وفدن جو اچڻ
قرآن پاڪ جي ’سورة النصر‘ ۾ الله تعاليٰ خوشخبري ٻُڌائي هئي.
اِها پوري ٿي.
”اوهين الله جي دين ۾ ماڻهن کي ٽولين جي صورت ۾ داخل ٿيندي ڏسندؤ.“
اهي ڏسڻ جا ڏينهن اچي ويا
ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ اچڻ شروع ٿيا.
عربستان جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو مديني اچڻ لڳا، اُٺن تي، گهوڙن تي، گڏهن تي، خچرن تي، جنهن کي جيڪا سواري ملي، هو ان تي ويهي روانو ٿيو. ڪيترا ته پنڌ ئي پنڌ هلندا اچي پهتا. ڪا ننڍي ٽولي اچي رهي هئي ته ڪي وري سَون ماڻهن جي جٿي جي صور ت۾. ماڻهو ٺهيل جُڙيل وڏن ۽ سُٺن ڪپڙن ۾، ته ڪي وري ٿڪا مانڌا، مٽيءَ ۾ ڀڀوت مسافري ڪندا اچي پهتا. سڀني وٽ پنهنجي سگهه ۽ پُڄت آهر محبت سان کنيل نذرانن جون هَڙون، جن ۾ پنهنجي پنهنجي علائقي جون سوکڙيون پاکڙيون هيون، ڪن ڪپڙا پي آندا ته ڪن وري چمڙي جون رڱيل نفيس کلون، ڪن گهر جي لاءِ ٿانوَ پي آندا ته ڪن مٿي تي ٻڌڻ جي لاءِ پٽڪا، ڪي پيرن ۾ پائڻ جي لاءِ جوتا کڻي آيا، هر ڪو وڌي چڙهي، پاڻ کي محبت ۽ نياز منديءَ جو اهل ثابت ڪري رهيو هو.
آقا ﷺ ۽ اسلام سان وفاداريءَ جو حلف کڻي رهيو هو.
سن 9 ۽ 10هين هجريءَ ۾ مدينو، عربستان جو ’ڪاسمو پوليٽن‘ شهر بنجي ويو، جتي روزانو ڪُل عرب ڪانفرنس يا سيمينار ٿي رهيو هُجي، مسجد نبوي، مهمانن کي ترسائڻ جي جاءِ، مسجد جي اڱڻ ۽ ٻاهر تنبو لڳي ويا، ڪي ماڻهو مديني جي گهرن ۾ ٽڪايا ويا.
سڀني جي سٺي خذمت چاڪري ڪئي ويندي هئي،
ماڻهو سوکڙيون کڻي ايندا هئا ۽ هديه کڻي واپس ويندا هئا،
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ طرفو وٺندڙن مان نه هئا،
پوءِ جيڪي سوکڙيون اينديون هيون، اهي مملڪت جي بِلي.
پنهنجي گهر ۾ اهو ئي پراڻو، پيالوکجيءَ جي ڦڙن جو تڏو.
کجي جي ڦڙن سان ڀريل چمڙي جو وهاڻو، ٻه جوڙا ڪپڙن جا، هڪ پٿر جو جنڊ ۽ اوڌر تي ورتل کائڻ لاءِ جوَ.
عربستان جي ڪابه ڪُنڊ نه بچي هئي، جتان ڪير نه آيو هُجي، هر هنڌان ماڻهو ڀڳا:
حاضر سائين
وفادار
ايمان آڻيندا هئا
پاڻ ﷺ تاجدار هئا
جيڪو حڪم ملندو،
اُن جي پورائي ٿيندي هئي ڀرپور طريقي سان
اوهان کي ڪڏهن به نه ڇڏينداسين
اوهان کانسواءِ زندگي اجائي آهي،
سڀ پهچي ويا، وفدن جو انگ ستر ٻڌايو وڃي ٿو، مسلمانن جو تعداد ايترو ته تيزيءَ سان وڌيو، جو گذريل ٻاويهن سالن ۾ اهي مس ڪجهه هزار هئا، هاڻ انهن جو تعداد لکن ۾ پهچي ويو. مڪي جي فتح ۾ ڏهن هزارن جي فوج هئي، جيڪا پندرهن ڏينهن ۾ وڌي ٻارهن هزار بنجي ويئي. ڪجهه ئي مهينن ۾ ٽيهن هزارن جو لشڪر تيار ٿي تبوڪ پهتو ۽ ٻي سال ڏهين هجريءَ ۾ حجةالوداع جي موقعي تي اهو ميڙ هڪ لک چوويهن هزارن تي پهچي ويو.
ٻاويهين سالن تائين آقا ﷺ سڄي عربستان ۾ جيڪو حق، صداقت، امانت، قيادت، قرآن جي بَلاغت ۽ شخصي اخلاق جو ٻج پوکيو هو، ان جو فصل تيار ٿي چڪو هو.
ميوه پَچي راس ٿي ويو.
اُن جي سُرهاڻ
سڄي عربستان ۾ پکڙجي ويئي
بَدوئن جون صدين تائين، ڪنهن حڪمران جي قيادت تي راضي نه ٿيندڙ وَستيون، پاڻ ۾ ڪيترين ئي پيڙهين کان وڙهندڙ قبيلا، پنهنجي سڀني تڪليفن کي وساري، انا جي پٿرن ۽ پٿرن جي خدائن کان منهن موڙي، هڪ اڪيلي خدا جي عبادت ۽ هڪ آخري رسول صلي الله عليھ وسلم جي اطاعت تي راضي ٿي ويا.
