اُحد ۾ ڏکيو وقت
اُن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي حفاظت ڪندڙ ست انصاري ۽ ٻه مسلمان مهاجر موجود هئا.
عبدالله بن پنهنجن بد نيت گستاخ ساٿين سان مٿي جبل تي چڙهي آيو.
هن وڏي گستاخي ڪئي.
تلوار گهمائي آقا صلي الله عليھ وسلم جي پاسراٽين تي هنئي.
الله آقا صلي الله عليھ وسلم کي ٻه زرهون پارائي موڪليو هو.
زرهه ڌڪ سهي ويئي، زخم نه ٿيو.
سور ڪيترائي مهينا رهيو.
اِهو ظالم پوءِ به نه مُڙيو.
پاسو بدلائي وري تلوار جو وار ڪيائين، جيڪو آقا صلي الله عليھ وسلم جي چهري مبارڪ تي لڳو.
الله اُتي هيلمٽ پارائي پوءِ آقا صلي الله عليھ وسلم کي جنگ تي موڪليو هو، پر تلوار جو اهو وار ايترو ته سخت هو، جو آهني خود جون ٻه لوهي ڪڙيون مُڙي ويون ۽ کاٻي اک جي هيٺان اُڀريل آقا صلي الله عليھ وسلم جي سُهڻي خوشنما ڳل جي هيٺان هڏيءَ ۾ گهڙي ويون.
رت وهڻ لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو پاڪ رت.
ان سان گڏ عبدالله بن قميئه رنڀ ڪئي.
آءٌ قميسئه (ٽوڙڻ وارو) جو پُٽ آهيان.
آقا صلي الله عليھ وسلم آهني خود جي گِهڙيل ڪڙين مان وهندڙ رت هٿ سان اُگهيو ۽ فرمايو.
”الله توکي ٽوڙي ڇڏي.“
آقا صلي الله عليھ وسلم جي چيل ڳالهه آقا صلي الله عليھ وسلم جو خدا نه سُڻي،
اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
وقت ۽ جاءِ جو تعين خود خدا ٿو ڪري.
اُن گهڙيءَ آقا صلي الله عليھ وسلم جا جان نثار بي جگريءَ سان ٻين حملي آورن سان وڙهي رهيا هئا. تير هلائي، ڊوڙندو ايندڙ دشمنن کي پَري ڪري رهيا هئا. ڪي وري صفا سر تي چڙهي آيل دشمنن کي پري ڌڪي رهيا هئا. ڪي وري سر تي چڙهي آيل دشمنن جي تلوارن کي مُڏو ڪري رهيا هئا.
عبدالله بن قمئه بار بار حملا ڪري رهيو هو.
سڀئي دشمن رسالت جي شمع کي اُجهائڻ تي سَندرو ٻڌيو بيٺا هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جو قديمي پروانو، مڪي جي سُهڻو شخص، آقا صلي الله عليھ وسلم جو هم شڪل، آقا صلي الله عليھ وسلم کان وهيءَ ۾ اڌ جيترو سيدنا معصب بن عمير تلوار سان ابن قميئه سان مقابلي ۾ هو، هو اڳ ۾ ئي گهايل هو ۽ هن بي انت تيرن جي بوڇاڙ کان بچائڻ لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم کي پنهنجي اَڏ ۾ وٺي لاٿو هو. کيس تلوارن جا زخم به هئا. هن مُڙسي ڪري ابن قميئه کي آقا صلي الله عليھ وسلم کان پري ڪري هيٺ ڌڪي ڇڏيو، پر خود ايترات زخم رسيا هئس جو اتي ئي آقا صلي الله عليھ وسلم جي پيرن ۾ ڪري ساقيءَ ڪوثر صلي الله عليھ وسلم جي اڳيان جام شهادت پيتائين.
مڪي جي خوشبوءَ ۾ رهندڙ، خوشبودار صاف سُٿرن ڪپڙن ۾ رهندڙ سهڻي سيرت، مٺي ڳالهه ٻولهه وارو خاموش ٿي ويو. اهو جنهن مديني ۾ پنهنجي خوش آهنگي، دليل ۽ خوش سخنيءَ سان ماڻهن جي دلين ۾ ايمان جو ٻج پوکيو هو، اهو ڪَٽيل ڏار وانگر ڪري پيو.
مٽيءَ ۾ ڀڀوت
شڪسته ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾
رت ۾ رڱيل
آقا صلي الله عليھ وسلم جو پروانو پنهنجي ايمان جي شمع تان قربان ٿي ويو.
ٻيا پروانا واري واري سان پنهنجي جان ڏيندا رهيا،
ستن جا ست ئي انصاري هڪٻئي جي پويان قربان ٿي ويا.
هڪ دل لوڏيندڙ موقعو اچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جا فقط ٻه پهريدار وڃي بچيا.
سيدنا سعد بن ابي وقاص ۽ سيدنا طلحه بن عبيدالله .
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو:
”ڪير آهي جيڪو هنن کي مُنهن ڏي.“
سيدنا طلحه عرض ڪيو: ”آقا صلي الله عليھ وسلم آءٌ آهيان.“
اڳيان وڌيو. مقابلي ۾ يارهن ڪافر هئا.
اڪيلو مقابلو ڪيائين.
تلوار اهڙي ته هلايائين جو هٿ شل ٿي ويس.
ايترا ته زخم رسيس جو پوءِ جڏهن ڳڻيا ويا ته ستر کان به وڌيڪ نڪتا. اُن گهڙيءَ هو جسم ۽ جان جي هر تڪليف کان مٿي ٿي چڪو هو. سندس ذهن ۽ دل ۾ رڳو پرواني جو روح وڃي رهيو هو، جيڪو شمع رسالت کي سُهائو رکڻ جي لاءِ تڙپي تڙپي اُنهن منحوس ڦوڪن کي ڀَسم ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي رهيو هو، جيڪي اُن چراغ ڪائنات صلي الله عليھ وسلم کي وسائڻ جي بُڇڙي ارادي سان گڏ هئا.
