تبوڪ
سلطنت ٺاهي، اُن کي قائم ۽ دائم رکڻ وڏي ذميداري آهي. مديني مان نڪري مڪي جي فتح ۽ هوازن کي سيکت ڏيڻ کان پوءِ هيٺ ڏکڻ جي ڪُنڊ يمن تائين نئين اسلامي رياست جو ڌاڪو ته ويهي رهيو هو، پر اڃا تائين ڪجهه عربي قبيلا، خاص طور تي جيڪي اُتر ۾ بازنطيني رومي سرحد وٽ هئا. اُنهن جي اندر جو شڪ اڃا دور نه ٿيو هو. هُنن جي اندر اها لڪيل خواهش هئي ته ڪنهن نموني رومي فوجون ان نئين اُڀرندڙ اسلامي رياست کي دٻائي سوڙهو ڪري ختم ڪري ڇڏين.
خيبر جا يهودي، مسلمانن مٿان هارائي، اُنهن جا هاري بنجي ويا هئا، پر انهن جون اندر ئي اندر ياريون ڀائپيون اڃا تائين مديني ۾ مسلمانن سان گڏ ويٺل انهن نانگن سان قائم هيون، جيڪي مُنافق هئا. منافقن جو لٺ سردار عبدالله بن ابي سلول اڃا جيئرو هو، کيس تبوڪ جي جنگ کان ٻه مهينا پوءِ مرڻو هو، انهن ئي منافقن مان هڪ ابو عامر فاسق، مديني ڀڄي رومي بادشاهه جي درٻار ۾ جاسوس بنيو ويٺو کين ڀَڙڪائي رهيو هو ته ڪنهن نموني رومي فوجون اُتر عرب جي غساني قبيلن سان گڏجي مديني تي چڙهائي ڪن ۽ اندر ان مديني مان سندس ماڻهو مدد ڪندا.
ان قسم جا افواهه هوريان هوريان خبرن جي شڪل وٺي رهيا هئا ته قيصر روم هرقل چاليهن هزارن جو لشڪر سرحد تي تيار ڪري ورتو آهي ۽ مديني تي چڙهائيءَ جو ارادو اٿس. ڪنهن وري چيو ٿي ڪجهه قبيلن هرقل، قيصر روم کي خط لکي ڇڏيو آهي ته ”تون فوج آڻ اسين ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون.“
اُنهن ئي ڏينهن ڪجهه شامي واپاري مديني آيا، هو زيتون جو روغن وڪڻي رهيا هئا يا اُن جي اڏ ۾ جاسوسي ڪري رهيا هئا. ماڻهو کانئن شام جون خبرون چارون پُڇڻ لڳا، جتي هرقل جو ”ناقوس“ وڄندو هو.
هنن ڏاڍو ڊيڄاريو
چيائون
شام ۽ عربستان جي سرحد تي فوجون گڏ ٿي رهيون آهن.
حملي جي تياري آهي
ماڻهن ۾ ڊپ هو
هُل مَتل هو.
هر سلطنت کي مليل سگهه جي ڪجهه ته قيمت هوندي آهي.
ضروري نه هوندو آهي ته ڪا اُڀرندڙ رياست پاڙيسري ملڪ کي للڪاري، پوءِ ئي هو مقابلي تي اچي، هر رياست پنهنجي ڀرپاسي ۾ پنهنجي رياست لاءِ جيڪي للڪارون هونديون آهن، تن کي دور ڪرڻ لاءِ فوري بچاءُ جا قدم کڻندي آهي.
چون ٿا: بهترين بچاءُ جو طريقو پاڻ وڃي ٽڪرائڻ آهي
پنهنجي مرضيءَ واري وقت تي
پنهنجي پسند جي جاءِ تي
پنهنجي ملڪي ۽ قومي مفادن جي بچاءُ ۾
مديني ۾ غسانين ۽ رومين جي ڳٺ جوڙ سان ڪنهن متوقع جنگ جون لڳاتار خبرون اچي رهيون هيون
مسلمانن کي هر وقت کٽڪو لڳل رهندو هو
ته ڪا نه ڪا جنگ سندن مٿان بيٺي آهي
هڪ ننڍي جنگ ته بهرحال شروع ٿي چڪي هئي
بظاهر ته اهي گهريلو معاملا هئا.
پر، جيئن ته انهن جو واسطو آقا ﷺ جي نجي زندگيءَ سان هو، تنهن ڪري سڀئي مسلمان، خاص طور تي جيڪي آقا ﷺ جا ويجها قرابت دار هئا، سي گهڻو پريشان هئا.
ٿيو هيئن ته مڪي جي فتح کان واپس اچڻ کان پوءِ خدا تعاليٰ، آقا ﷺ کي هڪ ٻي خوشي ڏني. آقا ﷺ جي مصري گهرواري ’سيده ماريه قبطيه‘ کي الله تعاليٰ هڪ سُهڻو پُٽ عطا ڪيو. آقا ﷺ ان جو نالو پنهنجي وڏي جي نالي تي ’ابراهيم‘ رکيو.
ٻار ڪو سُهڻو هو ڇا.
آقا ﷺ سان گهڻي مشابهت هيس، 61 سالن جي عمر ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جي لاءِ اها خوشي انمول هئي. پاڻ سڳورا اڪثر ٻارڙي کي کڻيو پيا هلندا هئا ۽ ٻين گهروارين کي به خوشيءَ مان ڏيکاريندا هئا. جيئن ته مديني ۾ موجود ٻين گهروارين مان آقا ﷺ کي ڪڏهن به اولاد نه ٿيو هو، تنهن ڪري امڪان اهو هو ته هو اُن نئين ڄاول ٻارڙي ۽ سندس امڙ کان بي حد رشڪ ۽ ساڙ محسوس ڪرڻ لڳنديون.
هوريان هوريان اها ڳالهه وڌي ويئي.
هڪ ڀيري سانئڻ ماريه، جنهن کي آقا ﷺ ٻين گهروارين کان پري هڪ ڌار گهر وٺي ڏنو هو. هوءَ آقا ﷺ سان ملڻ آئي. آقا ﷺ ساڻس سيده حفصه جي حجري ۾ ڳالهه مُهاڙ ڪئي. ان دوران سيده حفصه به اتي اچي نڪتي ۽ ڏاڍي ڪاوڙي. آقا ﷺ اشارو ڪندي چيس ته سيده عائشه کي نه ٻُڌائج، پر هن ٻُڌائي ڇڏيو، هُنن ٻنهي جي پاڻ ۾ گهڻي لڳندي هئي. ٻي گروپ ۾ سيده زينب بنت حجش هئي، جنهن کي ماکي جي خوشبو پسند نه هئي.
اهڙين گهريلو ناچاقين ۽ نجي سهولتن جي مطالبن جي ڪري آقا ﷺ سڀني گهروارين کي ڇڏي حجري جي مٿي ٺهيل سوڙهي ڪوٺيءَ ۾ وڃي رهيا ۽ هڪ مهيني جي لاءِ سڀني کان ڌار ٿي ويا. ماڻهن ۾ ڳالهه پکڙجي ويئي ته
آقا ﷺ پنهنجي سڀني گهر وارين کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي. اُن مٿينءَ بالا خاني تائين وڃڻ جي لاءِ ڪا ڏاڪڻ به نه هئي، هڪ پراڻو کجيءَ جو ٿڙ هو، آقا ﷺ اُن ٿڙ جي ذريعي مٿي چڙهي ويندا هئا.
مٿي چڙهڻ سان هٿن، پيرن ۽ جسم مبارڪ ۾ رهڙون اينديون هيون.
آقا جو هڪ غلام رباح اُن بالا خاني جي ٻاهر چوڪي ڏيندو هو.