وکريل لوهه جا منتشر ذرڙا
هڪ ڏِسا ۾ ٿي
چقمق بنجي ويا-
هاڻ اُن سڄي دنيا جي لوهه کي پاڻ جهڙو ميگنٽ بنائڻو هو.
هڪ رخ ۾
سمجهه، بر دبار، لولاڪ جو ڌڻي، عزت ۽ نرم سڀاءَ وارو.
تبوڪ کان واپسيءَ تي، جيڪو سڀ کان پهرين وفد حاضر ٿيو، آقا صلي الله عليھ وسلم کي اُن جو گهڻو اوسيئڙو هو.
اهو طائف جو وفد هو.
اهائي طائف، جتي آقا ﷺ مڪي مان زيد بن حارثرضه سان پنڌ ئي پنڌ ويا هئا ۽ کُڙين تائين رت ڳاڙهيندا،زخمن سان ڏکوئجي واپس وريا هئا. اتان جو سردار عروه بن مسعود ثقفي حاضر ٿيو. طائف جي گهيري جي دوران هو يمن ويل هو ۽ آقا ﷺ جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ جي لاءِ بي چين هو. تبوڪ ۾ پنجاهه ڏينهن رهي، جڏهن آقا ﷺ مديني واپس پهتا ته هو ڀڄندو آيو.
پنهنجي اطاعت جو اعلان ڪيائين
مسلمان ٿيو
۽ ٻَڌو ٻانهون بنجي ويو
آقا ﷺ جي عشق ۾ سرشار ٿي ويو
چيائين: وڃي پنهنجي قوم کي ٺيڪ ٿو ڪريان.
”لات“ جي بُت کي ڀَڃي ڀورا ٿو ڪريان.
آقاﷺ، مڪي ۽ ڀرپاسي جا بُت، مڪي جي فتح کان پوءِ اُنهن ئي ماڻهن هٿان ڀَڃرايا هئا، انهن بتن کي ڊاهڻ لاءِ گهڻو ڪري خالد بن وليد کي موڪليو ويندو هو. پر ”لات“ ۾ ته طائف وارن جي جان هئي. هو کيس خدا جي پسنديده ڌيءَ سمجهندا هئا. اُتي وڏو ميلو لڳندو هو، اهو اُن شهر جي سڃاڻپ هو.
آقاﷺ، پنهنجي پرواني عروه بن سعود ثقفيءَ کي سمجهايو ته متان توکي ماڻهو نقصان نه رسائين. ”لات“ جي باري ۾ انهن جي عصبيت گهڻي ۽ سَهپ گهٽ آهي، سيدنا عروه بن مسعود ثقفي هر دلعزيز سردار هو، عرض ڪيائين ته آقاﷺ، منهنجي قوم مون تي فدا آهي، هينئر ئي وڃي کين پنهنجو فرمانبردار ٿو بڻايان.
ويو
ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏنائين،
”لات“ کي لتون هنيائين
ٻي ڏينهن ماڻهن کي نماز لاءِ سڏيائين
ماڻهن لڪي تير ڇوڙيا
سيدنا عروه بن مسعود ثقفي شهيد ٿي ويو.
هاڻ ته طائف وارا پريشان ٿي ويا
مَري وياسين
هاڻ مسلمان نه ڇڏيندا،
ڪو ٺاهه جو طريقو ڪڍجي.
معافيءَ جي ڪا صورت ڪڍجي
هُنن عبداياليل کي ٺاهه ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو
اهوئي عبدياليل، جنهن رولو ڇورن کي هٿن ۾ پٿر ڏيئي آقا ﷺ جي پويان بَڇيو هو ۽ چَٿر ڪندي چيو هئائين، ”خدا توکي رسول چونڊيو آهي، جنهن وٽ چڙهيءَ لاءِ پنهنجي سواري به ڪونهي.“
هو ڊنل هو،
هَڄيل هو،
آقا ﷺ کي پراڻيون ڳالهيون ۽ گذريل تڪليفون ياد هونديون؟
۽ ٻي ڪا صورت به ڪانه هئي،
پنهنجي قوم ۽ پنهنجي شهر کي بچائڻون هو،
پاڻ سان پنج ماڻهو کنيائين ۽ مديني پهچي ويو.
انهن مان هڪ ننڍي وهيءَ وارو عثمان ابن العاص ثقفي به هو.
آقا ﷺ جي دعا کين ڇڪي آندو.
مديني ۾ سيدنا مغيره بن شعبهرضه ان وفد کي مديني ۾ گهڙندي ڏٺو ۽ خوشيءَ مان ڊوڙندو خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ آقا ﷺ ڏانهن ڀڳو.
آقا ﷺ کي اُنهن جو اوسيئڙو هو،
رستي ۾ سيدنا ابوبڪر مان ملاقات ٿيس،
سيدنا ابوبڪر گذارش ڪئي ته،
آقا ﷺ کي اِها خوشخبري مون کي ٻڌائڻ ڏي
سيدنا مغيره هاڪار ڪئي.
آقا ﷺ ٻُڌي خوش ٿيا
مسجد نبوي ۾ شاميانا لڳي ويا
هو روزانو مسلمانن کي نماز پڙهندي ڏسندا هئا ۽ قرآن ٻُڌندا هئا.