گڏ بيٺل ماهر تيرانداز جانباز سيدنا سعد بن ابي وقاص جي ڪمان مان بار بار تير نڪتو ٿي. ڪنهن مهل هن سامهون هجوم جو نشانو ٿي ورتو ته ڪنهن مهل پريان ايندڙ دشمنن کي پري هٽڻ تي مجبور ٿي ڪيائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم پنهنجي ترڪش جا سڀئي تير سعد بن ابي وقاص کي ڏنا ۽ ان گهڙيءَ آقا صلي الله عليھ وسلم سعد بن ابي وقاص کي اها ڳالهه چئي جيڪا هن سڄي زندگي ڪنهن ٻي کي نه چئي.
فرمايائون:
”ارم فداک ابي و امي“
”منهنجا ماءُ پيءُ قربان، تير هلائي“ (بخاري)
هيڏانهن هڪ ڀاءُ آقا صلي الله عليھ وسلم جو ايترو پروانو ۽ شيدائي هو ته ٻيو سڳو ڀاءُ ڪافرن جي لشڪر ۾ آيو، عتبه بن ابي وقاص. اهڙو ته سنگدل ۽ ظالم جو جڏهن طلحه جي تلوار ۽ پنهنجي ڀاءُ سعد بن وقاص جي تيرن جي ڊپ کان اڳيان وڌي نه سگهيو ته ٽڪرين جي اَڏ وٺندو، هٿ ۾ وڏو پٿر کڻي اوچتو سامهون آيو ۽ تاڙي اهو پٿر آقا صلي الله عليھ وسلم کي هڻي ڪڍيائين.
احد جبل به ڏڪي ويو هوندو.
هَڄي ويو هوندو ته جنهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي قدمن ۾ جبل احد جُهڪيل هو، اُن جو ئي هڪ ناڪاره پٿر هنيو وڃي.
پٿر چهري تي لڳو.
آقا صلي الله عليھ وسلم هيٺ ڪري پيا. هيٺان ٻه ڏند شهيد ٿي ويا. هيٺيون چپ به ڦاٽي پيو.
منهن مبارڪ رتورت ٿي ويو.
ڄڻ ماه ڪامل تي زخم آيو هجي ۽ خورشيد (سج) جو جگر ڪَٽجي ويو هجي. مبارڪ رت سان چهرو ڳاڙهو ٿي ويو. آقا صلي الله عليھ وسلم رت اگهندي فرمايو.
”اها قوم ڪيئن ٿي فلاح پائي سگهي، جنهن پنهنجي نبيءَ جي چهري کي زخمي ڪيو.“
آسمان مان وحي لٿي.
”الله گهري ته کين توبه جي توفيق ڏي ۽ گهري ته عذاب ڏي، ڇو ته هو ظالم آهن.“
آقا صلي الله عليھ وسلم هڪدم پنهنجي زخمي چپ ۽ چهري سان خدا کي ٻاڏايو.
”اي الله! منهنجي قوم کي معاف فرمائي. هو مون کي نٿا سڃاڻن. ]مسلم،فتح الباري[
هو پٿر هڻي ڀڄي ويو.
حضرت حاطب بن ابي بلقه پٿر هڻندڙ بدبخت عتبه بن ابي وقاص جو پيڇو ڪيو ۽ وڃي جهليائينس.
پنهنجن سڀني نسن جي زور سان پنهنجي تلوار هلائي ۽ اُن نڀاڳي جو ڪنڌ اُڏائي ڇڏيو.
سيدنا مالڪ بن سنان ڊوڙندو آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ آيو. منهن مبارڪ تان رت کي وهندو ڏسي پنهنجا چپ ان وهندڙ سڳوري رت تي رکي چوسي ورتائين.
آقا صلي الله عليھ وسلم چيس: ٿُڪي ڇڏ.
رُئندڙ اکين سان آقا صلي الله عليھ وسلم ڏانهن ڏسي التجا ڪيائين.
نه، آقا صلي الله عليھ وسلم هن کان وڌيڪ سڳوري شئي اڳ ڪڏهن به منهنجي نڙيءَ کان هيٺ نه لٿي آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم بشارت ڏني.
”ڪير جيڪڏهن ڪنهن جنتيءَ کي ڏسڻ گهري ته هن کي ڏسي.“
هاڻ، آقا صلي الله عليھ وسلم وٽ ڪمڪ پهچي چڪي هئي.
سڀني کان پهرين آقا صلي الله عليھ وسلم جو يار غار سيدنا ابو بڪر ڀَڄندو آيو. منهن مبارڪ تي لوهي خود جو ڪڙيون گهڙيل ڏٺائين ته ڪڍڻ لڳو ته سندس پويان ايندڙ سيدنا ابو عبيده بن الجراح عرض ڪيو ته اها سعادت مون کي بخشيو. هٿ سان ڳل مبارڪ مان لوهه جون ڪڙيون ڪڍڻ سان آقا صلي الله عليھ وسلم جي چهري مبارڪ تي سور جي لهر اُڀري ته ابو عبيده پنهنجن ڏندن سان هڪ ڪڙيءَ کي زور سان ڇڪيو. ڪڙِي ته نڪري آئي، پر سندس هڪ ڏند ٽٽي پيو. ٻي ڪڙي ڪڍندي سندس ٻيو ڏند به ٽٽي پيو.
