان ڀلائي ۽ نيڪي ڪجو
آءٌ اوهان کي وصيت ٿو ڪريان ته انصارن سان سُٺو سلوڪ ڪجو.
انصارن اسلام کي جاءِ ڏني، اوهان کي پنهنجي ٻنين، باغن ۽ ميون ۾ شامل ۽ ڀاڱي ڀائيوار ڪيو. پنهنجي فقر ۽ تنگدستيءَ جي هوندي به اوهان کي پنهنجي مٿان ترجيح ڏني.
ٻُڌو!
آقا ﷺ پير پَٽ تي کُپائي اُٿڻ جو ارادو ڪيو ۽ اُٿندي اُٿندي فرمايو:
”ٻُڌو! آءٌ اوهان کان اڳ ۾ وڃي رهيو آهيان
۽ اوهين به مون سان اچي ملندؤ.
حوض ڪوثر تي ملڻ جو وعدو آهي.“ ]البدايه والنهاويه[
اهو چئي، آقاﷺ ، سيدنا علي ۽ سيدنا عباس جي ڪُلهن تي هٿ رکي هوريان هوريان مسجد مان نڪري، حجري ڏانهن روانا ٿي ويا.
موڪلائڻ ۾ باقي چار ڏينهن وڃي رهيا هئا.
هڪ ڏينهن آقاﷺ بيماريءَ جي سختيءَ ۾ هئا. بي چيني، تَپ ۽ مَٿي ۾ سور هو ته هوريان هوريان آقا ﷺ جو آواز آيو.
”ڪاغذ ۽ قلم کڻي اچو، اوهان کي هڪ لکت لکرايان، جنهن کان پوءِ اوهين ڪڏهن به گمراهه نه ٿيندؤ.“
سڀني جون نظرون آقا ﷺ جي بگڙجندڙ طبيعت تي لڳل هيون.
سڀني ٻُڌندڙن جي چهرن تي لکيل هو ته آقاﷺ جي طبيعت ٿوري بهتر ٿئي ته حُڪم جي تعميل ڪجي.
سيدنا عمر رضه ماڻهن جي چهرن تي لکيل اها عبارت پڙهي چيو:
هينئر تڪليف ڏيڻ مناسب ڪونهي. الله جو ڪتاب گمراهيءَ کان بچائڻ لاءِ ڪافي آهي.
ٻُڌندڙن ۾ سيدنا علي، سيدنا عباس ۽ ٻيا به ڪيترائي هئا.
اُنهن مان ڪير به اُٿي مس ۽ قلم کڻڻ نه ويو.
سڀئي آقا ﷺ جا پروانا هئا.
شمع ڦڙ ڦڙائي رهي هُجي، ڪو پروانو ڪيئن ٿي چُري سگهيو.
جڏهن هو پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا ته آقا ﷺ کين حڪم ڏنو.
”هليا وڃو!“
اهو ته خدا ئي ٿو ڄاڻي ته اُن مهل آقاﷺ جي دل ۾ ڇا هو، جيڪو پاڻ سڳورن لکرائڻ ٿي گهريو، پر ٻي ڏينهن جڏهن طبيعت ۾ ٿوري بهتري ٿي ته آقا ﷺ ماڻهن کي ٽن شين جي وصيت فرمائي.
پهرين اها ته عربستان جي حدن مان مُشرڪن ۽ يهودين کي ڪڍي ڇڏيو
ٻيو حڪم اهو ڏنائون ته، ايندڙ وفدن جي مهمانن کي سوکڙيون پاکڙيون ۽ هديه ڏجو، جيئن آءٌ ڏيندو آهيان.
ٽيون حڪم راويءَ کان وسري ويو. سندس خيال آهي ته اهو اُسامه جي لشڪر جي روانگي، يا قبرن کي سجدي گاهه نه بنائڻ، غلامن جو خيال رکڻ ۽ نماز قائم ڪرڻ جي باري ۾ هو. ]بخاري[
پنهنجو جانشين بنائڻ جي باري ۾ آقا ﷺڏانهن، سيد عائشهرضه منسوب ڪري ٿي ته انهن ڏينهن جڏهن آقا ﷺ جي طبيعت ۾ ڪجهه بهتري آئي ته فرمائون ته ابوبڪر کي سڏرائي پنهنجو جانشين مقرر ڪريان. پوءِ سوچيو، الله انڪار ڪندو ته ڇا ابوبڪر کانسواءِ ڪو ٻيو منهنجو پهريون خليفو ٿئي ۽ ايمان وارا ابوبڪر کانسواءِ ٻي ڪنهن جي خلافت کي ڪيئن قبوليندا؟ ]بخاري[
وفات ۾ ٽي چار ڏينهن وڃي بچيا هئا.
سانجهيءَ جي نماز آقاﷺ پاڻ ئي پڙهائي
اها آخري نماز هئي، جيڪا آقا ﷺ جي اُمامت ۾ ٿي.
سُمهاڻي مهل مرض ۾ شدت پيدا ٿي ويئي
بخار تيز ٿي ويو
جسم ڏڪڻ لڳو
اُٿڻ جي به همت نه رهي
آقا ﷺ پُڇيو.
”ماڻهن نماز پڙهي ورتي؟“
عرض ڪيو ويو ”يا رسول الله نه... ماڻهو اوهان جي انتظار ۾ آهن.“
آقا ﷺ پاڻي گهرايو، غسل فرمايو.
اُٿي وڃڻ گهريو، پر وڃي نه سگهيا.
غشيءَ جو دورو پئجي ويو.
ٿورو فرق پيو، وري پُڇيائون: ماڻهن نماز پڙهي ورتي.
جواب اهو ئي هو.
اُٿڻ گهريائون، پر اُٿي نه سگهيا
سانئڻ عائشه کي چيائون:
ابوبڪر کي منهنجو حڪم ڏي ته هو ماڻهن کي نماز پڙهائي.
سيده عائشه عرض ڪيو، هو دل جهلي نه سگهندو، پڙهائي نه سگهندو، اوهان جي جاءِ تي ڪيئن بيهي سگهندو.
گريه زاريءَ ۾ کانئس قرئت ڪيئن ٿي سگهندي.
اوهين عمر کي چئو.
آقا ﷺ ٽي ڀيرا اهو ئي چيو، ابوبڪر کي چئو.
سانئڻ جو هر ڀيري اهو ئي جواب هوندو هو.
آقاﷺ آخري فيصلو ڏنو. ابوبڪر کي چئو، اوهين سڀ يوسف واريون آهيو، ابوبڪر نماز پڙهائيندو. ]بخاري[
سيدنا ابوبڪر لڳاتار ٻه نمازون پڙهايون.