ماني، آقا ﷺ جي گهران ايندي هئي
هو ڊنل هئا،
کين پنهنجا ظلم ياد هئا
سيدنا خالد بن وليد رابطا آفيسر مقرر ٿيو، طائف وارا اُن ڊپ ۾ ورتل هئا، سندن ماني کائڻ کان اڳ خالد بن وليد گرهه وات ۾ وجهندو هو، پوءِ هو کائيندا هئا.
ڳالهيون مُهاڙيون شروع ٿيون
طائف جو ثقفي نسل در نسل فيوڊل نواب هئا.
ڀَلين زمينن جا مالڪ هئا،
ٿڌن، خوشگوار، ساين جبلن جا مالڪ
عربستان جي سُٺي انگور ۽ کجور جي شراب جا شوقين
رنگين مزاج
اَنا جا ماريل... هٺيلا...
ريشمي ڪپڙن تي مِٽيءَ جو ٽِڪو به لڳڻ نه ڏيندا هئا،
هنن گهر ڪئي
سرڪار... اسان کي رعايت ڏيو
ڪهڙي رعايت؟
شراب پيئڻ جي موڪل
نه،
وياج وٺڻ جي موڪل
بلڪل نه
بدڪاري ۽ زنا
خبردار.
پوءِ، ڀلا نماز معاف ڪئي وڃي
اهو ته ٿي ئي نٿو سگهي، آقا ﷺ فرمايو
لاخير في دين لاصلواة فيها.
”ان دين ۾ ڪابه بهتري ڪونهي، جنهن ۾ نماز نه هجي.“
ثقفي هوريان هوريان سڀني مطالبن تان هٿ کڻي رهيو هو.
پڇاڙيءَ ۾ چيائين
اسان جي بُت ”لات“ کي ٽن سالن تائين نه ٽوڙيو وڃي.
آقا ﷺ ، نهڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو.
هُنن ”لات“ جي لاءِ هڪ مهيني جي مهلت گهري
نه ملي.
هاڻ هو پريشانيءَ مان هڪ ٻي جو منهن ڏسڻ لڳا. هنن جي نرڙ تي مديني جي خوشگوار موسم جي هوندي به پگهر اچي ويو. اهي پنج ئي گهڻي دير تائين ماٺ ۾ رهيا، پوءِ عبدياليل ليلائيندي چيو.
بس هڪ آخري سَڌ اٿئون... اها ته مڃجو.
آقا ﷺ پُڇيو: ڪهڙي؟
جيڪڏهن اوهان کي لات جو بُت ٽوڙائڻو ئي آهي ته اهو اسان کان نه ٽوڙايو.
آقا ﷺ مُرڪيا ۽ اها ڳالهه مڃي ورتي.
هو اُن ۾ خوش ٿي ويا، اطاعت جو اعلان ڪري مسلمان ٿي پنهنجي ماڳ موٽيا. آقا ﷺ ، مڪي ۾ ابو سفيان بن حرب کي نياپو موڪليو ته مغيره بن شعبه ۽ ڪجهه اصحابين کي پاڻ سان گڏ وٺي طائف وڃ ۽ طائف جي سڀني کان وڏي بُت خاني جي بُت ”لات“ کي ٽوڙي ڇڏ.
اهو ئي ابو سفيان، جيڪو ڪڏهن خود هبل ۽ لات جا قسم کڻي مسلمانن کي تڪليفون رسائڻ جي لاءِ ايندو هو. ڪُلهي تي ٽيڪم رکي طائف روانو ٿيو. ان وقت تائين سندس دل ۾ اسلام جي روشني لهي آئي هئي. باقي جيڪو ٿورو گهڻو شڪ رهجي ويو هو، اهو به تڏهن دور ٿي ويو هوندو، جڏهن سندس هٿان سندس پراڻون خدا، جنهن کي هو خدا جي ڌيءَ ”لات“ سمجهندو هو، ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. جناب ابو سفيان جي دل ۾ فقط هڪ خدا جي وحدانيت رهجي ويئي.
جنهن مهل طائف ۾ ”لات“ جو بُت ڀڳو پي ويو، ثقفي عورتون ڇتين تي چڙهي روڄ راڙو ڪندي، ڍڪون ڏيئي روئي رهيون هيون، ڊنل ۽ هَڄيل هُيون.
سندن خدا مري رهيو هو
هو ڪنهن اَڻ ڏٺل عذاب کان ڊڄي رهيون هُيون
وڏي وهيءَ وارا پوڙها ڪُنڊن ۾ لڪي وهي رهيا هئا
پرٿيو ڪجهه به ڪين.
هُنن جڏهن گهر مان ٻاهر نڪري، پنهنجي خدا کي ٽڪر ٽڪر ٿيل حالت ۾ ڀڳل ڏٺو ته پهريون ڀيرو سوچيائون: ’هي ڪهڙو خدا آهي، جيڪو اندران ايترو کوکلو ۽ ٻاهران پٿر.‘
اصل مال ته بُتن جي مُجاورن وٽ هوندو هو، جنهن جي ڪري هو ماڻهن کي بي وقوف بنائي رکندا هئا. لات تي باس تي باسيل ۽ ڏنل سوين مڻ سون ۽ چاندي وٽن هو، جيڪو سڀ گڏ ڪيو ويو.
