سيدنا عبدالمطلب
امڙ کي ويران بيابان ۾، سفر جي دوران ’ابواء‘ جي هنڌ وٽ دفنائي رسول الله ﷺ پنهنجي سنڀاليندڙ ٻانهيءَ سان گڏ ڪيئن ڀڳل دل ۽ شڪسته روح سان مڪي پهتو هوندو. ڇهن سالن جي ننڍڙي رسول اللهﷺ کي اهڙي حال ۾ ڏسي سندس مهربان ۽ شفيق ڏاڏي سيدنا عبدالمطلب جي دل ڪيتري نه ڏکي هوندي.
اها سوچڻ جي ڳالهه آهي.
سيدنا عبدالمطلب ڪيتري دير پنهنجي معصوم لاڏلي پُوٽي کي گلي لڳائي لڙڪ وهايا هوندا. اهو رسول الله ﷺ ئي ڄاڻندا هوندا. ڏاڏي ڪيئن نه تڙپي تڙپي رسول الله ﷺ ۽ سندس دائي بَرڪه کان پنهنجي بيوه ننهن جي زندگيءَ جي آخري ڏينهن جو داستان ٻُڌو هوندو. ان گهڙيءَ سيدنا عبدالمطلب کي پنهنجي سڀ کان پياري سڀ کان سُهڻي پٽڙي سيدنا عبدالله جو موت ياد آيو هوندو. اهو جنهن جي لاءِ هن سئو اٺ قربان ڪيا هئا. اهو جيڪو رسول خدا ﷺ جي جنم کان ٻه مهينا اڳ کانئس پري يثرب ۾ گذاري ويو هو. سندس ڏک ڪيترو نه گهرو ڏک هوندو. ڇُٽل ڦٽَ هڪ ڀيرو ٻيهر چِڪي پيا هوندا.
سيدنا عبدالمطلب جا ٻارنهن پٽ ۽ ڇهه نياڻيون هيون. انهن پٽن ۽ ڌيئن جو اولاد يعني سندس ڪيترائي پوٽا پوٽيون، ڏهٽا ۽ ڏهٽيون هونديون. سيدنا جو هڪ وڏو ڪٽنب هو، پر سڄي ڪٽنب ۾ کيس سڀني کان وڌيڪ سيدنا عبدالله سان پيار هو. جيڪو پنجويهن ورهن جي وهيءَ ۾ هو. کانئس پري يثرب ۾ گذاري ويو هو. هاڻ اهو سڄو پيار سيدنا عبدالله جي ڇهن سالن جي پُٽڙي رسول الله ﷺ جي لاءِ هو، جنهن جي ماءَ يثرب مان واپس مڪي ورندي، ’ابواء‘ ۾ رستي ۾ گذاري ويئي. سيدنا عبدالمطلب هر وقت پنهنجي پوٽي کي پاڻ سان گڏ رکندو هو. ڪڏهن آڱر مان جهلي پيو وٺيو هلندو هوس ته ڪڏهن کيس پنهنجن ڪراڙن ڪلهن تي ويهاريندو هو. ڪعبي جي ڀت جي ڇانوَ ۾ وڇايل مخصوص غاليچي تي ويهندو هو ته رسول اللهﷺ کي به پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو. سيدنا چوندو هو، منهنجو هي ٻارڙو وڏي شان وارو آهي. دستر خوان وڇائيندو هو ته ان مهل تائين گرھ به نه کڻندو هو، جيستائين رسول الله ﷺ کائڻ شروع نه ڪندا هئا.
مڪي جي سردار سيدنا عبدالمطلب وٽ عربستان جي ويجهن ۽ ڏورانهن علائقن مان صاحب علم ۽ دانا ماڻهو به ايندا هئا. ڪعبي جي حطيم ۾ وڇايل غاليچي وٽ عربستان جي رئيسن ۽ چڱن مُڙسن جون وڏيون محفلون مچنديون هيون.
هڪ ڀيري ڪعبي جي ڇانوري ۾ وڇايل غاليچي وٽ اهل علم وارن جي هڪ محفل متل هئي، ’بنو مدلج‘ جي قيافه شناسن جو سڄي عربستان ۾ وڏو احترام هو. کين ٻارن جي پيرن کي ڏسي، سندن ايندڙ ڏينهن جي تقدير پڙهڻ ۾ خاص مَلڪو حاصل هو. ان سلسلي ۾ هُنن جي وڏي شهرت هئي، ماڻهو سندن ڳالهين کي سنجيدگيءَ سان وٺندا هئا، هو وڏا جتن ڪري پنهنجن ٻارڙن جي قسمت جو حال کانئن وٺندا هئا. هڪ ڀيري انهن قيافه شناسن جو چڱو مڙس حطيم ۾ اچي ويٺو هو.
هو طواف ڪري، مقام ابراهيم وٽ دعا گهري موٽيو هو.
مقام ابراهيم وٽ هن قديمي سڳوري پٿر تي موجود حضرت ابراهيم عليه السلام جي پيرن کي ڌيان سان ڏٺو هو.
حطيم ۾ اچي هو سيدنا عبدالمطلب جي پاسي ۾ ويٺل معصوم رسول الله ﷺ جي پيرن جي ترين کي ڏسي ڇرڪيو. هن ڏاڍي ڌيان سان رسول الله ﷺ جي پيرن کي ڏٺو، پوءِ اُٿي وڃي مقام ابراهيم تي پٿر ۾ محفوظ ابراهيم جي پيرن جي نشانن کي ڌيان سان ڏٺائين. واپس وري، هن حطيم ۾ ويٺل سڀني ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪايو، پوءِ قريش سردار سيدنا عبدالمطلب کي مخاطب ٿي چيائين.
