قريش جو رد عمل
قريشن جي مڪي ۾ رهندڙ ڏھ قبيلا پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مڪمل خود مختيار رياستن وانگر رهندا هئا. هر قبيلي جي اندر اُن جو پنهنجو قانون هو. قبيلي جو سردار ڪنهن بادشاھ جيان پنهنجي قبيلي جو نظام هلائيندو هو. قبيلن جا پاڻ ۾ لڳ لاڳاپا هڪٻئي جي احترام، سَهپ ۽ ڀائيچاريءَ وارا هئا، پر ڪو قبيلو، ٻي قبيلي جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ کان پاسو ڪندو هو. جيڪڏهن ڪو شخص جيڪڏهن ٻي قبيلي جي ڪنهن ڀاتيءَ کي تڪليف رسائيندو هو ته ٻيو سڄو قبيلو اُن تڪليف ڏيندڙ قبيلي کان اُن جو پلاند ڪندو هو.
اهو طئي ٿيل قانون هو.
پنهنجي قبيلي جي اندر ڪو سردار پنهنجي ڪنهن مرد تي جيتري به چاهي سختي ڪندو هو، ظلم ڪندو هو، سزا ڏيندو هو، پر ٻيو قبيلو اُن تي آڱر به کڻي نه سگهندو هو، ڪنهن اهڙي صورت ۾ جڏهن معاملو ڏهن قبيلن جي گڏيل مفادن جو هوندو هو ته مڪي جي قريشن جا وڏا سردار ”دارلندوهه“ جي مشاورتي ڪمري ۾ وڃي گڏ ٿيندا هئا ۽ اُن مسئلي تي جمهوري انداز ۾ پنهنجي راءِ ڏيندا هئا. قبيلي جا سڀئي ماڻهو پنهنجي جاءِ تي برابر جي حيثيت رکندا هئا.
قبيلن ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو هوندا هئا.
اُنهن جي پنهنجن پنهنجن قبيلن ۾ عزت ۽ احترام به ان لحاظ کان هو. پهرين نمبر تي قبيلي جا عام ماڻهو هئا. ٻي نمبر تي اهي ماڻهو هئا، جيڪي رت ۽ نسبي لحاظ کان اُن قبيلي جا نه هوندا هئا، پر انهن جو اصل وطن مڪي کان ٻاهر هوندو هو ۽ ڪنهن ٻي قبيلي جا هوندا هئا، پر مڪي ۾ رهڻ جي ڪري قريشن جي ڏهن قبيلن مان ڪنهن هڪ جا حليف بنجي رهندا هئا. يعني اُن قبيلي جي پناھ ۾ اچي رهندا هئا. هونئن ته انهن کي به ان قبيلي جو فرد مڃيو ويندو هو، پر قبيلي جي اندر هو هڪ ٻئي سان جڙيل رت جي رشتن سان جڙيل قبيلي وارن کان گهٽ حيثيت وارا مڃيا ويندا هئا.
قبيلي جي ٽي نمبر تي انتهائي حقير ڳڻجندڙ ماڻهو اُن قبيلي جا ٻانها هوندا هئا. اُنهن جو اصل وطن به گهڻو پري هوندو هو، پر هو دنيا جي ٻين شين يا جانورن وانگر مُنڊين مان خريد جي آيل هوندا هئا. جيڪو غلام جنهن قبيلي جو هوندو هو، اهو آزاد انسانن جي دنيا ۾ ته نه هوندو هو، پر ڳڻپ ۾ هو اُن قبيلي جي آقا جو فرمانبردار هوندو هو، جيڪو کيس خريدي آيو هوندو هو. ڪنهن ٻي قبيلي جي غلام کي ڪو شخص تنگ يا پريشان نه ڪري سگهندو هو، پر جيڪو جنهن جو غلام هوندو هو، ان کي پنهنجي غلام جي صبر، جذبات، احساسن، بُک اُڃ، هر شئي تي مڪمل اختيار هوندو هو.
اهو شخص پنهنجي غلام جو خدا سمجهيو ويندو هو.
اهو ته ٿيو قريش قبيلن جو حال، جنهن ۾ قبيلي جو سردار پنهنجي سڄي قبيلي جي پاڻ سڀ کان وڏو ضابطو ۽ قانون هوندو هو، جنهن کي سردار پناھ ڏيندو هو. سڄو قبيلو اُن شخص جي حفاظت لاءِ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو، قبيلن ۾ پاڻ ۾ قانون سِڌو ساڌو هو. اک جي بدلي اک، هٿ جي بدلي هٿ، جان جي بدلي جان.
