ڪعبي جا متولي
سيدنا اسماعيلعه جا ساهرا ’بڪه ماٿريءَ‘ ۾ ان ڪري ٽڪيا هئا ته ان ويران، بنجر ۽ چهنبدار پٿرن جي پهاڙيءَ جي وچو وچ کين واٽ ويندي مِٺي پاڻيءَ جو چشمو آب زم زم نظر اچي ويو هو. سيدنا اسماعيلعه جي امڙ سائنڻ هاجران به لنگهندڙ قافلي کي ان پاڻيءَ کان فيضياب ٿيڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏي.
هو ترسي پيا.
هنن پنهنجون جهوپڙيون اڏيون. يمن جا اُهي ماڻهو ’جرهم‘ قبيلي سان واسطو رکندا هئا، ان ماٿريءَ ۾ سائنڻ هاجران دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، اُن وقت سندس پٽڙو سيدنا اسماعيل ٽيويهن سالن جو هو، ڏھ سال ٻيا به گذري ويا ته سيدنا ابراهيم وري آيو. خدا پنهنجو گهر ٻنهي پيءُ پٽن کان ٺهرايو.
هنن ماڻهن کي خدا جي هن سڳوري هنڌ ڏانهن سڏيو، چيو: اچو هن جو حج ڪريو، طواف ڪريو، عمرو ڪريو.
هو پاڻ به پنهنجي اولاد سان گڏ ايندڙن جي مهمان نوازي ڪندو ۽ خدا جي گهر کي صاف ۽ سٿرو رکندو هو.
پري پري کان ايندڙ نٻل ۽ ٿڪل اُٺڻين تي اُن گهر جي عبادت لاءِ ايندڙن کي کارائڻ، پيارڻ، سندن مهمان نوازي ڪرڻ سيدنا اسماعيل جي ئي ذميداري هئي، ڀرسان ئي ماٿريءَ ۾ رهندڙ ’بنو جرهم‘ قبيلي جي سردار مضامن بن عمرو جرهميءَ جي نيڪ صورت ۽ سيرت نياڻي ’رعله‘ سان سيدنا اسماعيلعه ٻي شادي ڪئي هئي، ان گهر واريءَ مان کيس ٻارنهن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، اهو جيڪو ڪالهه بي سرو سامان نٻل ۽ کُڙيون رڳڙيندي ٿڃ پياڪ ٻار جي صورت ۾ بڪه ماٿريءَ ۾ آندو ويو هو، هاڻ هڪ سگهاري قبيلي جو سربراهه هو، وڏو پٽ ’نابت‘ هئس، ٻيو ’قيدار‘ ڪي وري کيس قيدر به سڏيندا آهن.
قيدار بن اسماعيل مان آقا ﷺ جي نسب جو سلسلو هليو.
ٽيون پٽ ’اذيل‘ چوٿون ’منشا‘ پنجون ’سمع‘، ڇهون ’هاشمي‘، ستون ’ونا‘، اٺون ’اذر‘، نائون ’ظيما‘، ڏهون ’نطورا‘، يارهون ’نيش‘ ۽ ٻارهون ’قيذما‘.
نياڻي هڪ ئي هئي ’نسمه‘. اهو شايد سيدنا ابراهيم جو حڪم هو يا ٻنهي ڀائرن اسماعيل ۽ اسحاق جي خواهش ته سيدنا اسماعيل جي اُن نياڻيءَ کي پرڻائڻ جي لاءِ سيدنا اسحاق فلسطين مان پنهنجي پٽ مئصو کي هن ماٿريءَ ۾ وٺي آيو. نسمه ۽ عيصو جي شادي ٿي ويئي، عيصو، نسمه کي وٺي پنهنجي گهراڻي وٽ فلسطين هليو ويو، اُن جوڙي جي اولاد مان فلسطين ۾ ’روم‘، ’فارس‘ ۽ ’اشبان‘ نالي ٻارڙا پيدا ٿيا.
