ڪعب بن اشرف يهودي
هُن جو واسطو ته عرب قبيلي سان هو، پر يهودي بنجي مديني جي يهودي قبيلي بنو نضر ۽ بنو قريظه جو حليف ۽ اکين جو تارو هو. سندس پيءُ جو واسطو ”طي“ قبيلي جي شاخ ’بنو نبهان‘ سان هو ۽ سندس ماءُ عقيله، عربستان جي مالدار شخص ابوالحقيق جي ڌيءَ هئي. سندس ساليون وڏن وڏن عرب گهراڻن ۾ جن ۾ اوس قبيلو به شامل هو، پرڻايل هُيون. هو رئيس ۽ امير ماڻهو هو. مشهور هو، سندس شهرت جو ڪارڻ سندس شاعري ۽ شاعريءَ ۾ وزن سندس دولت هئي. هو مديني جي ٻاهر هڪ قلعي نما گهر ۾ نوابن وانگر رهندو هو. يهودين کانسواءِ سندس مڪي قريشن سان خصوصي لڳ لاڳاپو هو.
هو مسلمانن جو دشمن هو.
سندس شاعري اسلام ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي هِجو هئي.
سندس چيل چَڱو مَٺو ڪلام ٿورن ئي ڏينهن ۾ گهر گهر پهچي ويندو هو. ايئن هڪ شخص جي زبان مان نڪتل ڳالهه سوين ماڻهن جي ڳالهه بنجي ويندي هئي. اُن زماني ۾ شاعري اڄڪلهه جي ميڊيا هئي. هر اوچتو، نئون ۽ ڇڇورو شعر ماڻهن جي ذهنن ۾ ”بريڪنگ نيوز“ بنجي ٽپا ڏيندي، ڦوٽا پيدا ڪندو هو.
بدر جي جنگ ۾ قريش سردارن جي مارجڻ تي ڪعب بن اشرف ستر ڄڻن جو هڪ جٿو وٺي همدرديءَ جي لاءِ مڪي ويو. جتي هو هڪ مڪي رئيس مطلب بن ابي وداءَ سهميءَ جو مهمان بڻيو.
مڪي ۾ ويهي هن بدر ۾ مارجي ويل قريشن جا مرثيا لکيا، نوحا ٺاهيا، تقريرون ڪيون. پاڻ به تقرير ڪندي رئندو هو ۽ مڪي وارن کي به خوب رئاڙيائين. مُشرڪن کي ڏاڍو ڀڙڪايائين.
بَدر جو بدلو وٺجو
مسلمانن جي پاڙ پَٽي ڇڏجو
کين اصل نه ڇڏجو
پنهنجي پيءُ جي حوالي سان غطفان جي قبيلن ۾ پڻ سندس ساکَ هئي. اُتي به ويو. اُتي به اسلام دشمنيءَ جو پرچار ڪيائين. ايئن سمجهجي ته کانئس جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو، سو ڪيائين.
هن هڪ سڀ کان وڏو گستاخيءَ وارو ڪم به ڪيو.
جيڪو عام طور تي عرب نه ڪندا هئا.
هن پنهنجي شاعريءَ ۾ مسلمان عورتن بابت گهٽ وڌ چيو.
کين بدنام ڪيو.
اهي سڀئي حرڪتون کيس سزا جو حقدار قرار ڏيڻ لاءِ ڪافي هُيون، خاص ڪري تڏهن به جڏهن هو مديني جو شهري هُجي ۽ ”ميثاق مدينه“ تحت مديني جي امن امان ۽ پاڻ ۾ ڀائيچاري کي قائم رکڻ جو حلف کڻي چڪو هجي ۽ اهو پڻ مڃي چڪو هجي ته ڪنهن تڪرار جي صورت ۾ اِهو معاملو آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو آندو ويندو ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جو فيصلو هر ڌر جي پنهنجي ڪتاب موجب آخري هوندو.
