مذهب

آقا ﷺ

ابدال بيلا لکي ٿو ”هي ڪتاب هڪ ٻانھي پاران پنھنجي ۽ سڄي ڪائنات جي آقا ﷺ  جي لاءِ تبرڪ جو هڪ هديو آهي.  ٻيو تہ هن ڪتاب ۾ پنھنجي علميت، فوقيت، عظمت، خطابت يا پنھنجي ڪنھن مسلڪ جو حوالو ڪونھي. ڪٿي بہ بحث نہ ڇيڙيو اٿم. بنا سبب جي ڪو واقعو ٻيھر لکي پڙهندڙ کي ٿڪايو نہ اٿم، نہ مونجهاري جو شڪار ڪيو اٿم ، ڪوشش اها ئي ڪئي اٿم تہ پڙهڻ وارو جيڪو پڙهي رهيو آهي ، اهو زماني ترتيب سان، سڀني تفصيلن سان، ان منظر ۾ ايئن وڃي گڏجي، جو هو پاڻ کي ان جو شاهد سمجهي، ڄڻ هو سڀ ڪجهہ ڏسي رهيو هُجي ۽ اهو سڀ مٿس وهي واپري رهيو هُجي.“

  • 4.5/5.0
  • 25
  • 4
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • يوسف سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book آقا ﷺ

آقا ﷺ جي دُعا- سيدنا عمررضه بن خطاب

آقا ﷺ جي دُعا- سيدنا عمررضه بن خطاب

سيدنا حمزي کي ايمان آڻيندي ٽي ڏينهن ئي مس ٿيا هئا، جو مڪي جي قريشن جون ننڊون حرام ٿي ويون، شروع ۾ ته قريشي سردار پنهنجن پنهنجن قبيلن جي مسڪين غلامن کي اسلام آڻڻ جي ڏوھ ۾ ماري رتو رت ڪري ڇڏيندا هئا. پر انهن غلامن جا ڀاڳَ جاڳي پيا. کين سيدنا ابوبڪر پنهنجي ميڙي چونڊيءَ مان خريد ڪري آزاد ڪندو رهيو هو ۽ هو وڃي آقا ﷺ غلام جي غلاميءَ ۾ جيئڻ لڳا.
پوءِ جڏهن قريشي رئيسن پنهنجن پنهنجن قبيلن جي ننڍي وهي جي نوجوانن ۽ معززين کي آقاﷺ جي پيغام تي لبيڪ چوندي ٻُڌو ته مٿن پنهنجن پنهنجن قبيلن جي اندر سختيون شروع ڪري ڏنيون، ڪنهن کي مار ڪٽ ته ڪنهن کي ڌڙڪو داٻ، ته ڪنهن کي وري ڪنهن گهرجي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيائون. سيدنا عثمان بن عفان چوويهن سالن جو سُهڻو جوان هو، ۽ سندس واسطو قريشن جي مغرور ۽ شاهوڪار قبيلي بنو اُميه سان هو. اُن قبيلي جو سيدنا عثمان جو چاچو عاحد بن سعيد، جيڪو آقاﷺ جو پاڙيسري به هو. سيدنا عثمان کي کجين جي ڦڙن جي تنئوريءَ ۾ ويڙهي اُن کي دُنھه سان ڀري ڇڏيندو هو ۽ چوندو هئس ”پنهنجي ايمان تي موٽي اچ! مَڃ ته الله کانسواءِ ٻيا خدا به آهن.“ هو گُھٽجندڙ ساهن سان نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي چوندو هو: ’الله کانسواءِ ڪوبه ٻيو خدا نه آهي.‘
ڪنهن هڪ قبيلي جي فرد کي ڪو قبيلي جو فرد هٿ ته لڳائي نه سگهندو هو، پر جڏهن تنگ ڪندڙن جا پنهنجن قبيلي سان گڏ ٻين قبيلن سان ميل جول ٿيندو هو ته سڀني جون زبانون هلڻ لڳنديون هيون. قريشن جي ماڻهن کي هڪ ڏک هي به هو سندن گهرن جا مسلمان ٿيل اڪثر نوجوان ۽ آزاد ٿيل غلام آقا ﷺ جي حڪم سان سندن سختين کان بچڻ لاءِ حبش هجرت ڪري ويا هئا.