ٻارڙا ته اسماعيل جي اولاد مان به گهڻا ٿيا، ٿورن ئي سالن ۾ بڪه ماٿريءَ ۾ سيدنا اسماعيل جو اولاد پکڙجي ويو، گهڻو ڪري انهن سڀني پٽن جون شاديون سيدنا اسماعيل وٽ ترسيل سندس ساهراڻي قبيلي بنو جرهم جي ڇوڪرين سان ئي ٿيون . بنو جرهم عربستان جي ڏاکڻي ۽ سرسبز خوشحال علائقي يمن مان ’سيل عرم‘ جي ڦٽڻ کانپوءِ عربستان ۾ هتِ هُت پيا هلندا وتندا هئا، بنو جرهم کي مڪو وڻي ويو، خدا جو گهر هِتي هو، پري پري کان ماڻهو هن گهر جي زيارت لاءِ اُٺن تي چڙهي ايندا هئا، ٻيو ته هِن هنڌان ڪيترائي رستا نڪرندا هئا، واپاري سفر جي به اها ئي راهه هئي، هوريان هوريان يمن مان آيل بنو جرهم جي آبادي اسماعيل جي اولاد کان وڌي ويئي، اسماعيل جي اولاد سان مِٽي مائٽيءَ جي ڪري هو به کين پنهنجو ئي قبيلو سمجهڻ لڳا. بني جرهم جا سڀئي ماما بنو اسماعيل کي ناٺي سمجهڻ لڳا. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڪعبي جي سار سنڀال به بنو جرهم سنڀالي ورتي هئي، هاڻ هو جنهن کي گهرندا هئا ڪعبي جي زيارت ڪرڻ ڏيندا هئا، ايندڙن تي محصول لڳائيندا ۽ اوڳاڙيندا هئا، سندن ڌنڌو وڌيو ته پئسي پنجڙ جي به ريل ڇيل ٿيڻ لڳي، اٺن ٻڪرين جا ڌڻ وڏا ٿي ويا. تنهن کان سواءِ ايندڙ ويندڙ واپاري مال تي به هو ڌار چُنگي اوڳاڙڻ لڳا.
اُنهن ماڻهن جي حيثيت بدلجي ويئي،
ڪنڌ تاڻجي وَين.
سينا موڪرا ٿي وَين
پيٽ ڳرا ٿي وَين.
اهڙي ڪيفيت ۾ شايد ئي ڪو سوچيندو آهي ته جيڪڏهن هيءَ نعمت ملي آهي ته ڪيئن ملي..
اُلٽو جنهن طرف کان اهو بندوبست ٿيندو آهي، اهو سڄو احساس اُن ڪري ٿيو آهي، انسان پنهنجي فطرتي احساس فراموشيءَ جي ڪري اُن مهربان کان پري هٽندو ويندو آهي، پهرين اسماعيل جي اولاد کان پري ٿيا ۽ هنن جي جوڙيل سڳوري گهر جا وڏيرا بنجي ويا. ڪعبو اُتي ضرور هو، پر اهو انهن ماڻهن جي لاءِ پئسا ڪمائڻ جو دڪان بنجي ويو، ڪعبي جي چوڌاري هنن پنهنجا گهر گهاٽ کڻي اڏيا. ڪعبي کان چاليهه وکون اڳيان زم زم جو کوهه هو. اُتي ان قبيلي جي هڪ مرد اساف بن ليليٰ جرهميءَ ۽ ماٿريءَ کان ٻاهران آيل ڪنهن عورت نائله بنت وائل، زم زم جي ڪناري پاڻي پيئندي بڇڙو ڪم ڪيو. چون ٿا ته ان گناهه جي ڏوهه ۾ نائله ۽ اساف ٻنهي جا جسم پٿر جا بنجي ويا. هئڻ ته ايئن گهرجي ها ته ماڻهو انهن پٿرن جي بُتن تي وڃي کَڙيون هڻن ها، رَمي ڪن ها. پر ڳالهه اُبتي ٿي. جرهمين انهن کي ٺاهي ۽ سينگاري مٿن ورکا ڪرڻ شروع ڪئي.
ڄڻ هنن ڪو وڏ ڪم ڪيو هجي.. ڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو هُجين.
ڪنهن ميوات ٿي آندي، ڪنهن پنهنجو ڪو جانور آڻي انهن ٻنهي پٿرن جي وچ ۾ ڪُٺو ٿي، ٻاهران ايندڙ زيارتين جي لاءِ به اهو هڪ سٺو تماشو هو. هو به اهو ئي ڪرڻ لڳا. جيڪو اُتي ڪيو ويندو هو. اُلٽو انهن ٻنهي بدڪردار پٿرن جي وڌيڪ عزت افزائي جي لاءَ هنن نائله کي حرم جي اندرئين خانه خدا کان سئو کن والن جي مفاصلي تي صفا پهاڙيءَ تي وڃي رکيو. ته جيئن اهو پري کان نظر اچي. اساف کي کڻي هنن صفا کان چار سئو والن جي مفاصلي تي مروه جي چوٽيءَ تي سجايو ۽ انهن ٻنهي جي پُوڄا ٿيڻ لڳي، اهو سلسلو سالن تائين جاري رهيو.
