وفاداريءَ جو حلف
چنڊ پنهنجي جنم ڏينهن کان جنهن ماھ ڪامل جي راھ تڪي رهيو هو. هن پنهنجي سڄي زندگيءَ جي چانڊوڪيءَ جي چانڊاڻ جنهن مها چندرما جي سڳورن قدمن ۾ وڇائڻ ٿي گهري.
اهو وقت اچڻ وارو هو.
منيٰ ۽ مڪي جي رستي ۾
عقبه جي لڪَ جي آسپاس.
صدين کان انتظار ۾ بيٺل پٿريليون ٽڪريون، جنهن گهڙيءَ لاءِ واٽون نهاري رنگ ئي بدلائي ويون هيون، اها گهڙي اچڻ واري هئي. ان لڪ جي هيٺاهينءَ ۾ پنج سئو ڪلوميٽر پري کان آيل پنجهتر ماڻهو، ڪنهن مَنڊ ۾ مَنڊجي ڏيڍ سؤ اکين ۾ اوسيئڙي، بي قراري، لڳن ۽ عقيدت جا هزارين تارا آسمان تان لهي، انهن جي روحن جا بخيا اڊيڙي رهيا هئا.
اهو اوسيئڙو ختم ٿيڻ وارو هو.
آقاﷺ جي آمد آمد هئي.
۽
آقاﷺ اچي ويو.
لڪَ ۾ موجود پروانن ۾ عجيب چُرپر مچي ويئي. جيئن اڳ ۾ سَڙيل پَرن وارن پروانن کي پنهنجي شمع جي نور جي شعلن ۾ سڙي اَمر ٿي وڃڻ جي لاءِ، هاڻ وارن ۽ پرن جي جاءِ تي رڳو پنهنجي پنهنجي روح جون ڳڙکيون، اکيون بچيل هيون.
سڀ ڏسندڙ اکيون ادب کان جُهڪيل هيون.
ميڙ ۾ پاڪ ماکيءَ جي مکين جي ماناري ۾ ماکي ٺاهيندڙ پَرن جهڙي سرسراهٽ ٿي .
اُتي موجود هڙئي ادب مان اُٿي بيٺا.
آقاﷺ سان گڏ سندس مربي ۽ محافظ پاڇو سيدنا عباس هو. عمر ۾ کانئس ٽي سال وڏو، بُت ۾ ڀَريل، ڊگهو، سگهاريون ٻانهو ۽ رعبدار چهري وارو، اُن وقت تائين هن اڃا پنهنجي دلي ايمان کي ڳجهو رکيو هو، پوءِ به هو ڳچ عرصي تائين آقاﷺ جي حڪم سان مڪي ۾ ٽڪيل رهيو. سندس ذمي شايد آقاﷺ پاران ڳجهي ڄاڻ جي فراهمي، دشمن تي نظر رکڻ ۽ تحفظ پهچائڻون هو. هو پنهنجي دور ۾ آقاﷺ جي سيڪيورٽي ايجنسي هو. سندس گهر واري اُم فضل ۽ سندس ٻارڙي اعلانيه مسلمان هئا.
اِها هڪ فيصلي جي رات هئي.
مڪي کان مديني لڏي وڃڻ جي فيصلي جي رات، هڪ اهڙو فيصلو ، جنهن سان دنيا جو چَرخو ئي ڦري وڃڻ واور هو. هڪ رسولﷺ هڪ قوم ٺاهي، هاڻي هڪ خدا کي مڃيندڙ عدل ۽ برابريءَ تي ٻڌل فلاحي رياست بنائڻ وارو هو.
اُن رات هڪ هجرت کي شروع ٿيڻون هو. جنهن سان صدين کان عربستان جي قبيلن جي عصيبت ۽ اُن سان ٻڌل سڀئي ٻنڌڻ ٽٽڻ وار هئا. سماج ۾ عزت ۽ فخر جي ڪَسوٽي بدلجڻ واري هئي. انسانن مان ڪارن، ڳورن، ڀُورن ۽ پِيلن رنگن جي سُڃاڻپ مَٽجڻ واري هئي. سڀ انسان برابر ٿيڻ وارا هئا.
اهڙي هجرت ٿيڻ واري هئي.
اُن هجرت سان نيٺ هڪ ڏينهن موٽي مڪو به فتح ٿيڻون هو ۽ مڪي جي فتح کان پهرين هڪ ڏينهن آقاﷺ کي اهو اعلان به ڪرڻو هو ته هاڻ هجرت ختم ٿي، اها هجرت جيڪا شروع ٿيڻ واري هُئي. جنهن جي نالي سان گڏ ختم به ٿيڻون هو، اهو ئي سيدنا عباس، آقاﷺ جي پاسي ۾ پنهنجي سگهاري هڏ ڪاٺ سان ان چانڊوڪيءَ ۾ ويٺل لڪَ ۾ سنگ مر مر جي ٿنڀي وانگر بيٺو هو.