آچر واري رات آقاﷺ جي طبيعت ۾ بهتري آئي. مسجد جي اڱڻ ۾ بنا حجري جي دروازي جو پردو لُڏيو. آقا ﷺ جي آبنوسي معطر پيرن هوريان هوريان گهلجي پردي جي ٻاهر ڏٺو.
مسجد ۾ نور وَسي رهيو هو،
هٿن سان پردو هٽايو ويو.
سيدنا عليرضه ۽ سيدنا عباسرضه جي ڪلهن تي ٻنهي پاسن ٻانهون رکي وکون کڻي حجري مان مسجد ۾ آيا.
هيڏانهن ابوبڪر صديق نماز جي اُمامت شروع ڪري چڪا هئا.
هيڏانهن ڪعبي ڏانهن مُهڙ ڪيائون، هيڏانهن صاحب قرآن اچي ويو.
هڪ طرف تُنهنجي تجلي، ٻي طرف ڪعبو شريف.
وقت سَجدي جو اچي ويو،
ڪيئن جوٽجي نماز
سڀئي ڪعبي تان نظرون هٽائي آقا ﷺ جا پير وٺڻ لڳا.
هنن جي چهري تي اُڀريل ڏک جون ريکائون گَهريون ٿي ويون.
پريان رکيل ايڪڙ ٻيڪڙ ڏيئن جي روشنيءَ سبب هُنن جا پيلا چهرا، هڪدم روشن ٿي ويا. هئڊن ٿيل چهرن تي روشنيءَ جو سرمدي نور ڇانئجي ويو.
ماڻهن کان قرئت وسري ويئي.
سيدنا ابوبڪررضه ڪمري ۾ ڇانيل خوشبودار روشنيءَ مان سمجهي ويا ته آقا ﷺ اچي ويا آهن.
اُن کان اڳ جو نماز ڀڄي پوي
آقا ﷺ فرمايو
”نماز پڙهندا رهو.
مون کي صديق اڪبر جي ساڄي پاسي ويهاريو.“
صديق اڪبر، نماز جي اُمامت ڪندي گهميو ۽ پنهنجي مُصلي تان لهي کاٻي پاسي ٿي ويو.
آقا ﷺ ساڄي پاسي ويهي رهيا.
هاڻ اُمام آقا ﷺ هئا
۽ مقتدي ابوبڪر هو
ابوبڪررضه جيستائين قرئت ڪئي هئي، اُن کان اڳيان ’صاحب قرآن‘ پاڻ ئي قرئت ڪرڻ لڳا.
آواز جهيڻو هو،
پر ٻُڌندڙن لاءِ اهوئي وڻندڙ
جتي تڪبير ٿي چوڻي پئي، اتي سيدنا ابوبڪر ٿي چئي
آقا ﷺ نماز پڙهائي
ڪا ڳالهه مُهاڙ نه ٿي
ساڳئي نموني سيدنا عليرضه ۽ سيدنا عباسرضه جي ڪلهن تي هٿ رکي ٻيهر پنهنجي حجري ۾ هليا ويا،
ماڻهن ۾ اطمينان جي لهر ڊوڙي ويئي،
ته هاڻ آقا ﷺ جي طبيعت بهتر ٿيڻ لڳي آهي
پر ايندڙ ڏينهن چڙهيو
اهو سومر جو ڏينهن هو
12 ربيع الال، يارهين هجري
اهو آقا ﷺ جو هن فاني دنيا ۾ آخري ڏينهن هو،
طبيعت پُرسڪون هئي،
ڪمزوري گهڻي هئي.
فجر جي نماز مهل وري حجري جو پردو لُڏيو
پروانا نماز ۾ بيٺل هئا.
آقاﷺ ٿوري دير عجيب مُحبت وارين نظرن سان پنهنجي مسجد ۾ پنهنجن پروانن کي ڏسندا رهيا.
خاموش
سانت
آقا ﷺ جي مُنهن مبارڪ تي هڪ اَلوهي شان ۽ مُرڪ هئي.
ڪلهن تي ڳاڙهي چادر، اُجرا ڪپڙا، چمڪندڙ ڪاريون اکيون، سونهن جو حسين ترين شاهڪار، مُنهن تي اهڙي مُرڪ، اهڙو ميٺاج، جهڙي نه ڪڏهن ڪنهن ڏٺي نه ٻُڌي هئي.
اُن نور جي نظر جو ڪو مثال نٿو ڏيئي سگهجي.
ڇاڪاڻ ته اهڙو واقعو،سڄي دنيا جي ڪنهن به هستيءَ جي زندگيءَ ۾ نه آيو هو،
نه ايندو.
هڪ شخصيت جي 63 سالن جي زندگيءَ ۾ چاليهن سالن جي صداقت، امانت جي سڄي بستي کان سَند ۽ پوءِ ايندڙ 23 سال خدائي حڪم سان سڄي عربستان جي وکريل واري جي ذرڙن، پٿرين، نوڪدار بنجر جابلو ٽڪرن کي گول ڪري، ڪنهن کي نه چڀندڙ بنائي، هڪ قوم جي وحدت ۾ پُوئي، هڪ خدا جي وحدانيت ۾ سَجائي، خير ۽ برڪت سان ڀريل پنهنجي آخري رسالت تي قائم ڪري، هڪ سگهاري سلطنت قائم ڪري ڇڏڻ، اهڙي سلطنت، جنهن کي ايندڙ ڏهن پندرهن سالن ۾ دنيا جي ٻن وڏين عالمي طاقتن کي ڊاهي پَٽ ڪري ڇڏڻون هو، اهڙن ماڻهن جي تربيت ڪري هڪ ناقابل شڪست، اعليٰ ترين اخلاقي قدرن تي قائم ڪري ڇڏڻ، پوءِ اُن کي پنهنجي زندگيءَ جي آخري صبح جو پنهنجي دروازي مان هڪ نظر ڏسڻ.
اها نظر آقا ﷺ کانسواءِ ٻي ڪنهن جي ٿي پي سگهي.
دروازي جي ٻنهي طاقن کي جهلي، ٿوري دير جي لاءِ آقا ﷺ خاموش بيٺا رهيا
پنهنجن پروانن کي ڏسندا رهيا
خاموش
رڳو آقا ﷺ جون اکيون، مُحبت جي ڪا گهري سوچ سوچي رهيا هئا.
سيدنا صديق اڪبر اُمامت جي جاءِ تان کُڙين سان پويان هٽڻ لڳو ته آقاﷺ جو جهيڻو آواز اُڀريو.
نه هَٽ، نماز جاري رک!
ماڻهو جذبات سبب ٻيهر قبلي کان نظرون هٽائي پنهنجي آقاﷺ کي تڪڻ لڳا.