اُن مال ۽ مڏيءَ جو سڀ کان وڏو حصو ته طائف جي شهيد سردار عروه بن مسعود ثقفيءَ جي پُٽ ابو قبيح ۽ عروه جي ڀائيٽي قارب بن الاسود جي قرض جي ادائيگي تي خرچ ڪيو ويو. باقي بچيل سمورو مال آقاﷺان ئي مهل غريب مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيو.
آقاﷺ طائف جي گهٽين ۾ پٿر کائي، زخمي ٿي، انهن زخمن مان رت ڳاڙهي پِٽَ ڏيڻ جي بدران جيڪا دعا گهري هئي، اها پوري ٿي.
طائف مسلمانن جي سڀني کان وڌيڪ خوبصورت بستي بنجي ويئي.
سڀئي وفد محبت سان سرشار ٿي آيا ۽ هدايت ۽ سلامتيءَ جا مهڪندڙ گل کڻي موٽي ٿي ويا. انهن لڳ ڀڳ ستر آيل وفدن مان ٻه شرارتي ۽ شر سان ڀريل وفد به آيا.
انهن ۾ هڪ وفد ”بنو حنيفه“ جو هو، جنهن ۾ ’مسيلمه ڪذاب‘ سترهن ڄڻن سان گڏ آيو هو. وفد هڪ انصاريءَ جي گهر اچي لٿو. پوءِ آقاﷺ وٽ حاضر ٿي اسلام قبول هو، پر ’مسيلمه ڪذاب‘ جي دماغ ۾ فتور هو، تڪبر ۽ هٺ جي ڪري پاڻ نه آيو.
آقاﷺهن جي شَر کان واقف هو. پر شهر آيل مهمان جو سواگت سٺي نموني ٿيو. آقا ﷺپاڻ هلي اُن بدبخت وٽ ويا.
سندس دلجوئي ڪيائين.
پر هو، جيڪا بدنصيبي پنهنجي ڀاڳ ۾ پنهنجن هٿن سان لکي ويٺو هو، سو ڪيئن ٿي سُڌري سگهيو، چيائين:
’اوهان مون کي، پاڻ کانپوءِ خليفو ۽ نائب بنايو ته بيعت جي لاءِ تيار آهيان. يا وري مون کي پنهنجي رسالت ۾ حصيدار ڪريو، اوهين شهرن جا نبي ۽ آءٌ ڳوٺن جو.‘
آقا ﷺ اُن احمق کي هڪ ڀيرو ڌيان سان ڏٺو.
ان مهل آقا ﷺ جي هٿ ۾ کجيءَ جي هڪ ٽاري هئي.
فرمايائون
”جيڪڏهن تون مون کان هن کجيءَ جو هڪ ڦَڙو به گهرين ته به تون ان جو حقدار نه آهين، نڪو ڏيندس ۽ تون پنهنجي باري ۾ الله جي مقرر ڪيل فيصلي کان ڦِري نٿو سگهين ۽ جيڪڏهن تو پُٺ و رائي ته الله توکي ڀَڃي ڀور ڪري ڇڏيندو. شايد تون ئي اُهو آهين، جيڪو مون کي خواب ۾ ڏيکاريو ويو آهين ۽ هي ثابت بن قيس آهي، جيڪو توکي منهنجي پاران جواب ڏيندو.“
آقا ﷺ اهو فرمائي موٽي آيا.
آقاﷺ جو اهو خواب حضرت ابو هريره ٻڌايو، جيڪو خيبر جي جنگ کان پوءِ آقاﷺ جي خذمت ۾ آيو هو ۽ آقاﷺ جي زندگيءَ جا آخري اڍائي ٽي سال کيس آقاﷺ سان ملڻ جو موقعو مليو. آقاﷺ خواب جي باري ۾ فرمايو:
”مون وٽ سڄي زمين جا خزانا آڻي رکيا ويا ۽ انهن ۾ سون جا ٻه ڪنگڻ منهنجي هٿ تي اچي لڳا... مون کي ڏاڍا ڏکيا لڳا. مون کي چيو ويو ڦوڪَ ڏي. مون ڦوڪ ڏني ته اِهي اُڏي ويا.“
اُن جي تعبير آقا صلي الله عليھ وسلم اها فرمائي ته ٻه ڪوڙا ظاهر ٿيندا.
ايئن ئي ٿيو.
هڪ مسيلمه ڪذاب هو
ٻيو اسود عنسي
اسود عنسي ته آقا ﷺ جي زندگيءَ ۾ ئي مارجي ويو.
مسيلمه ڪذاب، آقا ﷺ جي جانشين سيدنا ابوبڪر جي دور ۾ اُن شخص جي هٿان مُئو، جنهن احد جي جنگ ۾ سيد الشهداءَ امير حمزي کي شهيد ڪيو هو. ڪار وحبشي وحشي بن حرب، جيڪو پنهنجي نشاني تي اڇلائڻ ۾ ايترو ته ماهر هو، جو سندس نشانو خطا نه ٿيندو هو، اهو مسلمان ٿي چڪو هو ۽ آقا ﷺ کيس معاف ڪري ڇڏيو هو. سندس اندر ۾ شايد امير حمزي جي محبت جاڳي، اُن محبت مسيلمه ڪذاب جو خاتمو ڪري ڇڏيو.