آقاﷺ موجود هئا.
سيدنا عباس ادب سان بيٺو هو.
هُن بي چين، سڄي عرب جي پروانن جي جوش ۽ ولولي کي ڏسي، پنهنجا ٻيئي هٿ کڻي ڀليڪار وارن جذبن جي قدر دانيءَ ۾ محبت سان لوڏيا، پوءِ ساڄي هٿ جي اشهد آڱر چپن تي آڻي سِڌي ڪئي ۽ اُن آڱر جي اشاري سان ٻنهي پاسن اشارو ڪري اِهائي آڱر ڪنن تائين آندي، ڄڻ اشاري ۾ چيائين، ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن. پوءِ سيدنا عباس ڪجهه چوڻ جي لاءِ وات پَٽڻ گهريو ۽ آقاﷺ ڏانهن ڏسي ڄڻ ڪُجهه چوڻ جي لاءِ موڪل گهري.
آقاﷺ فرمايو
جنهن کي ڳالهائڻو هُجي مختصر ڳالهائي.
ڳالهه کي ڊيگهه نه ڏي.
ڇوته مُشرڪن جا جوڻيت اوهانجي ڳولا ۾ آهن.
سيدنا عباس ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي.
”اي خزرج جا ماڻهو!
اسان وٽ محمدﷺ جهڙي حيثيت ۽ مرتبو رکي ٿو، اهو اوهين ڄاڻو ٿا. جن ماڻهن هِتي سندس پيغام کي قبول نه ڪيو، انهن جي مقابلي ۾ اسين بني هاشم ۽ ان جا ساٿاري سگهه رکون ٿا. پاڻ پنهنجي قوم ۽ شهر ۾ محفوظ آهن. پر پاڻ اوهان وٽ هلڻ کانسواءِ ٻي ڪنهن ڳالهه تي راضي ڪونهن. هاڻ جيڪڏهن اوهين اِها ڳالهه سمجهو ٿا، ته اوهين اُن وعدي کي پورو ڪري سگهو ٿا. جيڪو ڪَري اوهين کين مدعو ڪري رهيا آهيو ۽ سندن مخالفن جي مقابلي ۾سندس حفاظت ڪري سگهو ٿا ته کيس پاڻ سان ڀَلي وٺي وڃو. پر جيڪڏهن اُن ذميداريءَ کان ڌار ٿيڻ ٿا چاهيو ته هينئر ئي چِٽا ٿي بيهو. ڇو ته پاڻ هتي مضبوط ۽ محفوظ آهن.“
يثرب کان آيل هڪ معزز سردار ڪعب بن مالڪ ڀرسان ويٺو هو. چيائين:
”ابوالفضل اسان تنهنجي ڳالهه ٻڌي ورتي“.
پوءِ ڪعب بن مالڪ، آقاﷺ ڏانهن ڦريو ۽ چيائين:
”يارسول الله! اوهان فرمايو.
اوهين اسان کان جيڪو به حلف
وعدو ۽ وَچن وٺڻ گهرو ٿا
پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي الله جي لاءِ، سو اسان کان وٺو“.
اهو ٻُڌي آقاﷺ مُرڪيا.
چنڊ جي سڄي زندگيءَ ۾، سندس چانڊوڪيءَ اهڙي اُجري ۽ سُهائي مرڪندڙ مُرڪ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.
آقاﷺ جو وات مبارڪ کليو ۽ فرمايائون
”آءٌ اوهان کان اهو حلف وٺڻ ٿو گهران ته اوهين منهنجي ايئن حمايت ۽ حفاظت ڪندا، جيئن پنهنجي ڪٽنب جي ڪندا آهيون“.
ميڙ مان آواز آيو.
”ڪنداسين“.