ڪتابن ۾ اچي ٿو ته سيدنا ابو عبيده سڄي عمر انهن ٻن ڀڳل ڏندن جي ڪري اهڙو ته سُهڻو نظر ايندو هو، جو جيڪو به ڏسندو هئس، اهو ڏسندو ئي رهندو هئس. اُن سخت حملي وقت قتاده بن النعمان آقا صلي الله عليھ وسلم جي منهن مبارڪ جي اڳيان بيهي رهيو ۽ پنهنجو مُنهن دشمن جي اڳيان ڪري ڇڏيائين. هڪ تير سڌو اچي سندس اک ۾ لڳو. اک ڪنهن بال وانگر وانگر اڇلجي سندس هٿ ۾ اچي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون.
دعا گهريائون. الله! جنهن تنهنجي نبيءَ جي چهري جي حفاظت فرمائي، تون ايئن ئي هن جي چهري جي حفاظت ڪر، پوءِ اُن اک کي ساڳئي هنڌ رکي ڇڏيائين. اک ان وقت ئي صحيح ۽ سالم ٿي ويئي. اڳ کان به وڌيڪ روشن، سُهڻي ۽ نظر به تيز ٿي ويس ]زرقاني، البدايه والنهاويه، ابن هشام، خصائص الڪبريٰ[
سيدنا ابو دجانه به دشمنن جي تيز حملن وقت آقا صلي الله عليھ وسلم جي سامهون ڍال بنجي بيهي رهيو ۽ ڪيترائي تير پنهنجي بدن تي سَٺائين.
اُن ڏينهن سيدنا ابو طلحه انصاري ۽ سيدنا سعد بن ابي وقاص ڪيتريون ئي ڪمانون تير اُڇليندي ڀڳيون. ڪنهن مهل هڪ ڄڻو اڳيان اچي ڍال ٿي بڻيو ۽ ٻي پويان تير ٿي هلايا. سيدنا ابو طلحه سينو تاڻي آقا صلي الله عليھ وسلم جي روبرو بيٺو رهيو. هن آقا صلي الله عليھ وسلم کي عرض ڪيو ته پنهنجو ڪنڌ هيٺ رکو. منهنجو سينو ڍال آهي.
اُن ڏينهن شمع رسالت صلي الله عليھ وسلم تي مَرندڙن جي عيد هئي. ڊوڙندا ٿي آيا ۽ دل کولي فدا فدا ۽ قربان پي ٿيا.
ترت ئي صحابين جي ٻي جماعت سيدنا ابوبڪر سان گڏ اچي پهتي، جنهن ۾ سيدنا عمر بن خطاب، سيدنا علي، سهيل بن حنيف، مالڪ بن سنان، قتاده بن نعمان، حاطب بن ابي بليقعه ۽ سندن ساٿي شامل هئا.
هاڻ آقاصه جي محافظن جو تعداد نوَن مان وڌي ٽيهه ٿي ويو.
اهو انگ وڌندو گهٽبو رهيو.
جنهن پاسان حملي آورن جو زور ٿي ٿيو ته محافظ اُن طرف لڙي ٿي پيا.
اِها سڄي خوفناڪ صورتحال ڪجهه منٽن جي هئي.
تيرن جو وسڪارو
تلوارن جي ڇَڻڪار
تيز ڀالن جا حملا
ڌڪا
۽ پٿر
ان گهڙيءَ مشرڪن جي هڪ هٺيلي گهوڙيسوار عثمان بن مغيره، پنهنجي گهوڙي تي سوار ٿي آقا صلي الله عليھ وسلم تي حملو ڪيو. چيائين: اڄ يا ته آءٌ رهندس يا وري هو. آقا صلي الله عليھ وسلم جواب ڏيڻ لاءِ ترسيو، ڪجهه به نه ڪُڇيائون.
هن جو تيز گهوڙو ڊوڙندي ايندي هڪ کڏ ۾ ڪري پيو.
سيدنا حارث بن صمه تلوار سان سندس ڪم پورو ڪري ڇڏيو.
مڪي جي وڏيري اُميه بن خلف جو ڀاءَ ابي بن خلف مڪي ۾ چوندو هو ته آقا صلي الله عليھ وسلم کي آءٌ ئي قتل ڪندس.
آقا صلي الله عليھ وسلم ڳالهه ٻڌي سدائين چپ رهندا هئا.
هڪ ڏينهن آقا صلي الله عليھ وسلم چئي ڏنس.
”تون نه پر آءٌ توکي قتل ڪندس.“
اُن نازڪ گهڙيءَ جي کيس خبر پئجي ويئي.
هو گهوڙو ڊوڙائيندو آيو، جنهن جي باري ۾ چوندو هو ته کيس ايترو داڻو ٿو کارايان جو هن تي چڙهي توکي قتل ڪريان. هو گهوڙي تي چڙهي آيو، آقا صلي الله عليھ وسلم جا پروانا کيس روڪڻ جي لاءِ اڳيان وڌيا.
آقا کين منع ڪئي ۽ چيو ته کيس اچڻ ڏيو.
هو زره پوش هو.
مٿي تي لوهي ٽوپ ۽ سيني تي زرهه.
جڏهن ويجهو پهتو ته آقا صلي الله عليھ وسلم ڀرسان بيٺل حارث بن صمه جي هٿن مان نيزو ورتو ۽ هٿ ۾ کڻي هن جي ڳچي ۾ لوهي ٽوپ ۽ زره جي وچ ۾ نيزي جي اَڻي هنئي، هو گهوڙي تان لڙڪي پيو.
پوءِ ڪرندو، رڙيون ۽ دانهون ڪندو واپس پنهنجن ساٿين وٽ پهتو.
ساٿي حيران ٿي ويس ته هڪ رهڙ تي ايڏي گهوڙا گهوڙا.
هن چيو: هي معمولي ڌڪ ڪونهي.
محمد (صلي الله عليھ وسلم) جي هٿ جو لڳل ڌڪ آهي.
جيڪڏهن هو مُون تي ٿُڪي ها ته به مري وڃان ها.
آءٌ مران پيو.
واپسيءَ ۾ مڪي ڏانهن ويندي هو تڙپندو ”سرف“ جي هنڌ تي مري ويو.
