هڪ غلام ۽ سيدنا بلالرضه
سج، جبل نور جي غار حرا مان اُڀري حرم ڪعبي ۾ پنهنجي سُهائي پکيڙي چڪو هو.
سج جا ڪرڻا حجره اسود کي چمي ڪعبي جي ڪاري پردي ۾ جذب ٿي رهيا هئا. حطيم واري هنڌ ڪعبي جي پنجيتاليهه فوٽ اوچي ڀت جو پاڇو ٿڌو هو. ان پاڇي ۾ مڪي جا چارئي هٺيلا، ڪاوڙيل ۽ لالچي رئيس ويٺا هئا. غاليچو وڇايل هو. لوبان جي واس جي خوشبوءِ جون چلمچيون دُکي رهيون هيون. ٽين جي ٿالهين ۾ زيتون جي ٿلهن پيرن جهڙا چمڪندڙ ڪونئرا ميوا پيا هئا. گڏو گڏ اُٺ جي کير مان ٺهيل پنير جون ڦاڪون رکيل هيون. ڪجهه جست جي ڏونگن ۾ اٺ جي سڪل نمڪين گوشت جا ٽڪر پيا هئا. رنگين گل، پنکڙين سان سينگاريل پيالن ۾ صحرا جي سنهري خوشبودار گلن سان ٺهيل قهوي ۾ زعفران جي مهڪ هئي.
پيالن مان ٻاڦ اُٿي رهي هئي.
چئني رئيسن جا غلام ڪعبي جي ڀتين وٽ پنهنجن ميرن اُگهاڙن جسمن تي اُٺ جي ڏاس مان ٺهيل کدر جون لونگيون پايو پنهنجن پنهنجي آقا جي اک جي هڪ اشاري تي يڪ ٽڪ ٿي کڙين ڀَر بيٺا هئا.
جنهن غلام جي آقا اک جي ڀرونءَ جي اشاري سان جيڪو حڪم ٿي ڏنو.
اُن جي غلام وڌي وڃي ان جي تعميل ٿي ڪئي.
اِهي چارئي مڪي جا رئيس، شهر جا معزز ترين سردار هئا.
بنو مخزوم جو اميرزادو ايڪتاليهن سالن جي ابوالحڪم عمرو بن هشام، جنهن کي تاريخ ابوجهل جي نالي سان سُڃاڻي ٿي، سڀني کان وڌيڪ ڳالهائي رهيو هو. هن جون نانگ جهڙيون گول گول اکيون هر گهڙيءَ ڪنهن اندروني سازش تحت ڄڻ پاڻمرادو هلنديون ۽ ڦڙڪنديون ٿي رهيون. هن جي مٿي تي پَڳ به عجيب گول طريقي سان ٻڌل هئي. هو ڳالهه ڳالهه تي پنهنجي سَنهين مُڇين ۽ هٿ جيڏي ڊگهي ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيري رهيو هو. جيئن ته هو گهڻ ڳالهائو هو، تنهن ڪري هن جي وات مان ٿُڪون ڇنڊا بنجي اُڏرنديون هيون، تنهن ڪري هو ڪجهه ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي کاٻي هٿ کي پنهنجي زهريلن چپن ۽ ڏاڙهيءَ سان مَهٽ ڏيندو هو.
هن جون نظرون لڳاتار هيڏانهن هوڏانهن ڦرنديون رهنديون هيون
ايئن ٿي لڳو ته هُن پنهنجي اندر ۾ باھ جو ڪو عجيب مچ ٻاري رکيو هو. جنهن ۾ هو هر وقت، هر گهڙي جلندو رهندو آهي. هن ڪعبي جي چوڌاري طواف ڪندي ماڻهن مان هڪ ڌيمي چال ۾ الوهي وقار سان روشن چهري واري سڪون ڀريل شخص کي ڏٺو ته هن جي وات ۾ نانگ جهڙي زبان ڦري ۽ چيائين:
هي ڏسو!