آقا ﷺ سڀني سان ملڻ جلڻ بند ڪري ڇڏيو.
سڀ مسلمان پريشان.
سيدنا عمررضه به ڊنل هئا.
هڪ ڏينهن حضرت عمر، آقا ﷺ جي خذمت ۾ حاضر ٿيڻ جو ارادو ڪيو.
بالا خاني جي هيٺ بيهي دربان رسول الله، رباح کي سڏ ڪري چيائين ته منهنجي لاءِ آقا ﷺ کان اجازت گهر.
پر هو بُت بنيو بيٺو رهيو.
ڳالهه تي ڌيان ئي نه ڌريائين
سيدنا عمر وري به سڏ ڪيو
هن ڀيري به نه ٻُڌائين.
ٽي ڀيري سيدنا عمر رڙ ڪري چيو: رباح، منهنجي لاءِ آقاﷺکان موڪل گهر. آءٌ پنهنجي ڌيءَ يا ڪنهن ٻي جو سفارشي ٿي نه آيو آهيان. خدا جي مُهابي مون کي آقاﷺ سان ملڻ ڏي. آقاﷺ کان منهنجي لاءِ اجازت طلب ڪر.
اجازت ملي ويئي
سيدنا عمر اُن کجيءَ جي ٿڙ تي چڙهي ويو.
آقاﷺ کي اُن ننڍي ڪچي حجري ۾ پَٽ تي وڇايل چمڙي جي پراڻي چٽائي تي کجين جي ٿڙن جي وچ ۾ ليٽيل ڏسي ڍڪون ڏيئي روئڻ لڳو. پاڻ سڳورن جي جسم مبارڪ تي انهن ڦڙن جا نشان پئجي ويا هئا. ٻي سامان ۾ هڪ ٺڪر جو پيالو ۽ ٻُڪ کن جوَ ۽ هڪ کل جو بسترو هو.
اهو هو آقا ﷺ جو ڪُل اثاثو.
اهو خزانو
جنهن جي هٿ ۾ خدا زمين ۽ آسمان جون هَڙئي ڪُنجيون ڏيئي ڇڏيون هيون.
حضرت عمررضه ايترو ته رنو جو سندس روئڻ ئي نه ٿي بيٺو. سيدنا عمررضه پوءِ پاڻ سڳورن جي گهر وارين جي باري ۾ ڳالهايو. عرض ڪيو ته جيڪڏهن واقعي اوهان سڀني کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي ته الله اوهان جو والي آهي، ان جا ملائڪ اوهان جا نگهبان آهن. جبرائيل عليھ السلام ۽ ميڪائيل عليھ السلام اوهان جا پهريدار آهن، منهنجو ڪنڌ جُهڪيل آهي. ابوبڪر جانثار آهي، ڪنهن جي مجال آهي، جو اوهان ڏانهن ميري اک سان ڏسي. سيدنا عمررضه ڳالهين جو رخ ڪجهه اهڙي نموني ڦيريو، جو آقا ﷺ مُرڪڻ لڳا.
سيدنا عمر جي پيٽ ۾ ساهه پيو.
اُنهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ ڀيري سيدنا عثمان بن مالڪ ڀڄندو حضرت عمر وٽ آيو، کيس چوڻون ته اهو هو ته ٻڌو اٿم ته آقا ﷺ پنهجي گهروارين کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي، پر هن تڪڙ ۾ چيو، ”غضب ٿي ويو.“
سيدنا عمر ۽ مسلمانن جي ذهني حالت ڏسو
سيدنا عمر ڇرڪي چيو: ڇا غساني اچي ويا؟
اُن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته غسانين جو رومين سان گڏجي مديني تي حملي جو خدشو ڪيترو نه شديد هو، اهڙين حالتن ۾ آقا ﷺ کي الله جي هدايت يافته ماڻهن جي لاءِ قائم ڪيل پهرين اسلامي رياست کي بچائڻ جون تدبيرون ته سوچڻيون هيون.
سوچيون هوندائين.
آقا ﷺ صلاح مصلحت به ڪندا هئا.
آقا ﷺ ڪجهه نه ڪجهه ته طئي ڪيو هوندو.
الله تعاليٰ آقاﷺ جي گهرو مسئلن بابت صاف فيصلو ڏيئي ڇڏيو.
مسئلو خود الله ئي نبيري ڇڏيو.
آسمان تان آيتون لٿيون
”اي الله جا رسول! پنهنجين گهروارين کي چئي ڇڏيو ته جيڪڏهن اوهين دنيا جي زندگي ۽ اُن جي آرائش ۽ سهوليتن کي گهرو ٿيون ته اچو، اوهان کي مال ڏيان ۽ چڱي طرح روانو ڪريان. (قرآن: 38. 28-29)
الله تعاليٰ ڪا ڳالهه لڪائي ٿورو ئي ٿو ۽ نه سچ لڪائڻ کان ڊڄي ٿو. الله تعاليٰ ته آقاﷺ جي آتم ڪٿا قرآن ۾ لکي ڇڏي آهي. ارشاد باري تعاليٰ آهي.
”۽ ياد ڪر، جڏهن رسول الله ﷺ پنهنجي گهر واريءَ سان راز جي ڳالهه ڪئي، هن ٻيءَ کي ٻڌائي، جڏهن هن ظاهر ڪئي ۽ الله ان ڳالهه کان رسول الله ﷺ کي واقف ڪري ڇڏيو ته رسول الله ﷺ (ان گهر واري) کان پڇا ڳاڇا ڪئي ته هوءَ پُڇڻ لڳي ته اوهان کي اِها ڪنهن سڻائي، پاڻ سڳورنﷺفرمايو مون کي ان ٻڌايو، جيڪو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ جنهن کان ڪجهه لڪل ڪونهي.“
”جيڪڏهن اوهين ٻيئي الله جي اڳيان توبه ڪريو (ته چڱائي اٿوَ) اوهان جون دليون سوڙهيون ٿي ويون آهن ۽ جيڪڏهن رسول الله (ﷺ) جي (ايذاءَ) تي هڪٻئي جي مدد ڪنديون ته الله ۽ جبرائيل عه ۽ نيڪ ڪردار جا مسلمان هن جا حامي ۽ ان کانسواءِ ملائڪ سندس مددگار هوندا.“
”جيڪڏهن رسول الله، اوهان کي طلاق ڏيئي ڇڏي ته عجيب ڪونهي ته پالڻهار اوهان جي بدلي ۾ کيس سُٺيون زالون ڏي، مسلمان، ايمان واريون، فرمانبردار، توبه ڪندڙ، عبادت گذار، روزا رکندڙ، ۽ ڪنواريون. (قرآن/سوره مائده)
ازواج مظهرات جون اکيون کلي ويون
معاملا الله تعاليٰ نبيري ڇڏيا.
زالن جا معاملا خدا کانسواءِ ٻيو ڪير ٿي نبيري سگهيو؟
گهر جا اجتماعي ۽ انفرادي سطح جا معاملا ته نبري ويا
هاڻ رياست جا اجتماعي ۽ انفرادي سطح جا معاملا به نبرجڻ جو وقت اچي ويو هو.
لڳي ٿو ته خدا کي هي منظور هو ته رياست ۾ هاڻ منافقين جي ذريعي وڌيڪ فتور پيدا نه ٿئي.
هاڻ مومنن ۽ مُنافقن ۾ حدبندي چٽي ڪئي وڃي، جيئن خدا اونداهي چيري، اُن جي پيٽَ مان صبح جي سُهائي ڪڍي ٿو، ايئن ٿو لڳي ته طئي ٿي ويو هو ته هاڻي منافقن جي منهن تي وڌيڪ پردو وجهي رکڻو نه آهي، انهن ڪارين دلين وارن جي ڪاراٺ سندن مُنهن تي ملي ڇڏڻي آهي.
