قريشين جو رستم سيدنا حمزه
هرڻ تي شست ٻڌي تير هڻي اُن جي پويان مڪي جي پهاڙي رستن تي گهوڙي کي ڊوڙائي حمزو زخمي هرڻ وڃي جهليو. ڪُهي اُن کي گهوڙي جي پٺيءَ تي رکيائين. چار پنج شڪار ڪيل پکين جا پير ٻڌي انهن کي پنهنجي لٺ تي لڙڪائي، ڪمان ڪلهي ۾ وجهي، پٺيءَ سان ٻڌل تيرن جي بنڊل کي چيلهه جي پويان ڪيائين، گلي ۾ لڙڪيل تلوار جي نيام کي هٿ هڻي ٺيڪ ڪيائين، پنهنجي سنهري تارن واري چمڪندڙ ڳاڙهين پٽين واري پَڳ کي مور جي سبز سُنهري رنگن سان ڀريل پَرن کي سنئون ڪيائين ۽ تيرن جي چيلهه سان ٻڌل بنڊل کان مٿي نڪتل اٺ پکي جي ويڪرن مُسڪرائيندڙ پَرن کي سنئون ڪيائين ۽ گهوڙي کي هُشڪاري مڪي جي واٽ ورتائين. جيئن جيئن هو مڪي جي ويجهو ٿيندو ويو ته گهوڙي جي رفتار گهٽبي ويئي. ڪعبته الله کان ٻه سئو پري صفا جي ٽڪريءَ جو موڙ مڙندي حمزه جو گهوڙو هوريان هوريان عجيب حسن ڀريل مقام واري چال ۾ قدم کڻڻ لڳو، جو کيس صفا وٽ عبدالله بن جدعان جي گهر وٽان هڪ زائفان جو سڏ ٻڌڻ ۾ آيو.
ابو عمار
ابو عمار حمزي جي ڪُنيت هئي. حمزي پنهنجو نالو ٻڌو ته گهوڙي جو لغام ڇڪيائين. سفيد عربي گهوڙي پنهنجون پويون ٽنگون روڪيون اڳيان ٻيئي سُنب کڻي جابلو پٿرن تي هنيا. چڻگون اُٿي ويون ۽ حمزي ڪنڌ ورائي سڏيندڙ آواز کي ٻُڌو. سڏ ڪندڙ عبدالله بن جدعان جي ٻانهي هئي. هو ڊوڙي حمزي ڏانهن آئي، حمزو اڃا تائين پنهنجي شڪار ڪيل هرڻ ۽ پکين جي فخر ۾ مور جا پَک پَڳ ۾ هڻي ڪنڌ کڻي وڏي فخر سان ڪنهن شهزادي وانگر گهوڙي تي ويٺو هو. هو قريشن جو سڀ کان وڏو سگهارو، جري ۽ بهادر ماڻهو هو. پنجيتاليهن، ڇائيتاليهن سالن جي عمر ۾ به هو ايتري سگهاري جسم جو مالڪ هو، جو جنهن سان هروڀرو ڪو اٽڪڻ جي ڪو سَت نه ساريندو هو.
ٻيو وري بنو هاشم جهڙي معزز ترين ڪُٽنب جو سپوت، هو پنهنجي قبيلي کانسواءِ ٻين قبيلن ۾ به پنهنجي سورهيائي، دليري ۽ صاف گوئيءَ جي ڪري مٿاهون مقام رکندو هو. حمزي گهوڙي تي ويٺي ويٺي گهوڙي جي واڳ زائفان ڏانهن موڙي، گهوڙي هڻڪار ڪئي. سڏيندڙ زائفان پنهنجي گهر جي مٿينءَ ماڙ تان ٻاهريون ڏاڪڻيون لهي ڊوڙندي حمزي وٽ آئي ۽ حمزي جي چمڙي جي سَنجهه واري ڪاٺيءَ کي جهلي چيائين:
ڪا خبر اٿئي ابو عمار؟
ڪهڙي خبر
تون بنو هاشم جو رستم آهين ۽ سڀني قريشن ۾ تنهنجي جوڙ جو ٻيو ڪير به ڪونهي.
ڇا ڳالهه آهي ؟
هن ابوالحڪم (ابوجهل) تنهنجي ڪٽنب کي الائجي ڇا ڇا گهٽ وڌ ڳالهايو؟
ڪڏهن؟
ڇو؟
هو تنهنجو ڀائيٽو آهي نه، الامين صادق ﷺ
سچو، يڪتا ۽ ايماندار.
هائو.
اُن کي هتي هن ئي هنڌ تي ابوالحڪم (ابوجهل) بد شد ڳالهايو، جيڪو ٿي وات ۾ آيس، سو ٿي بَڪيائين. پر تنهنجي ڀائيٽي هڪ لفظ به نه ڪُڇيو، ڪوبه جواب نه ڏنائين، سڀ ڪجهه ٻڌندو ۽ صبر ڪندو رهيو.