هي آهي اُهو، جنهن کي آسمان مان نياپا اچڻ لڳا آهن.
ڏسو؟
ڀرسان ويٺل ٿلهي متاري بي ڊولي پنجونجاھ وارن واري اُميه بن خلف ويٺي ويٺي پنهنجي چوڌاري ويڙهيل چمڪندڙ ريشمي چادر ٿوري کولي ٻيهر تڪبر سان پنهنجي وڌيل پيٽ ۽ ويڪري بي ڊنگن ڪلهن تي ويڙهو ۽ چيو:
هي ئي آهي نه جيڪو چوي ٿو ته سڀ انسان برابر آهن.
هو وات کولي پاڻ ئي کلڻ لڳو ۽ ڪعبي جي ڀت سان چچين جيان هَڄي ويٺل بَدرنگ، اگهاڙن رڳو ستر ڍڪيل غلامن کي ڏسي چيائين
هي چوي ٿو ته هي چار سئو درهمن ۾ خريديل ٻانها به اسانجي برابر آهن.
هي ڇچوندر، هي بَدرنگ بُڇڙا ٻانها
جن جي قيمت منهنجي هن چادر کان به اڌ جيتري آهي.
پوءِ هو پنهنجي زعفران ۾ رنگيل ريشمي قبا ۾ ويڙهيو سيڙهيو، ويٺي ويٺي مور وانگر ڦڙ ڦرائي ٿو.
هي جن جو مُلهه منهنجي سواريءَ کان به گهٽ آهي، سي منهنجي برابر ٿي ويا.
اوهان سڀني جي برابر ٿي ويا.
هو باقي ٻن سردارن جي مُهانڊن کي ڏسي چڻنگ ٿو لڳائي
سڀ بَڙ بڙائڻ لڳن ٿا
ابوجهل جون اکيون طواف ڪندڙ ماڻهن ۾ وڏي تيزيءَ سان ڪنهن کي ڳولهڻ ٿيون لڳن ۽ سندس زبان ۾ گُٿا لفظ نڪري رهيا هئا.
ڀرسان ئي ويٺل ابوسفيان بن حرب ڏند ڪرٽيندو پنهنجي نفرت ۽ ڪاوڙ جو خاموشيءَ سان اظهار ڪندو رهيو، پوءِ پنهنجي ڳري آواز ۾ چيائين:
سمجهه ۾ نٿو اچي ته کيس ڇا ٿي ويو آهي.
چڱي موچاري معزز ڪٽنب جو ڀاتي ٿي ڪري ’هڪ مالدار، خاتون جو گهر وارو هوندي،‘ ٻه ماڙ گهر ۾ رهندي، هُن جو دماغ ڪيئن هلي ويو آهي. (نعوذ باالله) هو ڳالهائيندي ڳالهائيندي ترسي ڪجهه سوچي ڳالهائيندو ٿو محسوس ٿئي. پر هن جي ڳالهين ۾ لڪيل طنز سڀني کان وڌيڪ تکي ۽ رتورت ڪندڙ هئي. زهر ۾ ٻُڏل، تڪبر ۽ وڏائيءَ سان ڀريل ۽ نفرت سان ڀريل ڳالهيون.. پوءِ هو غلامن ڏانهن ڏسي بَڙ بڙائڻ ٿو لڳي
انهن زناورن جهڙن غلامن کي مرڪندي ڏسي کيس ڪاوڙ لڳي.
هي غلام اسانجي برابر آهن؟
هن پنهنجي ريشمي قبا جي هيٺان چمڪندڙ چمڙي جي جوتيءَ جي نوڪَ کي ڏٺو. هي غلام ته هن جتيءَ جي نوڪ کان به گهٽ آهن. هو کين اسان جي برابري جو درس پيو ڏئي. ٻيو ته ٺهيو، هنن ٽي سئو سٺ ديوي ديوتائن اسانجي سڀني خدائن جي هوندي، هو فقط هيڪڙي خدا کي مڃڻ ۽ مڃرائڻ جي ڳالهه پيو ڪري.