ايئن ئي ٿيو.
جڏهن ايڏي وڏي سفر تي وڃڻ جو حڪم مليو ته جن جي دلين ۾ مير هو، ڪو مناسب جواز به نه هو، اُن سفر تي وڃڻ کان نٽائي ويا.
کير ۽ پاڻي ڌار ڌار ٿي بيٺا.
آقا ﷺسفر جي لاءِ چوڏهن ڏينهن پري تبوڪ جو هنڌ چونڊيو.
تبوڪ اُتر ۾ مديني کان جديد رستي وسيلي 778 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي.
رستو بنجر، پٿريلو، جابلو ٽڪر ۽ وارياسو.
رستي ۾ شايد ئي ڪٿي پاڻيءَ جو چشمو هُجي به کڻي ته اهو به کارو.
مٿي سفر تي وڃڻ جي لاءِ موسم سخت گرم ۽ اُٻَ.
آگسٽ جو آخري هفتو- سن 630 عيسوي آهي.
اها رجب نائين هين هجريءَ جي ڳالهه آهي.
خميس جو ڏينهن هو.
جڏهن فوج کي روانگيءَ جو حڪم مليو.
مڪي جي فتح، هوازن ۽ طائف جي گهيري کانپوءِ آقاﷺ ۽ مسلمان کي ساڍا ست مهينا ئي ٿيا هئا.
هِتي تياري ٿي ويئي.
اها تياري ڏاڍي زور شور سان ٿي.
ٻين جنگين جي سفر جي اُبتڙ اُن جي اڳواٽ خبر آقاﷺ پاڻ ٻُڌائي ته تياري ڪريو.
پري تبوڪ هلڻو آهي.
ايئن پنهنجو نشانو ۽ مقصد پهرين ٻُڌائڻ مان آقاﷺ ڪيترائي مقصد حاصل ڪري ورتا.
هڪ ته دشمن کي چٽو نياپو ملي ويو هوندو
ته جان بچائي سگهو ٿا ته بچايو.
اسين اچون پيا.
اسين ڊڄڻ وارا نه آهيون
عرب قبيلن کي تنبيهه به ضروري هئي
اُنهن ۾ ٻن قسمن جا قبيلا هئا.
هڪڙ اجيڪي ساٿاري هئا ته تياري ڪري اچي گڏجن
جيڪي مخالف آهن، اُهي پنهنجو خير گهرن
پنهنجن ماڻهن کي به تياريءَ جو موقعو ملي
اهو ڪو ننڍو سفر ته نه هو
ڊگهي سفر تي وڏي جنگ جي لاءِ دنيا جي اُن وقت جي سڀ کان وڏي قوت سلطنت روم سان مُنهان مُنهن ٿيڻ جي لاءِ وڃڻون هو، جنهن ان وقت ايران کي هارائي روم جي پهرين پوزيشن مڃرائي هئي، ان جي سرحد جو فيصلو ٿيڻون هو.
پنهنجي رياست جي حدن جو تعين ڪرڻون هو.
اهو ڏاڍو اهم فيصلو هو
هيڏي وڏي سفري قافلي جي لاءِ ’لاجسٽڪ سپورٽ پلان‘ ٺاهڻ ڪو سولو ڪو نه هو.
ڪٿي ڪٿي پڙاءُ ڪرڻون هو،
پهريون نشانو ڪهڙو هوندو، ٻيون، ٽيون، چوٿون.
سڀئي نشانا مقرر ڪيا هوندا.
جنگ جي حڪمت عملي
ٽيڪنڪس
يعني هڪ وڏي رٿا
پوءِ اهي نبيرڻ جون ترڪيبون
پنهنجي فوج جي پکيڙ
اُنهن سڀني معاملن تي خرچ جي لاڳت
خرچ جو اندازو
ٽيهن هزار ماڻهن تي مشتمل لشڪر گڏ ٿي ويو هو
ڏهه هزار ته رڳو گهوڙيسوار هئا.
مديني کان ٻاهر ڇانوڻي، شهر کان به وڏي ٿي ويئي هئي.
هاڻ اُن ڇانوڻيءَ کي سفر ڪري چوڏهن ڏينهن ۾ تبوڪ پهچڻو هو،
خرچ؟
آقا ﷺ ماڻهن کي عام چندي جي اپيل ڪئي
خزاني ۾ پئسا گهٽ هئا.
موسم سُوڪهڙي جي هئي.
مديني جا ميوا پَچي راس ٿي ويا هئا، باقي لاهڻون هو اُنهن کي
ڪنهن وٽ به ڪو گهڻو پئسو پنجڙ نه هو.
لڳاتار ڪيترن ئي سالن جون مُهمون، جنگيون، سفر
ماڻهن کي ڪمائي ڪرڻ جو موقعو ڪٿي مليو هو
پوءِ به جڏهن آقا ﷺ جو حڪم ٿيو ته، جنهن کان جيڪو ڪجهه به ٿي سگهيو، سو هُنن ڪيو.
سيدنا ابوبڪر گهر ۾ جيڪو ڪجهه هو، کڻي آيو، اُن وقت سندس سڄي ميڙي چونڊي چار هزار درهم وڃي بچي هئي، اها سڄي کڻي آيو. جڏهن اسلام آندو هئائين ته وٽس چاليهن هزار درهمن جا اَثاثا هئا. مُشرڪن کان مسلمان غلام خريد ڪري آقا ﷺ جا غلام بنائيندو رهيو، سڀ خرچي ڇڏيائين. هجرت واري رات گهر ۾ ڇهه هزار درهم بچيا هئا. سي سڀ پاڻ سان کڻي آيو. انهن مان به ٻه هزار ويا، باقي وڃي چار هزار بچيا. اهي به هاڻي کڻي آيو.
آقا ﷺ پُڇيو.
ابوبڪر! گهر وارن لاءِ به ڪجهه ڇڏيو اٿئي؟
سيدنا وراڻيو: الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي محبت ڪافي آهي.
سيدنا عمر گهر جو اڌ سامان ۽ مُوڙي کڻي آيو.
سيدنا عبدالرحمان بن عوف ٽيهه ڪلو چاندي کڻي آيو. جيڪا ان زماني ۾ ٻن سئو اوقين جو وزن بڻيو هو. سيدنا عاصم بن عادي، نوي وسق کجين جو ڍڳ کڻي آيو. هڪ وسق ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو ڪلوگرام وزن هوندو آهي. ايئن جيڪڏهن سندس آندل کجيون اڄ تورجن ته انهن جو وزن تيرهن سئو ڪلوميٽر گرام ٿئي.
سيدنا عثمان بن عفان کي عثمان غني جو لقب به ان ئي جنگ ۾ مليو. ٻن سئو اُٺن تي مشتمل واپاري قافلو وٺي اچي آقاﷺ جي اڳيان حاضر ڪيائين، ان کان پوءِ ويو ۽ اوڻيهه ڪلوگرام چاندي آڻي ڍڳ تي رکيائين، وري به ويو ۽ پنج ڪلوگرام سون ۽ هڪ هزار سون جا دينار آڻي ڍڳ تي رکيائين. پوءِ وري اٿيو ۽ ڪٿان ٻه سئو گهوڙا خريد ڪري اچي آقاﷺ جي فوج ۾ شامل ڪيائين، اهو هو عثمان غني.
آقا پنهنجي ناٺيءَ جي سخاوت سبب ٻَهڪڻ لڳا. آقاﷺ جي نياڻي سيده رقيه بدر جي جنگ جي دوران گذاري ويئي هئي. ان کان پوءِ آقاﷺ پنهنجي ٻي نياڻي سيده اُم ڪلثوم جو نڪاح، سيدنا عثمان غني سان ڪرايو هو.