هر اک لُڙڪن هاڻي
هر چهرو آقا ﷺ کي ڏسڻ کانپوءِ ٽڙيل
۽ آقا ﷺ جو چهرو اهڙو، جهڙو قرآن جو هڪ ورق.
اڇو،
پاڪ پوتر
هيڻو، پر چمڪندڙ،
اهڙو چهرو، جنهن بابت ماڻهو چون ٿا ته پهرين ڪڏهن به آقا صلي الله عليھ وسلم جو اهڙو چهرو نه ڏٺو ويو هو.
ڪجهه گهڙيون آقاﷺ، اُن حجري جي دروازي مان پنهنجي مسجد ۽ پنهنجا نمازي پروانا ڏسندو رهيو. خبر ڪونهي ته انهن ڪجهه گهڙين ۾،
آقا ﷺ پنهنجي ٽيهٺ سالن جي زندگيءَ ۽ معراج پاڪ دوران گذريل نه ڄاتل وقت ۾، ستن آسمانن جي سير جي دوران، زمين جي زندگيءَ کان به ڪيڏي وڏي زندگي گذاري هئي. سڀني آسمانن وٽان لنگهيا هئا. اِهي سمورا پل، گهڙيون، ڪلاڪ، ڏينهن، هفتا، مهينا، سال ۽ صديون، اُنهن ڪجهه گهڙين ۾ ڇا ڇا سوچي گذريا.
يا شايد هاڻي آقاﷺ کي فقط پنهنجي خدا سان ملڻ جو اوسيئڙو هو.
آقا ﷺ دروازي تي بيٺي بيٺي ڪجهه به نه چيو.
پوءِ هڪدم پَردو هيٺ ڪيو،
۽ اندر هليا ويا
آقاﷺ جو سمورو اولاد، ٽي پُٽ، ٽي جوان پَرڻيل ڌيئرون سندن زندگيءَ ۾ ئي چالاڻو ڪري ويون هُيون. سندن فقط هڪ نياڻي اٺاويهن ورهين جي خاتون جنت بي بي فاطمه، جيڪا ڀرسان ئي رهندي هئي، بار بار کيس ڏسڻ ٿي آئي.
تڙپي پنهنجي بابا سان ٿي ملي.
جنهن مهل به سانئڻ فاطمه آئي ٿي، ته سيده عائشهرضه احترام ۾ آقاﷺ کان هٽي بي بي سانئڻ جي لاءِ جڳهه ٿي ڇڏي. کيس خبر هئي ته آقاﷺ کي دنيا ۾ سڀني کان محبوب هستي پنهنجي نياڻي سانئڻ فاطمھ ئي آهي، جن ڏينهن آقا ﷺ ٺيڪ هوندا هئا ته جڏهن به سانئڻ فاطمھ ايندي هئي ته پاڻ سڳوراﷺ اُٿي بيهي سندن آڌر ڀاءُ ڪندا هئا. پنهنجن ڪُلهن تان چادر لاهي، ويهڻ جي لاءِ وڇائيندا هئا. تنهن ڪري ڪنهن کي ڪا سفارش ڪرائڻي هوندي هئي ته اِهي بي بي فاطمھ جي تعظيم ڪندي درخواست ڪندا هئا. پنهنجي درخواست سندن پيرن ۾ رکي آقاﷺ جي حضور ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ چيو ويندو هو.
عرضي جيڪڏهن پيش ٿي ويندي هُئي ته منظور ٿي ويندي هئي.
الله ته اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو،
جنهن کي رسولﷺ معاف ڪري، مون کيس معاف ڪري ڇڏيو.
جيڪو رسول جي پيروي ڪري ٿو، اِها منهنجي اطاعت آهي.
جيڪو رسول الله ﷺ ڏي ته اهو وٺو، سمجهو ته مون ڏنو آهي.
الله ته ڪائنات جي سڀني خزانن جون ڪُنجيون آقا صلي الله عليھ وسلم کي ڏيئي ڇڏيون هُيون۽ انهن چاٻين کي، جن جا ڇُڳا، جنهن ”ڪي - رنگ“ ۾ وڌل هئا، ان جو نالو ”خاتون جنت بي بي فاطمھ“ هو.
سيده عائشه کان روايت آهي ته حضور اڪرم ﷺ کي عورتن مان سڀني کان پياري سيده فاطمھرضه ۽ مردن مان سڀني کان وڌيڪ پيارو سندن گهروارو سيدنا عليرضه هو.
آقا ﷺ جي زندگيءَ جي آخري صبح جو سج گهڻو اُداس هو.
8 جون 632ع، 12 ربيع الاول، يارهين هجري.
ايتري گرم ڏينهن جو سج پنهنجي سڄي روشني، چمڪ ۽ تيزي ڪٿي وساري آيو هو.
لڳو ايئن پي ته آسمان جا سڀئي سج
سڀئي تارا
سڀئي چنڊ
اڄ پنهنجي موت جو مَرثيو سوچي رهيا آهن.
اُن ڏکويل، اُداس سج جي روشنيءَ ۾ بي بي فاطمھ تڙپي اچي آقاﷺ جي ڀَر ۾ ويٺي. آقا ﷺ بي چينيءَ مان ڀرسان رکيل پاڻيءَ مان بار بار هٿ پُسائي پنهنجي چهري تي ڦيري رهيا هئا. سانئڻ فاطمھ جون اکيون روئڻ سبب سُڄي ويون هُيون.
ڪُوسن لڙڪن جي هڪ قطار نڪتي،
سانئڻ فاطمھ تڙپي چيو:
”هاءِ منهنجي بابا جي تڪليف ۽ بي چيني.“
آقا ﷺ ٻُڌو.
مٺڙي ڌيءَ ڏانهن نظر کڻي فرمايائين.
”اڄ کان پوءِ تنهنجي بابا کي ڪابه تڪليف نه ٿيندي.“ (بخاري)
پوءِ اشاري سان بي بي فاطمھ کي ويجهو سڏيو.
بي بي سانئڻ ڪَن ڏيئي هوريان هوريان آقا ﷺ جي وات مان نڪتل ڪا ڳالهه ٻڌڻ لڳي.
ڳالهه ٻڌندي، پهرين ته هوءَ روئي پئي. لڙڪ سندس اکين جا بند ڀَڃي سندس چهري تي وهڻ لڳا. چهرو پيلو پئجي ويس. آقا ﷺ ڳالهائيندا رهيا. پوءِ اوچتو آقاﷺ جي ڪا ڳالهه سُڻي بي بي فاطمھ جي چهري تي موجود لڙڪ آسودگيءَ سبب تڙپي چُريا.
منهن جو رنگ مَٽيو ۽ بي بي فاطمھ مُرڪڻ لڳي.
عجيب منظر هو.
هڪ گهڙي اڳ هوءَ روئي رهي هئي
ٻي گهڙيءَ مُرڪڻ لڳي.