سڄي دنيا ۾ اهو ئي هڪ بدبخت هو، جيڪو رحمة اللعالمين جي هٿان مُئو.
قريش، هيٺاهينءَ واري پاسي هئا.
آقا صلي الله عليھ وسلم جبل جي ڀڪَ۾.
مٿي جبل تي چڙهندي، عين گهيري جي هڪ گهڙيءَ، عبدالله بن قميئه، آقا صلي الله عليھ وسلم جي هم شڪل سُهڻي پرواني معصب بن عمير کي شهيد ڪري ڇڏيو. آقا صلي الله عليھ وسلم جي زرهه پوش پاسراٽين تي وار ڪيا ته آقا صلي الله عليھ وسلم هڪ گهڙيءَ جي لاءِ ابو عامر فاسق جي کوٽايل کڏي ۾ ڪري پيا. ڪجهه گهڙين جي لاءِ آقا صلي الله عليھ وسلم ماڻهن جي نظرن کان اوجهل رهيا ته عبدالله بن قميئه مُڙي پنهنجي پنڊال ۾ رڙيون ڪري چوڻ شروع ڪيو ته (نعوذ بالله) آقا صلي الله عليھ وسلم کي شهيد ڪيو ويو آهي. جنگ جي ميدان ۾ اهڙي خبر ٻُڌي آقا صلي الله عليھ وسلم جا پروانا صفا بي سَت ٿي پيا.
ماڻهن آقا صلي الله عليھ وسلم کانسواءِ پنهنجي ايندڙ زندگيءَ جي باري ۾ سوچيو به نه هو.
هُنن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جون سڀئي صلاحيتون گم ٿي ويون.
جنهن اهو ٻُڌو ٿي، ڄڻ مري ٿي ويو.
مسلمانن جي همت جواب ڏيڻ لڳي.
سيدنا ڪعب بن مالڪ جنهن کي سڄي عمر ياد رهيو ته ڪعبي ۾ پهرين ملاقات ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم سندس باري ۾ چيو هو: اهو ڪعب بن مالڪ جيڪو شاعر آهي؟ هو اُن کڏي وٽان لنگهيو.
نظر اندر پيئي ته ڪائنات جو نور
ڄڻ کوهه ۾ يوسف عليھ السلام.
هُوليرو مچي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جيئرا آهن.
الله جا رسول موجود آهن.
اسلام جو جهنڊو هاڻ سيدنا عليرضه وٽ هو.
جهنڊو کنيائين ۽ آقا صلي الله عليھ وسلم جي کڏ مان ٻاهر ايندي ئي کوڙي ڇڏيائين.
مسلمانن ۾ ساهه پئجي ويو.
بي دم ڄڻ مُئل پروانن جا پَر خوشيءَ سان ڦڙڪڻ لڳا.
سڀ آقا صلي الله عليھ وسلم جي پناهه ۾ اچي ويا.
مسلمانن جو قلعو مضبوط ٿي ويو.
هيٺ هيٺاهينءَ ۾ جتي جتي مسلمان هئا، انهن نئين سر پنهنجون دفاعي لائينون جوڙيون. ڪجهه مسلمان مٿي جبل تي چوڪيدار بنجي تير ڪمان سنڀالي تيار ٿي بيٺا ته جيئن ٻيهر ڪو حملي آور هيڏانهن نه اچي، دشمن پري رهي.
هڪ ڀيري ابو سفيان ۽ صفيان بن اُميه جبل جي مٿان دامن ڪوهه ۾ ٺهيل آقا عليھ السلام جي ڪمانڊ پوسٽ تي حملي جي نيت ڪئي، پر مسلمان تيراندازن کين ڊوڙائي ڇڏيو.
جيل جي چوٽي ڪافرن کان خالي ٿي ويئي.
آقا صلي الله عليھ وسلم مٿي چڙهڻ لڳا.
هڪ ٽڪريءَ تي چڙهڻ ۾ طلحه مدد ڪئي.
هاڻ آقا صلي الله عليھ وسلم ۽ سندس ساٿي مُشرڪن جي پهچ کان پري هئا. هو نه جبل جي هيٺان چڙهي وٽن پهچي ٿي سگهيا ۽ نه جبل جي چوٽيءَ تان لهي اُتي اچي ٿي سگهيا. هر رستي تي مسلمان چوڪس هئا، پر خاموش.
ابو سفيان وٽ واپسيءَ کانسواءِ ٻي ڪابه واهه نه هئي.
پر کيس پنهنجي انا کي پاڻي ڏيڻون هو، پنهنجي گهوڙي تي چڙهي هو جبل جي هيٺ مسلمانن جي تيرن جي نشاني کان پري ٿي بيٺو.
گلو ڦاڙي چيائين.
ڇا اوهان ۾ محمد (صلي الله عليھ وسلم) جيئرو آهي؟
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: ڪير به جواب نه ڏي.
هُن ٿوري دير انتظار ڪيو. پوءِ وري رڙ ڪيائين.
ڇا اوهان ۾ ابن ابي قحافه (ابوبڪر) موجود آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو: جواب نه ڏيوس.
احد ۾ خاموشي
هوا سائين سائين ڪندي رهي
خاموش بيٺل پروانن جا ڪپڙا ڦڙ ڦڙائڻ لڳا
چؤڏس سانت
پوءِِ ابو سفيان جو ڳرو آواز گونجيو
ڇا اوهان ۾ عمر بن خطاب اڃا آهي؟
آقا صلي الله عليھ وسلم خاموشيءَ جو حڪم ڏنو.