ابوالحڪم. هن ابوجهل جي ڦرندڙ شرارتي اکين ڏانهن ڌيان ڏيندي پڇيو
ابوالحڪم
ڇا اسين مَڪي جا سڀ معزز ايترو ڪري چڪا آهيون، ايترا مفلس ٿي ويا آهيون، جو هُن اسانجي لاءِ هڪ واحد خدا، الله کي چونڊيو آهي.
اندازو لڳايو
هن اها ڳالهه چئي رڳو ڏند ڪرٽيا ته سندس ٻيا سڀئي سنگتي ڏندٽيڙي کلڻ لڳا.
اسان جو ته سڄو ڌنڌو هيٺ مٿي ٿي ويندو. ابو حنظله
ماڻهو سال ۾ چار مهينا هن شهر جو رخ ڪن ٿا
هِتي سڀني جا خدا رکيا آهن، انهن خدائن تي ته هو پنهنجا پَڙ وجهڻ ۽ باسون باسڻ ايندا آهن.
هو ته اسان جي پيٽن تي لتون پيو هڻي.
ابوسفيان بن حرب- کلندي ٿلهيو بي ڍولي ڳاڙهي چهري تي ٽاندن جهڙين سازشي اکين جون ماڻڪيون ڦيريندي ڳالهائڻ وارو ابو لهب ڳالهائي ٿو.
ابو سفيان بن حرب، بناوتي ڪاوڙ مان ابو لهب کي ڏسي چوي ٿو
ابو لهب اهوسڀ تنهنجي ڀائيٽي جي ڪري آهي.
تون اسانجي پيٽن تي لت هڻڻ جي ڳالهه ٿو ڪرين، پر هو ته سڳورن لات ۽ عزيٰ کي به ڪا اهميت نه ٿو ڏي. هو پنهنجي خدا سان ڪنهن کي به شريڪ نٿو مڃي، اسين سندس خدا کي مَڃون ٿا، پر سندس الله جي ڀائيواريءَ ۾ سندس محترم ڌيئرون لات، منات ۽ عزيٰ به آهن، هو انهن کي ڇو نٿو مڃي، اسانجي ”هبل“ جي جئه جئه ڇو نٿو ڪري. مٿان وري هنن ڪيڙن ماڪوڙن جهڙن رَڏ ڪارن ٻن ٽڪن جي غلامن کي پاڻ سان گڏ ويهاري کارائي پياري ٿو ۽ چوي ٿو ته سڀ انسان برابر آهن. هي ته منهنجي جُتيءَ سان اُڏندڙ مٽيءَ جي برابري به نٿا ڪري سگهن.
ابولهب تون کيس سمجهائي، تنهنجو ڀائيٽو آهي.
آءٌ ڇا ڪريان
قبيلي جو سردار ابوطالب آهي. بنو عبدالمطلب ۽ بنو مطلب سڀ سندس فرمانبردار آهن. مون پنهنجي پَر ۾ ڳالهه ڪئي هئي، هو چوي ٿو ته منهنجو ڀائيٽو سَچار آهي، امين آهي، ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي. جيڪو چوي ٿو اهو ئي حق آهي، ڪنهن ساڻس کؤنس ڪئي ته سڄو قبيلو سندس پٺڀرائي ۾ هوندو.
هڪ نه ٻه قبيلا
ڪهڙا؟
بنو عبدالمطلب ۽ بنو مطلب، اهو ته تنهنجي پيءُ سردار عبدالمطلب، جڏهن پنهنجو نالو، پنهنجي ذات ئي پنهنجي چاچي مطلب سان غلامي جي سڃاڻپ بنائي ته بنو مطلب ڪيئن ٿي ڌار رهي سگهيو. اُن ئي بنو عبدالمطلب سان هلي ڳالهائينداسين. پهرين ته هنن غلامن جي کل لاهجي، جن مڪي ۾ اسانجي هوندي ڪيئن برابري جو خواب ڏسڻ شروع ڪيو آهي.