هو سڀ لڪي لڪي هليا ويا هئا.
پهريون ڀيرو ٻارهن مردن سان گڏ پنج عورتون به ويون هيون. اها رجب 5 نبوي جي ڳالهه آهي. هو سڀ پنڌ ويا هئا. ڪن وٽ اُٺ هئا. انهن ڏينهن مڪي جي ويجهو شعيبه بندرگاھ هو. انهن مهاجرن جو پهريون قافلو جڏهن بندرگاھ پهتو ته ٻه واپاري جهاز حبشه وڃڻ جي لاءِ تيار هئا. انهن جهازن پنجن پنجن درهمن جيترو معمولي معاوضو وٺي کين کنيو ۽ هو خيريت سان حبشه پهچي ويا. آقا ﷺ پاڻ ئي کين وڃڻ جي لاءِ چيو هو. کين چيو هئائين ته ”اوهين الله جي زمين تي ڪٿي به هليا وڃو، يقنن الله اوهان سڀني کي جلد ئي گڏ ڪندو“.
ماڻهن آقا کان پُڇيو: ڪيڏانهن وڃون سرڪار؟
آقا ﷺ حڪم ڏنو ته ”حبشه هليا وڃو. اها امن جي سرزمين آهي، اُتي جو حڪمران نجاشي نه ڪنهن تي ظلم ڪندو آهي ۽ نه ڪرڻ ڏيندو آهي.“
هو هليا ويا.
مڪي جي قريشن کي خبر پئي ته هو ڇِتا ٿي پيا.
اڪثر قريشن جي معزز گهراڻن جا ڀاتي انهن ويندڙن ۾ شامل هئا. سڀئي ڪاوڙ ۾ دڙڻ، داڦڻ ۽ وهلورجڻ لڳا. ابو جهل نفرت ڀريل ٻِر ٻِر ڪندڙ اکين سان هر ڪنهن کي ڪاوڙ مان ڏسندو وتيو.
ابوسفيان بن حرب، آقا ﷺ دشمنن سبب صفا آپي مان ٻاهر نڪرڻ لڳو هو. سندس ڌي اُم حبيبه پنهنجي گهر واري سان گڏ حبشه هجرت ڪندڙن ۾ شامل هئي. سيدنا عثمان بن عفان، سندس گهرواري آقا ﷺ جي نياڻي سيده رقيه کانسواءِ ويندڙن ۾ عثمان بن مصعب، زبير بن عوام، عبدالرحمان بن عوف، مظعون بن عمير، ابو حذيفه بن عتبه بن ربيعه، ابو سلمه مخزومي، سهيل بن بيضا ۽ ٻين ڪيترن سان گڏ عبدالله بن مسعود به هو.
قريشن جي گهر گهر ۾ ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر پکڙجي ويئي.