ٻيو، گستاخ گروپ الله جي دشمن عامر بن طفيل جو هو، اهو ئي عامر بن طفيل، جنهن ’بيئر معونه‘ جي اصحابين کي دوکي سان قتل ڪيو هو، هڪ نه پر ستر ’اصحاب صفه‘ جي قرآن جي مسڪين قارين کي دوکي سان قتل ڪرائي ڇڏيائين.
هو پنهنجن ماڻهن سان مديني پهتو.
ٿيڻ ته ايئن گهرجي ها ته کيس جهلي، اُنهن ستر مسلمانن جي خون جو بدلو ورتو وڃي، ها، پر هُو مزمان بنجي آيو هو، هونئن به آقا صلي الله عليھ وسلم ڪنهن کي دوکي سان مارڻ پسند نه ڪند اهئا، پوءِ ڀلي هُن ڪيترا به دوکا ڇو نه ڪيا هُجن.
عامر، جيڪو وفد جو ترجمان هو، پنهنجن پراڻن ڏوهن جي باوجود به آڪڙ ۽ بدنيتيءَ تي لهي آيو هو. جيتوڻيڪ کيس خبر هئي ته هاڻ اسلامي سلطنت تبوڪ کان يمن ۽ تهامه کان عدن ۽ بحرين تائين پکڙيل آهي، آڪڙجي چيائين، اوهان منهنجي ڳالهين مان هڪ کي مڃو ته بيعت ڪندس.
پهرين ڳالهه ته اوهان جي لاءِ واديءَ جا رهاڪو ۽ منهنجي لاءِ صحرا نشين.
ٻيو هي ته اوهان کانپوءِ خليفو آءٌ ٿيندس.
نه ته آءٌ غطفان جي هڪ هزار گهوڙن ۽ هڪ هزار گهوڙين سان اوهان تي ڪاهي ايندس. ڪابه ڳالهه مڃڻ جوڳي نه هئي.
آقاﷺ سندس شرط نه مڃيا. دعا ڪيائين، الله منهنجي لاءِ ڪافي آهي ۽ هن قوم کي هدايت ڏي، عامر نه رڳو اهو، پر ان وفد ۾ آندل هڪ همراهه ”ارفبد“ جي هٿان (نعوذ بالله) آقاﷺ جي قتل جي رٿ رٿي هئي. آقاﷺ کي ڳالهين سان لڳائي ”اربد“ گهمي پويان ويو ۽ پنهنجي مياڻ مان تلوار هڪ فوٽ تائين ٻاهر ڪڍيائين، پوءِ الله سندس هٿ جهلي ورتو، سندس هٿ مفلوج ٿي ويو.
واپس ورندي عامر پنهنجي قوم ”سلول“ جي هڪ عورت وٽ لٿو ۽ سمهي پيو. رات جي الله تعاليٰ مٿس ’طاعون‘ لاٿو، ڳچيءَ ۾ هڪ ڳوڙهي نڪتيس، هو ان ڳوڙهي جي ڪري ساهه کڻڻ کي تڙپڻ لڳو ۽ چيائين، هي ڳوڙهي ته اٺ جي ڳلي ۾ ٿيندي آهي. هڪ ئي رات ۾ تڙپي تڙپي مري ويو.
ٻيو جيڪو تلوار ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هو، پنهنجي اُٺ تي وڃي رهيو هو، جو الله مٿس وِڄ ڪيرائي، اها وڄ تلوار بنجي مٿس ڪري ۽ هو سڙي مري ويو.
قرآن ٻنهي جا ڊيٿ سرٽيفڪيٽ موڪلي، محفوظ ڪري ڇڏيو.
”هو وِڄ موڪلي ٿو، پوءِ جنهن تي چاهي، اُن تي ڪيرائي ٿو ۽ اهي الله جي باري ۾ وڙهي رهيا آهن، جيتوڻيڪ اهو سخت وٺ ڪندڙ آهي.“ (سورة الرعد 13:13)
بحرين جي ڏورانهين علائقي مان ٻه ڀيرا وفد مديني آيا، پهريون ڀيرو عبدالقيس جو وفد پنجين هجريءَ ۾ بحرين مان آيو، مسلمان ٿي روانو ٿيو. مديني کان پوءِ پهريون جمعو انهن جي ئي مسجد ”جواثي“ نالي ڳوٺ ۾ ٺهيل هڪ مسجد ۾ پڙهيو ويو، پهريون ڀيرو ايندڙن جو تعداد تيرهن يا چوڏهن هو، ايترو ڊگهي سفر کان پوءِ اهي همراهه جڏهن ٿڪا ٽُٽا، مٽيءَ ۾ ڀڀوت مسجد نبويءَ جي دروازي تي پهتا ۽ سندن نظر آقا ﷺ تي پيئي ته جسم ۽ جان، روح ۽ دل تي قابو رکي نه سگهيا ۽ سوارين تان هڪدم ٽپ ڏيئي هيٺ لٿا ۽ ڊوڙندا اچي آقا ﷺ جي اڳيان ويٺا. اُنهن سان گڏ هڪ ننڍي وهيءَ وارو عبدالله بن عوف الاشج به هو، جيڪو اطمينان سان سواريءَ تان لٿو، ٻين جي اُٺن کي ويهاريائين، وکريل سامان ميڙيائين، ٻه اڇا ڪپڙا ڪڍي پاتائين، پوءِ اطمينان سان هلندو آقا ﷺ جي ويجهو اچي سلام ڪيائين.