ابوجهل ڀُڳل گوشت جي هڪ تَڙ وات ۾ وڌي، زعفران جي واس ۾ پنهنجي لڙڪندڙ قبا جا ريشمي پلاند لهرايا ۽ چيو. هو ڏسو، منهنجا غلام منهنجي ئي قبيلي جي هن بي وقوف عمار کي جهلي پاڻ سان وٺي پيا اچن، جيڪو دارالارقم ۾ ابولهب جي ڀائيٽي سان گڏجي اسان سان برابريءَ جا خواب ڏسڻ لڳو هو. کيس هيڏانهن گهرايو اٿم. ڪلهه رات کان کيس ٻڌي ڪُٽيندو رهيو آهيان. هنن نڀاڳن غلامن جون هڏيون به لوھ جون ٺهيل ٿيون لڳن. ماري ماري ڏنڊا ئي ڀڄي ٿا پون، پر سندن هڏ گُڏ نٿا ڀڄن.
هيڏانهن وٺي اچيس.
جيئن ٻڌل آهي تيئن
عمار لڳ ڀڳ ارڙهن سالن جو ڪڻڪ رنگو وچولي قد جو ڪمزور ڇوڪرو، جنهن کي ٽن ٿلهن ٿنڀرن همراهن گهيلي اچي سندس اڳيان بيهاريو.
هن کي ڏسو
هن بي غيرت کي، جڏهن يمن مان آيو هو ته هن جو پيءَ ياسر هيڏانهن هيڏانهن ٿاٻا کائيندو پي وتيو، پنهنجي ڪنهن وڃائجي ويل ڀاءُ کي ڳولهڻ لاءِ ته منهنجي مخزوم قبيلي کيس پناھ ڏني.
پنهنجو حليف بنايو
کيس رهڻ لاءِ گهر ڏنو
ڪم ڪار سيکاريو
جڏهن جُتيون ڳنڍڻ جو طريقوسکي ويو ته اسانجي ئي قبيلي جي هڪ ٻانهي سان پَرڻجڻ جي موڪل گهريائين. اها موڪل به ڏنيسينس. اُن ٻانهيءَ جي پيٽان هي ڄائو.
ابوجهل هڪ وڏي گار ڏني- هاڻي هي ڇورو اُن جادوگر جي ڳالهين کي آسماني ڳالهيون سمجهي کيس آقاﷺ سمجهي رهيو آهي. اسانجي برابريءَ جي دعويٰ ٿو ڪري. ڪلهه کان هن کي ماري ماري منهنجا ته هٿ ئي شل ٿي پيا آهن. ابوجهل چئني ڏسائن پنهنجون نانگ جهڙيون اکيون ڦيري ڀرسان ويٺل اُميه بن خلف کي مخاطب تي چيو. تنهنجا غلام ته ٿلها ٿيندا آهن. کين چئو ته منهنجي هڪ چهٻڪ سان هن جو ٻُوٿ ڀَڃن، کيس ماري اهو پُڇن ته سندس حيثيت اسان جي برابر جي آهي؟
اُميه بن خلف جي شيطاني چهري تي فرعون جو چهرو چمڪيو.
هٺ سبب هن جو ڪنڌ تاڻجي ويو، ڄڻ کيس ويٺي ويٺي ڪو انعام ملي ويو هُجي. هن پنهنجي ٿلهي بُت کي کڻي ڏيکارڻ جي لاءِ هيڏانهن هوڏانهن چوريو، پر اٿيو ڪونه، غاليچي تي ويٺي هن پنهنجي ريشمي قبا ٺونٺين سان هلائي ۽ ڪعبي جي ڀت سان لڳي بيٺل پنهنجي غلام کي سڏيو
بلال
بلال ابن رباح
بلال ايڪٽيهن سالن جو ڊگهو ڪارو ڪمزور غلام هو. ڪاري جسم تي سندس نڪتل ڪاريون پاسراٽيون سيني جي اندر ڪنهن اندروني طوفان سبب ٿڙڪي رهيو هيون. کيس ٿلهي کدر جي اُن جي لونگي ٻَڌل هئي. ننڍين ننڍين روشن اکين ۾ ڊپ ويٺل هئس. مٿي جا گهنگھريالا وار سندس مٿي جي کوپڙيءَ ۾ چُهٽيا پيا هئا. چپ ٿلها، نڪ وڏو هئس. پنهنجو نالو ٻڌي هو اچي پنهنجي مالڪ جي اڳيان بيٺو.