پَر ڀرو ويٺل سانئڻ عائشه اهو سڄو منظر ڏسي رهي هئي. هُن بي بي فاطمھ کان ان بابت پڇيو، پر ان ڏينهن بي بي فاطمھ ٻُڌائڻ کان لنوائي ويئي.
پر آقا ﷺ جي هي جهان ڇڏڻ کان پوءِ اهو راز کوليائين.
چيائين: اُن ڏينهن آقا ﷺ ٻڌايو هو
منهنجي وڃڻ جو وقت اچي ويو آهي. آءٌ روئڻ لڳيس.
پوءِ آقا ﷺ فرمايو، پر منهنجي اهل بيت مان سڀني کان پهرين تون ئي مون سان اچي گڏبينءَ. جنهن ڪري آءٌ خوش ٿي ويس. آقا ﷺ جي وڃڻ کان ڇهه مهينا پوءِ سيده فاطمھ به هلي ويئي.
بس اهو صبح هوريان هوريان اُن گهڙيءَ ڏانهن وڌي رهيو هو، جڏهن ٻپهريءَ کان ٿورو پوءِ، آقاﷺ مڪي مان هجرت ڪري، مديني جي چائنٺ قبا تي ڏهه سال اڳ ساڳئي تاريخ ٻارهين ربيع الاول تي پهتا هئا ۽ هڪ وڻ جي ڇانوَ کان ٻاهر اُس ۾ بيهي، استقبال جي لاءِ ايندڙن متوالن مان ان وڻ جي مالڪ کان پڇيو هو.
”جيڪڏهن اجازت ڏيو ته آءٌ ٿوري دير هِن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهان.“
آقا ﷺ وڻ جي ڇانوَ ۾ ڇا ويٺا.
سڄي جهان کي پنهنجي عاقبت ۽ سلامتيءَ جو ڇانورو ڏيئي ڇڏيو.
آقاﷺ اِهي ڇانوري دار وڻ آهن، جيڪو سڄي ڪائنات جي سڄي زندگي ۾ پهريون ڀيرو زمين تي ڦُٽو، اُسريو، نسريو، وڏو ٿيو ۽ سڄي بني نوع انسانيت جي لاءِ رحمت ۽ ٻاجهه جو سبب بنيو.
اُن ڏينهن آقا ﷺ هن دنيا ۾ آيا هئا،
جڏهن آسمان تي خدا جي ملائڪن چراغان ڪيو هو، ته اڄ ”سراج منير“ زمين تي لاٿو پيو وڃي.
انسانيت جي ڏکن ۽ اَڙيلن جو آڌار انسانن ۽ جنن کي عطا ڪيو پيو وڃي.
هاڻ اها گهڙي اچي رهي هئي.
جڏهن آقاﷺ کي سونپيل ڪم پنهنجي تڪميل تي پهتو هو
مڪمل ڪاميابيءَ سان.
هاڻ ظاهري طور تي، زندگيءَ جو هڪ دنياوي بشري پهلو مڪمل ڪري
آقا ﷺ هميشه جي لاءِ پنهنجي ابدي جاودان زندگي ۾ هميشه هميشه جي لاءِ رحمت العالمين ۽ پنهنجي مڙني صفتن سان گڏ قدرت جي تقاضائن تي ڪنڌ جُهڪائي روپ بدلائڻ وارا هئا.
پهرين مٽيءَ جي لباس ۾ نور هئا.
هاڻ نور، سراسر نور هئا.
گذريل رات آقا ﷺ جي مسجد نبويءَ ۾ تشريف آوري، صبح جو حجري جي دروازي کي جهلي، مسجد ۾ ويٺل پروانن کي خاموش مسڪرائيندو ڏسڻ، مَلڪوتي مُرڪ، ڪُلهن تي ڳاڙهي چادر، قرآن جي ورق جهڙو اُجرو چهرو، روشن اکيون، ماڻهو ڏسي خوش ٿي ويا هئا. اڌ مئل چهرن تي زندگي ڊوڙي ويئي هئي.
ماڻهن سمجهيو ته طبيعت بهتر ٿي ويئي آهي.
سيدنا صديق اڪبررضه پنهنجي ٻي گهر ”سج“ ڏانهن هليا ويا
سيدنا علي به ٻاهر نڪتو. ماڻهن گهيري ورتس ته هاڻ آقاﷺ جي طبيعت ڪيئن آهي. سيدنا عليءَ فرمايو، هاڻ اڳ کان بهتر پئي لڳي.
سيدنا عباس به گڏ هئس.
سيدنا عليءَ جو هٿ جهليائين ۽چيائين
عليرضه خدا جو قسم، ٽن ڏينهن کان پوءِ تون ”عبدالعصا“ (لٺ جو غلام) هوندين، حاڪم ڪو ٻيو هوندو، خدا ٿو ڄاڻي ته آءٌ بنو هاشم جي بُزرگن تي پوندڙ موت جي پاڇن کي پڙهي وٺندو آهيان. وقت بنهه ٿورو اٿئي، اچ ته آقاﷺ کان پنهنجي باري ۾ ڪا وصيت ڪرايون.
سيدنا عليرضه نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
هو ته سڀ قديمي پروانا هئا.
هو، شمع رسالت ﷺجي روشنيءَ ۾ ٽيويهه سال هر گهڙي جيئو هو، ٽيٽيهن سالن جي وهيءَ ۾ سيدنا علي ٽيويهه سال آقاﷺ جي نبوت ۽ رسالت ۾ هڪ هڪ گهڙيءَ جو ساٿ ڏنو هو.
سيدنا عليرضه فرمايو، خدا ٿو ڄاڻي ته آءٌ ان باري ۾ آقاﷺ کي هڪ لفظ به نه چوندس.
ماڻهو گهر ان نڪري ڪَمن ڪارين سان هليا ويا.
آقا ﷺ جي طبيعت لمحي لمحي خراب ٿيڻ لڳي.
اٺين جون جو گرم ڏينهن
ٻنپهرن جو وقت.
ننڍو ڪمرو، جنهن جي اٺ فوٽ اوچي ڇت کجيءَ جي ڦڙن ۽ ٽارين تي مٽيءَ جو راڳو ڏيئي ٺاهي ويئي هئي. ڀتيون به ڪچيون، کجيءَ جي ڦڙن ۽ ٽارين تي گپَ جو راڳو ۽ ڇُنڀ ڪري ٺاهيون ويون هيون. فرش ڪچو، ڪمري جي هڪ ڪُنڊ ۾ اٽو ۽ جوَ پيهڻ جي چڪي، ان سان گڏ پاڻيءَ جو گهڙو، ڀت تي لڙڪندڙ پاڻيءَ جي خلي، ڀت جي طاق تي رکيل ٺڪر جا ٻه پيالا.