آقا ﷺ فرمايو
”تو ۾ ٻه گُڻ آهن، جن کي الله ۽ سندس رسول صلي الله عليھ وسلم پسند ڪري ٿو. دورانديشي ۽ بُرد باري...“
اُن قافلي جي مديني پهچڻ کان اڳ، آقا ﷺ مديني وارن کي چوندا هئا: اوهان وٽ هڪ اهڙو قافلو ايندو، جيڪو اوڀر ۾ ڀَلو آهي، جنهن کي ڪڏهن به اسلام لاءِ مجبور نه ڪيو ويو... پر هنن پنهنجون سواريون ٿڪايون، کاڌي پيتي جو سامان ختم ڪيو، اي الله عبدالقيس کي بخشي ڇڏ.“
جڏهن وفد پهتو ته فرمايائون
”ڀليڪار... نه رسوا ٿيانه ڦِڪا ٿيا.“
پاڻ سڳورن کين چئن ڳالهين جو حڪم ڏنو.
لا الھ الا الله محمد رسول الله جي شاهدي
نماز قائم ڪرڻ
زڪوات ڏيڻ
۽ رمضان جا روزا رکڻ
اڃا حج فرض نه ٿيو هو. مال غنيمت مان پنجين پتي ادا ڪرڻ ۽ نشي وارين شين کان پاسو ڪرڻ، اُنهن ٿانون جي استعمال کان به منع فرمائي، جن ۾ اهي شراب ٺاهيندا ۽ پيئندا هئا.
ٻي ڀيري وفد ۾ چاليهه ڄڻا هئا.
جن ۾ هڪ جارو بن علاء عبدي هو
جيڪو عيسائي هو
هِتي اچي مسلمان ٿي ويو.
عيسائين جو سڀ کان وڏو وفد نجران مان آيو.
آقا ﷺ نجران جي وڏي پادريءَ کي خط لکي اسلام جي دعوت ڏني. هُنن سَٺ ماڻهن جو وفد موڪليو.
يمن جي پَٽاپٽي ڪپڙن ۾ ٺهيل جڙيل ڊگهن جبن کي پَٽ تي بادشاهن وانگر گهليندا هلندا هئا. ريشمي چادرون اوڍيل، سونيون مُنڊيون پاتل ۽ڳچيءَ ۾ سون جا صليب پائي هو وڏي شان ۽ مان سان مديني پهتا.
چيائون: اسين ته اڳ ۾ ئي مسلمان آهيون.
آقا ﷺ فرمايو
هئڻ ته ايئن گهرجي، پر ٽي شيون اوهان کي اسلام کان روڪين ٿيون.
ڪهڙيون ؟ هُنن پڇيو.
آقا ﷺ فرمايو
هڪ صليب جي عبادت، ٻيو سوئر کائڻ ۽ ٽيون اوهان جو اهو گمان ته الله جو پُٽ به آهي.
هنن پُڇيو ته پوءِ سيدنا عيسيٰ جو مثل ڪير آهي، جيڪو پيءُ کان سواءِ پيدا ڪيو ويو.
اُن جو جواب الله، آقا ﷺ جي قلب تي لاٿو.
”بيشڪ عيسيٰ (عليھ السلام) جو مثال الله وٽ آدم (عليھ السلام) جهڙو آهي، جنهن کي الله مٽيءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ کيس چيائين ته ٿي پئو ته اهو ٿي پيو. حق اوهان جي رب پاران آهي. تنهن ڪري اوهين شڪ ڪرڻ وارن مان نه ٿيو. پوءِ تو وٽ علم اچڻ کان پوءِ جيڪو به توکان هن (عيسيٰ) جي باري ۾ حجت ڪري ته کيس چئو ته اچو، اسين پنهنجن ڌيئن ۽ پُٽن کي ۽ پنهنجن عورتن ۽ خود پنهنجو پاڻ کي، پوءِ الله کان دعا گهرو ته ڪوڙن تي هو پنهنجي لعنت موڪلي.“ (القرآن-آل عمران 59-61)
آقا ﷺ سندن سامهون اهي آيتون پڙهيون ۽ مباهلي جي دعوت ڏني،
وقت ۽ جاءِ طئي ٿي
آقا ﷺ پنهنجي گهران سيدنا علي، خاتون جنت سيده فاطمه، سيدنا حَسن ۽ حُسين کي وٺي چادر ۾ ويڙهي آيا.
اهي پنج ئي هستيون مباهلي جي لاءِ پهچي ويون
اُنهن کي ئي پنجتن پاڪ چيو ويو آهي
پر جن کي مقابلي جي لاءِ اچڻو هو،
سي هَڄي ۽ ڊڄي ويا
کين خبر هئي ته آقا ﷺ نبي برحق آهن.
جيڪڏهن رسول الله ﷺ جي زبان مبارڪ مان لعنت جا لفظ نڪتا ته سندن جَهڻ ٻچو رُلي ويندو.
فنا ٿي ويندا.
هُنن نياپو موڪليو
اسان مقابلي تان هٿ کنيو
اسان کان جزيو وٺو
سال ۾ ٻه ڀيرا هڪ هڪ هزار ڪپڙن جا جوڙا
هڪ ڀيرو صفر جي مهيني ۾ ۽ ٻيو ڀيرو رجب جي مهيني ۾، هر وڳي سان گڏ هڪ اوقيه چاندي به هوندي، جنهن جي قيمت ان زماني ۾ چاليهن درهمن جي لڳ ڀڳ هئي.