اُن صورتحال ۾ مڪي جي چيڙاڪ ۽ ڪاوڙيل ماڻهن مان سڀني کان وڌيڪ ڪاوڙ ڪندڙ شخص عمر بن خطاب، ڪاوڙ ۾ پنهنجا هوش وڃائي ويٺو. ستاويهن سالن جي وهيءَ واري سوا ڇھه فٽ قد آور نوجوان جي دل ۾ جيڪڏهن ڪو خيال ايندو هو ته پوءِ اهو سندس دل مان ڪير به ڪڍي نه سگهندو هو. روايت آهي ته پهريون ڀيرو سندس دل ۽ دماغ ۾ ڪجهه قرآني آيتن جي ٻڌڻ سان هلچل مچي هئي. ڪيترا ڀيرا هو لڪي لڪي آقا ﷺ کي نماز ۾ قرآن جي تلاوت ڪندي به ٻڌندو رهيو هو. پر اڃا شايد سندس دل جون دريون ۽ دروازا کلڻ جو انتظار هو. روايت آهي ته آقاﷺ اُن ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ خدا جي حضور دعا گهري هئي ته ’اي الله! اسلام کي عمرو بن هشام (ابوجهل) يا عمر بن خطاب جي هٿان سگهه ڏيار.‘
اهو آقا ﷺ جي دعا جي قبوليت جو ڏينهن مقرر ٿيو هو.
ڏسڻ ۾ مڪي جي گهٽين ۾ اُبتو منظر هو.
ماڻهن هُڄي ڏٺو ته عمر بن خطاب گهران ڳچيءَ ۾ تلوار نيام ۾ وجهي نڪتو. گهٽيءَ ۾ اچي تلوار نيام مان ٻاهر ڪڍي هٿ ۾ جهلي تکو تکو ارقم بن ابي ارقم جي صفا وٽ گهر ڏانهن وڃڻ لڳو. جتي آقا ﷺ ڏينهن جو مسلمانن سان گڏ ترسندا هئا. ارقم جو لاڳاپو ڇاڪاڻ ته آقا جي دشمن ابوجهل جي قبيلي بنو مخزوم سان هو، تنهنڪري گمان اهوئي هو ته اُن گهر ۾ مسلمانن سان ڪوبه ڪنهن به قسم جي شرارت نه ڪندو. پر عمر بن خطاب، جنهن جو واسطو جيتوڻيڪ بنو عدي سان هو، پر هو ابوجهل جو ڀائيٽو هو، هٿ ۾ تلوار کڻي اوڏانهن روانو ٿي ويو.
رستي ۾ عمر بن خطاب جو دوست نعيم ملي ويو.
نعيم لڪ ڇپ ۾ اسلام آڻي چڪو هو، پر هن ماڻهن جي اڳيان اڃا اهو ظاهر نه ڪيو هو. عمر بن خطاب کي ايئن ڪاوڙ ۾ وات مان گڦ ڳاڙيندي، اکيون ڳاڙهيون ڪندي هٿ ۾ اگهاڙي تراڙ کڻي تڪڙو تڪڙو ويندي ڏٺو ته وڌي وٽس آيو ۽ پُڇيائينس، عمر ڪيڏانهن پيو وڃين؟
عمر بن خطاب جو ڪاوڙ سبب ساھ تيز تيز ٿي رهيو هو ۽ وراڻيائين: اڄ آءٌ مڪي ۾ فساد جو قصو ئي پاڪ ڪرڻ پيو وڃان.
نعيم پڇيس: اهو وري ڪيئن؟
عمر بن خطاب چيو (نعوذ بالله) آءٌ محمدﷺ بن عبدالله کي قتل ڪرڻ پيو وڃان.
نعيم عمر جي ٻانهن مان جهلي
۽ چيو:
هوش ڪر
قبيلن کي ويڙهائڻ ٿو گهرين ڇا؟
تنهنجو ڇا خيال آهي ته بنو هاشم توکي ۽ تنهنجي قبيلي کي معاف ڪري ڇڏيندو؟
عمر بن خطاب وراڻيو: جيڪو ٿيندو، پوءِ ڏٺو ويندو. في الحال ته اهو ڏچو هڪ پاسي ڪري وٺان.
نعيم جڏهن ڏٺو ته عمر عقل ۽ سمجهه کان ڪو مٿانهون قدم نه کڻي ته چوڻ لڳو
ٻين تان ڏچا لاهڻ جي بدران پهرين پنهنجي گهر تان ته ڏچو لاھ .
منهنجي گهر ۾ وري ڇا ٿيو؟ عمر ڇرڪيو.