هڪ کٽ
هڪ ننڍو اوڇڻ، جنهن ۾ کجيءَ جا ڦڙا پيل.
چمڙي جو هڪ وهاڻون، جنهن ۾ پڻ کجيءَ جا ڦڙا.
پٽ تي هڪ رڱيل کل، جيڪا نماز پڙهڻ جي به ڪم ڏيندي هئي
اُتي کٽ جي هيٺان آقا ﷺ جا جوتا پيل
جيڪي اُن گهڙيءَ کانپوءِ آقا ﷺ جي پيرن ۾ پوڻ جي لاءِ سِڪندا رهيا
جيڪي پوءِ ڪڏهن به نه پاتا ويا،
ڇو ته اُن منجهند جو آقاﷺ کي پيرين اُگهاڙو پنهنجي رب جي اڳيان وڃڻو هو.
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو چهرو پيلو ٿيندو پي ويو. اڇاڻ مائل
نرڙ تي پگهر جا ڦڙا.
آقا ﷺ تي ٿوري ٿوري دير کان پوءِ غشيءَ جا دورا پئجي رهيا هئا.
هڪ گهڙي آقا ﷺ کي هوش آيو.
خوبصورت اکين، سيده عائشه جي چهري کي فوڪس ڪيو ۽ آقاﷺ جو جهيڻو آواز آيو
گهر ۾ جيڪي ست دينار ڪير هديي جا ڏيئي ويو هو،
اِهي خيرات ڪري ڇڏيئي ؟
سيده عائشه، جيڪا آقاﷺ جي ناچاڪيءَ سبب پريشان هئي ۽ ٿوري دير اڳ پاڙي مان رات جو ڏيئو ٻارڻ جي لاءِ تيل اُڌارو وٺي آئي هئي،
کيس ڪهڙي خبر ته
هاڻ سڄي جهان ۾ اونداهي ٿيڻ واري آهي
هاڻ ڏيئو ڪٿي ٻَرندو
بي وسيءَ مان هٿن کي مَهٽيندي وراڻيو
اوهان جي طبيعت ٿوري ٺيڪ ٿئي ته ست ئي دينار ورهائي ڇڏينديس
سانئڻ کي هڪ ڀيري آقا ﷺ جي چيل ڳالهه ياد هئي
اي عائشه! جيڪڏهن آءٌ اشارو ڪريان ته هي جبل احد سڄو سون جو ٿي پوي ۽ مون سان گڏ هلڻ لڳي. پر هي سون جو جبل به جيڪڏهن مون کي ملي ته اهو آءٌ ٻن ئي ڏينهن ۾ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ماڻهن ۾ ورهائي ڇڏيان. مون کي دنيا جي ڪنهن به شئي جي گهرج ڪونهي.
آقا ﷺ جي طبيعت ٻيهر بگڙڻ لڳي.
آقاﷺ سيده عائشه سان جيڪا آخري ڳالهه ڪئي، اها وري به اُنهن ستن دينارن جي هئي. هن ڀيري پاڻ سڳورن جي اکين ۾ عجيب خوف هو. فرمايائون
اهي خيرات ڪري ڇڏ
ڇا آءٌ خدا جي اڳيان ايئن حاضر ٿيان
جو منهنجي گهر ۾ ست دينار پيا هُجن.
سيده جلدي وڃي اهي ست ئي دينار خيرات ڪري ڇڏيا، گهر ۾ هاڻ ٻيو ڪوبه پئسو ڏوڪڙ نه هو. ننڍي ڪمري جي ٻاهر ڪچي مختصر اڱڻ ۾ ڪجهه ٻڪريون ۽ ٻاهر گهٽيءَ ۾ مصر جي بادشاهه پاران موڪليل خچر بيٺو هو، چراگاهه ۾ ڪجهه اٺ ۽ قصويٰ هئي. ڪمري جي ڀت ۾ تلوار لڙڪي رهي هئي ذوالفقار ان سان گڏ ڪنڊيءَ خالي هئي، جنهن ۾ زرهه لڙڪيل هوندي هئي. اها زرهه هڪ يهوديءَ وٽ گروي رکي گهر جي راشن خاطر هڪ ٿانوَ ۾ اڌ صاح (75 ڪلوگرام) جوَ ورتا ويا هئا.
اها هئي منهنجي آقا ﷺ جي ڪُل دنياوي مَڏي.
جڏهن پاڻ سڳورا ٺيڪ هئا ته هڪ ڀيري اصحابين سان گڏ ڪٿي ٻاهر ويٺا ماني کائي رهيا هئا، جو اُتان هڪ پوڙهي مائي لنگهي. آقاﷺ کي ماني کائيندي ڏسي چيائين
ڏسو ته سَهي، ڪيئن نه غلامن سان گڏ ويٺو غلامن وانگر ماني پيو کائي.
آقا ﷺ مُرڪيا
ڏاڍي نوڙت سان پوڙهيءَ کي چيائون
امڙ، مون کان وڌيڪ ٻيو غلام ڪير آهي.
آءٌ پنهنجي پالڻهار جو غلام آهيان.
کانئس روز دعا گُهرندو آهيان
اي الله مون کي مسڪينن ۾ رکج ۽ مسڪينن سان ئي اُٿارج.
اهو آقاﷺ جنهن کي زمين و مڪان، جاءِ ۽ وقت ۽ ستن ئي آسمانن کي هٿ وَس ڪيو ويو هو، اُن خوشيءَ سان غربت ۽ مسڪيني ڌُڻي.
اها هئي منهنجي آقا ﷺ جي ليڊر شپ.
ان ئي اصول تي آقا ﷺ پنهنجي پيروڪارن کي عمل ڪري ڏيکاريو.
اهو ڏينهن موڪلاڻيءَ جو ڏينهن هو.
هوريان هوريان وڇوڙي جي گهڙي ويجهي ايندي ويئي
زمين تڙپي رهي هئي
آسمان روئي رهيو هو.
وڇوڙي جي گهڙي ويجهي اچي رهي هئي
سيده عائشه جي ڪُلهن سان لڳل آقا ﷺ جو جسم هڪدم پيلو ٿي ويو. بخار جي سڄي گرمي ڄڻ سج چوسي ورتي. جسم ٿڌو ٿيڻ لڳو. نرڙ تي پگهر جا خوشبودار ڦڙا اُڀريا ۽ موتين وانگر چمڪڻ لڳا. هٿ پير سفيد ٿيڻ لڳا. ٻانهون کٽ تي ڍَرڪي پيون.
سندن روبرو سيده عائشه جو ڀاءُ عبدالرحمان بن ابوبڪر هٿ ۾ ڏندڻ کڻي اچي بيٺو. آقا ﷺ جون اکيون ڏندڻ تي ڄمي ويون.