جڏهن کيس ڪنهن به سوال جو جواب نه مليو ته هن پنهنجي گهوڙي جو لغام لوڏيو ۽ بيٺي بيٺي گهوڙي کي شان دلبري ۽ تڪبر مان پٿرن تي اڳين سُنبن تي ٽپ ڏياريو. هن جي سُنبن مان چڻنگون نڪتيون. خاموش احد جي اُداس چهري مان هن جي گهوڙي جي سُنبن جو آواز بار بار ٽڪرايو ۽ هُن پنهنجن ساٿين ڏانهن منهن ڪري وات چُٻو ڪري طنز مان چيو:
لڳي ٿو ته اهي ٽيئي قتل ٿي ويا.
جيئرا هجن ها ته ڪر وراڻي ڏين ها.
ابو سفيان جي زبان مان حقارت وارا جملا سُڻي سيدنا عمر بن خطاب کان ماٺ ٿي نه سگهي. سندس آواز ابو سفيان جي آواز کان ٻيڻو اوچو هو، هن رڙ ڪري چيو.
اي خدا جا دشمن، تو غلط چيو
تنهنجي رنج جو سامان اڃا باقي آهي.
اسين ٽيئي جيئرا آهيون.
ابو سفيان چيو.
ٺيڪ آهي، اوهان جا ٻيا ته هتي ميدان ۾ مُئا پيا آهن
پوءِ ابو سفيان نعرو هنيو.
اعليٰ هبل- جئه هبل
آقا صلي الله عليھ وسلم چيو: چوينس
الله اعليٰ اجل... الله سڀني کان اعليٰ ۽ مٿانهون آهي
ابوسفيان ٻيو نعرو هنيو
لناعزيٰ ولا عزيٰ لکم- اسان وٽ عزيٰ آهي. اوهان وٽ عزيٰ ڪونهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم: عمر چوينس
الله مولانا ولا موليٰ لکم- الله اسان جو مولا آهي ۽ اوهان جو ڪوبه مولا ڪونهي.
ابو سفيان چيو.
هي ڏينهن، بدر جي ڏينهن جو بدلو آهي.
تنهن ڪري اسين ۽ اوهين برابر ٿياسين.
۽ جنگ کوهه جي ڏول وانگر آهي... ڪڏهن هيٺ... ڪڏهن مٿي...
سيدنا عمر چيو:
اسين برابر نه آهيون... اسان جا مقتولين جنت ۾ آهن ۽ اوهان جا جهنم ۾ آهن.
پوءِ ابو سفيان، عمر کي سڏي چيو.
عمر آءٌ توکي الله جو واسطو ٿو ڏيان ته سچ ٻڌائي.
ڇا اسان محمد (صلي الله عليھ وسلم) کي قتل ڪيو؟
سيدنا عمر وراڻيس... خدا جو قسم ته نه. هو هينئر به تنهنجون ڳالهيون ٻُڌي رهيو آهي.
ابوسفيان وراڻيس: تون منهنجي نظر ۾ ابن قيمئه کان وڌيڪ سچو آهين. پوءِ ابو سفيان چيو: اسان جي ماڻهن جي هٿان اوهان جي ڪن مقتولن جو مثلو ٿيو آهي... نه آئون ان عمل مان راضي آهيان، نه ناراض، نه مون منع ڪئي، نه مون ان جو حڪم ڏنو هو.
وڃڻ مهل ابو سفيان آڪڙ مان ڪنڌ کڻي چيو: ايندڙ سال بدر ۾ ميلي جي ڏينهن ۾ ٻيهر جنگ جو وچن آهي.
آقا صلي الله عليھ وسلم چيو: چوينس انشاء الله پڪو (ابن هشام).
ابو سفيان بن حرب پنهنجو لشڪر وٺي روانو ٿي ويو.
آقا صلي الله عليھ وسلم حضرت عليءَ کي ڪجهه جانثارن سان گڏ سندن پويان لڳايو.
چيو: ڏسو ته
هي اُٺن تي ويهن ٿا ۽ گهوڙا پويان رکن ٿا، يا گهوڙن تي سوار ٿين ٿا ۽ اُٺ پويان؟
سيدنا علي پويان لڳن.
خبر آندائون ته
سڀ اُٺن تي سوار ٿي ويا آهن ۽ گهوڙا پويان آهن.
آقا صلي الله عليھ وسلم اطمينان جو ساهه کنيو ۽ فرمايو.
هاڻ هي مڪي ويا آهن. مديني ڏانهن نه مُڙندا.
اڳينءَ تائين جنگ ختم ٿي چڪي هئي.
زخمن کان چور آقا صلي الله عليھ وسلم ويهي اُمامت ڪرائي. اڪثر صحابين ويهي نماز پڙهي، پوءِ هيٺ لٿا. شهيدن جي جسمن کي گڏ ڪيو. سيدنا حمزه جي جسم اقدس کي وڍيل ڏسي آقا صلي الله عليھ وسلم غم سبب ڏڪڻ لڳا. لڙڪڻ جي برسات وسي، سڄو جسم مبارڪ ڏک سبب ڏڪي ويو.
چيائون: آءٌ ڏهن ڪافرن کان اهڙو بدلو وٺندس.
پر پوءِ ڄڻ آسمان مان ڪا تنبيهه آئي. چيائون: نه، اسان کي لاشن جي ايئن بي حرمتيءَ جي موڪل ڪونهي. اهو فيصلو ٿيو ته سڀني جي جنازي نماز پڙهائي کين اُتي ئي هيٺاهينءَ ۾ دفنايو وڃي. شهيدن جا لاش آندا ويا، کڄندا ويا. جنازي نماز ۾ امير حمزي جو جسم مبارڪ آخر تائين پيو رهيو. اُن تي آقا ستر ڀيرا جنازي نماز پڙهائي ۽ فرمايو:
آسمان مان جبرائيل عليھ السلام اچي چيو آهي ته آسمان تي سيدنا حمزه جو لقب لکجي چڪو آهي- ”اسد الله و اسد رسول“ (الله ۽ الله جي رسول جو شينهن ]ابن هشام[
اُن ڏنهن آقا صلي الله عليھ وسلم ايترو ته رُنا جو پاڻ سڏڪڻ لڳا. پوءِ فرمايائون:
”قيامت جي ڏينهن الله وٽ حمزو سڀني شهيدن جو سردار هوندو“ (مستدرڪ حاڪم)
سيدنا حمزي کي سندس ڀيڻج سيدنا عبدالله بن حجش (پڦي اُميه جو پُٽ) سان گڏ احد جبل جي هيٺاهينءَ ۾ دفنايو ويو. ڪفن ننڍو هو، پيرن تي گاهه وڌو ويو. باقي شهيد به هڪ هڪ قبر ۾ ٻه ٻه دفنايا ويا. ڪجهه ماڻهو پنهنجن عزيزن کي مديني کڻي ويا هئا. آقا صلي الله عليھ وسلم کين حڪم ڏنو ته واپس آڻي هتي احد ۾ دفن ڪريو.