يا سيدي
هي کڻ ابوالحڪم جو چهٻڪ
بلال چهٻڪ کنيو
سامهون بي وقوف ابو عمار کي ڏسين پيو
هي ابوالحڪم جو حليف غلام آهي.. هن کان باغي آهي
هن کي ٻُڌائي ته آقا ۽ غلام ۾ ڪهڙو فرق آهي
سمجهين وين
بلال خاموش
توکي ٻن پيڙهين کان مون خريديو آهي
تنهنجو پيءُ رباح به منهنجو غلام هو
تنهنجي ماءُ عمامه به منهجي ٻانهي هئي
اوهان ڪارن حبشين کي چمڙي رنگڻ جو ڪم سيکاريوسين.
ڍؤ تي ماني ڏنيسين
پائڻ لاءِ لونگي ڏني.
پنهنجي قيمت جي خبر اٿئي نه
جيڪڏهن توکي هينئر هنن اُڀريل ٿڙڪندڙ پاسراٽين، سُڪل ٽنگن ۽ ڪاري بُڇڙي روپ ۾ وٺي وڃي بازار ۾ بيهاريان ته تنهنجا ڏيڍ سئو درهم به نه ملندم. تنهنجي قيمت هڪ رڍ کان به گهٽ آهي.
هن بدبخت عمار کي ٻُڌائي.. آقا ۽ غلام جو فرق
کڻ چهٻڪ ۽ زور سان هن جي مُنهن تي هَڻ
ڀڃي ڇڏينس مُنهن
نڪ، اکيون، چپ، سڀ رتورت ڪري ڇڏينس.
هن ڏيڍ سئو درهم جي غلام کي پنجاھ درهمن جو ڪري ڇڏ..
هَڻ پوري زور سان هَڻ
اُميه بن خلف، ڪاوڙ مان عمار کي ڏسندي پنهنجي غلام بلال کي حڪم ڏيندو پي ويو
هن بلال کي نه ڏٺو ته هن جي مُهانڊي جا تاثرات بدلجي رهيا هئا.
اکين ۾ ڄڻ رت ڄمي ويس.
اندر ويٺل ڳلن جي هيٺان ڄاڙيءَ جون هڏيون ڦڙڪي رهيون هيس.
هن جي سيني ۾ ڀريل ڊگها ڊگها ساھ هن جي پاسراٽين کي ڌنوڻيءَ وانگر ڦوڪي رهيا هئا.
هن جي جسم جا وار اُڀا ٿيڻ لڳا.
۽ هٿ ۾ جهليل چهٻڪ ڍرو ٿي رهيو هئس
عمار، بلال جي چهري جي بدليل رنگت ڏسي رهيو هو
هو رسين ۾ جڪڙيل هو ۽ يڪ ٽڪ بلال جي مُنهن جو بدلجندڙ رنگ ڏسي هَڄي رهيو هو ۽ اکين ئي اکين ۾ کيس چئي رهيو هو.
مار... مونکي ... مار
اڃا ٻه ڏينهن اڳ ٻيئي ڄڻا گڏجي دارارقم ۾ آقا ﷺ سان ملڻ ويا هئا. ٻيئي اُن دروازي تي لوڪ کان لڪندي پهتا هئا.