گمان اهو ئي آهي ته ٿي سگهي ٿو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کيس گهرايو هُجي، ته جيئن هو پنهنجن ڪرتوتن جي وضاحت پيش ڪري.
تاريخ ٻُڌائي ٿي ته هو ڪڏهن به آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو پيش نه ٿيو. اهو به مَڃي سگهجي ٿو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کانئس ڏکويل هجي، پر اها ڳالهه مڃڻ جوڳي نٿي لڳي، جيڪا اُن کان پوءِ چئي وڃي ٿي ته مديني جي ڪجهه مسلمانن کيس دوکي، چالاڪي ۽ ڪوڙا ٻول ٻولي ڪعب بن اشرف يهوديءَ کي سندس ڪوٽ نما گهر ۾ وڃي قتل ڪري ڇڏيو.
ڏاڍي دلچسپ ڪهاڻي ٻڌائي ويئي آهي ته سيدنا محمد بن مسلمه پنهنجن ڪجهه ساٿين عباده بن بشير، سلطان بن سلام، جنهن جي ڪُنيت ابو نائله هئي، حارث بن اوس ۽ ابو عبس بن اوس کي وٺي ڪعب بن اشرف وٽ ويو. کيس ڪوڙو قصو ٻڌائي ته هو نعوذ بالله آقا صلي الله عليھ وسلم کان بيزار ٿي پيا آهن. هاڻ ته هو صدقو ۽ زڪوات به گهري ٿو، سندن مالي حالت هيڻي ٿي ويئي آهي. ڪجهه اناج اوڌر تي ڏي.
ڪعب بن اشرف چيو: حاضر... ڏيڻ لاءِ تيار آهيان
پر ڪا حفاظت... ڪجهه گروي رکو.
هُنن چيو: ڪهڙي شئي؟
ڪعب بن اشرف چيو. پنهنجون ڇوڪريون ڇڏي وڃو.
هُنن وراڻيو: تون ايترو ته سُهڻو آهين... جو هو تو تي فدا ٿي پونديون.
ڪعب مُرڪيو: پوءِ ڪجهه ڇوڪرا موڪلي ڏيو.
هڦنن وراڻيو: هو سڄي زندگيءَ لاءِ خوار ٿي ويندا.
هو پُڇڻ لڳو: پوءِ ڇا..؟
هُنن چيو: اسان وٽ ڪجهه هٿيار آهن... تلوارون ۽ ڍالون آهن، اهي اوهان وٽ گروي رکرائي ٿا ڇڏيون.
هِن اها ڳالهه مڃي.
رات جو سڀ سامان آڻڻ ۽ نيڻ جو پروگرام ٺهيو.
رات آئي.
ڪعب بن اشرف گهر جي اندر خوشبوئن سان ٽمٽار پنهنجي نئين ڪنوار سان گڏ ويٺو هو، جنهن جي خوشبو کيس مدهوش ڪري رهي هئي. جو کيس هيٺان سڏ ٿيو.ڪعب اُٿي وڃڻ لڳو ته سندس نئين زال کيس جهليو ۽ خوشبو سان ٻٽار ساهه کڻندي چيو.. اوهان نه وڃو.
مون کي اُن سڏ مان رت ٽپڪندو نظر ٿواچي.
ڪعب وراڻيس. اِهي منهنجي اوس جا رشتيدار آهن. انهن ۾ هڪ ڀائٽيو ۽ ٻيو ويڳو ڀاءُ اٿم. ڪوبه خطرو ڪونهي.
پوءِ هو اُٿي هليو ويو.
هُنن هيٺ اڳواٽ ئي رٿا تيار ڪري ڇڏي هئي.
ڪعب خوشبو وکيريندو ويو.
هو اُن خوشبوءَ جي واکاڻ ڪرڻ لڳا.
هن ترنگ ۾ اچي چيو: نبار مُشڪ آهي.
ابو نائله چيس: ڪعب تنهنجي وارن ۾ خاص خوشبو مهٽيل آهي. موڪل ڏينءَ ته سُنگهان.