اُن جنگ ۾ تبوڪ ۾ گذاريل پنجاهه ڏينهن ۾ سيدنا عثمان غني ايترو ڪجهه خزاني ۾ ڏيئي آقاﷺ جو غلام بنيو. ان گرم ۽ لڱ ساڙيندڙ موسم ۾ اُن ڊگهي سفر تي گڏ روانو ٿيو، پويان مديني ۾ سندن ٻي گهرواري آقاﷺ جي نياڻي سيده اُم ڪلثوم به گذاري ويئي.
ايئن جيڪڏهن ڏسجي ته ان جنگ ۾ سيدنا عثمان جيڪي ڪجهه ڏنو، ان ۾ پنهنجي گهرواريءَ جي زندگي به شامل هئي.
ايترو ڪجهه گڏ ٿيڻ کانپوءِ به آقا ﷺ وٽ سڀني سپاهين جي لاءِ اُٺ نه هئا، بي انت ماڻهو سواري گهرندا هئا، سواري نه ملڻ تي روئندا واپس موٽي ويندا هئا.
اهو منظر پالڻهار قرآن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو.
”آءٌ اوهان کي سوار ٿيڻ جي لاءِ ڪا سواري نه هئڻ سبب اُن حالت ۾ واپس ويندي ڏسان ٿو ته هنن جي اکين ۾ لڙڪ جاري هجن ٿا ۽ کين خرچ جي لاءِ ڪجهه به نٿو ملي“ ]سورة توبه/قرآن[
قرآن، جن جي تصوير ڪشي ڪئي، انهن ۾ سيدنا عبدالله بن مفعل ۽ سيدنا ابو ليليٰ عبدالرحمان بن ڪعب هئا، رئندا پي ويا. رستي ۾ سيدنا يامين بن عمرو نضري گڏجي ويس. پُڇيائينس: ڇو پيو روئين؟
وراڻيائين: آقا ﷺ وٽ سواريءَ لاءِ وهٽ ڪونهي. اسان وٽ وسيلا ڪونهن. ڇا ڪجي، پوءِ وري روئڻ لڳو. روئندي چوندو پي ويو.
مون کي گڏ وڃڻون آهي
ڪو مون کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃي.
يامين بن عمرؤ جي دل کي جَهٻو آيو
هڪدم کيس پاڻ سان گڏ وٺي منڊيءَ ۾ ويو
هڪ اٺ خريد ڪري کيس ڏنائين
۽ سفر لاءِ خرچ پکو به
اهڙي طرح روئندڙ ڪيترائي غريب غُربا هئا.
انهن جو نالو ئي ”البقائون“ پئجي ويو.
فوج جي ڇانوڻي مديني شهر کان ٻاهر هئي.
شهر ۾ آقاﷺ جي جاءِ تي نماز پڙهائڻ جي ذميداري سيدنا ابوبڪررضه جي حوالي هئي.
آقاﷺ هڪ ٻيو اهم ڪم هي ڪيو ته ڇانوڻيءَ مان رئيس المنافقين عبدالله بن ابي سلول ۽ سندس ساٿين کي ڪڍي ڇڏيو.
مديني جو ڪاروهنوار، محمد بن مسلمه انصاريرضه جي حوالي ڪيو ۽ پنهنجي ڪُٽنب جي سار سنڀال جي لاءِ سيدنا عليءَ کي مديني ۾ ترسڻ جو حڪم ڏنائون.
سيدنا عليرضه جيڪو بدر،احد، خندق ۽ خيبر کان وٺي مڪي جي فتح، هوازن، طائف، هر مهم، هر جنگ جو هيرو هو، اُن وڏي فوج سان گڏ نه وڃڻ سبب پريشان ٿيو. اڳ ۾ به دٻيل لفظن ۾ آقاﷺکي عرض ڪندو رهيو هو، پر جڏهن مديني مان فوجي قافلو نڪري ويو ۽ پاڻ بي چين ٿي فوج جي پويان ڊوڙيا ۽ وري آقاﷺجي خذمت ۾ پهچي ويو.
عرض ڪيائين: آقا ﷺ
آءٌ جنگ جي ميدان جو سپاهي آهيان.
هتي عورتن سان گڏ رهڻ نٿو پُڄيم.
آقا ﷺ اهو ٻڌي شايد مُرڪيا هُجن.
۽ شايد اهو به چوڻ گهريو هئائون ته جنگ جو محاذ ڪٿي نٿو هجي.
اُن جنگ کان پوءِ ته آقا ﷺ فرمايو هو،
هاڻ اسين جهاد کان جهاد اڪبر طرف وري رهيا آهيون.
آقا ﷺ ، سيدنا عليرضه کي سمجهايو ۽ وري حڪم ڏنو،
جتي چوان پيو، اُتي ئي رهو
پوئتي وڃ...
آقا ﷺ کي خبر هئي شايد
ته اڳيان، جتي، جنهن محاذ تي عليرضه جي ضرورت هوندي آهي، هن ڀيري اها جنگ ٿيڻي ڪونهي. پويان منافقن کي جيڪي شرارتون ڪرڻيون آهن، مسجد ضرار جوڙي مسلمانن ۾ جيڪا فرقي بندي ڪرڻي آهي، اتي عليرضه جي ضرورت آهي.
آقا ﷺ سيدنا عليرضه کي فرمايو:
جيئن موسيٰ عليھ السلام جي لاءِ هارون عليھ السلام هو، منهنجي لاءِ تون ايئن آهين، جيتوڻيڪ مون کان پوءِ ڪوبه نبي ڪونهي.
سيدنا عليرضه حڪم جي تعميل ڪندي واپس مديني موٽي ويو.
قافلو اڳيان وڌي ويو.
مديني مان اهو قافلو وڏي شان ۽ مانَ سان نڪتو.
مديني جا ٻارڙا، ٻڍا، زائفائون گهرن جي ڇتين تي، وڻن ۾ ٽِنڊڙي، ميدان ۾ انهن جي پويان ڊوڙي، ڀَرپاسي جي جبلن تي، پري پري تائين گڏ هلي کانئن موڪلايو.
مديني جي تاريخ ۾ ايڏي وڏي فوج ڪڏهن به اُتان نه نڪتي هئي، ٽيهه هزار ماڻهو جن ۾ ڏهه هزار گهوڙيسوار هئا.
زرهه پوش
ڪهڙو نه دل کي وڻندڙ ڏيک هو
گهوڙن جو فخر سان هلڻ
ڌڌڙ اُڏڻ
ريتيءَ جو اُڏرڻ
آسمان تي آگسٽ جي آخري هفتي جي ڌڌڙ جي ڪڪر جو ڇانئجڻ
گرم هوا ۾ سپاهين جي پگهر جا ڦڙا
گهوڙن جي چمڪندڙ کل تي آيل پگهر
اُٺن جون ڊگهيون ڳچيون گهمائي چئني ڏِسائن ڏسڻ.
سپاهين جو پويان رهجي ويندڙ شهر ۾ اندازي موجب پنهنجن پنهنجن گهرن جي ڇتين ڏانهن ڏسي هٿ لوڏڻ.
خدا حافظ چوڻ
اهو ڏاڍو شانائتو منظر هو.
خميس جو ڏينهن هو.
ڏينهن لڙڻ جي مهل
رخ اُتر اولهه ڏانهن.
سج لشڪر جي کاٻي اک جي کاٻي ڪناري تي جُهڪيل هو.
ڄڻ پنهنجي تيز چمڪندڙ ڪرڻن کان شرمائجي.
پنهنجي روشن ٽوپي تيڏي ڪري.
آقا ﷺ کي سلام ڪري رهيو هُجي.
کليل پٿريلي ميدان کان پري
اوچا جبل مُسڪرائي ڏسي رهيا هئا.