حيرت آهي ته توکي خبر ئي ڪونهي ته تنهنجي ڀيڻ فاطمه ۽ تنهنجو ڀيڻويو سعيد ٻيئي مسلمان ٿي چڪا آهن ۽ تون پنهنجي گهر کي ٺيڪ ڪرڻ جي بدران ٻين جي گهر وڃي حملي ڪرڻ جو سوچي رهيو آهن. نعيم جي اها ڳالهه ٻڌي عمر بن خطاب ڪاوڙ مان شينهن وانگر اکيون ڦاڙي نعيم کي ڏٺو.
ڇا پيو چوين؟
تون پاڻ وڃي اکين سان ڏس.
عمر بن خطاب، نعيم کي ڪلهن کان جهلي لوڏيو ۽ دارارقم وڃڻ جي بدران پنهنجي ڀيڻ فاطمه بنت خطاب جي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. سندس قدم تيز ٿي ويا. ڪجهه ئي گهڙين ۾ عمر بن خطاب پنهنجي ڀيڻ فاطمه جي گهر جي چائنٺ تي هو. دروازي وٽ پهچي تراڙ جي دستي مان زور زور سان کڙڪائڻ لڳو ته کيس گهر جي اندران قرآن پاڪ جي ڪا سورة پڙهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. کيس قرآن جي لفظن جي سُڃاڻپ هئي، جيڪي ٻڌي کيس پهرين به ڪيترائي ڀيرا خيال آيو هئس ته اهو انساني ڪلام ڪونهي، پر ڪي آسماني لفظ آهن، پر هر ڀيري سندس دل ۽ دماغ تي ڪاوڙ جو راڄ رهيو. اُن ڏينهن ته سندس ڪاوڙ پنهنجي انتها تي هئي. هن اهو به محسوس ڪيو ته قرآن پڙهڻ وارو آواز سندس ڀيڻ يا ڀيڻويي جو ڪونهي، پر ڪنهن ٻي جو آهي، سندس ڪن ڪاوڙ سبب وڄڻ لڳا.
هن تلوار جي دستي بدران هاڻ تلوار جي نوڪ سان دروازو کڙڪايو.
۽ گڏو گڏ ڪڙڪو ڪندي چيو ؛
دروازو کوليو.
آءٌ عمر بن خطاب آهيان. سندس آواز ۾ سخت ڪاوڙ ۽ نفرت جي شدت هئي. عمر بن خطاب جو آواز ڪڙڪيدار ۽ وڏو هوندو هو ۽ هزار والن جي فاصلي تي ٻُڌبو هو. عمر محسوس ڪيو ته گهر ۾ ڄڻ هلچل مچي ويئي. ٿوري ڀڄ ڊوڙ به ٿي. ٿوري دير کان پوءِ عمر بن خطاب جي ڀيڻويي سعيد هڄيل چهري سان دروازو کوليو. قرآن ٻڌائيندڙ سعيد جو ڪٽنبي دوست حباب بن الارت هو. هو مڪي جو غريب لوهار هو ۽ عمر جو ڪاوڙ ۾ ڀريل آواز ٻڌي ڪنهن کٽ جي هيٺان لڪي ويو. جنهن چمڙي تي قرآن پاڪ جي سورة طهٰ لکيل هئي، اها عمر بن خطاب جي ڀيڻ فاطمه پنهنجي گوڏي هيٺان لڪائي ڇڏي، عمر گهر ۾ گهڙندي ئي وٺي هُل ڪيو:
ڇا پڙهي رهيا هئا؟
سَنئين نموني ٻڌايو سڄي ڳالهه.