سانئڻ ڏندڻ وٺي پنهنجن ڏندن سان چٻاڙي نرم ڪيو ۽ پوءِ آقا ﷺ جي وات ۾ رکيو. آقا ﷺ هڪ ٻه ڀيرا پنهنجي وات ۾ ڏندڻ ڦيريو. جتي وڃڻو هو، اتي اُجري وات سان وڃڻو هو.
پوءِ ڏندڻ وات مان ڪري پيو.
آقا ﷺ ، نظرون آسمان ڏانهن کنيون ۽ فرمايو
”اللهم في رفيق الاعليٰ“
”اي الله! مون کي رفيق اعليٰ تائين پهچائي ڇڏ.“
ٽي ڀيرا، پنهنجي هيڻي اشهد جي آڱر آسمان ڏانهن کڻي اهو ئي چيو.
پوءِ هوريان هوريان مٿي کنيل ٻانهن، سرڪي هيٺ آئي، آقا ﷺ جو قرآن جي صحيفي جهڙو سُهائو چهرو ايئن محسوس ٿيو، ڄڻ پڙهيو پيو وڃي. قرآن جا لفظ پنهنجن ورقن تان آقا ﷺ جي جسم ۾ جذب ٿي ويا.
زمين ۽ آسمان جا سڀ چنڊ، تارا، سج، ڄڻ ڦڙ ڦڙ ڪري ڦِريا ۽ ٽٽي پيا
وڇوڙي جو وقت اچي ويو.
آقا جي اکين جو ”ماه ڪامل“ هوريان هوريان پٿرائجڻ لڳو.
عرب جو چنڊ ﷺ آسمان جي ”ماه ڪامل“ جي اک بنجڻ لڳو.
جنم جنم مان مليل چانڊوڪيءَ کي چنڊ لڳائي ڄڻ ايئن تڪي رهيو هو ته چنڊ نظر نه به اچي، پر چانڊوڪي رهي.
نور وسندو رهي.
آقا ﷺ جي اکين جا چنڊ پٿرائجي ويا،
آسمان تڪيندي، آسمان تي ’رفيق اعليٰ‘ تي ڄمي ويا.
انا الله وانا اليھ راجعون
ڀَر ۾ ويٺل سيدنا علي رڙ ڪَري ڪِري پيو.
بيهوش ٿي ويو.
سيدنا عباس ڇيهون ڇيهون ٿي گوڏن ڀَر زمين تي ويهي رهيو.
سيده عائشه گهٻرائجي اُٿي ۽ احترام مان آقا ﷺ جو ڪنڌ مبارڪ وهاڻي تي رکي ڇڏيائين
عجيب دل ڏاريندڙ رڙيون بلند ٿيون
حجري جي ٻاهر پروانن جا روح سڙي ڀَسم ٿي ويا
ڪوبه بيهي نه سگهيو
ٽنگن هنن جو وزن کڻڻ کان نابري واري ڇڏي
ماڻهو ڪُٺل ڪُڪڙن وانگر ڦڙ ڦڙائڻ ۽هيڏانهن هوڏانهن ڪِرڻ لڳا.
سڀئي چهرا هئڊا ٿي ويل، بدحواس ۽ ڏک ۾ هيڻا ٿي ويل
هرڪو سَڪتي ۾ هو.
سيده فاطمھ زهره ته ان گهڙيءَ ڄڻ ڏک سبب مري ويئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سيده فاطمھ کي ماڻهن ڇهن مهينن کان پوءِ لحد ۾ لاٿو. آقاﷺ جي وفات کان پوءِ ڪنهن به سيده فاطمھ کي مُرڪندي نه ڏٺو.
سڀني جا هوش اُڏيل هئا
اٺين جون جي روشن ڏينهن ۾، ڏينهن جو هر ڪنهن کي مديني ۾ فقط اونداهي نظر اچڻ لڳي.
ٻنپهرن جو ئي رات آئي هئي
گهڻن جا هوش ۽ هواس ويندا رهيا
سيدنا عمر تلوار مياڻ مان ڪڍي مسجد نبويءَ ۾ اچي ويو. سندن چهري تي ڪو ٻيو جلالي چهرو هو، سندس هٿ ۽ پير ڏڪي رهيا هئا. تلوار لهرائيندي چيائين:
”خبردار
آقا ﷺ فوت نه ٿيا آهن
پنهنجي رب سان ملاقات جي لاءِ ويا آهن
جيئن حضرت موسيٰ عليھ السلام ويا هئا، چاليهن ڏينهن کان پوءِ موٽي آيا هئا
اسان جو آقا ﷺ به ايئن ئي موٽي ايندو.“
سيدنا عمررضه جي ديوانگي عشق جون سرحدون ٽپي ويئي هئي
ماڻهن کي سمجهه نه آئي.
ڪي سيدنا عمررضه جي ڳالهين ۾ اُميد جو ڪرڻون ڳولهڻ لڳا.
ڪي پَٽ تي ويهي سِڏڪڻ لڳا،
ايتري ۾ مسجد نبويءَ جي ٻاهر هڪ تيز ايندڙ گهوڙي جو آواز آيو ۽ پوءِ ڪو اُن تان لٿو
ڪن ماڻهن اوڏانهن ڏٺو
اچڻ وارو، آقا ﷺ جو سڀني کان ويجهو دوست سيدنا ابوبڪررضه هو.
سندس منهن لٿل هو
اکين مان لُڙڪ ويهي رهيا هئا
ڄڻ جيئري ماڻهوءَ تان کل لاٿي ويئي هجي
پاڻ، جلدي حجري ۾ ويا
آقاﷺ کي بستري تي ايئن ليٽيل ڏسي کانئس رڙ نڪري ويئي،
منجهس هڪ وک هلڻ جي به سگهه نه رهي،
اهو جيڪو يار غار هو
جيڪو هجرت جو ساٿي هو،
جنهن کي هنج ۾ وٺي رات جو غار ۾ سُمهاريو هو.
اڄ اڪيلو ئي آرامي هو
ڪمري ۾ سڏڪا تڙپڻ لڳا
سيدنا صديق اڪبر، آقاﷺ جي مُنهن مبارڪ تان چادر هٽائي نوراني چهري تي نظر وڌائين.