سيدنا جابر بن عبدالله ميڙ ۾ ٿورو پَرڀرو بيٺو هو. اُتان ئي حُب مان ڪنڌ اُڀو ڪري چيائين؛ ”اي الله جا رسول! اوهين چئو ۽ اسان کان حلف وٺو.“
آقاﷺ فرمايو:
” اُن ڳالهه تي منهنجي بيعت ڪريو ته هر حال ۾ منهنجو حڪم ٻُڌندا ۽ مڃيندا ۽ تنگي، خوشحالي، خوشي ۽ بدحالي، هر حال ۾ خرچ ڪندا. ماڻهن کي نيڪيءَ لاءِ سڏيندا ۽ بُڇڙائين کان روڪيندا، الله جي لاءِ حق جي ڳالهه چوندا ۽ ڪنهن ملامت ڪندڙ جي ملامت جو ڊپ نه ڪندا ۽ جڏهن آءٌ اوهان وٽ ايندس ته اوهين هر ممڪن طريقي سان منهنجي حفاظت ڪندا، بلڪل ايئن جيئن پنهنجي ڪُٽنب جي حفاظت ڪندا آهيون. ان جي بدلي ۾ اوهانجي لاءِ جنت آهي.“
اُتي موجود هر پرواني جو ڪنڌ پنهنجي سڳوري شمع تي قربان ٿيڻ جي لاءِ هاڪار ۾ ڌوڻجي رهيو هو. ’سيدنا برابن معرور‘ جيڪو يثرب کان مڪي ايندي سڄو رستو آقاﷺ جي شهر ڏانهن مُهاڙ ڪندي سجدو ڪندو آيو هو، آقاﷺ جي بنهه ڀَر ۾ ويٺو هو، سو چرين وانگر عشق ۾ جهومي اُٿيو ۽ آقاﷺ جي هٿ مبارڪ کي پنهنجي هٿ ۾ وٺندي چيو:
اي الله جا رسول!
اُن خدا جو قسم! جنهن حق سان گڏ اوهان کي اُماڻيو آهي، اسين اوهانجي حفاظت پنهنجي جان ۽ مال ۽ اهل و عيال کان وڌي ڪنداسين. اي الله جا رسول! اسان کان حلف وٺو. اسين ويڙهو ماڻهو آهيون. اسان پنهنجن ابن ڏاڏن کان اهائي وراثت پاتي آهي.“
سيدنا برابن معرور جي ڳالهه اڃا جاري هئي جو ڀر ۾ ويٺل ’ابوالهيشم بن التهيان‘ آقاﷺ کي عرض ڪيو:
”يارسول اللهﷺ
هوڏانهن اسانجا يهودين جا پاڻ ۾ ڪي حلفي معاهدا آهن، جيڪي اسين ٽوڙڻ وارا آهيون. ڪٿي ايئن نه ٿئي جو جڏهن الله اوهانکي غلبو عطا ڪري ته اوهان اسانکي ڇڏي ٻيهر پنهنجي قوم، قبيلي، يا هِن شهر ۾ اچي وڃو؟“
آقاﷺ جي مُک مبارڪ تي هڪ خوبصورت مُرڪ اُڀري ۽ فرمايو:
”نه
بلڪل نه
هاڻ رت سان رت آهي
قبر سان قبر آهي
منهنجو جيئڻ، منهنجو مَرڻ
هاڻ اوهان سان ٿيو
آءٌ اوهانجو ٿيس
اوهين منهنجا ٿيا.
جنهن سان اوهانجي جنگ هوندي، اُن سان منهنجي جنگ هوندي.
جنهن سان اوهانجي صُلح هوندي، ان سان منهنجي صلح هوندي.“
آقاﷺ جي چيل انهن لفظن پکڙيل شفاف چانڊوڪيءَ جي ٿال تي ڄڻ پروانن کي محو رقص ڪري ڇڏيو. هر هڪ جو روح وجد ۾ اچي ويو. ماڻهو حلف کڻڻ جي لاءِ پنهنجا هٿ وڍيل ڳچين وانگر تَرين تي رکي آقاﷺ ڏانهن وڌيا، ڀرسان بيٺل آقاﷺ جي غلام اسعد بن زرارا سڀني کان پهرين ٽُپ ڏيئي آقاﷺ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ ورتو ۽ پنهنجي ٻي هٿ کي هوا ۾ لهرائيندي چوڻ شروع ڪيو.
”اي يثرب وارو! ترسو.
اسين اُٺ ڊوڙائيندا هتي ڪنهن ٻي مقصد جي لاءِ نه آيا آهيون. اسان کي خبر آهي ته هي الله جو رسول آهي. اڄ هن کي پاڻ سان وٺي وڃڻ سڄي عربستان سان دشمني ڪرڻ آهي. نتيجي ۾ اوهانجا ٻارڙا قتل ٿيندا. تلوارون هلنديون. جيڪڏهن اوهان ۾اهو سڀ سُهڻ جي سگهه آهي ته اچو، هن جو هٿ جهليو ۽ پنهنجو اَجر الله جي ذمي رکو. پر جيڪڏهن پنهنجي جانين جو ڊپ اٿوَ ته هينئر ئي پوئتي هٽي وڃو. هن وقت جي معذوري شايد الله وٽ وڌيڪ قبول هوندي“.
