بنو نضير
احد ۾ ستر شهيدن کان ڏيڍ مهينو پوءِ پنجاهه قارين جو بيئر معونه ۽ رجيع ۾ دوکي سان قتل آقا صلي الله عليھ وسلم لاءِ وڏي ڏک جو باعث هو. پر آقا صلي الله عليھ وسلم کي ڪو ٻيو فڪر هو.
بيئر معونه ۾ پنهنجن چاليهن ساٿين کي مرندي ڏسي، قافلي جي بچي ايندڙ امير سيدنا عمرو بن اُميه ضمريءَ کي رستي ۾ قاتل قبيلي جا ٻه ماڻهو مليا.
عمرو بن اُميه ضمري، جنهن جا سڀئي ساٿي بي گناهه هئا ۽ دوکي سان قتل ڪيا ويا هئا، تنهن وجهه وٺي ٻنهي کي ماري ڇڏيو ۽ مديني پهچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڏکويل ته هئا، پر انصاف حيرت انگيز هو.
اُنهن رستي ويندڙ بنو عامر جي ٻن همراهن جي مارجي وڃڻ تي پريشان ٿي ويا. فرمايائون: اُنهن مرندڙن کي مون مديني پاران پناهه ڏني هئي. هاڻ انهن جي ديت ڏيڻ سڀني مديني جي قانون جي پاسداري ڪندڙن تي لازمي آهي.
پنهنجن مرندرن جو نه بدلو ورتو
نه ديت گهري ويئي،
پر جن جي ذميداري ۽ پناهه پاڻ کنئي هُئائين، اهي قاتلن جي ٽولي جي هئڻ جي باوجود ديت جو حق رکندا هئا. آقا صلي الله عليھ وسلم ديت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي.
اُن سلسلي ۾ مسلمانن سان گڏ يهودين سان به رابطو ڪيو، ڇو ته ”ميثاق مدينه“ ۾ اهو ئي لکيل هو، جنهن تي يهودين به صحيح ڪئي هئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم پاڻ هلي بنو نضير طرف وڃڻ لڳا، اُن کان اڳ بنو نضير وارن جون شرارتون گهڻيون وڌي چڪيون هُيون. احد ۾ مسلمانن جو جاني نقصان ڏسي اِهي همراهه گهڻو خوش ٿيا هئا، گهرن ۾ چراغان ڪئي هئائون. ماڻهن جي سامهون به پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪندا ۽ کڳيون هئا، ان حد تائين چيو هئائون ته جلد ئي اسين قريش ۽ غطفان قبيلن سان گڏجي کين هِتان تڙي ڪڍنداسين. منافق به انهن سازشن ۾ هر گهڙيءَ ساڻن گڏ هئا. هنن جي قريش قبيلن ۽ نجد ۾ آباد غطفان سان ساز باز ۽ صلاح مشورو هو.
اُنهن جي صلاح تي ئي هنن پهرين هڪ ٻيو خطرناڪ ڪم ڪيو. هنن سوچيو ته ڪنهن به نموني مديني جي مسلمان قبيلن اوس ۽ خزرج ۾ تڪرار پيدا ڪري کين پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي. هڪ ڀيري اوس ۾ خزرج جا مسلمان ڀائرن وانگر ڪنهن هنڌ خوشدليءَ سان ويٺا هئا. موسم سُهڻي هئي. کجين جا وڻ پڪل کجين جي ڇُڳن سان ڀَريا پيا هئا. ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي ڦل گڏ ڪري رهيا هئا. ٻَڌي ۽ اعتماد جي سُريلي فضا هئي.
بنو نضير جو سردار حئي بن اخطب اتان لنگهيو.
هن جي دل ۾ نانگ ڦَڻ ڪڍي
هن وڃي هڪ شاعر کي هيڏانهن موڪلي ڏنو.
شاعر پهرين ته موسم جي رعنائي ۽ عشق ۽ محبت جا گيت آلاپيا، پوءِ اوچتو ئي پنهنجن شعرن ۾ اوس ۽ خزرج جي وچ ۾ سئو سالن تائين پاڻ ۾ ٿيل جنگين ۾ ٻنهي طرفن کان چيل رزميه ترانا ڳائڻ لڳو.
هن ”اوس“ جي سورهيائي ۽ شان و شوڪت جا شعر ٿي ٻڌايا ته اوس وارا ڪنڌ ڌوڻڻ ٿي لڳا، پوءِ هن پنهنجي اکين ۾ لڪيل زهر نانگ وانگر ٿي لهرايو ۽ انهن ٻنهي جي جنگ ۾ شاعريءَ ۾ ٿيل ”خزرج“ جي واکاڻ ۾ چيل شعر آلاپڻ ٿي لڳو ته خزرج وارا ويٺي ويٺي اُنهن شعرن تي پير لوڏيڻ ٿي لڳا.
