عربستان جا بُت خانا
عمرو بن لحي جي شام مان موٽڻ جي مهل آئي ته هن مندر جي وڏي پوڄاريءَ کي چيو: سرڪار اسان وٽ به وڏو خدا جو گهر آهي، پر اندران خالي آهي، ٻه دروازا لڳل آهن، ڪيترائي ڀيرا اندر ويو آهيان. پر اندر ڪجهه ۽ ڪونهي، پوءِ به ٻاهر بيٺل هزارين ماڻهو اُن جي اڳيان جهڪي سجدو ڪندا. ۽ پنهنجي من جون مرادون گهرندا آهن.
تون اسان تي هڪ مهرباني ڪري سگهين ٿو
هُن چيو ؛
هائو چئو ؟
هي چوڻ لڳو، مونکي پنهنجي مندر جو هڪ وڏو بُت ڏي، جيڪو آءٌ پنهنجي ڪعبي ۾ رکندس .
هنن کيس هڪ بُڇڙو، ڳاڙهو عقيق جي پٿر جي انساني مُهانڊي تراشيل ٽڪرو ڏنو، جنهن جو کاٻو هٿ ٽٽل هو ۽ چيائين هي ’هبل‘ آهي هن کان مکجو، هن جا نعرا هڻجو.
جئه هبل
هبل هاڻ منهنجو خدا آهي،
هن خدا کي ائين کنيو. جيئن ڪو ٻارڙو هنج ۾ کڻبو آهي .
پوءِ هو پنهنجي خدا ”هبل“ کي اٺ تي ليٽائي شام مان مڪي کڻي آيو، ۽ خدا جي گهر جي سامهون پنهنجي سڄي قوم کي گڏ ڪري چوڻ لڳو
ڏسو
اوهان جي لاءِ اوهان جو خدا کڻي آيو آهيان
هي هبل آهي، هن جا نعرا هڻو
چئو ’جئه هبل‘
ماڻهو نعرا هڻڻ لڳا.
ٻارن وانگر کين هڪ رانديڪو ملي ويو .
ٻار اُن سان کيڏندا رهيا. وڏا وڏا هن جي سامهون مٿو ٽيڪڻ لڳا. هنن سڀني اهو کڻي ڪعبي جو دروازو کولي اندر رکي ڇڏيو. پاڻ خدا جي گهر جي چائنٺ تي مٿو ٽيڪي ويهي رهيا.
”هبل“ قريش جو سڀني کان وڏو بُت هو. هن جو ٽٽل کاٻو هٿ قريشن سون جو ٺهرائي هنيو. هبل اصل ۾ بعل جو بگڙيل نالو آهي، بعل شام وارن جو ديوتا هو. ان سان منسوب بعلبڪ شهر شام جو قديمي شهر آهي،. بعل جي لغوي معنيٰ قوت ۽ آقا لاءِ مجاز ڪئي ويندي آهي. قرآن ۾ بعل مڙس جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيو آهي.
”هبل“ خاص خانه ڪعبه ۾ لڳل هو .
کين هڪ پوجاري به ملي ويو. هو شايد ڪجهه عرصو شام ۾ بت خانن ۾ رهي بُتن جي نالي مان ماڻهن کي ڊيڄارڻ جي فن کان واقف هو. شهر مان ڪا آفت ايندي هئي ته هو ماڻهن جو هبل ڏانهن ڌيان ڇڪرائي ڊيڄاريندو هو. ڪٿي جهيڙو جهٽو ٿي پوندو هو ته چوندو هو. هيڏانهن اچو هبل فيصلو ڪندو. هبل جي بهاني هو خود ست تير هبل جي چرنن ۾ رکيا هئا، ڪن تي لکيل هو نعم (هائو) ڪن تي لا (نه) لکيل هو، جيئن ڪو سڪو کڻي ان جي اکر ڀوري ٽاس ڪبي آهي، تيئن هن تيرن جي وسيلي فيصلا ڪرڻ لڳو. ماڻهو انهن جي ڍارن کي مڃڻ لڳا.