سردار
هن ٻارڙي جا پير اوهانجي وڏڙي ابراهيم جي پيرن سان عين ملن ٿا.
ههڙي هڪجهڙائي مون اڳ ۾ نه ڪڏهن ڏٺي، نه ٻڌي.
سيدنا عبدالمطلب پنهنجي اولاد مان ڀرسان ويٺل سيدنا ابوطالب کي مخاطب ٿي چيو هن جي ڳالهه ڌيان سان ٻُڌ.
۽ سمجهه
سيدنا ابوطالب پنهنجي سڄي زندگي پنهنجي پيءُ جي اها نصيحت نه وساري. ڪعبي ۾ ايندڙ اهل ڪتاب ڪعبي ۾ اچي ٻڌائيندا رهندا هئا ته اوهانجي هن پُوٽي جو مستقل ۾ وڏو شان ٿيندو. کيس ڪيترن ئي واقفڪارن ٻڌايو هو ته سندس اهو ئي پوٽو هن اُمت جو آخري نبي ٿيندو. سيدنا اڪثر رسول الله ﷺ کي سنڀاليندڙ بُرڪه کي تاڪيد ڪندو رهندو هو ته منهنجي هن پوٽي جو خاص خيال رکندي وڃ.. هڪ ڀيري هن رسول الله کي ”سدره“ جي ويجهو ٻارن سان گڏ کيڏندي ڏٺو ته بَرڪه کي نصيحت ڪئي ته اڳتي ايئن نه ٿئي، هي عام ٻارڙو ڪونهي. اُمت جو ٿيندڙ نبي آهي.
رسول خدا ﷺ اٺن سالن جا اچي ٿيا.
سيدنا عبدالمطلب وڃي موت جي بستري ڀيڙو ٿيو.
اها 579ع جي ڳالهه آهي.
سيدنا عبدالمطلب هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پُٽ سيدنا ابوطالب کي گهرايو.
سيدنا ابوطالب آيو،
سيدنا عبدالمطلب، سيدنا ابوطالب کي اشاري سان پنهنجي ويجهو گهرايو. پوءِ ڀرسان ويٺل اٺن سالن جي رسول الله ﷺ جو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيئي چيو.
تون محمد ﷺ جي پيءُ جو ماءُ ڄائو ڀاءُ آهين.
هيءَ سڳوري امانت تنهنجي حوالي ٿو ڪريان،
تون پنهنجي ڀائيٽي جي پرورش ڪج،
سڄي زندگي هن جي سرپرستي ڪرڻي اٿئي،
کيس هر ڏک، تڪليف ۽ خطري کان بچائڻون آهي.
سيدنا ابو طالب ڪنڌ جهڪائي نهايت عجز ۽ احترام سان دل تي هٿ رکي اقرار ڪيو ۽ رسول خداﷺ کي ڳلي سان لڳايو. ننڍڙو رسول الله ﷺ پريشانيءَ مان بستري ڀيڙو ٿيل ڏاڏي ۽ محبت مان ڏڪندڙ چاچي ابوطالب تي ڏسندو رهيو. سندس ذهن ۾ شايد واري يثرب ۾ موجود پنهنجي پيءُ جي قبر ۽ ’ابوا ‘ ۾ رستي ۾ ٺهيل پنهنجي امڙ جي قبر جا منظر اُڀريا هوندا. پاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر موت جي هٿان پنهنجي پياري هستيءَ جي کوئجي وڃڻ جي غم ۾ ڏڪي رهيا هئا.
سيدنا عبدالمطلب کي احساس ٿيو ته سندس آخري وقت اچي ويو آهي.
هن پنهنجي ڇهن ڌيئرن کي گهرايو، پنج پرڻيل هيون، باقي صفيه جيڪا حمزه جي ننڍي ڀيڻ هئي، اڃا ڇهن سالن جي هئي. سيدنا عبدالمطلب پنهنجي نياڻين کي پيار ڪيو، واري واري سان سڀني کي گلي سان لڳايو، هنن جا نرڙ چميا، پوءِ چوڻ لڳو: منهنجون ٻچڙيون. آءٌ اوهان کان جدا ٿيڻ وارو آهيان.
ڌيئرون تڙپي اُٿيون،
غم سبب بي حال ٿيڻ لڳيون،
منهنجي مرڻ تي اوهين جيڪو مرثيو چونديون، اهو هينئر ئي چئي ٻڌايو، آءٌ ٻُڌڻ ٿو گهران.
وڏين ڌيئرن پنهنجي شاندار پيءُ جي شان ۾ مرثيي جا شعر چيا.
سيدنا موت جي بستري ڀيڙو ليٽيو، اهي ٻُڌندو رهيو
پوءِ موت کان هڪ ڀيرو اڳ اک کوليائين۽ آهستي چيائين:
هائو، منهنجي مرڻ تي اهڙيون عقل ڀريون ڳالهيون ڪجو.
پنهنجي لاڏلي پوٽي محمد ﷺ کي سڏي پيار ڪيو.
۽ پوءِ وٽس ويٺل اهل ۽ عيال کي اک جي اشاري سان الوداع چئي سدائين جي لاءِ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.
سيدنا کي مڪي جي حجون قبرستان ۾ دفنايو ويو.