بنو خزاعه وارا به ’سيل عرم‘ جي حادثي جي ڪري ئي يمن مان لڏي اچي هتي ويٺا هئا، مڪي جي ماٿري جي اندر ته ’بنو جرهم‘ ۽ اهل اسماعيلعه هئا. تنهن ڪري ’بنو خزاعه‘ مڪي جي پهاڙين جي ڀڪ ۾ مراظهران ۾ اچي ترسيا. پرڀرو ٿي ويهڻ سان مٿن خزاعه نالو پئجي ويو، نه ته هو به يمن جا بنو قضاعه وارا هئا.
انومان اهو آهي ته ’بنو جرهم‘ کي زيارتين کان محصول اوڳاڙيندو ڏسي ’مراظهران‘ وٽان ايندڙ زيارتين کان ’بنو خراعه‘ وارن به محصول اوڳاڙڻ شروع ڪري ڏنو. هڪ ته زيارتين تي وڌيڪ وزن پيو ۽ ٻيو بنو جرهم وارا به اچي ڪاوڙيا.
ته اوهين ڪير آهيو.
ڀڄو
جند ڇڏيو
زباني ڪلامي کانپوءِ هٿين پئجي ويا.
پوءِ باقاعده جنگ شروع ٿي ويئي،
بنو جرهم وارا تعداد ۾ ٿورا هئا، ۽ بنو خزاعه وارا گهڻا هئا. باقي بچيو اسماعيل جو اولاد ته هو ماٺ ۾ رهيا. ٻيو هيئن ته بنو خزاعه مڪي کان ٻاهر رهڻ جي ڪري اندر رهندڙ بنو جرهم وارن کي گهيرو ڪري ويٺا رهيا، ڪيترن ئي ڏينهن تائين اها جنگ هلندي رهي. نيٺ ’بنو جرهم ‘وارن کي پڪ ٿي ويئي ته کين گهيري ۾ ورتو ويو آهي، جان بچائڻي آهي ته نڪرڻو پوندو، نه ته سڀ مارجي وينداسين.
ويندي ويندي هنن بدنيتيءَ واري شرارت ڪئي.
کين شايد اهو خيال هو ته اهو وقتي معاملو آهي. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ هو وري ايندا. تنهن ڪري هو پنهنجو قيمتي سامان ڪٿي لڪائي وڃن. قيمت ته ان سڄي علائقي جي رڳو خدا جي گهر جي هئي، ڪعبي لاءِ نذر ۽ نياز ملندو هو. ان نذر ۽ نياز جي به ڪا حد هئي، ڪيتريون قيمتي تراڙيون، سون مان ٺهيل ٻه هرڻ ۽ ڪيترو سون ۽ چاندي جو سامان هو، ڪٿي رلندا ڀڄندا پاڻ سان کڻيو پيا گهمندا.
هنن سوچيو ته اهو سامان ڪنهن اهڙي هنڌ تي لڪائي ڇڏين جو ڪنهن کي خبر ئي نه پوي. ۽ پوءِ جڏهن موٽي ايندا ته اچي ڪڍندا. اهو سوچيندي الائجي ڇو کين نائله ۽ اساف بتن جي پراڻي هنڌ ۽ حصي کان چاليهن وکن جي فاصلي تي زم زم جو کوهه نظر آيو. هنن اهو به سوچيو ته ويندي ويندي بنو خزاعه کي اها به سزا ڏيڻ گهرجي ته ماٿريءَ جو مٺو پاڻي به بند ڪري ڇڏين. سڀئي قيمتي شيون هنن زم زم جي کوهه ۾ وڌيون ۽ مٿان پٿر ۽ مٽي وجهي کوهه کي لَٽي ڇڏيو. اهو ڪم پڪ سان هنن رات جي وڳڙي ۾ ڪيو هوندو. خاص ڪري اُن مهل جڏهن ٻنهي ڌرين ۾ ڪعبي جي آسپاس وارين بستين ۾ لڙائي ٿي رهي هوندي.
لڙائيءَ ۾ ٻنهي طرفن جا ساڳئي نالي وارا سردار وڙهي رهيا هئا.
بنو جرهم واران سندن سردار عمرو بن حارث جرهمي هو.
ٻي پاسي عمرو بن عامر خزاعي هو.
ڪيترن ئي ڏينهن تائين لڙائي جاري رهي. وڏي رتو ڇاڻ ٿي.
نيٺ فيصلو ٿيو
بنو جرهم مڪي مان نڪري وڃن
لڙائي بند ٿي ويئي.