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمائيندا هئا:
”احد اسان سان پيار ٿو ڪري ۽ اسين احد سان.“
مديني جون عورتون به ڀَڄنديون آيون.
ڪنهن مشڪيزه ۾ پاڻي ڀري آندو.
ته ڪا دوا دارون کڻي آئي.
ڪا کاڌي پيتي جي
آقا صلي الله عليھ وسلم جا زخم خاتون جنت سانئڻ فاطمه ڌوتا.
سندس گهروارو سيدنا علي پنهنجي لوهي خود ۾ پاڻي ڀري آيو.
پوءِ سيده هڪ تڏو ساڙي اُن جو ڦلهيار زخم تي رکيو ته رت بند ٿيو.
ستر مسلمان شهيد ٿيا هئا.
مُشرڪ پنهنجا چوويهه لاش اُتي ڇڏي ويا هئا.
مديني واپسي ٿي ته مديني وارن دل کولي ڀليڪار ڪئي. هڪ عورت جنهن جو پيءُ، ڀاءُ ۽ پُٽ شهيد ٿي ويا هئا، ٽنهي جي شهادتن جي خبر سُڻي، بي قراريءَ مان پُڇندي رهي، ”ٻڌايو ته رسول الله ڪيئن آهن؟“
جڏهن ٻُڌائين ته پاڻ سڳورا خيريت سان آهن ۽ پنهنجي سامهون آقا صلي الله عليھ وسلم کي ايندي ڏٺائين ته سندس دکي دل تي ڄڻ بهار اچي ويئي.
چيائين:
”آقا صلي الله عليھ وسلم اوهان کي ڏسڻ کانپوءِ سڀ غم هيچ آهن.“
مُنافقين جي وات ۾ بدبودار زبانون هُيون.
چوندا پي وتيا: اسان جا ٻارڙا مارائي ڇڏيائون.
”اسان جي ڳالهه مڃين ها ۽ گهر مان نه نڪرن ها ته نه مارجن ها.“
خدا قرآن ۾ واضح ڪري ڇڏيو.
”ڪا اهڙي جاءِ ٻڌايو، جتي اوهين موت کان بچي سگهو ٿا.“
جنگ جو پاسو ته ڪجهه گهڙين ۾ ئي مسلمانن جي حق ۾ ٿي ويو هو، اهي تير انداز پنهنجي جاءِ نه ڇڏين ها ته قريش ڀڄي چڪا هئا.
پر خدا کين آجو ڪري ڇڏيو.
”تنهن ڪري اُنهن کي معاف ڪريو ۽ انهن جي لاءِ مغفرت گهرو ۽ جيڪو ڪم ٿئي، ان ۾ ساڻن صلاح مشورو ڪريو.“ (قرآن 3- 159)
آقا صلي الله عليھ وسلم تي حملو ڪندڙن مان ٻه ته اتي ئي مارجي ويا. عبدالله بن قميئه جيڪو چوندو هو ته ’آءٌ ٽڪرا ڪرڻ واري جو پُٽ آهيان،‘ جنهن آقا صلي الله عليھ وسلم جي چيلهه ۽ خود تي تلوار سان وار ڪيو هو، مڪي موٽي ويو ۽ پنهنجون ٻڪريون موٽائڻ ويو ته هڪ ٻڪر کيس سڱن سان ٿونا هڻي مٿاهين ٽڪريءَ تان هيٺ کڏ ۾ ڪيرائي وڌو ۽ سندس جسم ڦوندا ڦوندا ٿي ويو. جيئن آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو هو. ”خدا تنهنجا ٽڪرا ٽڪرا ڪري“. خدا ايئن ئي ڪيو. اهو به هڪ معمولي ٻَڪر هٿان.
مديني ۾ اها شام ڏاڍي اُداس هئي.
شهيدن جي گهرن ۾ ماتم وڇايل هو.
آقا صلي الله عليھ وسلم جي مبارڪ اکين مان اڃا سوڌي پنهنجي پياري چاچي، دوست، پرواني شير خدا، شير رسول حضرت حمزي جي غم جا لُڙڪ وهي رهيا هئا. پاڻ سڳورا ماتم ڪندڙ هڪ گهر وٽان لنگهيا ته بي حد ڏک مان چيائون:
”منهنجي چاچي امير حمزي لاءِ ڪوبه ماتم ڪندڙ ڪونهي.“
اهي عورتون پنهنجا شهيد وساري ويٺيون ۽ سيد الشهداء جو غم ملهائڻ لڳيون.
رات جو آقا صلي الله عليھ وسلم کي ننڊ اچي ويئي.
فجر جو بلال جي اَذان سان گڏ جاڳيا.
بلال کي سڏي هڪ عجيب حڪم ڏنائون.
فرمايائون: اعلان ڪر ته
فجر جي نماز کان پوءِ هڪدم روانگي ٿيندي.
فقط اهي مجاهد گڏ هوندا جيڪي ڪالهوڪي جنگ ۾ احد ۾ شامل هئا. نئون ڪوبه نه هوندو.