ڪهڙي ڳالهه؟
عمر ڪاوڙ ۾ اچي سعيد کي گلي مان جهليو ۽ چيائين: مونکي خبر پئي آهي ته اوهين بي دين ٿي ويا آهيو. پنهنجي اباڻي دين کي ڇڏي لادينيت اختيار ڪئي اٿوَ- ٻڌايو اهو سچ آهي نه؟
تون اسان کي بي دين ڪيئن پيو چوين- سعيد وراڻيو، جنهن جي گلي ۾ عمر جو هٿ هو. عمر، سعيد کي جهنجهوڙي سندس ڪنڌ تي مُڪ هنئي- سعيد عمر جي مُڪ کائي هڪ پاسي ڪريو ته عمر بن خطاب جي ڀيڻ فاطمه ڪاوڙ مان کٽ تان اٿي ۽ عمر ۽ سعيد جي وچ ۾ اچي سعيد کي بچائڻ لڳي. عمر پنهنجو هٿ کڻي چڪو هو، جيڪو سعيد جي بدران وڃي فاطمه بنت خطاب جي چهري تي لڳو. ڌڪ لڳڻ سان ئي نڪ مان رت ٺينديون ڪري وَهڻ لڳس. فاطمه پنهنجي رت هاڻي چهري تي هٿ ڦيريو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي عمر بن خطاب کي چيو:
عمر! تون جنهن پيءُ جو پٽ آهين. آءٌ به ان جي ڌيءُ آهيان.
پر اسانجي پيءُ ڀيڻن ۽ عورتن تي هٿ کڻڻ جو سبق نه ڏنو آهي. توکي شرم اچڻ گهرجي. هائو، آءٌ هڪ خدا تي ايمان آڻي چڪي آهيان. ڀَلي تون مونکي ماري ڇڏ، پر پنهنجي ايمان تان هٿ نه کڻنديس- سمجهيئي!
عمر به ڀيڻ جي ڳالهه ۽ سندس چهري تي رت ڏسي ڦِڪو ٿيڻ لڳو.
آواز ڌيمو ٿي ويس.
ٿوري دير چُپ ڪريو بيٺو رهيو. پوءِ ڊگها ساھ کڻندي کٽ جي هڪ ڪُنڊ تي ٿي ويٺو. تلوار سندس هٿ مان نڪري مياڻ ۾ پئجي ويئي ۽ هو ٿوري دير کٽ تي چُپ ڪريو ويٺو سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيائين:
اوهان ڇا پي پڙهيو؟
سڀ خاموش!
ڪنهن ڪابه ورندي نه ڏني.
عمر پاڻ ئي چيو: اهو ته عظيم الشان ڪلام پيو محسوس ٿئي.
مونکي ڏيکاريو. آءٌ به ته پڙهان.
عمر بن خطاب پڙهيل لکيل شخص هو، ڪلام جي حُسناڪيءَ کان به واقف هو ۽ ڪلام جي حسن ۽ بيان جي رخ کي سُڃاڻندو هو. عمر بن خطاب جي بدليل حالت ڏسي سندس ڀيڻ ۽ ڀيڻويي پنهنجون اکيون مٿي کنيون، سندن اکين ۾ هڪ جُوت آئي ۽ سندن ڏکويل ۽ پريشان چهرن تي اڻ لکي خوشي نکرڻ لڳي. سندس ڀيڻ فاَطمه بنت خطاب قرآن پاڪ جي سورت طھ کڻي عمر بن خطاب کي ڏني.
چيائين:
هي پاڪ ڪلام آهي. جيڪو دلين کي ڇُهي ٿو، لڳي ٿو ته تنهنجي مَن تان ڪاراٺ لهي رهي آهي. هي پڙھ! تنهنجي اندر ۾ روشني ٿي ويندي. هي ڪلام ناپاڪ ارادن کان پاڪ ڪري ٿو. سيدنا عمر قرآن پڙهڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هو قرآن جون آسماني آيتون پڙهندو ويو، تيئن سندس بدن رڦڻ لڳو. قرآن جو هڪ هڪ لفظ سندس روح ۾ جذب ٿيڻ لڳو. زبان جي فصاحت، بيان جي ندرت، معنويت جي بلندي، جامعيت ۽ آسماني انداز تخاطب، سنئون سڌو روح ۾ لهي رهيو هو. پاڻ جڏهن هن آيت تي پهتو:
’آءٌ ئي معبود برحق آهيان.