بلال، عمار کان پُڇيو هو. هت ڪيئن آيو آهين؟
عمار اهوئي سوال ورائي بلال کان پڇيو. تون ٻڌائي ڇو آيو آهين؟
بلال وراڻيو: مونکي آقا ﷺ سان ملڻو آهي.
عمار به اهوئي جواب ڏنو
پوءِ ٻيئي صفا وٽ اڪيلي بيٺل گهر ۾ خاموشيءَ سان آقا ﷺ سان مليا هئا ۽ سندس هٿن کي چمي چيو هئن:
لاالھ الا الله محمد رسول الله
عمار جي چوري پڪڙجي پيئي هئي
۽ بلال جي چوري اجهو جهلجهڻ واري هئي.
اُميه بن خلف جڏهن محسوس ڪيو ته اڃا تائين بلال جي ٻانهن چهٻڪ کي هوا ۾ ڪاوڙ مان لهرائي عمار جي منهن طرف نه وڌيو آهي ته هن رڙ ڪري بلال کي ڏٺو ۽ پنهنجي پيٽ نڪتل بت کي لوڏيندي رڙ ڪئي
بلال
بلال جو سڄو جسم هڪ ڀيرو ٻيهر ٿڙڪيو
ساھ هيٺ مٿي ٿيس. هن جي اکين مان هڪ الوهي الُا نڪتو ۽ سندس هٿ ۾ جهليل چهٻڪ هوريان هوريان جي هٿن مان ڍرڪي ڪري پيو.
اميه بن خلف ته ٻرندڙ جبل وانگر ڪڙڪي اُٿيو. سامهون ٻڌل هٿن سان بيٺل عمار پاڻ ئي جهڪي چهٻڪ کڻي بلال جي هٿن ۾ ڏنو ۽ ڀڻڪاٽ ڪندي چيو
مار
مونکي مار
نه ته هي توکي ماري ڇڏيندا
بلال جي هٿن ۾ چهٻڪ جهلڻ جو ارادو ختم ٿي ويو هو.
هن هٿن ۾ ڦاسايل چهٻڪ ٻيهر ڪيرائي ڇڏيو
اُميه بن خلف جو ڪاوڙيل چهرو هن ڏانهن وڌي رهيو هو، گڏوگڏ حطيم ۾ غاليچي تي وهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ابوجهل، ابو سفيان ۽ ابولهب جي مهانڊن تي به فڪرمنديءَ جا آثار نظر اچڻ لڳا.
سندن سامهون ئي سندن ظلم ۽ جبر جو طبقاتي نظام ٽُٽي رهيو هو.
هڪ رڍ جي ملهه ۾ خريديل غلام پنهنجو آقا بدلائي رهيو هو. هو سڀ ڪاوڙ ۾ چَريا ٿي رهيا هئا. سندن چوڌاري ڪعبي جي اڱڻ ۾ ٻارڙا، وڏا ۽ عورتون به اهو سڄو تماشو ڏسي رهيون هُيون.
هنن جي سالن کان مظلوم ۽ بي وس ماڻهن تي قائم حڪومت لُڏڻ لڳي.
ابوجهل پنهنجي قوم مخزوم جي ماڻهن کي اشاري سان پاڻ وٽ سڏيو ۽ عمار کي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وجهي ريتي ۽ پٿرن سان ڀريل حرم جي اڱڻ مان ڇڪي پريان صفا جي سڌي ٽڪري ڏانهن گهلي وڃڻ جو چيو، جتي سج ڏينهن جي پهرينءَ پَهر ۾ ئي پٿرن کي گرم ڪري، اُن تي گهلجندڙ جسم جي کل لاهڻ ٿو لڳي.