هوريان هوريان اُن نڀاڳي شاعر ٻنهي قبيلن جا ڪجهه اهڙي نموني جذبا ڀڙڪائي ڇڏيا جو اوس ۽ خزرج ۾ سئو سالن تائين وڙهي ويندڙ جنگين جو سڄو نقشو ٻيهر سندن اڳيان ڇڪي، ٻنهي کي ذهني طور تي ان جنگ جي مُهڙ وٽ پهچائي ڇڏيو. ٿوري دير اڳ ٻيئي قبيلا جيڪي کير کنڊ ٿيو، ڀائرن وانگر ويٺا هئا، اهي وري هڪٻئي کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي اکين سان ڏسڻ لڳا. بعاث جي جنگين جي هولناڪين سبب سندن نڪن جون ناسون ڦونڊجڻ لڳيون.
پهرين تون تون... مان مان ٿي... پوءِ هُنن اُٿي بيهي هڪٻئي کي للڪارڻ شروع ڪيو، ماڻهو پنهنجن پنهنجن قبيلن جي همراهن کي سڏڻ جي لاءِ روانا ٿي ويا. ڪي گهرن ڏانهن ڊوڙيا، ته جيئن هٿيار پنهوار کڻي اچن. اُن دوران ڪنهن سمجهو پرواني ڊوڙي وڃي آقا صلي الله عليھ وسلم کي خبر سُڻائي.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم اُتي پهتا.
ڏٺائون ته سندس پروانا ٻيهر محبت جا پَر لاهي هڪٻئي کي نفرت مان گهوري رهيا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ناراض ٿيا.
فرمايائون:
”جنهن جهالت مان ڪڍي خدا اوهان کي پاڻ ۾ ڀاءُ بنايو، ٽُٽلن کي ڳنڍيو، اوهين وري اُن ئي سُڃاڻپ ڏانهن ٻيهر وڌي رهيا آهيو. جڏهن ته آءٌ اوهان ۾ موجود آهيان.“
هڪدم ڄڻ ٻَرنديءَ تي پاڻي پئجي ويو.
ماڻهن کي پنهنجي چَرپڻ جو احساس ٿيو.
هو ٻيهر موٽي آيا.
پروانا ٻيهر پنهنجي هدايت جي شمع جي اکين جي ٿڌاڻ بنجي ويا.
پاڻ ۾ گلي مليا
گهڻو ئي رنا
آقا صلي الله عليھ وسلم کان معافي گهريائون.
يهودي قبيلي بنو نضير جي سردار جو موڪيل شاعر چُپڙي ڪري اُتان کسڪي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم اُن شاعر کي سزا نه ڏني. پنهنجن پُروانن جي پَرن تي پنهنجي محبت جو ميڻ ملي ڇڏيو ۽ ان ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي گهايل دل ۾ دوکي سان ماريل ايتري انگ ۾ بي گناهه قارين جي قاتلن جي قبيلي جي ٻن ماڻهن جي قتل جي ديت ۾ يهودين جو حصو وٺڻ جي لاءِ خود بنو نضير قبيلي ڏانهن هلي ويا.
پهرين ته يهودين چيو.
اوهين پاڻ سان ٽيهه ماڻهو وٺي آيا آهيو، اسان جا به ٽيهه ئي ڳالهائيندا.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڳالهه مڃي ورتي.
پوءِ بنو نضير طرفان مطالبو ٿيو.
ٽيهن ماڻهن جي ڪهڙي گهرج آهي، ٽن ڄڻن کي پاڻ سان گڏ وٺي اچو. آقا، سيدنا ابوبڪر، سيدنا عمر ۽ هڪ ٻي ساٿيءَ کي پاڻ سان وٺي انهن جي قلعن تائين پهتا.
هنن جا قلعا ڏاڍا مضبوط هئا
پڪا ۽ اوچا گُهر هُئن...
هو ڳڙهيون ٺاهي مديني جي ڏاکڻين حصي ۾ رهندا هئا. وٽن زمينون، باغ، دڪان هئا، هو ڏاڍا شاهوڪار هئا، کين پنهنجي مال ملڪيت ۽ سگهه تي وڏو ناز هو.
پر هُنن پنهنجي مَن ۾ نانگ پالي رکيا هئا.
هُنن جو سردار حئي بن اخطب سڀني يهودي قبيلن مان آقا صلي الله عليھ وسلم جو سڀ کان وڏو ۽ مَن جو ميرو دشمن هو. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي ڪتاب توريت جي حوالي سان چڱي پَر ڄاتو ٿي ته آقا ﷺ ئي اهو آخري رسول آهي، جنهن جي باري ۾ سندن ڪتاب ۾ چِٽا اشارا موجود آهن. پر هو به مڪي جي ابو جهل وانگر ضدي ۽ هوڏي شخص هو ته مڃڻون ڪونهي. جيتوڻيڪ هڪ ڀيري هُن پنهنجي لاڏلي نياڻي صفيه، جيڪا پوءِ اُم المومنين بڻي، اُن جي سامهون پنهنجي ڀاءُ کي چيو هو:
”هائو، هيءَ اهو ئي آهي
اُهو ئي رسولصه جنهن جون اسان جي ڪتابن ۾ نشانيون لکيل آهن.