قريش گهڻا تڻا واپار وڙي سان لاڳاپيل هئا. هو اٺن جي قافلي سان يمن، شام ۽ فلسطين طرف ويندا هئا. اُٺن کي سامان سان لڏي ويندا هئا، جتي، سامان وڪرو ٿيندو هو، اُتي وڪڻي، ٻيو سامان سوڌي ايندا هئا. سامان گهڻو ڪري مڪي کان ٻاهران ئي ايندو هو.
مڪي جي اندر ڪا وڏي صنعت نه هئي،
ٻني ٻارو ته اُتي ٿيندو ئي نه هو.
بس هڪ چمڙي جو ڪاروبار مڪي جو پنهنجو هو، ضرورت موجب مڪي ۾ لوهار، واڍا، موچي، حجام هوندا هئا. اُٺن جي استعمال ۾ ايندڙ ڪجاوا، ڏوريون ۽ نڪيلون جوڙڻ وارا موجود هئا. اُٺن ۽ رڍن جي اُن ۽ ڏاس مان ڌاڳو ۽ ان ڌاڳي مان ٿلهو ڪپڙو، اُن ڪپڙي جون چادرون ۽ انهن مان تنبو به مڪي ۾ ٺهندا هئا. اٺن ۽ رڍن جي هڏين مان ننڍا ننڍا اوزار ۽ ٻارن يا عورتن جي لاءِ هار سينگار جو سستو سامان جهڙوڪ: مُنڊيون، هار، بٽڻ وغيره به اِتي ئي ٺهندا هئا. پر اهڙو قيمتي سامان جيڪو سون، چانڊي يا ٻين ڌاتن مان ٺهندو هو، اهو يثرب، خيبر، يمن، هندستان، شام ۽ روم مان ايندو هو. ڪپڙن کي رڱيندڙ رنگ به يمني، شامي يا هندستاني هوندو هو، لوڻ ويجهي سمنڊ مان حاصل ڪيو ويندو هو. مرچن جو واهپو گهٽ هوندو هو، جيڪو آسپاس جي سرسبز علائقن مان ايندو هو، ميوات به ڀرپاسي جي سرسبز علائقن مان ئي ايندي هئي.
مڪي کي سڀ کان ويجهو علائقو طائف جو هو،
ساڍن ٽن هزارن فوٽن جي مٿانهينءَ تي اهو جابلو علائقو باغن ۽ فصلن جي ڪري گهڻو مشهور هو. طائف ۾ مڪي جي قبيلن جي به زرعي زمين هئي ۽ سٺ ميل پري ان شهر ۾ مڪي جي ناليوارن سردارن جي عام آوت جاوت هوندي هئي. کجين جي باغن لاءِ يثرب ۽ خيبر جي زمين مشهور هئي. مڪي ۾ برساتون نه پوڻ جي ڪري ساوڪ نه هوندي هئي. اهو شهر هڪ وڏي واپاري منڊي هو، جتي خانه ڪعبه ۽ ان ۾ موجود ٽي سؤ اسي بُتن جي ڪري سڄي عربستان جا ماڻهو باقاعدگيءَ سان مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ايندا هئا.
ماڻهن جي آوت جاوت جي ڪري ئي هن شهر جو واپار هلندو هو، ان جي معيشت جو ڦيٿو ڦرندو هو.
مڪي جا وڏا قبيلا رڳو واپار ڪندا هئا. هن شهر ۾ هٿ سان ڪم ڪندڙ لوهار، واڍا، ڪوري، هٿيار ۽ اوزار ٺاهڻ وارا پورهيت ماڻهو انهن قبيلن جا حليف يا غلام هوندا هئا. ايئن هو عام قريشن کان گهٽ درجي وار سمجهيا ويندا هئا. انهن غريب ماڻهن جو ڪپڙو لٽو عام طور تي هڪ اڌ گوڏ ۽ پراڻي سُراڻي ڊگهي گنجي جهڙي قميص کانسواءِ وڌيڪ نه هوندو هو.
مڪي ۾ ڪپڙو ڏاڍو مَهنگو هوندو هو.
ڪڻڪ به مڪي ۾ ٻاهران ايندي هئي، تنهنڪري ڪڻڪ جي ماني رڳو مڪي جا رئيس ۽ وڏيرا ئي کائيندا هئا. ڪڻڪ جي هڪ مانيءَ جي قيمت عام طور چار درهم هوندي هئي ۽ چئن درهمن مان هو عام طور تي اٺ جو هڪ ڪجاوه خريد ڪري وٺندا هئا.