خشڪ ساليءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿي ويندا هئا، هو وٺي هُل ڪندو هو ته هبل ناراض ٿي پيو آهي، ماڻهو اٺ، رڍون آڻي اساف ۽ نائله وٽ ڪهندا هئا، ان هڪ ئي سڏ تي اهي ماڻهو گهرن مان پيرن اگهاڙين ڊوڙندا ايندا هئا، هاڻ شادي مراديءَ جون رسمون به اهو ڀوپو (پوڄاري) ادا ڪرڻ لڳو.
ماڻهن کي شادي گهر جي لاءِ جڳهه ملي ويئي.
ڀوپي کي خدا جي گهر جي چائنٺ تي ويٺي ويٺي هڪ ڌنڌو ملي ويو.
موت تائين جون رسمون هاڻ ڀوپي جي سامهون ٿيڻ لڳيون، ڪنهن شخص کي ڌنڌي جي لاءِ مڪي کان ٻاهر وڃڻو هوندو هو ته مشوري جي لاءِ ڀوپي وٽ ايندو هو. ڀوپو هر فيصلو تيرن جو ڍارو وجهي انهن جي نشانن جي ذريعي ڪندو هو. ان جي فيصلي جي اڳيان مجال آهي جو ڪير ٻڙڪ به ٻولي. ديکا ديکي ٻين ملڪن جي سفر تي اُسهيل همراهه پنهنجي پسندن جا خَدا خريد ڪري آيا. ٿوري ئي عرصي ۾ خدا جو گهر بُتن سان ڀرجي ويو،.
انهن جو تعداد ٽي سئو سٺ ٿي ويو.
زمين تي گهمڻ ڦرڻ جا جيترا به رخ ٿي سگهيا ٿي، اهي ٽي سئو سٺ هوندا هئا،
هنن هر رخ جي لاءِ هڪ خدا رکي ڇڏيو هو . اُنهن خدائن جون شڪليون ڌار ڌار هيون، اڪثر آڏا ڦڏا ۽ بڇڙن مهانڊن وارا خدا هئا، ڪجهه اڻ تراشيل، ڪجهه بي ڍولي نموني اڻ گهڙيل ڪاٺ جا به ته پٿر جا به، ته هڏي جا به. هنن هر شئي آڻي خدا جي گهر ۾ رکي هئي. هنن جي ديکا ديکي مڪي جي آسپاس جي ڳوٺن وارا به ان سوچ ۾ پئجي ويا ته اسين ڇو پُٺتي رهون. جيئن ننڍي هوندي ٻارڙن کي رانديڪا گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو آهي، تيئن انساني تمدن جي اُن ٻالڪپڻي جي ڏينهن ۾ سياڻي وهي جي همراهن به اهو شوق پالي ورتو. مٿان باسيل باسن جي آمدني. پوءِ ماڻهن جي اچ وڃ سبب مارڪيٽ جي ڏِک بنجي ويئي.
ڌنڌو وڌڻ ويجهڻ لڳو.
بتن جي لاءِ ته ڪنهن خاص شڪل شبيهه جي پابندي به نه هئي، بس هر بت جو خدا ڪو ڪهاڻيڪار هوندو هو. جيڪو پنهنجي خدا جي ڪا اهڙي ته عجيب ۽ غريب ڪهاڻي گهڙيندو هو، جو ماڻهوءَ جا ڀرون کڄي ويندا هئا، ڪنڌ ڌوئڻ لڳندا هئا. کيسن مان مال ڪڍي انهن بتن جي چرنن ۾ وجهندا هئا، ۽ پاڻ چهري تي ويچارپ سجائي انهن بتن جي چرنن ۾ ويهي رهندا هئا. سڀ بت انساني شڪل ۽ شبيهه جهڙا به نه هئا، ڪن جون شڪليون جانورن جهڙيون هيون، ڪي ته جانور به نه هئا، وڻن جا ٿڙ هئا. مڪي جي ڀرسان نخله جي ماڻهن به سوچيو ته اسان کي به بت خانو بنائڻون آهي. انهن وٽ پٿرن جي بدران ساوڪ جو قدر وڌيڪ هو. هنن ٻير جي ٽيهن ٻوڙن جي اهڙي ته وڍ ڪٽ ڪئي، جو ڪنهن ڪهاڻيڪار، ڪهاڻيءَ جي اُڻت ڪري ان کي خدا جي ڌيءُ بنائي ڇڏيو.