پاڻ به زخمي
ته گهڻا تڻا مجاهد به زخمي
زخمي به وري اهڙا جو ڪنهن کي ستر زخم ٿيا هئا ته ڪن کي ان کان به ججها.
سيدنا عليرضه اطلاع ڏنو هو ته دشمن مڪي ڏانهن روانو ٿيو آهي. آقا صلي الله عليھ وسلم کي خيال آيو ته ڪٿي دشمن رستي مان موٽي نه اچي، تنهن ڪري سندن پيڇو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن هو واپس وريو ته ساڻس مقابلو ضروري آهي.
روانا ٿي ويا.
دشمن مديني کان 36 ڪلوميٽر پري ”روحا“ جي هنڌ تي ترسي اهو ئي سوچي رهيو هو.
ابو سفيان جو ضد هو ته واپس وڃي مسلمانن کي پاڙؤن پَٽي ڇڏجي.
اڃا موقعو آهي.
هو زخمي ۽ هيڻا آهن.
صفيان بن اُميه جو اصرار هو ته اهو ته اسان جو ڀاڳ ڀَلو هو جو عزت رهجي ويئي اٿئون، ڪٿي اها به ٻُڏي نه وڃي.
پوءِ وارن ڏينهن ۾ خالد بن وليد مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ٻڌايو ته اصل ۾ اسان جو شايد ئي ڪو اهڙو گهوڙو بچيو هجي، جنهن کي تير نه لڳو هجي. هنن جا گهوڙا رومي سلطنت جي گهوڙن وانگر زرهه پوش ته نه هوندا هئا، سو تيرن جي بوڇاڙ کان ڪٿي ٿي بچي سگهيا. زخمن تي مَکيون اُڏري رهيون هيون. هنن جا ماڻهو به زخمي هئا، اهي به گهڻا زخمي تيرن جي ڪري ئي ٿيا هئا. تير جا اڪثر زخم فوري موت نه ڏيندا آهن، پر موت کان وڌيڪ سور ۾ مبتلا رکندا آهن.
اُن کانسواءِ سندن دلين ۾ مسلمانن جو ڊپ به ويٺل هو.
۽ مسلمان گهڻيون قبرون کوٽي، پنهنجن زخمن کان بي نياز گهوڙن ۽ اُٺن تي چڙهي پاڻ کان پنج ڀيرا وڌيڪ فوج جي تعاقب ۾ لڳا ويا.
آقا صلي الله عليھ وسلم مديني کان اٺ ميل ٻاهر حمرالاسد جي هنڌ تي ٽڪيا. سومر، اڱارو، اربع يعني 9، 10 ۽ 11 شوال- هجري، ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون اتي قيام ڪيائون. هر رات ڪاٺين جا وڏا مَچ ٻاريائون ته جيئن دشمن ڏسي ۽ مٿس ڊپ طاري ٿئي.
ان دوران آقا صلي الله عليھ وسلم جو هڪ همدرد معبد بن ابي معبد الخزاعي جيڪو قبيلي خزاعه جو چڱو مڙس هو. اُتي آقا صلي الله عليھ وسلم کي ملي ويو. سندس قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو مسلمان هئا. ان ملاقات ۾ آقا صلي الله عليھ وسلم جو حوصلو ڏسي مسلمان ٿي ويو. آقا صلي الله عليھ وسلم کيس چيو: اڃا قريشن کان پنهنجو ايمان ڳجهو رکج. اڳيان ’روحا‘ وٽ قريشن جا حوصلا خطا ڪج. جنهن ڳالهه کي اڄڪلهه نفسياتي جنگ چيو وڃي ٿو، اها ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بنو هاشم ۽ بنو خزاعه هڪٻئي جا حليف هئا. هاڻ ته معاملو ئي ٻيو هو.
اهو سردار پاڻ به آقا صلي الله عليھ وسلم شمع رسالت جو پروانو هو.
اُتي پهتو.
جتي ابو سفيان بن حرب اڃا به صفوان بن اُميه سان اُن بحث ۾ رڌل هو ته واپس موٽي مديني ٿا هلئون. ڪم ته ڪوبه نه ٿيو. پنجاهه هزار دينارن جو فائدو لُٽجي ويو، وريو سَريو ڇا؟
هو ڪاروباري ماڻهو هو.
پنهنجي هر ڪاميابي ۽ ناڪاميءَ جي تور تڪ ڪندو هو.
معبد خزاعي پهچي ويو.
ويندي ئي ڀَڙاٽ ڪيائين
هاڻ اوهين ضرور جهلبا
ابو سفيان پُڇيس: ڪيئن؟
معبد چيس: اوهين اڃا هِت ويٺا آهيو
خبر ورتي اٿوَ ته اوهان جي پويان وڏو راڪاس پيو اچي.
هو هَڄي ويو
صفوان بن اُميه به ڪَن ڪيٽا ڪيا
عڪرمه بن ابو جهل جون اکيون به ٻاهر نڪتيون.
معبد چيو: مديني مان ته هزارين ماڻهن جي فوج تلوارون، بڻڇيون ۽ ڀالا کڻيو، ڪاوڙ ۾ ڀوت بنجي مينهن واهه ڪندي هن پاسي پيئي اچي. شايد سندن ايڊوانس پارٽي هِتي ويجهو ئي هُجي. رات جو اوهين جاسوسن کي موڪلي خبر چار وٺو، آءٌ ته پنهنجي اکين سان ڏسي آيو آهيان. هوته اهو پڪو پهه ڪري نڪتا آهن ته اوهان کي مارڻ کانسواءِ واپس ڪين ورندا.
اوهين ڪيترا سردار آهيو.
هو چئي رهيا هئا، ته جيترن کي بدر ۾ ماريو هوسين، هاڻ ٻيڻ تي ماري کين کڏ ۾ اُڇلڻون آهي.