پروانن جي ميڙ تي ڄڻ سرشاري طاري هئي. چئني ڏسائن هڪئي آواز اچڻ لڳو.
اسعد اسانجي رستي تان هٽي وچ.
خدا جو قسم
هن بيعت کي اسين ڪنهن به حالت ۾ نه ڇڏينداسين. نه هَٿ پري هٽائينداسين. اسعد بن زرارا جي مُحبت سان سرشار روح وانگر هاڻ هُنن جي اکين ۾ به لڙڪ ڪنبي رهيا هئا ۽ ماھ ڪامل جي نور سان معطر اِهي ئي لڙڪن جا سچا موتي آقاﷺ جي جهليل هٿ مبارڪ تي ڪِري رهيا هئا.
پهرين بيعت حاصل ڪرڻ جي سعادت ڪندڙ اهوئي پروانو رهيو. اسعد بن زرارا، ماڻهو اُٿي ايندا رهيا.
آقاﷺ جي مبارڪ هٿ تي پنهنجو هٿ رکي حلف کڻندا رهيا.
حلف کڻڻ مهل عباس بن عباده انصاريءَ چيو: ”ڏسو! اي خزرج جا گروھ خبر اٿوَ ته ڪهڙي ڳالهه تي بيعت پيا ڪريو؟
اوهين سڄي دنيا سان جهيڙي ڏانهن وڌي رهيا آهيو.
ڳورن ۽ ڪارن سڀني سان وڙهڻ جو حلف کڻي رهيا آهيو. جيڪڏهن اوهين خيال ٿا ڪريو ته جڏهن مال ۽ اسباب جي تباهي يا پنهنجي ساٿين ۽ حليفن جي هلاڪت کانپوءِ اوهين کيس پنهنجن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندا ته هينئر ئي پُٺتي هٽي وڃو. خدا جو قسم! اُن کانپوءِ دنيا ۽ آخرت ۾ ٻي ڪا وڏي خواري ڪانه هوندي ۽ آقاﷺ جي غلاميءَ ۾ جيئڻ کان وڏي ٻي ڪا خوشنصيبي ۽ ڀلائي ٿي نٿي سگهي“.
هاڻ سڀني پروانن کي زبان ملي چڪي هئي.
سڀني پروانن هڪ زبان ٿي چيو.
”اسين هر خطري کي مُنهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، پر اسين آقاﷺ کي پنهنجي شهر وٺي وينداسين.“
فيصلو ٿي ويو.
هجرت ٿيندي.
اها چوڏهين ۽ پندرهين ذوالحج جي وچ واري رات 11 جون 632ع جي ڳالهه آهي. اُن رات جي ٺيڪ ٻن مهينن ٽن ڏينهن کانپوءِ آقاﷺ مڪي مان نڪتا ۽ يثرب روانا ٿيا. جنهن جو نالو آقاﷺ جبرائيل عليه السلام جي آندل خدا جي حڪم موجب يثرب جي بدران ’مدينه طيبه‘ يعني پاڪ سرزمين رکيو.
اُن رات آقاﷺ فرمايو.
”موسيٰ عليه السلام بني اسرائيل مان ٻارهن نقيب چونڊيا هئا. جبرائيل عليه السلام جي اشاري تي آءٌ به اوهان کان ٻارهن نقيب گهران ٿو، جيڪي پنهنجي پنهنجي قبيلي جا ذميدار هوندا“.
حڪم جي پورائي ٿي.
ٻارهن نقيبن مان نَوَ ]9[ خزرج ۽ ٽي [3] وس مان چونڊيا ويا. سيدنا اسعد بن زرارا کي آقاﷺ ”نقيب النقبا“ مقرر فرمايو.
رات گذري ويئي.
چنڊ پنهنجي سڄي چانڊوڪيءَ کي نڇاور ڪري سجدي ۾ هليو ويو.
آقاﷺ پنهنجن پروانن کي چيو:
”وڃو! هاڻ وڃي آرام ڪريو.“
ٻي ڏينهن هو واپس ورڻ جي لاءِ پنهنجن تنبن ۾ تيار ٿي رهيا هئا ته قريش جا ڪيترا ئي ستمگر، بي وفا قريش قرابت دار سردار سندن تنبن ۾ پهچي ويا.
چيائون: ”اسان کي خبر پئي آهي ته اوهان اسانجي خلاف ڪو وفاداريءَ جو حلف کنيو آهي ۽ اوهين اُن جي پورائيءَ ۾ کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ گهرو ٿا.“