کاٻي پاسي ٽن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اُس ۾ وهنتل سنهري احد جبل.
آقا ﷺ کي خدا حافظ چئي رهيو هو.
ڏاڍو سُندر منظر هو.
سيدنا ابو حثيمه به مديني جو رهاڪو هو.
گهر جي ڇت تان فوج کي ويندي ڏسي رهيو هو.
پوءِ لٿو.
ڏٺائين، سندس زالن اڱڻ ۾ ڇڻڪار ڪري، سندس لاءِ صندل رکي، اُن تي نرم وهاڻا رکيا هئا. ان سان گڏ ٿڌا شربت پڻ رکيل هئا.
اوچتو هن جي بدن ۾ ڄڻ ماڪوڙيون سُرڻ لڳيون
آقا ﷺ ته اُس، گرمي ۽ڌوڙ ۾ سفر ۾ هجي ۽ سندس غلام هتي ويٺو هيءَ عياشي ڪري. توبه توبه، کڻي صندل کي لت هنيائين. پنهنجي اُٺڻ پلاڻيائين، سفر لاءِ سامان کنيائين ۽ وٺي اُٺڻ کي ڊوڙايائين ۽ آقا ﷺ سان وڃي فوج ۾ گڏيو ۽ کيس دل جو حال ٻڌايائين.
آقا ﷺ مُرڪي پيا.
سيدنا ابوذر غفاري سڄي عمر فقير رهيو.
هڪ اڌ ڪو وهٽ هوندو هئس،
سو به ڪڏهن چاڪ ته ڪڏهن بيمار.
اُنهن ڏينهن سندس اُٺ بيمار هو.
سوچيائين ته ٿورو چاڪ ٿئي ته مٿس چڙهي وڃي لشڪر سان گڏجان
پر اهو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ بيمار ٿيندو ويو.
ايترو ته ڪمزور ٿي ويو، جو سفر تي وٺي وڃڻ جي قابل ئي نه رهيو.
سيدنا ابوذر غفاريءَ کي ته وڃڻو ئي هو،
هن سامان جي هَڙ ڪلهن تي رکي ۽ پنڌ ئي روانو ٿي ويو.
ڪوبه قافلو گڏ نه هئس
فوج الائجي ڪٿي ڪٿي ترسي، ڪڏهن تبوڪ پهچي
تبوڪ پهچڻ کان اڳ
هڪ هنڌ، اَلل وهاڻيءَ مهل آقا ﷺ ڏٺو
پريان کليل ريگستان ۾
هڪ همراهه پٿرن تي اڪيلو ئي اڪيلو هلندو پيو اچي.
جتي پهچڻ ۾ اُٺ سوارن کي چوڏهن ڏينهن لڳا.
اُتي ابوذر غفاري پنڌ ئي پنڌ هلندو ٻارهن ڏينهن ۾ پهچي ويو
رستي ۾ ڪيترن ئي لَڪن ۽ لنگهن تان شارٽ ڪٽ رستو اختيار ڪيائين
آرام گهٽ ڪيائين
هليو گهڻو
نيٺ پهچي ويو
پير پِٿون ٿي ويل
بُت ڌڌڙ سان ڀريل
گهاٽا اڻڀا ۽ گهنڊيدار وار مٽيءَ سبب ڄميل
وڏو مٿو، پنهنجي آقا کي ڏسي ٻهڪڻ لڳو
آقا ﷺ ته کيس پري کان ئي ڏسي سڃاڻي ويا هئا.
”ابوذر، هي اڪيلو آهي، اڪيلو اُٿندو، اڪيلو مرندو ۽ روءِ زمين تي هن کان وڌيڪ سچ جو وڏي واڪي اظهار ڪرڻ وارو ٻيو ڪو ڪونهي.“
ٿيو به ايئن
جڏهن، حضرت عثمان غنيءَ جي خلافت جي زماني ۾ سيدنا ابوذر غفاريءَ جي وفات جو وقت آيو ته هو ”زبدة“ جي هنڌ تي هو، اڪيلو، کيس ڪو دفنائڻ وارو به نه هو، پوءِ اُتان هڪ قافلو لنگهيو، قافلي ۾ عبدالله بن مسعود هو، هِن ڏٺو ته کيس ڪيترا سال اڳ چيل آقا ﷺ جي اها ڳالهه ياد اچي ويئي
هي اڪيلو آهي، اڪيلو اُٿندو، اڪيلو مرندو.
اهو اڪيلو ابوذر غفاري به آقا ﷺ سان گڏ تبوڪ پهچي ويو.
تبوڪ ۾ هڪ پاڻيءَ جو چشمو هو.
آقا ﷺ حڪم ڏنو هو
مون کان اڳ ڪوبه اُن چشمي ڏانهن نه وڃي.
اُتي پهتا، ڏٺائون ته ٻه فوجي اڳ ۾ ئي اتي ويٺا هئا
پڇيائون: پاڻي ته ڪونه ڀريو اٿوَ
چيائون: ڀريو اٿائون.
ڏٺائون، چشمي ۾ پاڻي صفا گهٽ هو.
بس ايترو جيترو ٻُڪ ۾ ڀَرجي سگهي.
آقا ﷺ ٻُڪ ۾ ٿورو پاڻي کنيو
وات ۾ وِڌائون
ڳٽن اندر گهمائي
پوءِ اهو پاڻي چشمي ۾ وڌائون
ايئن لڳو ڄڻ چشمي ۾ چرخي ڦري پيئي
هڪ وڏو اُڀار آيو
۽ چشمو پوري زور سان جاري ٿي ويو.
مِٺو، ٿڌو ۽ تازو پاڻي.
جنهن جو اَنت نه ڪنارو
آقاﷺ پوءِ اُتي ئي چشمي جي ڪنڌ تي سيدنا معاذ بن جبل کي چيو:
جيڪڏهن تون جيئرو رهين ته هن هنڌ کي باغن سان سرسبز ڏسندين.
اهو چشمو اڄ سوڌي جاري آهي.
سڄو تبوڪ سائو ستابو آهي.
باغن سان ڀريل
]آءٌ پاڻ به اڍائي سال اُن شهر ۾ رهيو آهيان، اُن شهر جي ٻاهر جيڪا ڇانوڻي آهي اُتي[
تبوڪ جي موسم خوشگوار آهي.
نه گرميءَ ۾ گهڻو گرم
نه سياري ۾ گهڻو سرد
واري به آهي ته
ساوڪَ به
گُل به آهن ته ميوا به
اُجري اُجري اُس به آهي ته شرميلو چنڊ به
سمنڊ به ڪو گهڻو پري ڪونهي
اها پٿرن جي سرزمين آهي
روايت آهي ته مرڻ کان پوءِ سڀ اُتي گڏ ڪيا ويندا.
اُن وقت، جڏهن آقاﷺ اوڏانهن ويا، اها بازنطيني روم ۽ عرب اُپٻيٽ جي سرحد هئي.
آقا ﷺ کي پنهنجي سلطنت جون حدون مقرر ڪرڻيون هُيون.
جيڪي ڪيون ويون
پاڻ سڳورا اُتي ويهه ڏينهن ترسيا.
هڪ لحاظ کان دشمن کي مقابلي جي دعوت ڏنائون
ته اچو ٻه ٻه هٿ ڪريون
پر دشمن واپس موٽي ويو
غساني قبيلا به لڪي ويا
آقا صلي الله عليھ وسلم اُتي بيس ڪئمپ ٺاهي ڀرپاسي جي قبيلن ۾ پنهنجا ماڻهو موڪليا.
چار سئو ڪلوميٽر اُتر ۾ ”دومته الجندل“ جي علائقي ۾ خالد بن وليد کي پنج سئو سوارن سان گڏ موڪليو. فرمايو، اُتان جو سردار ”اڪيدر“ توکي جنگهلي ڳئونءَ جو شڪار ڪندي ملندو، کيس مارج نه، پاڻ سان وٺي اچج.