اُميه بن خلف پنهنجي ڍڳي جهڙي ويڪري مُهانڊي تي وکريل ڏاڙهي کي ٻنهي هٿن سان مَهٽيو. پنهنجي ريشمي چادر مان سيني جي نڪتل وارن جي پگهر کي اُگهيو ۽ بلال جي پيرن ۾ سندس هٿن مان ڪريل چمڙي جو چهٻڪ سندس ڳچيءَ ۾ ويڙهيو ۽ کيس گهلي ڪعبي جي اڱڻ ۾ آب زم زم جي کوھ وٽ اساف ۽ نائله جي بُتن وٽ قربان ڪيل جانورن جي رت ۾ گند جي ڍڳ وٽ ماڪوڙين، چچڙن ۽ مکين سان ڀريل پٿرن تي وڃي ليٽايو ۽ چهٻڪ سان سَٽڻ لڳو. هن بلال کي ايترو ته سَٽيو جو هو صفا سهڪي پيو.
پوءِ هن به پنهنجي قبيلي جي ماڻهن ۽ ٻارن کي سڏيو ۽ بلال جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙهو وجهي کيس ڪعبي جي حدن کان ٻاهر گرم پٿرن تي گهلڻ لاءِ موڪلي ڏنو.
ڪيترن ڏينهن جو بکيو اڃيو بلاول ڪعبي جي اڱڻ کان ٻاهر ريتي ۽ پٿرن تي هڪ موذي جانور وانگر مارڪٽ سَهندو رهيو.
اُس مٿي چڙهي ايندي هئي.
پٿرن جي ٽڪري باھ وانگر دڳي ويندي هئي ته اُن تي بلال جي ڪمزور ۽ اُڃايل جسم کي ليٽائي سندس پيٽ تي هڪ پٿر آڻي رکيو ويندو هو. ريتي بلال جي چپن، نڪ، وات ۽ اکين ۾ گهڙي ويندي هئي. پوءِ کيس ڪنهن مُئل جانور وانگر انهن نوڪيلن پٿرن تي گهليو ويندو هو. هُن جو چهرو، ڳچي، ڪلها، ڇاتي، چيلهه، پيٽ ۽ ٽنگون زخمن سان ڀرجي ويون. انهن زخمن تي مکيون ڀُون ڀُون ڪرڻ لڳيون.
بلال ۾ مَک اُڏائڻ جيتري به همت نه رهي.
ظاهري طور تي ته اکين ۾ زندگي جو نور وسامندو محسوس ٿي ٿيو، پر خدا ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي آسماني نور کي بلال جون اکيون وسائي ويٺيون هيون، جو هن جي اکين جون بتيون نه وساميون.
اکيون بند ٿي ويون
جسم بي سُڌ ٿي پيس
ساھ رُڪجي رُڪجي کڻڻ لڳو
سندس بي رحم آقا اُميه بن خلف کي وهم ٿيو ته بلال مري ويو آهي.
هن شايد سوچيو هجي ته سندس ڏيڍ سئو درهم ٻڏي ويا
ايتري ۾ خوشبوءِ جو هڪ جهونڪو آيو
ابوبڪر اچي ويو
سيدنا ابوبڪر، اُميه بن خلف کي چيو، ڪجهه ته انسانيت جو ڀَرم رک، جيئن تون انسان کي مارينءَ ٿو، ايئن ته اسان کي جانور کي مارڻ جو به حڪم ڪونهي. اُميه بن خلف هٿ مٿي ڪندي چيو
چُپ رهو
سڄو بَکيڙو تنهنجي دوست جو آهي
جنهن اسان جي غلامن کي اسان کان باغي ڪيو آهي
ڏس
ساھ کڻي نٿو سگهي
پر ڪن ڏيئي ٻُڌ ينس ته احد... احد چئي ساھ ٻاهر پيو ڪڍي
مُئو ڪونهي... پر مرڻ وارو آهي.
سيدنا ابوبڪر چيس
اُميه پنهنجي هن غلام کي ماري توکي ڇا ورندو... مونکي وڪڻي ڏي،
تون هڪ لاش خريد ڪندين؟- اُميه وراڻيس.