آقا ﷺ سندن ڳالهه مڃي ورتي.
مڪمل امان ۽ پنهنجي دين تي قائم رهڻ ۽ پنهنجي عبادت گاهن کي پنهنجي مرضيءَ سان آباد رکڻ جي موڪل ڏيئي ڇڏيائون.
قرآن ۽ آقا ﷺ جو جذبو مجموعي طور تي عيسائين جي لاءِ دوستاڻو هو. الله قرآن ۾ آيتون لاٿيون.
”اوهين سڀني ماڻهن کان وڌيڪ مسلمانن سان دشمني رکڻ وارا، اوهين يهودين ۽ مُشرڪن کي ڏسندا ۽ انهن مان مسلمانن سان دوستي رکڻ وارا ويجها ماڻهو اوهين انهن کي ڏسندا جيڪي پاڻ کي نصاريٰ چون ٿا، اهو ان ڪري ته منجهن ڪيترائي علم دوست عالم آهي ۽ ڪيترائي دنيا تياڳڻ وارا درويش آهن ۽ اهو ئي سبب آهي ته اهي ماڻهو آڪڙ وارا نه آهن.“ (سوره مائده 5-85)
قرآن اڳيان چوي ٿو:
”تنهن ڪري الله کين سندن قول جي بدلي ۾ اهڙا باغ ڏيندو، جنهن جي هيٺان واهيون وهنديون هونديون. اِهي سدائين اُن ۾ رهندا ۽ نيڪيءَ جو اهوئي اَجر آهي“ (مائده 5:85)
اُنهن عيسائين آقا صلي الله عليھ وسلم جي ويجهو ٿي هڪ ٻيو مطالبو ڪيو ۽ چيو، اسان سان گڏ پنهنجو ڪو امانت دار ماڻهو موڪليو. آقا صلي الله عليھ وسلم سيدنا ابو عبيده بن جراح کي موڪلي ڏنو، چيو: هي اسان جو ”امين الامت“ آهي.
واپس ورڻ مهل ٻه ڄڻا ته مديني ۾ ئي مسلمان ٿي ويا. هوريان هوريان انهن جي نس نس ۾ اسلام خوشبوءَ وانگر گهڙي ويو.
سڀ مسلمان ٿي ويا.
وفد ته ڪيترائي آيا.
ڳالهيون به ڏاڍيون شاندار هُيون
بنو طي جو وفد سردار زيد الحسنبل جي سرداريءَ ۾ آيو
مسلمان ٿيو.
آقا ﷺ اُن جي باري ۾ ڏاڍي سُهڻي ڳالهه فرمائي
چيائون: عربستان جي جنهن به ماڻهوءَ جي منهنجي اڳيان فضيلت بيان ڪئي ويئي، ملاقات ۾ اهو اُن کان گهٽ نڪتو، سواءِ زيد الحسنبل جي باري ۾، ان بابت جيڪو ٻُڌم، ان کان وڌيڪ هو.
آقا ﷺ ، زيد الحسنبل کي ”زيد الخير“ جو لقب ڏنو.
فيد جي علائقي سان لڳ جاگير هئي، اها دستاويز تي لکي ڏني، (طبقات ابن سعد)
اشعرين ۽ اهل يمن جا پنجاهه ماڻهو مديني پهتا، اُنهن ۾ ابو موسيٰ اشعري به شامل هو. پهريون ڀيرو جڏهن هو آيو ته آقا ﷺ خيبر ويل هئا. آقا ﷺ فرمايو: ”اشعري انهن ٿيلهين وانگر آهن، جيڪي خوشبوءَ سان ڀريل هونديون آهن.“
بنو اسد بن خزيمه جو وفد نائين هين هجريءَ جي شروع ۾ ڏهن ماڻهن تي ٻڌل آيو. هنن ايمان آڻڻ جو اقرار ڪيو ۽ چيو: اوهان، اسان ڏانهن ڪنهن کي به نه موڪليو، اسان پاڻ اچي اسلام قبوليو آهي ۽ نه ٻين قبيلن وانگر اوهان سان وڙهياسين ۽ نه اسان جي پويان جيڪي ماڻهو آهن، اسين انهن جي لاءِ صلح جو پيغام آهيون.
الله کي سندن اهو احسان جتائڻ نه وڻيو.
آسمان مان وحي لٿي.
”هو توتي احساس جتائين ٿا ته مسلمان ٿيا آهن. تون چوين ته مون تي پنهنجي اسلام آڻڻ جو احسان نه جتايو. پر الله جو اوهان تي احسان آهي ته هُن اوهان کي هدايت ڏني آهي، جيڪڏهن اوهين سچا آهيون، (الحجرات 49-17)
هنن فال ڪڍڻ، جهرڪيون ڊوڙائڻ، ڍارو وجهڻ ۽ پٿريون هڻن بابت پُڇيو- آقا ﷺ کين اُنهن ڳالهين کان بچڻ جو حڪم ڏنو. هنن رمل بابت پُڇيو،
آقا ﷺ فرمايو ”اهو هڪ نبي ڄاڻندو هو.، هاڻ جيڪڏهن ڪنهن جو علم اُن نبي بابت آهي ته ٺيڪ، نه ته اجايو آهي. اهي سڀ عمل غيب جو اندازو لڳائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهن.“
وفد ڪجهه ڏينهن ترسي هليو ويو.