ڪعب گل جيان ٽڙي پيو. چيائين: سُنگهه..
ابو نائله وار سونگهيندي کڻي ڪنڌ کان قابو ڪيس. ساٿين کي اشارو ڪيائين، جن تلوارن سان ڊڙي وڌس. ڪعب رڙيون ڪندو ڪِري پيو ۽ مري ويو.
ڪهاڻي ته ايتري ئي آهي.
ٿي سگهي ٿو، ايئن ئي هُجي
پر اُن ڪهاڻيءَ ۾ جيڪا ڳالهه ڀروسي جوڳي نه آهي، اها هيءَ ته ماريندڙ مسلمانن ڪعب بن اشرف کي مارڻ کان اڳ آقا صلي الله عليھ وسلم کان موڪل ورتي هئي.
اهو ناممڪن آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڪڏهن به پنهنجي بدترين دشمن کي ايئن ٽارگيٽ ڪلنگ نه ڪرايو. ابو جهل، ابو سفيان بن حرب، سميت الائجي ڪيترن سخت دشمنن جا نالا وٺي سگهجن ٿا. انهن سڀني الٽو ڪيترا ڀيرا آقا صلي الله عليھ وسلم کي (نعوذ بالله) قتل ڪرائڻ جون سَٽون سَٽيون، پر امن جي زماني ۾ ڪنهن دوکي بهاني سان گهر ۾ گهڙي، آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنهن بدترين دشمن جي باري ۾ به ڪڏهن ايئن نه سوچيو.
گهر ۾ گهڙي مارڻ کان ته ابو جهل جهڙي شخص به پاسو ڪيو. اُن قسم جا ٻه واقعا ٻيا به آهن.
هڪ واقعو هڪ شاعره عورت عصماء کي رات جو سُتي، مديني جي هڪ انڌي شخص عمير بن عديءَ جي هٿان قتل جو قصو آهي. اهڙوي ئي نموني هڪ ٻي يهودي ابو رافع جي قتل جو واقعو به لکيل آهي.
انهن ٽنهي واقعن جي مطالعي مان ايتري خبر ضرور پوي ٿي ته اهڙا واقعا انفرادي طور تي ڪجهه مسلمانن لڪِي ڇُپي ڪيا هوندا يا ڪرڻ جا خواهشمند هوندا، پر انهن مان ڪنهن به واقعي تي آقا صلي الله عليھ وسلم جي رضامندي، حڪم يا شاباسي ناقابل يقين آهي. اهو آقا صلي الله عليھ وسلم جنهن پنهنجي ذاتي زندگيءَ سان لاڳاپيل بدترين دشمنن کي به معاف ڪري ڇڏيو، سو اهڙن ٽِٽي ٽامڻي شاعرن کي ايئن دوکي ۽ ڪوڙ سان ڪڏهن به مارائي نٿي سگهيو. حقيقت هيءَ آهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جنگ جي ميدان کان سواءِ نه ڪڏهن ڪنهن کي مارڻ جي موڪل ڏني ۽ نه وري مارايو.
منهنجو هي تفصيلي بيان ڪرڻ جو مقصد اِهو آهي ته آقا صلي الله عليھ وسلم جي سيرت ۾ ڪجهه اڻ ڄاڻ مهربانن اهڙيون ڪيتريون ئي رهنڊون هنيون آهن، جنهن جي ڪري آقا صلي الله عليھ وسلم جا دشمن صدين کان آقا صلي الله عليھ وسلم تي تنقيد ڪندا پي آيا آهن.