نالو رکيائونس؛ عزيٰ !
ٿورو اڳتي خوشحال پهاڙي وستي طائف وارا وري ڪيئن ٿي ديويءَ کانسواءِ رهي سگهيا. هنن هڪ چوڪنڊي قسم جي ٽڪري ڳولي، ان تي پوچو ڪيائون، مٿان هڪ گهرڙو جوڙي اعلان ڪري ڇڏيائون.
خدا جي وڏي ڌيءَ ”لات“ هتي اچي ٽِڪي آهي.
اچو، اوهين اچي هن سان ملو ۽ پنهنجي من جون مرادون ماڻيو، ماڻهن جي اوڏانهن ڊوڙ پئجي ويئي، اتي، ميڙو مچي ويو. لات جو هڪ مجاور ياترين کي سَتو پياريندو هو. مري ويو ته ان جو بت گهڙي ان جا پوڄا ڪرڻ لڳا، اتي ئي ’لات‘ جي ڀرسان، ان جو نالو هو ’الات‘. طائف جا بنو ثقيف وارا لات ۽ الات جي پوڄا ڪندا هئا، قريش لات ۽ عزا جا قسم ـ سُنهن کڻندا هئا.
مڪي کان ڳاڙهي سمنڊ طرف سمنڊ جي ساحل تي قديد جي هنڌ تي ”منات“ جي جاءِ بنجي ويئي.
خدا جي ٽي ڌيءُ ’منات‘ کي ميدان آندو ويو.
يثرب جا اوس ۽ خزرج کانسواءِ آسپاس جا ڪيترائي قبيلا ”منات“ کي منٿون ڪرڻ لڳا.
خانه ڪعبه جي هبل ۽ آسپاس جي ٽن ڌيئرن کان علاوه سڄي عربستان ۾ بتن جي گهڻس ٿي ويئي، هر گهراڻي، هر قبيلي سوچيو ته هو پنهنجو خاص بت جوڙي رکي، جيڪو ٻي ڪنهن جو به نه هجي، سفر ۾ هر شخص، پنهنجي کيسي ۾ ذاتي خدا رکي هلڻ لڳو. وڏا وڏا بت خانه وڌڻ ۽ ويجهڻ لڳا.
ينبوع جي ڀرسان ’بنو طوان‘ رهاط ۾ “سواع“ نالي بت کڙو ڪري ڇڏيو .
سواع جي شڪل عورت جي هئي. بنو هذيل بن الياس ان جا پرستار هئا.
دومة الجندل جي بنو ڪلب ”ود“ کي پنهنجو ديوتا مڃي، سجائي ورتو.
قريش به کيس پوڄيندا هئا، قريش جي مشهور بهادر عمرو بن عبد ود بت جي غلاميءَ جي سڃاڻپ هو، جيڪو خندق واري جنگ ۾ سيدنا عليرضه جي هٿان مارجي ويو.
مذح ۽ اهل جرش يمن ۾ ’يغوث‘ کي پنهنجو خدا بنائي رکيو هو. ”نسر“ حمير وارن جو ديوتا هو.
يمن جو ذي الڪلاع قبيلو ان جو پوڄاري هو.
’يعوق‘ يمن جي علائقي ’ارجب‘ جي هنڌ تي کتل هو.
ان جي شڪل گهوڙي جهڙي هئي.