ڇا اوهان بنو هاشم جي هاڻ عزت اها وڃي رهي آهي ته جنهن کي جيڪو وڻي سو اوهان جي معزز ڪٽنب جي ڀاتين لاءِ ڳالهائيندو وتي ۽ تون قريشن جو رستم شڪار ڪريو هرڻ ۽ پکي ماريو هٿ تي هٿ رکيو هلندو پيو وتين؟
حمزي جي منهن تي ببر شينهن جو چهرو اچي ويو.
پيرن کان وٺي مٿي تائين جسم ۾ ڄڻ چڻنگون پيدا ٿي ويس. هن زور سان گهوڙي جي واڳ ڇڪي ۽ پيرن کي گهوڙي جي پاسراٽين کي هڻڻ کان پهرين پُڇيو.
هن مهل ابوجهل ڪٿي آهي؟
حرم ڏانهن ويو آهي، اتي ئي ويٺل هوندو.
گهوڙو وِڄ وانگر حرم ڏانهن مُڙيو، رستي ۾ پيل پٿرن مان گهوڙي جي سُنبن سبب چڻنگون نڪرڻ لڳيون، اک ڇنڀ ۾ حمزو ڪعبي جي اڱڻ ۾ هو. ڏٺائين ته ڪعبي جي اڱڻ ۾ خدا جي گهر جي ڇانوَ ۾ حطيم وٽ ابوجهل منڊلي مچائي ويٺو هو. منڊليءَ ۾ ويٺل سڀني قريشن تيزيءَ سان گهوڙي کي حرم ڏانهن حمزي سان گڏ ايندي ڏٺو ته حيرانيءَ مان ڪنڌ ورائي کيس ڏسڻ لڳا. ابوجهل ڪنهن اندروني ڊپ سبب اُٿي کڙو ٿيو، ٻي گهڙيءَ گهوڙي تي سوار حمزو اچي ابوجهل جي مٿان ڪَڙڪيو. هٿ وڌائي چيلھه تان ڪمان لاٿائين ۽ ابوجهل کي للڪاري پاڻ ڏانهن سڏيو. ابو جهل لٿل منهن سان حمزي وٽ آيو ته حمزي کاٻي هٿ سان ڊوڙندڙ گهوڙي جي واڳ ڇڪي. گهوڙي ٻيئي سُنب مٿي کنيا ته حمزي ساڄي هٿ ۾ جهليل ڪمان پوري زور سان ابو جهل جي مٿي تي هنئي.
ابوجهل جو گول پٽڪو لهي وڃي پري ڪريو.
ڪمان جي اُڻي هن جي نرڙ تي لڳي ۽ رت جي ليڪ ٺاهيندي هن جي ڏاڙهيءَ کي رنڱيندي هن جي ڪنڌ تائين آئي.
ابو جهل ڪري پيو.
سيدنا حمزو ٽپ ڏئي گهوڙي تان هيٺ لٿو.
تنهنجي اها مجال جو منهنجي ڀائيٽي الامين کي گاريون ٿو ڏينءَ آءٌ تنهنجي سسي لُڻي ڇڏيندس. سيدنا حمزي ڪمان ڪلهي ۾ وڌي ۽ نيام مان تراڙ ڪڍي ان جي مُٺئي تي هٿ رکيو، ابو جهل جي قبيلي بنو مخزوم جا ويٺل ماڻهن جهٽڪي سان بيهي رهيا ۽ سندس پيرن ۾ ڪريل رتو رت ٿيل ڏاڙهيءَ سان ابوجهل هٿ جي اشاري سان کين روڪيندي چيو.
ابو عمار سچو آهي، غلطي منهنجي هئي. اڄ مون ڪجهه گهڻو ئي بَد شد ڳالهايو هو.
سيدنا حمزي، تلوار هٿ ۾ جهلي ابوجهل جي سامهون سندس ساڄي کاٻي هوا ۾ لهرائي، ڄڻ سندس ڪنڌ ڪپي رهيو هجي، پوءِ تلوار جي نوڪ ۽ پنهنجي اکين جو ماڻڪيون، ابوجهل جي هَڄيل اکين جي سامهون نشاني تي رکي چيو:
اڳتي احتياط ڪج.
هيءَ تنهنجي آخري غلطي آهي .
هاڻ هو نه رڳو منهجو ڀائيٽو آهي.
پر منهنجو آقا ﷺ به آهي.
اڄ کان وٺي آءٌ مٿس لهندڙ پيغام کي مڃيندڙن مان آهيان.
سمجهيئي؟
ابوجهل جي ڏڪندڙ ۽ هَڄيل اکين ۾ هاڻ سندس مَٿي مان وهندڙ رت جي ڦڙن سان گڏ ڄڻ ته سندس ناپاڪ حسد سان ڀريل خوابن جو به خون ٿي ويو. ٿوري دير اڳ جو هو پنهنجي ڪريل پٽڪو سنڀالي اُٿڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو هو.
سو ڪنهن ٻوريءَ جيان وري ڪري پيو.
اُن ڏينهن صفا وٽ ارقم بن ابي ارقم جي گهر وڃي، سيدنا حمزي، آقا ﷺ جي هٿن کي چمي وڏي سڏ پڙهيو.
لااِلٰهَ اِلاَّ اللهُ مُحَمَّدُ رَّسُولُ الله.