پر آءٌ ڪڏهن به ڪين مڃيندس.“
اُن حئي بن اخطب پنهنجن ماڻهن سان صلاح مشورو ڪيو ته واهه جو موقعو مليو آهي، هيئن جو اڪيلي سر ٻن ماڻهن سان آقا صلي الله عليھ وسلم سندن هٿ چڙهي ويو آهي، کيس اهڙي نموني قتل ٿا ڪريون، جو ڏسڻ ۾ حادثو لڳي.
هُنن آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنهنجي هڪ قلعي جي ڀت جي پاڇي ۾ احترام سان ويهاريو ۽ پنهنجي هڪ بدبخت ساٿي عمرو بن ججاش بن ڪعب کي چيو ته هو قلعي جي سڀ کان اوچي ڇت تان عين اُن هنڌ تي، جتي آقا صلي الله عليھ وسلم ويٺل آهن، هڪ ڳرو پٿر ڪيرائي (نعوذ بالله) آقا صلي الله عليھ وسلم کي قتل ڪري ڇڏي.
سازش جُڙي ويئي.
کين پنهنجي هڪ ساٿي سلام بن مشڪم منع ڪئي
چيائين: ايئن نه ڪريو.
هو الله جو رسول صلي الله عليھ وسلم آهي
کيس آسمان وارو اوهان جي ارادي کان واقف ڪري ڇڏيندو. سندن هڪ مذهبي اڳواڻ ڪنانه بن سوريا جيڪو پڻ ڪتاب جو علم رکندڙ هو، تنهن به سلام بن مشڪم جي ڳالهه جي تائيد ڪئي، حئي بن اخطب کي جهليو.
پر هُن نه مڃيو.
هڪ وڏو ۽ ڳرو پٿر ڏيئي عمرو بن ججاش بن ڪعب کي پنهنجي قلعي جي اوچي ڇت تي چاڙهيو. هو اهو ڳرو پٿر کڻي قلعي جي ڇت ڏانهن وڃڻ لڳو، پر آسمانن جي ڇت واري خدا اُن گهڙيءَ جبرائيل عليھ السلام کي هيٺ لاٿو.
جبرئيل امين عليھ السلام آقا صلي الله عليھ وسلم کي چيو.
هِتان روانو ٿيڻ جو وقت آهي.
بنو نضير جي سازش جو سڄو ڦاٽ ڦاڙي وڌائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم اُٿيا ۽ روانا ٿي ويا. موٽي اچي نضير وارن کي نياپو موڪليائون ته اوهان منهنجي قتل جي جيڪا رٿ رٿي هئي، اُن جي آسمان تان خبر اچي ويئي آهي. سڄو تفصيل ٻَڌڻون اَٿوَ ته اچي ٻڌُي وڃو، پر هاڻ ڳالهه سَهپ کان چڙهي ويئي آهي. اوهان پنهنجو حلف ٽوڙيو آهي، ڏهن ڏينهن جي مهلت اٿوَ، ميثاق مدينه موجب هاڻ اوهان جي جيڪا سزا آهي، سا پڙهي وٺو.
هنن نياپي تي ڪوبه ڌيان نه ڌريو.
اُلٽو ڌمڪيون ڏيڻ لڳا.
کين اهو وهم ٿي پيو هو ته احد، بيئر معونه ۽ رجيع کانپوءِ هاڻ مسلمانن ۾ اهو دم خم نه رهيو آهي. اُن کانسواءِ کين رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول، بنو قريظه، غطفان ۽ قريش جي مدد جي به اُميد هئي. چئني طرفن پنهنجا همراهه ڊوڙايائون.
پر ڪٿان به ڪا فوري مدد نه پهتي.
پوءِ هڪ ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم حڪم ڏنو
هُنن جو گهيرو ڪيو وڃي.
جهنڊو سيدنا عليرضه کي ڏنائون
پاڻ پنهنجن سپاهين سان گڏ پهچي ويا
هڪئي هفتي ۾ بنو نضير جي هوا نڪري ويئي.
ايندڙ هڪ هفتو هو ڳالهين مُهاڙين ۾ لڳل رهيا. ڪل پندرهن ڏينهن جي گهيري کانپوءِ هنن پنهنجو پاڻ کي آقا صلي الله عليھ وسلم جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو.