ايئن ئي ڪيو ويو
سيپٽمبر جي آخري هفتي جي چانڊوڪي رات هئي،.
اڪيدر پنهنجي راڻيءَ سان گڏ محل جي بالڪونيءَ ۾ ويٺو هو، جو محل جي وڏي دروازي تي هڪ جنگهلي ڳئون اچي ٿونا هڻڻ لڳي. اڪيدر تير ۽ ڪمان کنئي، راڻيءَ کي بالڪونيءَ ۾ ئي ڇڏيائين ۽ گهوڙي تي چڙهي جنگهلي ڳئون جي پويان لڳو.
جنگهلي ڳئون کيس ان ئي رستي تي وٺي وڃڻ لڳي، جتان حضرت خالد بن وليد، پنهنجي گهوڙيسوارن سان گڏ اچي رهيو هو، جنگهلي ڳئون جهلڻ واري کي ڳئون جهلڻ کان اڳ ئي خالد بن وليد کي جهلڻون هو.
جهلي ورتائينس،
جنگهلي ڳئون ته هڪ بهانو هو
جنهن بهانو بنائي موڪليو هو، اُن ئي اهو ڳجهه ٿي ڄاتو ته اها ڪيڏانهن ويئي،
آئي به الائجي ڪٿان هُئي.
اڪيدر، جنگهلي ڳئون کي جهلي نه سگهيو
ڊپ سبب هئڊو ٿي ويل ڪيدر، خالد بن وليد جو قيدي بنجي آقاﷺ جي روبرو پيش ڪيو ويو.
هن ماضيءَ ۾ مسلمان قافلن جي خلاف ڪيتريون ئي شرارتون ڪيون هُيون.
هاڻي هو سڀني تي شرمسار هو.
ڏنڊ ۾ هن ٻه هزار اُٺ، اَٺ هزار چار سئو ٻڪريون، اٺ سئو گهوڙا، چار سئو زرهون ۽ هڪ سئو وسق ڪڻڪ ڏني. پاڻ به اسلام قبول ڪيائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته ٻُڌڻ ۾ اچي ٿو ته پوءِ ڦرِي ويو.
گمان اهو آهي ته اڪيدر کان مليل اُٺن، ٻڪرين، گهوڙن ۽ ڪڻڪ مان مسلمانن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو ڪجهه خرچ نڪري آيو هوندو.
اُتي ئي تبوڪ کان لڳ ڀڳ ٻه سئو ڪلوميٽر مٿي اولهه ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي بند شاخ ”خليج عقبه“ جي ڪناري آباد فلسطيني شهر ”ذيله“ جو حاڪم ”يوحنا بن رويه“ پاڻ هلي آيو. ڀليڪار ڪيائين ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم سان هڪ اتحادي بنجي تحريري معاهدو ڪيائين. اُن ٺاهه موجب هن ساليانو ٽي سو دينار ڏيڻ منظور ڪيا.
تبوڪ جي ڏينهن ۾ ئي مسلمانن کان زڪوات ۽ غير مسلمانن کان جزيو وٺڻ جا آسماني احڪام مليا هئا.
جن جي تعميل ٿي.
يوحنا سان ٿيل ’امن ٺاهه‘ جا ڪجهه نقطا هن ريت هئا ته يوحنا ۽ سندس حليفن جي لاءِ خشڪي ۽ سمنڊ جي رستن جو تحفظ اسلامي رياست جي ذميداري هوندي، جيڪي سندن سرحدن مان گذرندا ۽ اهو ئي اصول يوحنا تي لاڳو هو. يوحنا تي اهو به لاڳو هو ته هو انهن ندين کي نه روڪي. جيڪي اُن علائقي مان وهي، مسلمانن جي علائقن ۾ اچن ٿيون. ]ان لحاظ کان اپ اسٽريم درياهه يا ندين جي پاڻيءَ جو تحفظ شايد دنيا ۾ پهريون ڀيرو آقاﷺ تبوڪ ۾ ڪيو.[
هي اهو ئي اصول هو، جيڪو اسان پنهنجا ئي درياهه پاڙيسري ملڪ کي وڪڻڻ وقت ٽوڙي ڇڏيو.
ٻيو شرط اهو هو ته يوحنا ۽ سندس حليفن کي مسلمانن جي رستن جي ناڪابنديءَ جو اختيار نه هوندو، پوءِ ڀلي اهي رستا خشڪي جا هجن يا سامونڊي. آقا صلي الله عليھ وسلم معاهدي جي توثيق ڪئي ۽ پنهنجن ڪلهن تي پاتل يمني چادر يوحنا بن رويه کي ڏني.
ڀَرپاسي جي ٻن ٻين شهرن جا حاڪم به آڻ مڃي آقا صلي الله عليھ وسلم جي خذمت ۾ حاضر ٿيا.
جزيي جي شرط تي امن ماڻيائون
انهن ۾ ”جريا“ ۽ ”ذراح“ جي ننڍين ننڍين رياستن جا حڪمران به هئا.
آقا ﷺ ويهه ڏينهن تبوڪ ۾ ترسيا.
ڪوبه مقابلي ۾ نه آيو.
جتي آقا ﷺ، تشريف فرما ٿيا، اُتي هاڻ هڪ مسجد آهي.
مسجد رسول ﷺ.
اها مسجد ترڪ دور ۾ هڪ ترڪ پرستار 1245ع ۾ ٺاهي هئي. اُتي ئي ڀرسان ترڪ قلعو به موجود آهي، جتي اڄ ڪلهه تبوڪ جبل آهي.
تبوڪ ۾ ڪابه جنگ نه ٿي
پر آقا ﷺ جيڪي نشان مقرر ڪيا هئا، اِهي پورا ٿيا.
رومي فوج بلقاء تائين پويان هٽي ويئي
تبوڪ اسلامي رياست جو علائقو تسليم ڪيو ويو.
ڀرپاسي جي قبيلن نحم، جزام، عاحله ۽ غسان مسلمانن جي برتري مڃي ورتي. ويجهن شهرن پنهنجون وفاداريون مديني سان لاڳاپي ڇڏيون. رستي ۾ وسندڙ قبيلن، بَدوئن جي ڳوٺن ۽ ننڍن ننڍن علائقن جي رهواسين پنهنجي اکين سان اسلام جي ان عظيم فوجي سگهه جو مشاهدو ڪري ورتو ۽ امن تي رهڻ تي مجبور ٿي ويا.
اها ڪل پنجاهه ڏينهن جي مهم هئي
ٽيهه ڏينهن اچڻ ۽ وڃڻ جا
ويهه ڏينهن اُتي رهائش جا
واپسيءَ واري سفر ۾ قوم ثمود جي عبرت واري علائقي ’وادي حجر‘ مان لنگهڻ ٿيو. اُتي پٿرن کي ڪَٽي شهر جوڙيو ويو هو، جتي خدا جو ڏمر نازل ٿيو هو، ڇو ته اُن قوم حضرت صالح عليھ السلام جي اُٺڻ جون ٽنگون ڪپي ڇڏيون هُيون ۽ جيڪو کوهه اُن اُٺڻ جي پاڻي پيئڻ جي لاءِ ٺاهيو هئن، ان مان پنهنجي حصي کان وڌيڪ پاڻي پيئڻ لڳا هئا.
آقا ﷺ ، پنهنجن ماڻهن کي ان کوهه مان پاڻي پيئڻ جي لاءِ چيو هو. ان اُٺڻ جو حصو اڄ به ان کوهه جي ذمي باقي آهي. آقا ﷺ پنهنجن ماڻهن کي چيو هو ته ان ڏمر واري علائقي ۾ نه وڃجو، جيڪڏهن وڃڻون به پوي ته لڙڪن هاڻين اکين سان وڃجو، ڏکارا ٿي وڃجو.