غلامن جي قميت عام طور تي اُنهن جي شڪل شبيهه، عمر ۽ صحت جي لحاظ کان ڏيڍ سئو کان ڇهن سئو درهمن تائين هوندي هئي. غلامن جي حيثيت انسانن بدران جانورن جهڙي هوندي هئي. ڀَلو اٺ هڪ وچٿري غلام کان مهنگو هو. اتي گهوڙا ۽ خچر، اُٺن کان گهڻو مهنگا هوندا هئا. گڏھ به موجود هئا، پر انهن جو ملهه به اٺن ۽ غلامن کان وڌيڪ هو.
مڪي جي ماڻهن جي معيشيت، مال برادري، واپاري ۽ خوراڪ جي لاءِ اُٺ ئي سڀني کان وڌيڪ ضروري جنس هئي. جنهن جو هو کير پيئندا هئا، مٿس سواري ڪندا هئا ۽ اُنهن جي گوشت سان پيٽ ڀريندا هئا. قريشن جي نسلي قبيلن جي ماڻهن، حليفن ۽ غلامن کانسواءِ مڪي ۾ هڪ ٻيو طبقو به هو. اهو هو ٽن سئو اَسي بتن جا ڀوپا.
اهي ڀوپا يا مذهبي اڳواڻ به گهڻو ڪري قريشن جا حليف هئا. اهي ٻين هنڌن تان اچي مڪي ۾ ديرو ڄمائي ويٺا هئا ۽ وڏي فنڪاري، چالاڪي، بشني گيري ۽ مَڪاريءَ سان قريشن جي گهڻي تڻي دولت مذهبي رسمن جي ادائيگيءَ جي نت نون طريقن ۽ بهانن سان ميڙي رکي هئائون.
مڪي جي معيشت ۾ اهي سڀ کان وڌيڪ مالي استحصال ڪندڙ ماڻهو هئا. وٽن دولت وڌندي رهندي هئي. هو پنهنجي دولت جي ريل ڇيل کي ڳجهي رکڻ سبب ظاهر نه ٿيندا هئا. هو مڪي جي ماڻهن کي ورغلائي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم وٺندا رهندا هئا. هنن مڪي جي واحد صنعت اُٺن ۽ رڍن کي به پنهنجن عجيب و غريب عقيدن جي واڌاري لاءِ پنهنجي حق ۾ فائدي وارو ڪري ورتو هو.
اُنهن ڀوپن مڪي جي ساڌن سوڌن قريشن کي انهن مذهبي رسمن ۾ مُنجهائي اُنهن ۾ جڪڙي رکيو هو. هاڻ ان سڄي پسمنظر ۾ آقاﷺ جو صفاتي اعلان انهن سڀني ڀوپن ۽ مذهبي پيرن جي مٿي تي وِڄ جيان ڪريو. هُنن جي سڄي معيشيت، ڦرلٽ، ماڻهن جي انهي بي سروپا مذهبي رسمن جي ادائيگيءَ جي ڪري هئي.
سو، هو اهو سڀ ڪجهه ڪيئن سولائيءَ سان مڃي وٺن ها.
ڪيئن مڃين ها ته انهن سڀني بُتن سان لاڳاپيل ڦرمار جي طريقن جي ڪابه حيثيت نه آهي. خدا فقط هڪ آهي، جيڪو ڪجهه وٺندو نه پر رڳو ڏيندو آهي.
جيئن ته اهي مذهبي ڀوپا پاڻ ته مزاحمت جي سگهه نه رکندا هئا. هنن جي سڄي سگهه مڪي جا رئيس هئا، جن کي ورغلائي هي آقاﷺ جي پيغام کي خوفناڪ ڪري ڏيکارڻ لڳا.. ڪو مذهبي پيشوا ابوسفيان بن حرب کي ڀڙڪائڻ لڳو ته ڪو ابو الحڪم جي گهمنڊ ۾ مبتلا ابوجهل کي گمراھ ڪرڻ ۾ جُنبي ويو. انهن مذهبي پيشوائن آقاﷺ جي حق جي پيغام جي خلاف قريشن جي اميرن کي پنهنجي بغض ۾ رڱي ورتو. وٽن مڪي جي اميرن کي آقاﷺ جي پيغام کان بدظن ڪرڻ جو سڀ کان سولو طريقو اهو هو ته هي کين چوڻ لڳا.