مون کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي.
تنهن ڪري منهنجي عبادت ڪندا وڃو.
۽ منهنجي ياد جي لاءِ نماز قائم ڪريو.‘
ته سيدنا عمررضه جي اکين مان لڙڪ ڳڙڻ لڳا. بي اختيار سندس زبان مان نڪتو : ڪيڏو نه پاڪيزه ڪلام آهي. بيشڪ اهوئي واحد يڪتا عبادت جي لائق آهي ۽ ٻيو ڪوبه نه.
سيدنا عمر جي زبان مان اهي لفظ نڪتا ته ڀيڻس فاطمه بنت خطاب پنهنجو رت هاڻون چهرو مٿي کنيو، ۽ گلاب جيان ٽڙي پنهنجي ڀاءُ سان محبت ۾ ڀاڪرين پئجي ويئي. سيدنا عمر جو ڀيڻويو به محبت ۽ احترام ۾ روئندو اچي سيدنا عمر کي ڀاڪرين پيو، کٽ جي هيٺان لڪيل سيدنا خباب بن الارت به مرڪندي نڪري آيو. سڀ خوشيءَ ۾ ٻڙڪندڙ کير وانگر اُڇلجي رهيا هئا. سندن نس نس الله اڪبر جا نعرا هڻي هئي.
خباب بن الارت چيو: عمر توکي بشارت هُجي.
مُبارڪ هجي.
آقا ﷺ جي تنهنجي حق ۾ دعا قبول ٿي ويئي.
سيدنا عمر جيڪو ڪجهه گهڙين اڳ جهڙي نموني هڪ ناڪاري ارادي جي انتها تي هو، اُن گهڙيءَ جي خوشنصيبي ڏسو ته هو پاڪيزگي ۽ پاڻ ارپڻ جي انتها تي اچي ويو: چيائين مونکي هينئر ئي آقاﷺ جي خدمت ۾ وٺي هلو.
هيڏانهن نعيم ڊوڙندو داراقم ۾ آقاﷺ وٽ پهتو ۽ خبر ڏنائين ته عمر بن خطاب خراب ارادي سان تلوار کڻي هيڏانهن اچڻ جي لاءِ نڪتو هو، مون وقتي طور تي کيس پنهنجي ڀيڻ طرف موڪليو آهي. ڪٿي ٻيهر نه هيڏانهن هليو اچي.
ايئن ئي ٿيو.
ٿوري دير کانپوءِ داراقم جو دروازو کڙڪيو.
هن ڀيري دروازي تي کڙڪو جهڪيل ڪنڌ وانگر هو.
گهر جي اندر موجود ماڻهن دروازي جي جَهروڪن مان ڏٺو ته عمر گلي ۾ تلوار لڙڪائي بيٺو هو، ته سمجهائون ته شايد عمر ساڳئي خراب ارادي سان آيو آهي. پر هوڏانهن ڪايا پلٽجي چڪي هئي. ڪجهه گهڙيون اڳ جيڪو ڏيئو وسائڻ لاءِ مينهن واھ بنجي نڪتو هو، اِهو هاڻ اُن ئي چراغ جو پروانو بنجي جهڪيو بيٺو هو.
گهر جي اندر مسلمانن پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو.
ڇا ڪجي؟
انهن مسلمانن ۾ رستم قريش سيدنا حمزهرضه به هو، جنهن چيو: عمر جيڪڏهن چڱي ارادي سان آيو آهي ته ٺيڪ، نه ته هن ئي تلوار سان ٻه ٽڪر ڪندو سانس.
وڃو، دروازو کوليو.