سندس اکين مان لڙڪ تڙپيا ۽ آقاﷺ جي خاموش روشن چهري تي سِرڪي پيا. سيدنا ابوبڪر آقاﷺ جي چهري تي جُهڪيا. ادب مان پيشاني چميائين ۽ روئندي چيائين:
”منهنجو ابو امان اوهان تان قربان
خدا جو قسم،الله اوهان تي ڪڏهن به ٻه موت گڏ نه ڪندو
اهو موت جيڪو اوهان جي لاءِ لکيل هو، اوهين اُن جو ذائقو چکي چڪا.“ ]بخاري[
سيدنا ابوبڪر حجري مان ٻاهر آيا
ماڻهن جو ڏک سبب حال هيڻو هو،
سيدنا عمررضه جي ڳالهين جي ڪري ڪي ماڻهو ٻُڏتر جو شڪار هئا
سڀ ڏَڪي ۽ روئي رهيا هئا.
سيدنا ابوبڪررضه سڀني ماڻهن کي مُحبت ۽ ڏک مان ڏٺو ۽ پنهنجي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي وهڻ ئي ڏنو. اُگهيو ڪونه.
پوءِ سَڏ ڪيو
”عمر هيڏانهن اچ!“
سيدنا عمررضه ته هوش ۾ هو ئي ڪونه
نه آيو
ويهي رهو. سيدنا ابوبڪر، عمر کي چيو.
هو تلوار کڻي بيٺو رهيو، ويٺو ڪونه.
ماڻهن سيدنا ابوبڪر ڏانهن ڌيان ڌريو.
سيدنا ابوبڪررضه ماڻهن کي مخاطب ٿيو ۽ چيائين:
بيشڪ جيڪو شخص محمد ﷺ جي پوڄا ڪندو هو، اُهو ڄاڻي وٺي ته محمدﷺ گذاري ويا آهن ۽ جيڪو شخص الله جي عبادت ڪندو هو، اهو سمجهي وٺي ته الله جيئرو آهي ۽ سدائين جيئرو رهندو.
پوءِ سيدنا ابوبڪر، قرآن پاڪ جون آيتون پڙهيون:
”۽ محمد (ﷺ) رسول آهي. اوهان کان اڳ به رسول گذري چُڪا آهن. سو جيڪڏهن اهو گذاري وڃي يا شهيد ٿي وڃي ته ڇا اوهين پوئينءَ پير ڦرندؤ ۽ جيڪو پوئينءَ پير ڦرندو به ته خدا جو ڪوبه نقصان نه ڪندو ۽ خدا جلد ئي حق شناس ماڻهن کي اجر ڏيندو. (آل عمران 3/144)
ماڻهن ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي.
هنن جا تيز ساهه ۽ بي ربط نسون سڄي ماحول ۾ وڄڻ لڳيون. هنن جا جسم لڙڪن سبب پُسي ويا.
سيدنا عمررضه جون اکيون کلي ويون
اکين جون ماڻڪيون ڦِرڻ لڳيون،
مُنهن هئڊو ٿي ويس.
مٿي ۾ ڀنواٽي اچي ويس
ٽنگن ۾ رت ڄمي ويس
هو پنهنجو جبل جهڙو بُت کڻي ڌڙام سان پَٽ تي ڪري پيو، کيس ايئن لڳو ڄڻ هن قرآن جي اها آيت پهريون ڀيرو ٻُڌي هُجي.
بيبي فاطمھ کان اکر به نه اچي اُڪليو
پر هوريان هوريان فرمايائين
”اي منهنجا مٺڙا بابا... توتي الله پنهنجون رحمتون وسائي ۽ تنهنجي آل تي. سڀئي ساراهون اُن الله جي لاءِ آهن، جيڪو جهانن جو رب آهي، اي منهنجا مٺڙا بابا! اسين تنهنجي وصال جي خبر جبرائيل عليھ السلام کي ڏيون ٿا.“
آقا ﷺ جي طبيعت ۾ وقتي بهتري ڏسي، سيدنا اُسامه جو لشڪر مديني کان ڪجهه ميل پرڀرو ’جرف‘ واري هنڌ تي پهچي چڪو هو. کين اتي اها هانءَ ڦاڙيندڙ خبر ملي، سڀ ڀڄندا واپس آيا.
اسلامي مملڪت جي جانشين جو مسئلو حل ٿيو. انصاري خزرج جي سردار سعد بن عباده سان گڏ مديني جي هڪ پاڙي ”سقيفه بنو ساعده“ ۾ گڏ ٿيل هئا. اوس جو سردار اسيد بن حضير، سيدنا ابوبڪر، سيدنا عمر ۽ ٻين اڪابرين کي ساڻ ڪري اُتي پهتو ته جيئن بعد ۾ ڪو مونجهارو پيدا نه ٿئي. اوس جي سردار حضير بن اسيد مختصر ڳالهايو ته اوهين سيدنا ابوبڪر جو، آقا ﷺ سان لاڳاپو ڄاڻو ٿا. آءٌ کين رسول جي خليفي طور نامزد ڪريان ٿو.
سيدنا اڳتي وڌي سيدنا ابوبڪر جي هٿ تي هٿ رکيو ۽ فرمايو.
آءٌ بيعت ڪريان ٿو
سڀئي هٿ وڌايا
سڀني بيعت ڪري ورتي
اُنهن سڀني ۾ سيدنا ابوبڪر رضه بي چين هو.
لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئس
جسم ڏڪي رهيو هُئس
چيائين: جيستائين، آءٌ خدا ۽ رسول ﷺ جي پيروي ڪريان، تيستائين اوهين منهنجو حڪم مڃجو، پر جڏهن مون کي اُن کان ڦِرندي ڏسو ته منهنجي گلي مان جهلجو.
اهو ئي ابوبڪر جڏهن مسلمان ٿيو هو، ته سندس اثاثو چاليهه هزار درهم هو. اڍائي سالن جي خلافت، اسلامي مملڪت جي سربراهه بنجي رهڻ کان پوءِ فوت ٿيو ته اثاثو وڃي ٻُڙي بچيو هئس.
منهنجي آقا ﷺ جو اثاثو ته ٻُڙيءَ کان به گهٽ هو
ڪجهه به نه هو.
سندن زرهه گروي رکي اناج ورتو ويو هو
جيڪو مليو اهو واپس ڪري ويا
ورهائي ويا.
نه پنهنجي لاءِ نه وري پوين لاءِ ڪا ملڪيت مَڏي ڇڏيائون.
فرمايائون: نبيءَ جي ڪابه ميراث نه هوندي آهي.
نبيءَ جي ميراث ته درود ۽ سلام آهي، جيڪو قيامت تائين کين ۽ سندن آل تائين پهچندو رهندو.
اُن کان وڏي ملڪيت ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي.
تدفين جي لاءِ طئي ٿيو ته جتي نبي وفات ڪندا آهن، اُتي ئي دفن ٿيندا آهن.
اهو ئي سانئڻ عائشه جو حجرو دفنائڻ جي لاءِ چونڊيو ويو.
غسل ڏيڻ مهل فقط ويجها مِٽَ ۽ مائٽ هئا.