بنو جرهم هار مڃي ۽ هليا ويا.
بنو خزاعه کٽي ويا. هو مڪي جي ڀرسان ’مراظهران‘ مان لهي مڪي جي اندر آيا ۽ مڪي جا متولي بنجي ويا. کين پنهنجي سوڀَ تي ايترو ته هَٺ هو جو سالن تائين کين اهو خيال به نه آيوته خدا جي گهر کان چاليهن وکن جي مفاصلي تي جيڪو زم زم جو کوهه هو، اهو ڪيڏانهن ويو، هونئن به شهر کان ٻاهر رهڻ ڪري کين اندر جي تفصيلن جي خبر نه هئي، شهر ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ٻيا کوهه به کوٽجي چڪا هئا. زم زم جي هنن پرواهه نه ڪئي، هنن اُلٽو اهو ڪم ڪيو ته اُن هنڌ تان کنيل اساف ۽ نائله جي صفا ۽ مروه جي پهاڙين تي رکيل بدڪار بُت واپس کڻي اُن هنڌ آيا. هنن کين خوب تنجيو مکيو. چلڪايو ۽ چمڪايو. پوءِ انهن پٿرن تي نذر ۽ نياز ڏني ۽ وصول ڪئي،
هارايل بنو جرهم وارا پنهنجي اُٺن تي سوار ٿي ان ماٿري مان نڪري ويا، هو غمگين ۽ ڏکارا شعر پڙهندا پي ويا. جيڪو سندن سردار ’عمرو بن حارث‘ چوندو پي ويو:
ڪيترائي قبيلا چئي رهيا آهن
هن حال ۾ لُڙڪ لڳاتار وهي رهيا آهن.
اکيون خالي ۽ ويران بنجي ويون آهن
حجون کان صفا تائين ڪو به اهڙو شخص نه مليو
جنهن اچي ڏڍ ڏنو هجي
منهنجي دل ايئن ٻُڏي ويئي، جيئن پکيءَ جي ٻن پَرن جي وچ ۾
ڦڙ ڦڙائي ٿو اداسيءَ مان
ايئن ڪيئن ٿيو
اسين هن ماٿري جا رهاڪو هئاسين
ڀنڻن اسان کي جدا ڪري ڇڏيو
جلاوطن ڪري ڇڏيو
’نابت‘ کانپوءِ اسين متولي ٿيا هئاسين
اسين هن گهر جو طواف ڪندا هئاسون
خير ۽ برڪت اُتي پڌري هئي
هن گهر اسان کي معزز بڻايو هو، حڪمراني ملي هئي اسان کي،
اهي اسين ئي هئاسين، جن بهترين شخص نابت بن اسماعيل کي پنهنجي نياڻي نڪاح ۾ ڏني هئي
انهن جو اولاد اسان جا ٻچا آهن
جيڪڏهن زماني جي هوا اسان جي خلاف نه گهلي آهي ته اسان جو ڇا،
هيءَ دنيا آهي ، هت ايئن ٿيندو آيو آهي.
اسان کي ڪوبه خدا جي گهر کان پري نٿو ڪري سگهي
لڳي ٿو خدا کي هن گهر جي ڀرسان اسان جو رهڻ سٺو نه لڳو
اسان کان ڪا غلطي ٿي ويئي هوندي
شايد اسين سُمهي پياسين
اسين ڪهاڻي بنجي وياسين،
هونئن ته اسين رشڪ جوڳا هئاسين،
هن سڳوري شهر لاءِ اسان جون اکيون روئن پيون
لُڙڪ ڳڙهي رهيا آهن
اُتي الله جون نشانيون آهن، امن آهي
هن گهر جي ڪبوترن کي به ڪو ڪجهه نٿو چوي
پوءِ اسان جي وارن، ٻانهن مان جهلي اسان کي ڪڍيو ويو اُتان
ڪهڙا نه بدبخت آهيون اسين
اي ماڻهؤ !
خدا جي گهرڏ انهن ويندڙ پانڌيئڙو، تکيون وکون کڻو، سوارين جون مَهارون ڍريون ڪريو.
جلدي پهچو ان سڳوري هنڌ، جتي موت کان اڳ هر ڪو پهچڻ ٿو چاهي.
اسان ڏانهن نه ڏسو
اسين اهي اَڀاڳا آهيون، جن جو ڀاڳ ڦِٽي پيو آهي.
ڪڏهن اسين به اوهان وانگر هئاسين
پنهنجن گهرن ڏانهن ويندڙ
سڳوري گهر جي ڀر ۾ رهڻ وارا.