دروازو کلي ٿو.
چائنٺ تي عمر بن خطاب ڪنڌ جهڪائي، نور جي شمع تي سَڙي مرندڙ پتنگن جيان نوڙت سان بيٺو هو. ههڙي سگهاري قد بُت واري همراھ کي پنهنجو پاڻ کي ايئن نوڙت سان ديوانگيءَ جي حالت ۾ آقا ﷺ جي اڳيان پاڻ کي پيش ڪرڻ جو طريقو اڃا سکڻون هو.
سيکارڻو به ته آقا ﷺ کي ئي هو.
ٻن همراھن عمر کي ڪلهن مان جهلي آقا ﷺ جي سامهون آڻي بيهاريو.
آقاﷺ فرمايو: هن کي ڇڏي ڏيو.
شمع پنهنجي پرواني جي اُڏار ڏسي چڪي هئي.
دنياوي اقرار جي لاءِ وات کولرائڻو هو.
آقاﷺ عمر جو ڪڙتو جهلي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ۽ فرمايو:
خطاب جا پُٽ اسلام قبول ڪر.
سيدنا عمر بن خطاب جي جسم جي رونءَ رونءَ کان آواز اچڻ لڳو،
اشهد ان لاالھ الله اشهد ان محمد رسول الله
آءٌ شاهدي ڏيان ٿو ته ڪو ٻيو معبود ڪونهي سواءِ الله جي ۽ اوهين محمدﷺ الله جا رسول آهيو.
چون ٿا: سيدنا عمر بن خطاب جي زبان مان اهي لفظ ٻڌي آقا ﷺ جذبات ۾ اچي زور سان نعرو هنيو.
الله اڪبر!
پوءِ هر مسلمان الله اڪبر جو نعرو هنيو.
صفا وٽ دارارقم ۾ هنيل اِهي الله اڪبر جا نعرا ايترا ته بلند، باوقار ۽ اوچا هئا، جو ٻه سئو وال پَرتي خدا جي گهر ۾ بُتن جون ٽنگون ڪنبڻ لڳيون ۽ انهن بتن جي چوڌاري ويٺل قريشي بدخواهن جي هٿن جو سَت ڇڏائجي ويو.
ان ڏينهن سيدنا عمر، آقا ﷺ کي التجا ڪئي ته آقا ﷺ جڏهن اسين حق ۽ سچ تي آهيون ته پوءِ ڪنهن کان ڇو گهٻرايون. اڄ شام جو اسين نماز گڏجي حرم ڪعبه ۽ پڙهنداسين- چون ٿا ته ان وقت تائين اوڻيتاليهه ڄڻا مسلمان ٿي چڪا هئا ۽ حضرت عمر چاليهون مسلمان هو. مسلمانن جون ٻه قطارون ٺاهيون ويون. هڪڙي قطار جي اڳيان رستم قريش سيدنا امير حمزهرضه هو. ٻي قطار جي اڳيان سيدنا عمر بن خطاب. وچ ۾ آقا ﷺ شمع رسالت. پروانن جي ڪعبي جي اڱڻ ۾ پڙهيل اها پهرين نماز هئي، سيدنا عمر بن خطاب جي جبل جيڏي شخصيت ۾ ايترو اجالو ٿي ويو هو، ايترو انقلاب اچي چڪو هو، جو هن جي دل ۾ آيو ته اها خبر ترت مڪي جي ٻَچي ٻَچي کي پئجي وڃي. ڪنهن سان صلاح ڪيائين. هڪ همراھ صلاح ڏنيس ته جميل بن معمر جمعي جي پيٽ ۾ ڪا ڳالهه اصل نه ٽِڪندي آهي ۽ هو ڀير تي ڏونڪو هڻي سڄي ملڪ کي کڻي ٻڌائيندو آهي. سيدنا عمر وٽس ويو ۽ کيس چيائين جميل توکي خبر آهي ته ڇا ٿيو آهي؟
هن حيران ٿي اکيون ڦاڙي چيو: ڇا؟
سيدنا عمر چيو: آءٌ محمد ﷺ جي دين تي ايمان آڻي چڪو آهيان. جميل جو رڳو ايترو ٻڌڻ ۽ پوءِ پنهنجي چادر ڇڪي وٺي ڪعبي ڏانهن ڀڳو. سيدنا عمر سندس پويان پويان، هو چوندو ويو.