سيدنا عليرضه ابن ابي طالب جسم مبارڪ کي مَهٽي رهيا هئا. لڙڪن جي پاڻيءَ سان، سيدنا عباس ۽ سندن ٻه پُٽ فضل ۽ قثم پردو ڪري بيٺا هئا. اسامه بن زيد ۽ هڪ غلام شقران پاڻي وجهي رهيا هئا.
غسل جي دوران چؤڏس خوشبو جو واسو هو،
سيدنا عليرضه چوڻ لڳو
منهنجو ابو ۽ امان اوهان (ﷺ ) تي قربان
جيئري به هن جسم مبارڪ مان خوشبو ايندي هئي ۽ هاڻِ به.
ٽن عام ڪپڙن ۾ ڪائنات جي روح کي ڪفن ڏنو ويو.
مديني جي رواج موجب لحد واري قبر سيدنا ابوطلحه انصاريءَ کوٽي، مڪي ۾ بغلي قبر جو رواج هو. ڪن جي راءِ هئي ته مڪي نموني جي ته ڪن جي راءِ هئي ته مديني جي نموني واري قبر کوٽي وڃي. سيدنا عمر چيو ته بحث مناسب ڪونهي. ٻنهي قسمن جون قبرون کوٽيندڙن کي سڏيون ٿا، جيڪو اڳ ۾ ايندو، اهو کوٽيندو، مڪي وارو سيدنا ابوبڪر عبيده بن الجراح ڪٿي پَري هو، مديني مان ابو طلح ڀڄندو آيو.
آقا ﷺ جو مديني وارن سان جيئن،
گڏ مرڻ،
قبر سان گڏ قبر
رت سان گڏ رت جو جيڪو وعدو ڪيل هو، اُهو پورو ٿيو،
نه رڳو، پر قبر جي ساخت به اهائي رهي، جيڪا مديني ۾ رائج هئي.
هاڻي اها ڪنهن جي مجال هئي جو رسولﷺ جي جنازي جي اُمامت ڪري، ماڻهو ننڍين ننڍين ٽولين ۾ اچي اُمام الانبياء ﷺ جي لاءِ جنازي نماز پڙهندا رهيا. لڳ ڀڳ ٽيهه هزار ماڻهن اتي ڪمري ۽ ان جي ڀت جي ٻاهر انفرادي انداز ۾ اچي جنازي نماز پڙهي.
سومر تي آقا ﷺ رفيق اعليٰ طرف ويا.
اڱارو ۽ اربع جنازي نماز ٿيندي رهي.
اربع جي رات تدفين ٿي
اڌ رات جو ڪوڏارن جي ايندڙ آوازن جي ڪري حجري ۾ موجود ۽ روئي روئي اڌ مُئل ٿيل ازواج مطهرات ۽ اُجڙيل ۽ روئي روئي اکيون سڄي ويل سيده فاطمھ ڏڪڻ لڳيون.
هو سمجهي ويون
هاڻ اهو ماه ڪامل، اهو تاجدار حرم، اهو ڪائنات جي گاڏيءَ کي سنئين واٽ ڏيکاريندڙ هادي رهبرﷺ ، مڻين مٽيءَ جي هيٺان لڪايو پيو وڃي. زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ جيڪي ڪجهه آهي، اهو جنهن جي صدقي جوڙيو ويو، ان کي ان ئي مٽيءَ جي ذرڙن ۾ لڪايو ويو.
صبح جو رئندڙ ۽ سُڄيل اکين سان، سانئڻ فاطمھ خاتون جنت، آقاﷺ جي غلام سيدنا اَنس جي هٿن تي آقاﷺ تي وڌل مٽي ڏٺي ته روئندي پُڇڻ لڳي.
”انس! توکان اهو ڪيئن سَٺو ٿيو ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي سڳوري جسم تي پنهنجن هٿن سان مٽي وجهين.“
سيدنا انس رڙ ڪري روئي پيو.
روئندي روئندي ڪري پيو.
پوءِ ٻنهي هٿن جون مُٺيون کولي سانئڻ کي ڏيکاريائين ۽ عرض ڪيو
’سانئڻ! مون اها مِٽي ڇَنڊي ڪونهي.‘
اُن مٽيءَ جي هڪ هڪ ذري ذري ۾ آسمان جي چنڊ، سج ۽ تارن کان وڌيڪ خوشبختي آهي، هيءَ اسان جي آقا جي آرام واري جاءِ جي مٽي آهي. قبر مبارڪ جي اندر ته اهائي سندس ڪلهن تي پيل ڳاڙهي چادر آهي ۽ مٿان هيءَ متبرڪ مٽي.
اُن مٽيءَ کان وڌيڪ دولت زمين، آسمان ۽ انهن ٻنهي جي وچ ۾ ڪٿي به ڪونهي.
خبر ڪونهي ته روئندڙ رڙندڙ اُجڙيل اکين واري آقا صلي الله عليھ وسلم جي غلام سيدنا انسرضه اهي سڀ ڳالهيون ڪيون هيون، يا نه؟
پر اهو سچ آهي،
ته صديون پوءِ
آقا ﷺجي هڪ قديمي عقيدت مند جي آقا ﷺ جي قبر مبارڪ تان کنيل مُٺ جيتري مٽيءَ مان هڪ چپٽي مِٽيءَ مون جهڙي حقير، بيڪار گناهه گار کي ملي ويئي، جنهن مٽيءَ جي هڪ هڪ ذري جي اڳيان آسمان جا سڀ سج، چنڊ ۽ تارا هيچ آهن.
اُن مٽي کي ڪن سان لڳائي، مون آقاﷺ جي سڄي ڪهاڻي ٻُڌي ۽ خدا لکرائي ڇڏي. اُن مبارڪ مٽيءَ جي چَپٽيءَ جي ڪهاڻي پنهنجي ايندڙ ڪتاب ”اعتڪاف“ ۾ انشاءَ الله خدا سگهه ڏني ته لکندس. اهو ”اعتڪاف“ جيڪو مسجد نبويءَ ۾ ڪيم ۽ عيد جي خرچيءَ ۾ اها ڀاڳن واري مِٽي ملي.
هزارين درود ۽سلام هُجن
منهنجي مِٺڙي آقا ﷺ تي
جيڪو پنهنجن پروانن
پنهنجن چاهيندڙن
جي هر سلام جو جواب ڏي ٿو.
ياد ڪندڙن کي ياد رکي ٿو
۽ جيڪو آقا ﷺکي ياد هُجي
اُن کي ڀلا زمانو ڪيئن ٿو وساري سگهي.
[ترجمو پورو ٿيو. يارهن لڳي پنجونجاهه منٽ، گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ذيل پاڪ، لطيف آباد، حيدرآباد،. اربع 31 آڪٽوبر، 2018ع]