خدا جي ڏمر کي ياد ڪري وڃجو
خدا جي عذاب کان بچڻ جي دعا ڪري وڃجو
اُتي ويل ٻه ماڻهو ڪِري پيا
هڪ کي آقا ﷺ دم فرمايو، اهو بچي ويو
ٻيو بچي نه سگهيو.
چون ٿا، ڪو هوا جو واچوڙو آيو، ان کي اُڏائي ويو.
اُن مهم جي دوران فوج ۾ به ۽ پويان مديني ۾ به منافقن جي سڃاڻپ چٽي ٿي ويئي.
الله هڪ هڪ ڪري انهن سڀني منافقن جي سُڃاڻپ ڪرائي ڇڏي.
اُنهن جون نشانيون ٻڌائي ڇڏيون
اُنهن جو انجام ٻڌائي ڇڏيو
سفر ۾ به هڪ منافق پنهنجي منافقت ڳالهائڻ لڳو.
آقا ﷺ جي اُٺڻ سفر جي ڪنهن پڙاءُ ۾ گم ٿي ويئي
ماڻهو کيس ڳولهڻ لڳا
منافق جي دل جي ڳالهه زبان تي اچي ويئي.
چيائين: چون ٿا ته آسمان جي خبر رکي ٿو، پر پنهنجي اُٺڻ بابت خبر نه اٿس ته ڪيڏانهن هلي ويئي.
آقا ﷺ ٻڌي ورتو، فرمايو:
مون کي ايتري خبر آهي، جيتري مون کي خدا ٻڌائي ٿو.
هاڻي مون کي ٻڌايو ويو آهي ته منهنجي اُٺڻ فلاڻي ماٿريءَ ۾ آهي، ان جي مُهار هڪ وڻ ۾ ڦاسي ويئي آهي، جنهن ڪري اها اتي بيٺي آهي.
ڪجهه صحابين اتي وڃي، اٺڻ کي ان حالت ۾ ڏسي ڇڏائي وٺي آيا.
اُٺڻ ته اچي ويئي
پر منافق سڃاڻجي پيا
آيتون لٿيون
”هي (منافق) اهڙا آهن، جيڪي صدقو ڏيندڙ مسلمانن کي صدقن جي باري ۾ گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا ۽ اُنهن ماڻهن تي طنز ڪن ٿا، جن کي محنت، مزدوريءَ جي لاءِ ڪجهه نه هوندو آهي. الله کانئن سندن طنز جو بدلو وٺندو ۽ انهن جي لاءِ دردناڪ سزا هوندي ]قرآن: سورة توبه 9-79[
اُن سڄي مهم ۾ جيڪي ماڻهو بي نقاب ٿيا، سي سڀ منافق هئا،
جڏهن تياري ٿيڻ لڳي هئي ته اهي حوصلو ٽوڙڻ جي لاءِ چوندا وتندا هئا
ههڙي گرميءَ ۾ ويندؤ.
ماڻهن جي همت ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.
اجايا سجايا عذر ۽ بهانا پيش ڪرڻ لڳا.
آسمان مان وحي لٿي.
”الله اوهان کي معاف ڪري ڇڏيو، پر اوهان انهن کي موڪل ڇو ڏني هئي جيستائين تنهنجي سامهون سچا ماڻهو ظاهر نه ٿين ها ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ وارن بابت معلوم نه ڪري وٺو ها.“ ]قرآن: سورة توبه 19-10]
الله انهن منافقن جي سڄي نفسيات لکي موڪلي ڇڏي.
”جيڪڏهن ڪجهه ملڻ جو آسرو هجين ها ۽ سفر به معمولي هجي ها ته هي اوهان ﷺ سان ضرور هلن ها. پر کين پنڌ ئي پري لڳو ۽ هينئر ئي خدا جو قسم کڻي ويندا ته جيڪڏهن اسان جي وس ۾ هجي ها ته اسين ضرور توسان هلئون ها. اهي پنهنجو پاڻ کي برباد پيا ڪن ۽ الله ڄاڻي ٿو ته اهي ڪوڙا آهن.]توبه. 9/42 [
انهن پويان رهندڙن ۾ بدو، منافق ۽ ڪجهه صحابي هئا. صحابين وٽ جائز عذر موجود هو. سواءِ انهن ٽن جي، جن ڪو ڪوڙو عذر پيش ڪرڻ کانسواءِ سچ ڳالهايو ته اها اسان جي سُستي ۽ ڪاهلي هئي. اسين ڏوهي آهيون ۽ الله کان معافي ٿا گهرون.
اُنهن لاءِ پوءِ پورن پنجاهه ڏينهن کانپوءِ معافي لٿي،
اُنهن جي غلطي معاف ڪئي ويئي.
اها مهم به پنجاهه ڏينهن جي هئي.
اهي ٽيئي صالح مسلمان ۽ جليل القدر اصحابي هئا.
انهن جي لاءِ آسمان تان ڪلام آيو.
”... ۽ اُنهن ٽن شخصن جي حال تي به، جن جو معاملو ملتوي ڇڏيو ويو هو، ايستائين جو زمين پنهنجي ڪشادگيءَ جي باوجود به مَٿن تنگ ٿيڻ لڳي ۽ خود پنهنجي زندگيءَ مان بيزار ٿي پيا ۽ هُنن سمجهي ورتو ته خدا کان ڪٿي به پناهه ملي نٿي سگهجي. سواءِ اُن جي ته ڏانهنس رجوع ڪيو وڃي، پوءِ انهن جي حال تي ڌيان ڌريو ويو ته جيئن هو آئنده به رجوع ڪن. بي شڪ الله گهڻو ڌيان ڌرڻ وارو آهي ۽ وڏو رحم ڪرڻ وارو آهي. ]قرآن سورة توبه 9-118[
اهي ٽيئي خوشنصيب مسلمان سيدنا ڪعب بن مالڪ ]رسالت جو پروانو، بيعت عقبه ثاني ۾ بيعت ڪندڙ، جيڪو پهريون ڀيرو جڏهن آقا صلي الله عليھ وسلم سان ملڻ جي لاءِ خانه ڪعبه ويو ته آقا ﷺ کيس ڏسندي ئي فرمايو. اَڇا! اهو ڪعب بن مالڪ، جيڪو شاعر آهي[ ٻيو، سيدنا مراره بن ربيع ۽ ٽيون سيدنا هلال بن اُميه، اهي ٻيئي بدري مجاهد هئا، جن جو مقام ۽ درجو گهڻو اوچو هو. انهن ٽنهي کانسواءِ 81 منافق پويان رهجي ويا هئا. واپسيءَ تي هنن ڪوڙا عذر بيان ڪيا. آقا ﷺ فرمايو، جيڪو پنهنجي زبان سان چئو ٿا، چوندا رهو، آءٌ اوهان کي ڪوڙو نٿو چوان، اوهان جي دلين جو معاملو الله تي ٿو ڇڏيان. الله کير ۽ پاڻيءَ کي ڌار ڌار ڪري ڇڏيو.
اُنهن ئي منافقن گڏجي مسجد ضرار جوڙي هئي.
آقا ﷺ ، تبوڪ جي سفر تان واپس پهچي هڪ حڪم ڏنو هو
منهنجي مديني پهچڻ کان اڳ مسجد ضرار کي باهه ڏيئي ڇڏيو
باهه ڏني ويئي.
پوءِ جهاد کان جهاد اڪبر تائين منزل آئي.
مسجد ضرار مسلمانن ۾ فتني، فساد ۽ فرقي واراڻين سرگرمين جو نشان هئي، تنهن ڪري آقا صلي الله عليھ وسلم حڪم ڏنو ته اها ساڙي وڃي.