ماڻهو!
ٻُڌو! عمر بن خطاب بي دين ٿي ويو آهي.
سيدنا، سندس پويان مرڪندو، چوندو ويو، ڪوڙو آهي، آءٌ بي دين نه ٿيو آهيان، پر دين کي مڃڻ وارو بنجي ويو آهيان. مسلمان ٿي ويو آهيان.
جميل ماڻهن کي ڀڙڪائي ڇڏيو.
حرم جي ڀرپاسي ويٺل قريشي اُٿي سيدنا عمر طرف ڊوڙيا. جن زبان سان گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو، ڪن وري اڳتي وڌي سيدنا عمر کي ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سيدنا عمر کين ڌڪيندو اڳتي وڌندو رهيو. ايتري ۾ هڪ ريشمي قبا پاتل ڪراڙو آيو ۽ چيائين:
ڇا تي گوڙ ڪيو اٿوَ... پَري ٿيو.
هُنن چيو: عمر بي دين ٿي ويو آهي.
هو چوڻ لڳو: اُن ۾ اوهان جو ڇا وڃي. هُن کي پنهنجي لاءِ جيڪو سُٺو لڳو، سو پسند ڪيائين، باقي اوهين عمر تي هٿ ڇو ٿا کڻو؟ ڇا اوهين اهو وساري ٿا ڇڏيو ته عمر جي قوم بنو عدي اوهان کي ڇڏي ڏيندي.
اهو ڪراڙو عاق بن وائل هو. هُن جي ڳالهه ٻڌي سڀ پٺتي هٽيا ۽ ڪڪرن وانگر ڇڙ وڇڙ ٿي ويا.
پوءِ سيدنا عمررضه کي خيال آيو ته اها خبر ٻُڌي جنهن کي سڀني کان وڌيڪ تڪليف ٿيڻي آهي، اُن کي ته ٻڌايان. کيس فيصلو ڪرڻ ۾ ويرم ئي نه لڳي. هڪدم وڃي پنهنجي مامي ابوجهل جو دروازو کڙڪايائين. اندران ابوجهل ڊوڙندو ٻاهر نڪتو ۽ چَهڪي چيائين: ڀاڻيجا! ڪا سٺي خبر آندي اٿئي. شايد سندس ڪنن ۾ اها ڀُڻڪ پئجي ويئي هئي ته ان ڏينهن عمر بن خطاب ڪهڙي خراب ارادي سان گهران نڪتو هو. ابو جهل جي چهري تي ڪنهن وڏي خوشخبري ٻڌڻ جي آس هئي. چيائين: ها ٻڌائي-
سيدنا عمر چيو:
ماما! توکي اهو ٻڌائڻ آيو آهيان ته اڳتي منهنجي آقا ﷺ کي تنگ متان ڪرينءَ، مون به محمد ﷺ جي دين تي ايمان آندو آهي، کيس پنهنجو آقا ﷺ مڃي چڪو آهيان.
ابوجهل جو ٻُوٿ ڦِٽي ويو.
ايئن لڳو ڄڻ سندس روح ۾ ڌماڪو ٿي ويو هُجي.
هو اندران فنا ٿي ويو.
مُنهن جو رنگ ڪارو ٿي ويس.
وات مان بدشد ڳالهائيندو، اُبتن پيرن پنهنجي گهرجي اندر ڀڳو ۽ زور سان دروازو بند ڪري ڇڏيائين.ٺڙاڪ...