ياد رهي ته تاريخ جا شروعاتي ڪتاب به خلفاءِ راشدين جي دور ۾ نه پر 85 کان 150هه کانپوءِ مسلمانن جي بادشاهي دور ۾ لکيا ويا. ان وقت شايد بادشاهن کي پنهنجي سيڪيورٽي جي خدشي تحت ان قسم جي قتلن ڪرائڻ کانپوءِ ان قسم جو ڪو جواز گهربل هو، جنهن سان هُنن پنهنجن ڏوهن کي سَند ڏيارڻ لاءِ قبوليت جوڳو بنائڻ ٿي گهريو.حديث جا ڪتاب ته ڏيڍ سؤ سال پوءِ سهيڙيا ويا. 250 هجري کان 300 هجريءَ تائين جي وچ ۾- اهي به حقيقت کي سامهون رکڻ، زماني جي ترتيب ۽ مخاطب ڪير آهي ۽ مخاطب ٿيڻ جو سبب ٻُڌائڻ کانسواءِ مرتب ڪيا ويا.
ڪعب بن اشرف جي انهن ڏوهن جي ڪري سڀ کيس موت جي سزا جو اهل ثابت ڪن ٿا. پر سزا جي لاءِ جيڪو طريقي ڪار ڪجهه ڪتابن ۾ لکيو ويو آهي، اهو طريقو آقا صلي الله عليھ وسلم رحمت للعالمين جو ڪونهي.
اُن ڪهاڻيءَ ۾ سڀ ڪجهه صحيح هوندو.
پر منهنجي آقا صلي الله عليھ وسلم ڪڏهن به ڪوڙ جي واڌ نه ڪئي.
نه دوکو ڏنو.
نه وري ڪنهن کي ايئن ڪرڻ جي اجازت ڏني.
تاريخ ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم اڪيلي اها هستي آهي، جنهن جا بدترين دشمن به اِهو مڃين ٿا ته پاڻ سڳورا صادق ۽ امين هئا. ۽ ٻيو ڪو پاڻ سڳورن جي اعليٰ اخلاق جي ڌڌڙ تائين به ڪونه پهتو.
تاريخ ۾ اهو واقعو بدر جي جنگ ۽ احد جي جنگ جي وچ ۾ 14 ربيع الاول 3 هجريءَ جي چانڊوڪي رات جو لکيو ويو آهي.
چانڊوڪي رات ته ڇا، دنيا جي ڪنهن به اونداهي رات ۾ به آقا صلي الله عليھ وسلم جي پُرنور زندگيءَ ۾ اهڙو انڌير ڪڏهن به نه آيو ته پاڻ سڳورا ڪنهن جي موت جي لاءِ ڪوڙ ۽ دوکي جو سهارو وٺن يا اهڙي ڪنهن عمل جي سرپرستي ڪن.
منهنجي سوچيندڙ دوستن کي آقا صلي الله عليھ وسلم جي شخصيت جي سونهن ۽ سُوڀيان، رحمت اللعالمين ۽ سڄي زندگيءَ جي موجود رڪارڊ کي ذهن ۾ رکي ٻيهر غور ڪرڻ جي درخواست آهي. جنهن اصول ”ڪامن سينس“ ۽ قرآن جي آڌارتي جناب بخاريءَ پنهنجي شروع ۾ گڏ ڪيل ڇهه لک حديثن مان رڳو 7397 تي ڀروسو ڪيو. پوءِ انهن مان به ڇنڊڇاڻ ڪري رڳو 2602 حديثن کي صحيح قرار ڏنو، رڳو پنهنجي عقل ۽ سوچ جي بنياد تي، اُنهن تي هاڻ ٿورو غور ۽ ويچار ڪرڻ جي اسان کي موڪل ڏني وڃي.
اهو منهنجي آقا صلي الله عليھ وسلم جي عزت جو سوال آهي.
جيڪو نه ڪوڙو هو، نه وري ڪوڙ ۽ فريب جي سرپرستي ڪري ٿي سگهيو. ڇو ته پاڻ صادق، امين ۽ رحمة للعالمين هئا. اهو ئي قرآن ٿو چوي ۽ قرآن يقينن ڪنهن به محدث ۽ تاريخ نويس کان وڌيڪ سچو آهي.