بني خزاره جو وفد ويهن ماڻهن تي مشتمل هو، هنن پنهنجي ڏڪار واري علائقي لاءِ برسات جي دعا گهرائي، آقا ﷺ منبر تي چڙهي دعا گهري ۽ الله تعاليٰ کين ڀرپور برسات سان نوازيو. ساڳئي طرح ’بني مره‘ جي ڏڪار وارن ڏينهن ۾ جڏهن آقا ﷺ برسات جي لاءِ دعا گهري ته باران رحمت نازل ٿي.
آقا ﷺ بني ثعلبه جي چئن نمائندن جي دعوت ڪئي ۽ سيدنا بلاول کي حڪم ڏنو ته انهن چئني مان هر هڪ کي پنج اوقيه چاندي ڏني وڃي.
اشعث بن قيس جو وفد اسي ڄڻن تي مشتمل آيو. هو سڀئي ٺهي جڙي، تيل ڦليل ڪري سٺا ڪپڙا پائي آيا ۽ اسلام قبوليائون.
جرير بن عبدالله بجلي ڏهين هجريءَ ۾ پنهنجي قبيلي جي ڏيڍ سئو سان گڏ حاضر ٿيو. آقاﷺ سندن اچڻ کان اڳ فرمائي ڇڏيو هو، ”اسان وٽ ڪجهه بهترين ماڻهو اچي ويا آهن، جن جا چهرا بادشاهن جهڙا هوندا.“
بيشمار وفد آيا
هر رنگ ۽ روپ جا ماڻهو
سندن مزاج به ڌار ڌار
هڪ ڀيرو سعد بن بڪر جو چڱو مڙس ضمام بن ثعلبه آيو، هو صفا جنگهلي مزاج جو ماڻهو هو. هڏ ڪاٺ ۾ سگهارو، قد وڏو، مٿي تي ٻه چوٽيون رکيل، نج پِج بَدو، چهرو رعبدار، دنيادار ۽ مختصر ڳالهه ڪرڻ وارو. هو مسجد نبوي پهچي ويو. پنهنجو اُٺ ٻڌائين، پوءِ وڏي سڏ پڇيائين.
اوهان مان ابن عبدالمطلب ڪير آهي؟
ماڻهن ٻُڌايس
آقا ﷺ جي ڀرسان آيو ۽ چيائين.
”اي محمد ﷺ! اوهان کان پُڇندس، پُڇڻ ۾ سختي ڪندس، پر مون تي دل ئي دل ۾ متان ڪاوڙجو.“
آقا ﷺ مُسڪرايا ۽ فرمايائون، جيڪو وڻئي سو پُڇ،
چيائين، اوهان جو قاصد اسان وٽ آيو ۽ چيائين ته اوهين الله جا رسول آهيو؟
آقا ﷺ فرمايو: هُن سچ چيو.
چيائين: آسمان ڪنهن جوڙيو.
آقا ﷺ فرمايو: الله
پُڇيائين: زمين؟
آقا فرمايو: الله
پُڇيائين، هي جبل ڪنهن کوڙيا، ٻُڌايو ڪنهن؟
الله
چيائين اُن ذات جو قسم، جنهن آسمان جوڙيو، زمين پيدا ڪئي، جبل کوڙيا، ڇا اُن الله توکي رسول ڪري موڪليو آهي. ؟
آقا ﷺ فرمايو: هائو.
پوءِ چيائين: اوهان جي قاصد جو اهو به چوڻ آهي ته اسان تي ڏينهن رات پنج نمازون فرض آهن.
آقا ﷺ فرمايو، هُن سچ چيو.
چيائين: ته اُن ذات جو قسم، جنهن اوهان کي رسول بنايو، اهو الله جو حڪم آهي.
آقا ﷺ فرمايو: هائو.
چيائين: قاصد جو اهو به چوڻ آهي ته اسان تي زڪوات فرض آهي.
فرمايائون: هائو.
چيائين، اُن جو حڪم الله ڏنو آهي؟
فرمايائون: هائو.
چيائين: قاصد جو چوڻ آهي ته سال ۾ رمضان جا روزا فرض آهن.
فرمايائون: هائو.
چيائون: ته اهو به الله جو حڪم آهي؟
فرمايائون: هائو.
چيائين: قاصد جو چوڻ هو ته جيڪو بيت الله تائين سفر جي سگهه رکي ٿو، اهو زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو حج ضرور ڪري.
آقا ﷺ فرمايو: هن سچ چيو.
چيائين: اهو به الله جو حڪم آهي؟
فرمايائون: هائو.
پوءِ اُن شخص پاسو ورايو ۽ مٿي تي هٿ رکي سلام ڪندي چيائين: اُن ذات جو قسم، جنهن اوهان کي حق سان گڏ موڪليو، نه ان ۾ زيادتي ڪندس ۽ نه وري ڪمي.
آقا ﷺ فرمايو، جيڪڏهن سچ ٿو چوين ته جنت ۾ ويندين.
آقاﷺ فرمائيندا هئا، ’وفدن ۾ ايندڙ ماڻهن مان ڪوبه اُن ضمام بن ثعلبه کان بهتر نه هو.‘