بنو همدان جو اولاد ’بني خولان‘ ان کي پنهنجو معبود مڃيندا هئا.
”عم انس“ به خولات قبيلي جو بت هو.
هو ٻني ٻارو ۽ مال وجهي جا مليل صدقا الله ۽ ان بت جي وچ ۾ اهڙي نموني ورهائيندا هئا. جو الله جو حصو ان بت ڏانهن هليو ويندو هو ، اهو نه ڪڍندا هئا، پر جيڪو بت جو حصو الله طرف هليو ويندو هو، اهو ڪڍي وٺندا هئا. جنهن لاءِ هو اهو دليل ڏيندا هئا ته الله ته بي نياز آهي، پر اسان جو بت بي نياز ڪونهي.
”سعد“ نالي بت بني ملڪان بن ڪنانه جو هو، انهن جي وستيءَ ۾ ئي کڙو ڪيل هو، ان جي شڪل ڏاڍي ڀوائتي هئي.
ماڻهو اُتي پنهنجا جانور ڪُهي، رت ان بت جي مُنهن تي مَليندا هئا.
هڪ ماڻهو پنهنجن ڪجهه اٺن کي برڪت جي لاءِ ان بت وٽ وٺي ويو، هڪ اٺ، اوٺار کان وڌيڪ عقلمند هو، بُت جي ڊيڄاريندڙ ڀوائتي شڪل ڏسي ڇرڪي وٺي ڀڳو، اوٺار ان اُٺ جي پويان لڳو، ڪيترائي ڪوهه ڊوڙڻ کانپوءِ وڃي اٺ کي جهليائين، واپس موٽي هُن هڪ پٿر کڻي ٺڪا بت جي مٿي تي ڪرايو ۽ پَٽي گار ڏيندي چيائينس: تو ئي منهنجي اُٺ کي ڀڄايو آهي.
”الاقيصر“ به بت جو نالو هو، جيڪو شام جي سرحد وٽ آباد، قضاعه ، نجمه، جذام ۽ غلطان وارن مان نذرانا ڪڍندو هو، اهي ماڻهو تارن جي پوڄا ڪندا هئا.
ڪنانه وارا چنڊ کي پوڄيندا هئا،
” ذوالشريٰ“ ۽ ”خربيس“ ديوتائن جو جوڙو هو، اوس ۽ بني ازد، بني حرث ۽ بني طي جي جديله شاخ عسير جي علائقي ۾ انهن کي پوڄيندي هئي.
”ذوالخلصه“ کي به اوس، خثم ۽ بجيله جا قبيلا پنهنجو خدا مڃيندا هئا، اهو ”بتاله “ نالي هنڌ تي کتل هو. کيس پوڄڻ وارا سندس عزت خاطر ان کي ”ڪعبه يمانيه“ چوندا هئا ۽ بيت الله کي ”ڪعبه شاميه .“
”رام“ بني ميسر ۽ اهل يمن جو مندر هو.
”ذوالڪعبات“ کي قبيلو ”بنو تغلب“ ۽ دوائل ۽ اياء جي اولاد پوڄڻ جي لاءِ ”سناد“ نالي هنڌ تي سجائي رکيو هو.
”ذوالڪنعين“ قبيلي اوس جو ديوتا هو. سيدنا طفيل بن عمرو دوسِيءَ مسلمان ٿي ان ڪاٺ جي بت کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو.
بتن جي سڄي فوج هئي، جنهن سڄي عربستان کي ڀيلي ڇڏيو هو.
اڪثر هيئن ٿيندو هو ته ماڻهو هڪٻئي سان خدائن جي مٽا سٽا ڪندا هئا،
ڪنهن جو بت ڀڄي پوندو هو ته روئيندو پيو هو.
چوندو هو، ’هاءِ منهنجو خدا مري ويو‘ ،
مونکي ڪو ٻيو خدا آڻي ڏيو،
خوبصورت پٿرن جي گهرج وڌي ويئي.
اُنهن جون قيمتون به چڙهي ويون.