آقا صلي الله عليھ وسلم ته رحمة العالمين هئا.
حُڪم ٿيو
اوهان جون جانيون بخشيون ويون آهن.
جيتوڻيڪ اوهان جي ڪتاب ۾ وعده خلافيءَ جي سزا موت تجويز ڪئي ويئي آهي.
اوهان کان اوهان جو مال مُڏي به نٿو کسيو وڃي. تنهن ڪري پنهنجن اُٺن تي جيترو کڻي سَگهو، کڻو ۽ هن شهر مان نڪري وڃو.
ڪجهه ڏينهن اڳ گهيري جي دوران هو مسلمانن سان شڪايت ڪندا هئا ته اوهين اسان جي قلعن جي آسپاس اسان جي باغن جا وڻ نه وڍيو، جيڪي جنگي حڪمت عمليءَ جي ڪري، رستو ٺاهڻ ۽ ڊپ طاري ڪرڻ جي لاءِ ضروري سمجهيا ويا هئا. هاڻ هو پاڻ ئي جن گهرن کي ڇڏي وڃي رهيا هئا، تن کي اندران برباد ڪري رهيا هئا.
الله ٻيئي ڳالهيون آسمان مان قرآن ۾ لاٿيون.
”اوهان جيڪي کجين جا وڻ وڍي ڇڏيا يا جن کي پنهنجن ٿڙن تي بيهڻ ڏنو اٿوَ، اهو سڀ الله جي اذن سان ٿيو ته جيئن الله فاسقن کي ذليل ڪري.“ (سوره حشر)
وري به وحي آئي:
”هو پنهنجن گهرن کي پنهنجن هٿن سان برباد ڪري رهيا آهن ۽ مسلمانن جي هٿان به. تنهن ڪري اي سمجهه وارؤ اُن مان عبرت حاصل ڪريو.“ (سورة حشر)
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي.
ڪڏهن ڪنهن شهر جي رهواسيءَ پنهنجي گهر جي ٺاهه ٺوهه ڪرڻ مهل اهو سوچيو آهي ته ڪو اهڙو وقت به ايندو جڏهن ان گهر کي ٻاهران دشمن ٽوڙي ۽ اندران هو پاڻ.
اِهي هڙئي سوچڻ جهڙيون ڳالهيون آهن.
جن تي الله بار بار غور ڪرڻ جو حڪم ڏي ٿو.
سندن گهر ڪي عام گهر نه هئا.
ٺهيل جُڙيل محلن جهڙا.
مَنجهن وڏو ڏيکاءَ رکيل هو.
سندن محلاتون چٽن گلن سان سينگاريل هيون. هُنن پاڻ ئي پنهنجن گهرن کي ڀڃي ڊاهي کنڊر بڻائي ڇڏيو. ان حد تائين جو گهرن جون دريون ۽ دروازا به ڀتين مان ڪڍي اُٺن تي لَڏيائون.
آقا صلي الله عليھ وسلم محمد بن مسلمه کي حڪم ڏنو ته کين پنهنجي نگرانيءَ ۾ مديني جي حدن مان ٻاهر روانو ڪري اچ... جيستائين هنن جو اسان جي حدن ۾ سفر آهي، تيستائين هو محفوظ آهن.
هو نڪري ويا.
البت جنگي ۽ عسڪري نوعيت جو سامان کڻي وڃڻ تي پابندي هئي. هو پنهنجون 50 زرهون، 50 آهني خود ۽ 240 تلوارون پاڻ سان گڏ کڻي وڃي نه سگهيا. سندن ٻنيون ٻارا، کوهه ۽ کنڊر ٿيل گهر به پويان رهجي ويا.
هو هليا ويا.
هو مديني مان نڪري سڌو 150 ڪلوميٽر پري يهودين جي قلعن واري امير ترين شهر خيبر پهتا، جتي سندن پراڻيون مِٽيون مائٽيون هُيون، هو پاڻ سان سون چاندي ۽ روڪڙ مال به کڻي ويا هئا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ پنهنجي معاشي برتري، ۽ روڪڙ مال سون چانديءَ جي ڍڳن ۽ مسلمانن جي خلاف پنهنجي بي انتها دشمنيءَ جي ڪري هُنن خيبر جي يهودين کي پنهنجي پويان لڳائي ورتو.
غطفان جي مُشرڪ قبيلن سان ساز باز ڪيائون
قريش سان رابطا تيز ڪيائون
مديني ۾ رهندڙ ’بنو قريظه‘ وارن کي به پنهنجو هم خيال بنائي ورتائون.
رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول کي مسلمانن جي اندر فتنو پکيڙڻ جي ذميداري ڏنائون ۽ هڪ وڏي جنگ جي تيارين ۾ لڳي ويا.
جيڪا سندن خيال ۾ مسلمانن ۽ مديني جي رياست کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندي.