قُبا ۾ پهچايو ويو
’ڪاروان رسول‘ هوريان هوريان مديني جي ويجهو ٿيندو پي ويو. مڪي جي ڀرسان مڪي ڏانهن ايندڙ ٽن ڪلوميٽرن تي قبا جي وستيءَ ۾ مڪي کان هجرت ڪري آيل مهاجرن سان گڏ مديني جي اوس ۽ خزرج قبيلن جا مسلمان پنهنجي هادي برحق رسول اللهﷺ جي اوسيئڙي ۾ هئا. هو روزانو ڏينهن چڙهندي ئي قبا جي کجين جي وڻن تي چڙهي ويندا هئا. يا مٿانهين جاين تي، يا پنهنجي گهرن جي ڇتين تي اُڀا اُڀا ٿي پنهنجي دل جي ماھ ڪامل کي آسمان جي ڀت جي بدران صحرا جي بيابان ۾ صبح جي سُهائيءَ ۾ ڳولهيندا هئا.
کين پري کان ايندڙ هر قافلي تي آقاﷺ جو گمان ٿيندو هو. اُس جي تيزي ۽ گرميءَ جي تپش کين بي چين ۽ مايوس ڪري ڇڏيندي هئي. کين خبر هئي ته صحرا جي ريگزارن ۾ رات سمئه چانڊوڪي ۽ تارن جي ڪومل ٿڌاڻ ۾ سفر ٿيندو آهي ۽ مسافر عام طور تي اُلل وهاڻي ئي پنهنجي منزل تي پهچندا آهن.
رستي ۾ آقاﷺ کي هڪ ميڙ ملي ويو
پهرين نظر ۾ سمجهي نه سگهيا ته دوست آهن يا دشمن
هو هئا به سڀ سوار
اُٺن گهوڙن تي
۽ تيرن ۽ تلوارن سان هٿيار بند
اُنهن جو سردار بريده اسلمي هو.
هو به سئو ڳاڙهن اُٺن جي انعام جي جوف ۾ نڪتا هئا، جيئن آقاﷺ کي جهلي قريشن جي حوالي ڪري سگهن. پر سندن ڀاڳ ۾ اُن انعام کان به وڌيڪ رقم لکيل هئي. قافلي جو سردار پنهنجو گهوڙو ڊوڙائيندو وڏي مستيءَ ۾ آقاﷺ جي ڀرسان پهتو.
آقاﷺ سلامتيءَ جي دعا کانپوءِ پڇيو
تون ڪير آهين؟
سردار وراڻيو؛ ”آءٌ بريده آهيان.“
آقاﷺ جي چهري مبارڪ تي مُرڪ پکڙجي ويئي ۽ سيدنا ابوبڪر ڏانهن مُنهن ڪري چيائين
اي ابوبڪر اسانجو ڪم ٿڌو ۽ صحيح ٿيو.
پوءِ آقاﷺ پڇيو
”ڪهڙي قبيلي مان آهين؟“
جواب مليو؛ ” قبيلي اسلم مان.“
آقاﷺ فرمايو
”اسين سلامت رهياسين.“
پوءِ پُڇيو ”قبيلي اسلم جي ڪهڙي شاخ مان؟“
بريده وراڻيو: بني سهم مان
آقاﷺ وراڻيو، ”تنهنجي پَتي نڪري آئي.“
بريده پڇيو، ”اوهان ڪير آهيو؟“
آقاﷺ فرمايو: ”محمد بن عبدالله... الله جو رسول.“
پوءِ الائجي ڪيئن بريده جي سئو اٺن جي لالچ ڪافور ٿي ويئي. هو گهوڙي تان لٿو ۽ آقاﷺ جي اُٺڻ جي هني جي ڪنڊ کي جهلي هڪ غلام وانگر آقاﷺ جي پيرن تي هٿ رکيائين ۽ پوءِ اهي ئي هٿ عقيدت مان پنهنجي سيني تي رکيائين ۽ چيائين؛ ”آءٌ الله ۽ سندس رسول کي ڀليڪار ٿو چوان. اقرار ٿو ڪريان
لاالھ الا الله محمد رسول الله
هن جي اسلام آڻيندي ئي سندس سڄو لشڪر به سردار جو هم نوا بنجي ويو. هُن جا ستر جا ستر هٿياربند سپاهي، جيڪي تلوارون اُڀيون ڪري آقاﷺ کي جهلڻ جي لاءِ نڪتا هئا، ٻي گهڙيءَ سندس محافظ بنجي ويا.
عجيب ڪرشمو ٿيو
اک ڇنڀ ۾ دلين جي ڪَٽ لهي ويئي
۽ اهي قلعي ٿي چمڪڻ لڳيون
سندن چهرا نور محمدﷺ جي هڪ ڪرڻي سان خير ۽ ڀلائي ورهائيندڙ چنڊ ٿي بنجي ويا.
اندر جي سڄي ڪيمسٽري ئي بدلجي وئي.
سوچ جو رُخ ئي ٻيو ٿي ويو.
سيدنا بريده وينتي ڪئي، ”آقاﷺ مديني ۾ گهڙڻ مهل اوهان جي اڳيان هڪ جهنڊو هئڻ گهرجي.“
پوءِ پاڻ ئي ڪجهه سوچي سيدنا بريده پنهنجي قوم جي سرداريءَ واري سُڃاڻپ پنهنجي مٿي تي ٻڌل سفيد پڳ لاهي، اها پنهنجي ڊگهي نيزي جي اُڻيءَ تي جهنڊي وانگر ٻڌي اُڀي ڪئي ۽ پوءِ هڪ غلام وانگر پنهنجو گهوڙو ڇڏي آقاﷺ جي ڏاچي قصويٰ جي اڳيان هلڻ لڳو.
ڳپل پنڌ تائين هو پنهنجي سپاهين سان گڏ محافظ دستو بنيل رهيو. پري کان جڏهن قبا جي بستيءَ جا کجين جا وڻ نظر اچڻ لڳا ته آقاﷺ پنهنجي اُن غلام کي واپس پنهنجي بستيءَ ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني.
اڃا ٿورو ئي اڳتي وڌيا هئا ته سامهون هڪ واپاري اٺن جو قافلو سامان سان لڏيل ايندي نظر آيو. صحرا جي واري اُڏي، قافلو ويجهو پهتو ته اهو آقاﷺ جي قديمي غلام آقاﷺ جي سڀ کان پياري گهر واري سيده خديجه جي ڀائيٽي زبير بن عوام جو قافلو هو، جيڪو سيده ابوبڪر جي نياڻي اسماء جو ٿيندڙ گهر وارو هو. ان قافلي سان گڏ سيدنا طلحه جا واپاري اُٺ پڻ هئا. هو شام مان واپاري مال لڏي پي آيو. هن جي اُٺن جي ڪجاون ۾ روم جي خوشبو ۽ قسطنطنيه جو ڪپڙو هو.
هُنن جي لاءِ صحرا جي وچ ۾ ڄڻ سڀني عيدن جو چنڊ اُڀري آيو هو. هنن ٻنهي محبت ۽ عقيدت مان آقاﷺ کي کيڪاريو. واريءَ جي دڙن تي ڇانورا ڪري ڇڏيا. روم مان آندل عطر ، شام ۽ قسطنطنيه مان آندل شاندار چمڪندڙ ڪپڙو پيش ڪيو.
دسترخوان وڇايو ۽ شاندار دعوت ڪئي .
آقاﷺ ۽ سندس ساٿين جا گذريل پندرهن ڏينهن ريگستان ۾ سفر ڪندي پاتل ڪپرا ميرا ٿي ڦاٽڻ تي هئا.
خدا کي ته پنهنجي پياري، اسانجي آقاﷺ کي ٺهيل جُڙيل حالت ۾ منزل تي پهچائڻون هو.
خدا جو ڪيل ڪو به ڪم اتفاقي نه هوندو آهي .
اهو خدا ئي ڪهڙو، جيڪو ڪجهه ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن اتفاقي واقعي جو اوسيئڙو ڪري، خدا ته هر اتفاقي سمجهيل واقعي کي جنم ٿو ڏي.
ڪُن فيڪون
کيس فقط چوڻون پوي ٿو.
’ٿي پئو‘
۽ جنهن کي حڪم ملي ٿو
اهو پورائو ڪري ٿو
ڪنهن جي اها مجال آهي، زمين ۽ آسمان تي
۽ اُنهن جي وچ ۾
جيڪو اُن حڪم جو پورائو نه ڪري
خوشيءَ سان يا نا خوشيءَ سان، هر مخلوق هُن جي تابع آهي.
اهي جبل هجن، بيابان هجن، جهنگل هجن، صحرا هجن، سمنڊ هجن، درياھ هجن، نديون يا نالا هجن، هوا هجي، ڪڪر هجن، برسات هجي، ڪوبه ساهوارو هجي، ڪابه شئي هجي، هر شئي هن جي ارادي سان ٻڌل آهي.
بس هڪ انسان کي ايتري ڍَر ڏنل آهي، جو اسين مغالطا پالي سگهون ٿا.
هو اسان کي انهن مغالطن
وهمن سان ئي پالي ٿو.
آقا ۽ سندس ساٿين سڄي رستي جي سڄي ڌڌڙ، مير ۽ مٽي ڌوئي، اُجرا ڪپڙا پاتا، هاڻ هو اُنهن اُجرن ڪپڙن کي پائي قبا جي چائنٺ ۽ مديني جي دل طرف وڌي رهيا هئا، جيڪو اُن وقت سڀني مسلمانن جي دل بنجي پنهنجي ڌڙڪن سان گڏ آقاﷺ جي ديدار جي اوسيئڙي ۾ هو.
ڏينهن اڌ کان به مٿي گذري چڪو هو.
قبا جي بستيءَ جا اوسيئڙي ۾ بيٺل پروانا اُن ڏينهن، نيڻن کي آقا جي واٽ ۾ واجهائي، ٿڪي واپس وڃي چڪا هئا. اوچن دڙن تي بيٺل پروانن جا پير سڙي چڪا هئا. ڇتين تي واجهائيندڙ اکيون ريگستان جي ذري ذري تي نظر رکڻ کانپوءِ ڏاڪڻين تان هيٺ لهي چڪيون هُيون. جو هڪ اوچي گهر جي ڇت تي چڙهي پنهنجو ڪم ڪندڙ هڪ پوڙهي يهوديءَ کي صحرا مان ٻه سفيد اٺڻيون ايندي نظر آيون، جن تي اُس کان به اجرن اڇن ڪپڙن ۾ ٻه ڄڻا سواري ڪري رهيا هئا.
يهودين ته آقاﷺ کي ايئن ٿي سُڃاتو، جيئن هو پنهنجن ٻارن کي سڃاڻندا هئا.
اُن يهوديءَ پنهنجي ڇتين تي اوسيئڙي ۾ ويٺل ٿڪل ۽ بي چين پروانن کي باغن جي ڇانوَ ۾ ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺل ڏسي، انهن کي سڏ ڪندي چيو؛
قايله جا ٻچڙو! اوهانجو مبارڪ ڀاڳ اچي ويو.
هو اچي ويو.
قبا جا پروانا اُن آواز تي پنهنجي پيرن تي نه پرڄڻ پَرن تي اُڏرندا آيا.
چوڌاري هُل مچي ويو.
ڀَڄ ڊُڪ مچي ويئي
بي تابي ۽ ديدار جو شوق ڏسڻ وٽان هو
هو ڊوڙندا ويا.
ڊوڙندي ڪيترا ته ڪِري به پيا. هڪٻئي کي سڏيندا، مُرڪندا، دلين جي مُکڙين کي گُل بنائيندا، روحن کي مهڪائيندا هو قبا پهتا.
سامهون ٻن اُٺڻين تان ٻه دوست لهي رهيا هئا.
ڏسڻ وارا نيڻ وڇائي، عقيدت ۽ احترام جي هر حد کان اڳتي ڌڙڪندڙ دلين سان ڀليڪار جي سرمستيءَ ۾ ٽُپ ڏيندا، هٿ مٿي ڪري چئي رهيا هئا.
الصلواة والسلام عليک يا رسول الله
اهلاً و سهلاً
يا رسول الله ﷺ
آقا پنهنجي ڏاچيءَ تان لهي هڪ وڏي پٿر تي ويهي رهيا.
سيدنا ابوبڪر سندس احترام ۾ پاسي ۾ بيٺو هو.
ٻنهي جي عمرين ۾ ٿورو ئي فرق هو
سيدنا ابوبڪر اڍائي سال کن ننڍا هئا.
کيس بيٺل ڏسي ديدار جا متوالا کيس رسول الله سمجهي، ادب سان عقيدت ۽ سلام پيش ڪرڻ لڳا. اهو ڏسي سيدنا ابوبڪر پنهنجي مٿي تي ٻڌل پڳهه لاٿي ۽ هڪ غلام جيان کولي رسول الله ﷺ جي مٿي تي ڇانورو ڪري بيهي رهيا ته جيئن ڪو غلط فهميءَ ۾ نه رهي ته ڪير خادم آهي ۽ ڪير مخدوم ، ڪير ٻانهو آهي ۽ ڪير آقاﷺ .
بني عمرؤ جي ماڻهن قبا جي بستيءَ ۾ وڏو هُوليرو کڻي ڪيو. هنن خوشيءَ ۾ وٺي نعرا هنيا، گهر گهر مان هر ڪو ٻاهر نڪري آيو. پوڙها، جوان، ٻارڙا، ٻارڙيون، ۽ عورتون. هو هڙئي آقاﷺ کي ڏسڻ کانسواءِ ئي سندس ٻانهپ ۾ ٻڌجي چڪا هئا.
اُن مهل آسمان مان وحي لٿي.
” بيشڪ الله تنهنجو محافظ آهي ۽ جبرائيل عليه السلام ۽ صالح مومن به ۽ ملائڪ تنهنجا مددگار آهن“ (قرآن 26-4)
اها 12 هين ربيع الاول، پهرين هجري 2 سيپٽمبر 622ع، بروز سومرجي ڳالهه آهي، مڪي جي مهاجرن مان آيل سڀني کان پهرين سيدنا عمر بن خطاب، آقاﷺ جي قدم بوسيءَ لاءِ حاضر ٿيو.
ٽن ڏينهن کانپوءِ سيدنا عليرضه به آقاﷺ وٽ رکيل ماڻهن جون امانتون کين موٽائي، اچي آقاﷺ سان گڏيو ۽ آقاﷺ سان ئي ٽِڪيو. قبا جي بستيءَ جو سردار ڪلثوم بن هدم پنهنجي قبيلي عمرو بن عوف پاران ڊوڙندو اچي ادب سان آقاﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو.
آقاﷺ چيو
”جيڪڏهن موڪل ڏينءَ ته ٿوري دير تنهنجي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهان.“
هُن هٿ ٻڌي چيو
آقاﷺ ! غلام جو گهر به حاضر آهي.. اُتي هلو.
آقاﷺ فرمايو، توکي تڪليف ٿيندي.
هُن منٿ ڪئي ته آقاﷺ منهنجي گهر ۾ هڪ حجرو خالي آهي.. جيڪو اوهانجي لاءِ ئي خالي رکيو اٿم.
هلو...
آقاﷺ پوءِ هڪ شرط تي سندس ڳالهه مڃي ته رُڳو رهائش.. باقي کاڌو پيتو منهنجو هوندو.
اتي هر پرواني جي اها خواهش هئي ته مون ڏانهن هلو.
سعد بن خثيمه به پهچي ويو
اُتي ئي ڀرسان سندس کليل گهر به هو ۽ سڄو خالي هو. هو اڻ پڙهيل نوجوان هو. سندس ان گهر کي ’ڪنوارن جو گهر‘ چيو ويندو هو. هو زور ڀرڻ لڳو ته آقاﷺ اُتي اوهان کي سهولت رهندي.
آقاﷺ سردار ڪلثوم بن هدم وٽ وڃڻ لاءِ هائوڪار ڪري چڪو هو. اوڏانهن ويا، رات جو اتي ئي رهندا هئا ۽ ڏينهن جو ماڻهن سان ملڻ جلڻ ۽ حق جو پيغام پکيڙڻ جي لاءِ ڪنوارن جي گهر سعد بن خثيمه وٽ هليا ايندا هئا.
آقاﷺ ٽي ڏينهن قبا ۾ قيام ڪيو. پوءِ ٽي ڪلوميٽر پريان مديني شهر ڏانهن روانا ٿيا. قبا کان وڃڻ کان اڳ پاڻ سڳورن اُتي هڪ مسجد جو بنياد رکيو. جنهن کي ”مسجد تقويٰ“ جو نالو ڏنو ويو. ان ئي مسجد لاءِ آقاﷺ فرمايو هو.
”جيڪو شخص گهران پاڪ ٿي نڪتو ۽ هن مسجد ۾ داخل ٿي ٻه رڪعتون نماز پڙهيائين ته اُن کي عمري يعني حج اصغر جو ثواب ملندو.“
’سلطنت عثمانيه‘ جي وقت ۾ اُن مسجد جي توسيع سلطان محمود خان غازي 1873ع ۾ ڪئي ۽ نئين سر تعمير جو ڪُتبو لڳايو. 1970ع ۾ شاھ فيصل شهيد اها نئين سر اڏرائي. 1988ع ۾ ٻيھر ان جي توسيع ڪئي ويئي. ان جي ڇت تي 58 ننڍا قبا آهن. اُنهن قبن جو تعداد لڳ ڀڳ ايترو ئي آهي، جيترا اُتي مڪي مان مهاجر آيا هئا.
قبا جي بستي، جيڪا قبا نالي هڪ کوھ جي ڪناري آباد ٿي هئي. آقاﷺ جي مديني اچڻ جي مُبارڪ چائنٺ بڻي. آقاﷺ جي منزل هاڻ ٽي ڪلوميٽر پري مدينو طيبه هئي.
اهو سفر جمع جي ڏينهن شروع ٿيو .
قصويٰ جي پُٺيءَ تي آقاﷺ سان گڏ سيدنا ابوبڪر به هو.
ماھ ڪامل ۽ چنڊ اڪمل جي مُجسم چانڊوڪي
۽ آسمان جي سُهائيءَ جو هر سنهري ڪرڻو چانديءَ جي تارن سان جڙيل عروسي هار ۾ رستي ۾ اکيون وڇائي ويٺو، پروانن جي اڃايل اکين جا سُنهري موتي پوئي مسڪرائي رهيو هو.
ڪجهه ڏهاڙا اڳ جنهن جي گهر جي ٻاهران مڪي جا بدخواھ دشمن، تلوارن، نيزا ۽ ڀالا جهلي ڪائنات جي چنڊ کي ڪيرائڻ جو پڪو ارادو ڪري گَهٽ جهلي ويٺا هئا. هاڻ ان جي آڌرڀاءُ لاءِ مديني جي بنو نجار قبيلي جا سپوت هٿن ۾ اگهاڙيون تراڙيون اُڀيون ڪري، آقاﷺ جي حفاظت ۽ عزت لاءِ ”گارڊ آف آنر“ جو دستو بنجي اوسيئڙي ۾ هئا.
رستي ۾ رانوناءُ ماٿريءَ ۾ بنو سالم بن عوف جي بستي آئي. اُن مهل ٻپهري لڙڻ لڳي هئي ته آقاﷺ اتي جمع جي نماز پڙهائي. اتي پهريون ڀيرو سئو کان به وڌيڪ پروانن آقاﷺ جي اُمامت ۾ جمعي جي نماز پڙهي.
اُتي آقاﷺ مختصر خطبو ڏنو:
”اي ماڻهؤ!
پنهنجي ايندڙ زندگيءَ جي باري ۾ سوچيو
اُن کي ٺاهڻ ۾ رڌل رهو
ڄاڻڻ کپي ته مرڻ کانپوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻو آهي.
خدا جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيڻو آهي.
جتي سڀ ڪو مدهوشيءَ جي حالت ۾ پنهنجي ٻڪرين جي ڌڻ کي دراڙ کان سواءِ ڇڏي پهچندو.
اُن گهڙيءَ هو ڪنهن ترجمان کانسواءِ هم ڪلام ٿيندو ۽ پُڇندو. ٻُڌايو! اوهان وٽ منهنجي رسول ڪونه آيو هو، جنهن اوهانکي منهنجا حڪم ٻڌايا. ڇو مون اوهان کي مال ڏيئي، پنهنجو فضل نه ڪيو هو. پوءِ ڇا اوهان آخرت جي لاءِ توشو اڳتي موڪليو. ڏسڻ وارو شخص ساڄي کاٻي، اڳيان پويان ڏسندو، پر کيس ڪجهه به نظر نه ايندو. اڳيان ڏسندو ته دوزخ هوندي.
تنهنڪري اي ماڻهؤ!
دوزخ کان بَچو
پوءِ هڪ کجيءَ جي کارڪ سان ئي .
جنهن کي اِها به ميسر نه هجي
ته اهو
سُهڻو ڳالهائي
مُرڪي ٻول ٻولي
سائل کي سٺي نموني ورندي ڏي
اُن جو اَجر ڏهن نيڪين کان وٺي ست سئو ۽ ان کان به وڌيڪ آهي.
اوهان تي، خدا جي رسولﷺ تي سلامتي،خدا جي رحمت ۽ برڪت هجي“.
جنهن جاءِ تي جمعي جو خطبو پڙهيو ويو.
اڄ اُن هنڌ تي ”مسجد جمعه“ آهي.
اِها قبا کان اڌ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آهي.
۽ منزل رسولﷺ اڃا به اڍائي ڪلوميٽر پري هئي.
آقاﷺ جا پروانا رستي ۾ بيٺل کجيءَ جي وڻ تي موجود کجين کان به مِٺين نظرن سان آقاﷺ کي ڏسي پنهنجي روحن ۾ مِٺاڻ ڀري رهيا هئا. اڄ کجيءَ جي وڻن جون ٽاريون عجيب مستيءَ واري خوشيءَ ۾ سرشار ٿي، پنهنجي کليل هٿن جون آڱريون کولي ، اکين ۾ خوشي ڀري ، خوشيءَ ۾ سَر سَر ڪري رهيون هيون.
آقاﷺ جا بدخواھ مَڪي دشمن پري رهجي ويا هئا.
شمع رسالتﷺ کي سندس پروانا وٺڻ آيا.
اُن ڏينهن هڪ ٻيو اصول به طئي ٿي رهيو هو.
جيڪڏهن پروانن ۾ جنون جي حد تائين سرفرو شي هجي
مَٽجڻ
سَڙڻ
۽ عشق ۾ فنا ٿيڻ جي سگهه ملي وڃي
ته پروانن جي محفل ۾ شمع ڪائناتﷺ جو ورد ٿي وڃي ٿو.
شمع ڪاملﷺ پنهنجي پروانن جي تڪميل پاڻ ئي ڪرڻ پهچي وڃي ٿي.
ڪنهن کي شڪ هُجي ته
پرواني جا پرَ هڻي
لڳن ۽ عشق جي درياھ ۾ ٽپي
ماھ ڪاملﷺ نور جي اڻ کٽ سمنڊ ۾
هڪ ڀيرو ٻُڏي
تڙپي
پنهنجي ميڻ جهڙي جسم جي سوراخ جي اندر
هڪ مُحبت جي ڪوڏَ پالي
جنهن ۾ آقاﷺ جي محبت مان اُڇلجي نڪتل ڪو لُڙڪ هجي.
اُن کي اُبتو سانڍيندو وڃي
پوءِ ڪڏهن ڪنهن محبت سان ٽُٻا ٽُٻ گهڙيءَ ۾
هڪ لڙڪ ته وهائي ڏسي
آقاﷺ جي حضوري ملي ئي ويندي
اها ڀاڳوان غلامي جنهن تي بادشاهي به رشڪ ڪندي آهي.
اها خوش ادا، بي مثل جواني، خوش آهنگ، پاڪيزه شان قلندري ملي ئي ويندي.
اِهو اُهوئي منظر هو.
شمع رسالت ﷺ پنهنجي پروانن جي ديس ۾ پهچڻ واري هئي.
پروانا رستي ۾ نيڻ وڇائي ڏسڻ جي آس ۾ ويٺا هئا.