ابوسفيان جا ته هوش ئي اڏي ويا.
هن اڳ ۾ ئي خبر چار وٺڻ جي لاءِ جاسوس موڪليا هئا. انهن مان هڪ اهو اچي اطلاع ڏنو ته حمرالاسد وٽ هڪ وڏي فوج جو خونخوار حصو ويٺو آهي، لڳي ايئن ٿو ته هو ڪنهن ڪمڪ جي اوسيئڙي ۾ آهن. همراهه وڏي ڪاوڙ ۾ هئا. سڀ مديني جا آهن، ڪي ته ڄاتل سُڃاتل به هئا ۽ جنگ ۾ شامل هئا. ٻُڌو اٿئون ته پويان تازه دم فوج اچي رهي آهي. گهوڙا به زرهه پوش آهن. اهو ٻڌي صفوان بن اميه، ابو سفيان بن حرب جي سرداريءَ جي ٽَڪو به پرواهه نه ڪئي ۽ پاڻ ئي حڪم ڏنائين.
اُٿو هلو.
هاڻ رستي ۾ ڪٿي هروڀرو نه بيهجو.
جيڪا عزت بچي اٿئون، اها ته بچي رهڻ ڏيو.
اُٿو دير نه ڪريو... هلو.
سڀ ڪنڌ جهڪائي اُٿيا.
پنهنجي پنهنجي سواريءَ تي ويٺا ۽ کين ڊوڙائيندا مڪي پهچي دَم پٽيائون.
هيڏانهن مسلمانن کي پنهنجي پڙاءُ ۾ بدر واري جنگ ۾ قيد ٿيل هڪ شاعر ابو عزه ٻيهر هٿ چڙهي ويو. ان وقت هُن آقا صلي الله عليھ وسلم سان وعدو ڪيو هو ته اوهان ۽ اسلام جي خلاف چِڙ ڏياريندڙ شاعري نه ڪندس. فديي جا پئسا ڪونه اٿم، پنج نياڻيون اٿم، مفت ۾ ڇڏي ڏيو. آقا صلي الله عليھ وسلم مٿس اعتبار ڪري کيس ڇڏي ڏنو، احد جي تياريءَ وارن ڏينهن ۾ ابو سفيان کيس کيسي خرچي ڪرائي مسلمانن ۽ اسلام جي خلاف کيس پنهنجي پروپيگنڊائي سيل جو انچارج بنائي ڇڏيو. هن قبيلن ۾ گهمي ڦري پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي مسلمانن جي خلاف ٻيهر ڀڙڪايو.
هن ڀيري ٻيهر جهلجي پيو.
شاعر شايد هوريان هوريان هلندا آهن.
يا ڪم وٺندڙ کانئن ڪم وٺي پوءِ کين پاڻ سان گڏ نيندا به نه آهن.
هو پويان رهجي ويو.
پنهنجي قريشي قافلي کان پري.
ٻيهر جهلجي پيو.
وري اهي ئي منٿون، بهانا ۽ وعدا...
آقا صلي الله عليھ وسلم چيس: ابو عزه هن ڀيري توکي موڪل ڪانه ڏبي ته واپس مڪي وڃي پنهنجي مُنهن تي هٿ ڦيري چوين ته آءٌ محمد (صلي الله عليھ وسلم) کي ٻيهر بيوقوف بنائي آيو آهيان.
ٻُڌو.
”مسلمان هڪ سوراخ مان فقط هڪ ڀيرو ئي ڏنگجي سگهي ٿو“.
جنگ جي حالت هئي.
هو دشمن جو ماڻهو هو.
هو ماريو ويو.
تاريخ ۾ اُن جنگ کي هروڀرو مسلمانن پاڻ ئي مسلمانن جي شڪست طور مڃيو آهي، اُن جو سبب شايد اهو آهي ته جڏهن هجرت کان سٺ ستر سال پوءِ تاريخ جا پهريان ڪتاب لکيا پي ويا ته ان وقت اقتدار ’ابو سفيان بن حرب‘ جي اولاد وٽ هو. لکڻ وارن کي نه رڳو پنهنجو قلم، پر پنهنجو ڪنڌ ڪپجڻ کان به بچائڻو هوندو آهي. هُنن جيڪڏهن اُن سڄي قصي ۾ ٿورو رنگ ابو سفيان بن حرب کي فاتح قرار ڏيڻ جو ڀَري ڇڏيو ته ڪو حرج ڪونهي. نيٺ جان به ته بچائڻي آهي ۽ پيٽ گذر به ته ضروري آهي.
اهو سچ آهي ته مسلمانن جو جانين جو ذيان قريشن جي ڀيٽ ۾ ٽيڻ تي ٿيو. هنن جا چوويهه ڄڻا مئا ۽ مسلمانن جا پنجهٺ ستر چيا وڃن ٿا.
هڪ جي ڀيٽ ۾ ٽي. پر فوج جي نسبت به ته پنجوڻي هئي. ٻيو ته هر جنگ جو هڪ مقصد هوندو آهي. مسلمانن جو مقصد پنهنجي شهر جو بچاءُ ۽ دين جي سلامتي هو، جيڪو هُنن حاصل ڪري ورتو. قريش جو مقصد مسلمانن کي پاڙؤن پٽي ڦٽو ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو ناڪام رهيا.
هاڻ پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته ڪنهن کٽيو؟ ڪنهن هارايو؟
پر ترسو- هڪ سال اوسيئڙو ڪجي.
ابوسفيان جي پنهنجي للڪار جو
ته ايندڙ سال ٻيهر بدر ۾ معرڪو ٿيندو
آقا صلي الله عليھ وسلم فرمايو هو: پڪو وعدو انشاء الله.
اُن للڪار جو نتيجو ڏسي، پوءِ جيڪو اوهان جي دل چوي اهو فيصلو ڪجو.