چيو وڃي ٿو ته بنو جرهم جا ڏک ڀريا چيل اهي شعر عربي زبان جا پهريان شعر آهن. جيڪي هُنن خدا جي گهر کان پري ويندي روئندي رڙندي چيا هئا، هنن جي ويندي ئي مڪي جي ماٿريءَ ۾ خزاعه قبيلي جو عمرو بن عامر، مڪي جو رئيس بنجي ويو. اُن قبيلي ساڍن چئن سؤ سالن تائين مڪي تي حڪمراني ڪئي، نيٺ جنهن جو حق هو، اُن کي پنهنجو حق مليو، پر ان عرصي جي دوران مڪي جي ماٿريءَ ۾ عجيب واقعا ظاهر ٿيا.
سوين سالن تائين خانه ڪعبه جي چوديواريءَ جي اندر بُت نه آيا، اڱڻ ۾ اساف ۽ نائله جا اڻ گهڙيل بُت پيا هئا، جرهمين ڪجهه عرصو کين صفا ۽ مروه تي رکيو، خزاعه وارا ٻيهر انهن بدڪارن جي نشانين کي گم ٿيل آب زم زم جي کوهه وٽ خدا جي گهر کان چاليهن وکن جي فاصلي تي کڻي آيا.
پوءِ هڪ بدبخت ماڻهو آيو
بنو خزاعه قبيلي جو سردار بنجي ويو
اهو عمرو بن لحي هو
ٿيو هيئن ته هو گهڻو امير ٿي ويو. ويهن هزار اُٺن جو مالڪ، هڪ هزار اٺن کانپوءِ هو هڪ اُٺ جي اک ڪڍي ڇڏيندو هو. ته جيئن سندس اُٺ بدنظر کان بچيل رهن، ايئن سندس ملڪيت ۾ ويهه ڪاڻا اٺ هلندا پيا وتندا هئا، حج وارن ڏينهن ۾ هو ڏهن هزارن اٺن جي قرباني ڪندو هو. ڏهه هزار ڪپڙن جا جوڙا حاجين کي پهرائيندو هو. گيهه ۽ کنڊ کين پياريندو هو. رياست، عظمت، موڙي، ۽ ذاتي ٻَل جي ڪري هو قوم جو سورمو هو، ڏورانهن هنڌن تي وڏا وڏا واپاري قافلا وٺي سفر ڪندو هو. اهڙو ئي هڪ بدنصيب سفر هو. جڏهن هو هڪ ڀيري مڪي مان شام جي علائقي ’بلقاءِ‘ ۾ وڃي ترسيو.
اهي بتن جا پوڄيندڙ هئا، هو انهن جي وستين ۽ واهڻن ۾ گهمندو ترسندو سندن ڪنهن مندر ۾ وڃي نڪتو. جتي رنگا رنگي ڪاٺ، پٿر ۽ ڌاتوءَ جا ٺهيل بُت رکيل هئا ۽ مقامي ماڻهو انهن جي اڳيان هٿ جوڙي پنهنجي من جي مُرادن جي پورائي لاءِ ليلائي رهيا هئا، ڪو اولاد لاءِ منٿون ڪري رهيو هو ته ڪو مال ۽ جواهرن لاءِ تڙپي رهيو هو، ڪو بت کان بارش وسڻ جي گهر ڪري رهيو هو. عمرو بن لحي سان گڏ سندن ميزبان ساٿي هئا. هو اهو سڀ ڪجهه ڏسي گهڻو حيران ٿيو ۽ پُڇڻ لڳو هي ته مٽي، پٿر ۽ ڪاٺ جا گهڙيل بت آهن. جن جي اڳيان ماڻهو ٻاڏائي رهيا آهن.
هنن چيو؛ اسان پنهنجا خدا ٺاهيا آهن
ڇا اوهين پنهنجا خدا پاڻ گهڙيندا آهيو؟
هائو ،
ڇو؟
هنن کان جيڪو گهريو ويندو آهي، هي اهو ڏيئي ڇڏيندا آهن .
مونکي به ڏيندا ؟
پنهنجا ڪجهه خدا
ڪجهه بُت .
هو لالچي، گهٽ عقل ۽ ڪوتاهه انديش هو. کيس اندازو ئي نه هو ته هي جنهن شئي کان گهري رهيا آهن. اهي انسانن کان به حقير ۽ گهٽ آهن. ڪيئن سندن دعائن کي قبوليت بخشيندا. الُٽو کين ڏسي، هُنن جيان ئي هٿ پکيڙي هنن جي بُتن اڳيان ويهي رهيو.