ساڙي ويئي.
اهو ”جهاد اڪبر“ هو.
اڃ تائين ڪنهن اُن ڳالهه تي ويچاريو ئي نه آهي
ته ڪيتريون ئي مسجدون فتني، فساد ۽ عناد جو ٻج ڇَٽي رهيون آهن.
قرآن انهن کي ”مسجد ضرار“ چوي ٿو.
خدا جو رسول ﷺ اُنهن کي ساڙڻ جو حڪم ڏي ٿو.
قرآن جا لفظ اڄ به پُڪاري رهيا آهن.
”۽ ڪي اهڙا آهن، جن اُن ڪري مسجد ٺاهي ته نقصان رسائين ۽ ڪفرجون ڳالهيون ڪَن ۽ ايمان وارن ۾ ڦُوٽ وجهن، ۽ ان شخص جي قيام جو سامان ڪن، جيڪو اُن کان اڳ خدا ۽ رسول (ﷺ) جو مخالف آهي ۽ هو قسم کڻندا ته هنن جي نيت ڀَلائيءَ کانسواءِ ٻي ڪابه نه آهي ۽ الله گواهه آهي ته اهي بلڪل ڪوڙا آهن ۽ تون (صلي الله عليھ وسلم) ان ۾ ڪڏهن به کڙو نه ٿئج. ]سورة توبه: 100-108[
اسان ڪنهن اهڙي مسجد جي اڏجڻ کان اڳ سوچيو ئي ڪونهي ته جتي خدا کڙي ٿيڻ کان منع ڪئي آهي، هي اِهي ئي مسجدون آهن، جيڪي مسلمانن ۾ ڦوٽ ۽ تفرقو پيدا ڪن ٿيون، اُتي پنهنجي پنهنجي مسلڪ ۽ فرقي جون ڳالهيون ڪن ٿا، جتي ٻين مسلڪن جي برائي بيان ڪئي وڃي ٿي.
اهي سڀ نقصان رسائيندڙ ’ضرار مسجدون‘ آهن.
جن جي باري ۾ خدا ۽ ان جي رسولﷺ جو چٽو حڪم آهي
جنهن جي تعميل ضروري آهي
تبوڪ جي مهم اسلامي رياست جي شڪل چٽي ڪري ڇڏي
اُن جي جاگرافي ٻُڌائي ڇڏي
اهو به ٻُڌائي ڇڏيو ته ان سلطنت کي اڳتي هلي ڪيتري تيزيءَ سان اڳتي وڌڻون آهي. اُن سان گڏ اسلامي مملڪت جي فردن ۽ شهرين ۾ صالح مومنن ۽ فساد پيدا ڪندڙ منافقن جي وچ ۾ ليڪ ڪڍي، ٻنهي گروهن جي نشاندهي ڪري ڇڏي.
مُنافقن جي چٿڻ جو حڪم ڏنو.
مومنن کي ”جهاد“ کان ”جهاد اڪبر“ طرف وڌڻ جو حڪم ڏنو.
”جهاد اڪبر“ پنهنجي اَنا سان وڙهڻ
پنهنجي نفس جي چاهتن کي نه چاهڻ
خدا جي چاهت کي چاهڻ
خدا جي مخلوق سان پيار ڪرڻ
سَچ تي قائم رهڻ
سچ کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه نه ڪرڻ
پنهنجي غرض کي هر غرض کان هيٺ ۽ آخر ۾ رکڻ
خدا ۽ اُن جي مخلوق کي پهرين ترجيح بنائي رکڻ،
جنهن هيءَ سڄي جُوڙ جوڙي آهي
ڏسڻ ۾اها مُهم بي حد ڏيا دار ۽ دٻدٻي واري هئي.
ڊگهو سفر هو،
موسم گرم هئي،
ماڻهو گهڻا هئا،
وسيلا گهٽ هئا،
پر محسوس ڪرڻ ۾ اُن مهم جا اثر گهڻو پري پري تائين پيا هئا.
ڀرپاسي جي قبيلن ڏسي ورتو ته اسلامي حڪومت ۾ ايتري سگهه آهي، جو اها دنيا جي سڀني کان سگهاري رياست روم کي للڪاري سگهي ٿي، تنهن ڪري سڀ قبيلا ۽ عربستان جون رياستون ڪنڌ جُهڪائي تابع ٿي ويون.
اسلام ۾ ڪوبه جبر ڪونهي.
ڪنهن قبيلي يا رياست کان اها گهر نه ڪئي ته مسلمان ٿي وڃو يا وڙهو.
ڪيترين ئي رياستن جزيو ادا ڪرڻ جو وعدو ڪيو ۽ مسلمان کين سندن دين، اُنهن جي رسمن ۽ رواجن تي،سندن پنهنجي رسمن ۽ طور طريقي موجب قائم رهڻ جي موڪل ڏني، نه رڳو اهو، پر اُنهن جي حفاظت ۽ نگهبانيءَ جو ذمون پڻ کنيو. کين ڪنهن لشڪر ڪشيءَ ۾ مدد ڏيڻ جي گهرج به نه پوندي هئي.غير مسلمان جيڪڏهن اهو ”جزيو“ ڏيندا هئا، جنهن جو اُن ئي سال آسمان تان حڪم آيو هو، ته مسلمانن لاءِ به زڪوات ادا ڪرڻ جو حڪم آيو هو، ايئن هڪئي رياست ۾ ٽئڪس جا ٻه نالا هئا ۽ رياست جي وفاداري ٻنهي تي لازمي هئي.
تبوڪ جي مُهم کانپوءِ سڄي عربستان مان وفد مديني اچڻ لڳا.
انهن وفدن جي اچڻ جو سلسلو مڪي جي فتح کان هڪدم پوءِ شروع ٿي ويو هو.
تبوڪ جي مهم کانپوءِ اُنهن جي اچڻ جي رفتار وڌي ويئي.
قبيلن ۽ رياستن جا اِهي وفد ايمان آڻڻ ۽ پنهنجي وفادارين جو آقاﷺ جي هٿن تي حلف کڻي يا اتحادي بنائڻ جي لاءِ مديني ايندا رهيا. اُنهن جي اچڻ سان سڄو عربستان، آقاﷺ جي زندگيءَ ۾ ئي، آقاﷺ جي سربراهيءَ ۾ هڪ مڪمل رياست جي وحدت ۾ جڪڙجي چڪو هو.
آقاﷺ اُن مهم جي پنجاهه ڏينهن کانپوءِ رمضان نائين هجريءَ تي واپس مديني پهتو، ته فرمايائون:
”هي طابه آهي
۽ هي احد جبل اسان سان محبت ڪري ٿو
۽ اسين ان سان محبت ٿاڪريون.“
مديني جون ٻارڙيون ۽ ٻارڙا، عورتون ۽ مرد، پوڙها، سڀ گهرن کان ٻاهر آڌر ڀاءُ جي لاءِ نڪري آيا
ڇتين تي چڙهي ويا
وڻن تي ٽنڊري پيا
ڀتين تي چڙهي بيٺا
درين سان لٽڪي پيا
هر ڪو خوشيءَ ۾ اهو ئي ڳيچ ڳائي رهيو هو، جيڪو هنن نوَ سال اڳ آقاﷺ جي مڪي مان هجرت ڪري مديني اچڻ مهل ڳاتو هو،
اُن ڏينهن شام جو ٻيهر ٻارڙيون دڦ وڄائي ڳائي رهيون هيون:
”اسان تي شيته الوداع کان چوڏهين جو چنڊ اُڀريو آهي
جيستائين سڏيندڙ الله کي سڏيندا.
اسان تي شڪر واجب آهي.“