هائو خريد ڪندس
لاش ٿيو ته سئو درهم، جيئرو ٿيو ته ٻه سئو- اُميه بن خلف ٽٽل، رت ۾ لت پت، زخمي، ريتيءَ تي ڄميل رت سان ليٿڙيل پٿرن تي ڪريل جسم وٽ جهڪي، کيس ڪنائڻ لڳو.
بلال جو ساھ رڪيل هو.
اُميه چئي رهيو هو
بلال ساھ کڻ
کيس بلال جي هڪ ساھ کڻڻ سان هڪ سئو درهمن جو فائدو ٿي سگهيو ٿي. بلال الائجي ڪيڏي مهل پنهنجي روح جي اندر جهليل روشنيءَ جو ساھ ٻاهر ڪڍيو. هن جي ڪريل ريتي ۾ پيل رتورت چَپ چُريا، ٿوري ريتي اڏي ۽ آواز آيو احد... ۽ اُميه جيڪو اڳ ۾ اهو ٻڌي چهٻڪ هڻندو هو، هڪي سيدنا ابوبڪر جو ڪلهو لوڏي چيو:
لاش ۾ ساھ آهي.. پورا ٻه سئو درهم ڳنهندس.
سيدنا ابوبڪر ٿيلهي کولي ان مان پورا ٻه سئو درهم ڪڍي ڳڻي اُميه کي ڏنا ۽ سيدنا ابوبڪر سان گڏ آيل زيد ۽ عامر بن فهيره پٽ تي ڪريل بلاول کي اٿاري پنهنجن ڪلهن تي کنيو ۽ هو سيدنا ابوبڪر جي پويان پويان هلڻ لڳو. اُميه بن خلف ٻن سئو درهمن جي ٿيلهي پنهنجي ريشمي ڪپڙي جي اُبداڻي ۾ ٻڌي ۽ کلندي، ويندڙ سيدنا ابوبڪر کي چيو:
ابو قحافه آءٌ ته توکي سمجهدار واپاري سمجهندو هئس
جنهن لاش کي تون ٻن سئو درهمن ۾ خريدي پيو وڃي، آءٌ اهو هڪ سئو درهمن ۾ به وڪڻي ڏيان ها.
اهو ٻڌي سيدنا ابوبڪر هڪ گهڙيءَ جي لاءِ بيٺو ۽ مُڙي اميه بن خلف جي اکين ۾ اکيون وجهي چيائين
بي وقوف تون آهين
آءٌ ته هن کي هڪ هزار درهمن ۾ به خريدي وٺان ها
توکي خبر ڪونهي ته هن بلال جي ڪيتري قيمت آهي
هن جي سامهون ته يمن جي بادشاھت به گهٽ آهي
سيدنا ابوبڪر، بلال کي آقا ﷺ وٽ وٺي ويو.
چيائين
آقاﷺ مون اوهان جو غلام خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ هي اوهان کانسواءِ ٻيو ڪنهن جو به غلام ڪونهي
آقاﷺ جي اکين ۾ بلال سان مُحبت جا لڙڪ تڙپي رهيا هئا. اهو بلال جيڪو ايندڙ وقت ۾ آقاﷺ جو ويجهو صلاحڪار ۽ وزير بنيو. مديني ۾ اسلامي سلطنت جي پهرين مسجد جُڙي ته اُن جو ٻانگو بنايو ويو.
مڪي جي فتح مهل اُن ئي بلال ڪعبي جي ڇت تي چڙهي الله جي وحدانيت جو اعلان ڪيو. اهوئي بلال جيڪو هڪ رڍ ۽ ٻڪريءَ جي اگهه ۾ خريديو ۽ وڪرو ڪيو ويندو هو، ان کي اسلامي سلطنت، روم ۽ فارس فتح ڪندڙ جليل القدر خلفاءِ راشدين ادب مان يا سيدي... اي آقا چئي سڏيندا هئا. انسانيت کي اهڙي عزت ۽ مقام ڏيڻ لاءِ عالم بشريت ۾ رسول الله کي ڪائنات جي هر تخليق جو آقاﷺ بنائي موڪليو ويو هو.