هي اوهان جي وڏڙن جي طريقن کان ڌار ٿو ڳالهه ڪري، رڳو هيڪڙي خدا جي ڳالهه ٿو ڪري، رڳو اڪيلي خدا جي.
باقي ڇا ٻيا سڀ مري ويا؟
اوهانجا وڏا ڇا بي وقوف هئا؟ اسين پنهنجن وڏڙن جو ڌرم ڪيئن ڇڏيون؟
پنهنجن وڏڙن ۽ اُنهن جي طور طريقن جو احترام بهرحال سڀني عرب قبيلن ۾ موجود هو.
ان نقطي کي اُنهن مذهبي پيشوائن مَڪي جي اميرن جي ذهنن ۾ پختو ڪري ڇڏيو.
قريشن جي اميرن کي ذاتي حيثيت ۾ آقاﷺ جي پيغام جي ڪري جيڪو ڌڪ لڳو هو، اِهو هي ته سڀ انسان آدم جو اولاد آهن. سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن، سڀ برابر آهن. وڏو رڳو اهو آهي، جيڪو پنهنجي اخلاق ۾ مٿانهون آهي.
هو اهو ڪيئن مڃين ها؟
سندن شهر جو ته سڄو نظام ئي اوچ ۽ نيچ تي رکيل هو. سڄو ڪاروهنوار سندن حليف ۽ ٻانها هلائيندا هئا.
ڏيڍ سئو کان اٺ سئو درهمن تائين خريد ڪيل هڪ غلام، هڪ اُٺ کان به گهٽ قيمت جو هڪ انسان، سندن برابر ٿي ويو، سندن سڄو معاشي سماجي ۽ قبائلي نظام اُن انساني مساوات جي اعلان سبب لڏڻ لڳو، تنهن ڪري هو ڪيئن نه ڇِتا ٿين ها.
مذهبي رسمون ته آقاﷺ اڃا تائين ڪي به نه ٻُڌايون هيون، صبح ۽ شام جي هڪ نماز هئي، اُن وقت جي ماڻهن کي ته نت نين ڌرمي رسمن جي ادائيگيءَ جي عادت هئي. کين ان نماز تي ڪوبه اعتراض نه هو. ان وقت تائين زڪوات جو حڪم نه آيو هو، اهو ته مڪي جي تيرهن سالن جي زندگيءَ کان پوءِ مديني وڃي بدر جي جنگ کانپوءِ فرض ٿيو. شراب تي به اڃا ڪا پابندي نه هئي، اُن جي منع ته ڇهه سال پوءِ مديني ۾ ڪئي ويئي. ان زماني ۾ روزو به فرض نه هو. حج ته سڀ مڪي وارا صدين کان ڪندا پي آيا. جهاد جي لاءِ به ڪا موڪل نه ملي هئي. آقاﷺ ته رڳو مذهبي سوداگرن مٿان مڪي جي ماڻهن جا ڪنڌ بچائڻ لاءِ درس ڏنو هو. هنن ان ڪري آقاﷺ ۽ سندس مڃيندڙن لاءِ لفظ ”صابي“ يعني ”لادين“ جي فتويٰ جاري ڪئي. آقاﷺ جي حق جي پيغام ۾ جنت ۽ دوزخ جي ڳالهه هئي. مَرڻ کانپوءِ ٻيهر جيئري ٿيڻ جو ذڪر هو. اهو فلسفو مڪي جي رئيس جي لاءِ قبوليت جوڳو نه هو. هو اهو ڪيئن مڃين ها ته سندن زندگيءَ جو پل پل ڪٿي لکجي رهيو آهي ۽ مرڻ کانپوءِ ان جو حساب ڪتاب ورتو ويندو. هو ته پاڻ کي هر حساب ڪتاب، هر امتحان ۽ هر آزمائش کان مٿانهون سمجهندا هئا. پوءِ هُنن وٽ دنياوي وسيلا هئا، تن اهو سمجهيو ٿي ته سندن جنت هتي ئي هن جنم ۾ سندن وس ۾ آهي. هنن سڀني جا عمل گهٽ ۽ ڪمزور ماڻهن جي پَر ماريت ڪرڻ سبب، سندن لاءِ چمڪدار، شان ۽ شوڪت وارا هئا.
آقاﷺ جو اهوئي پيغام هو. جيڪو مڪي جي مسڪين، بي وس ڪمزور غلامن ۽ هَڄيل حليف هُنرمندن جي لاءِ هڪ زبردست ڪشش رکندو هو. اِهي سڀ ماڻهو جن کي جيون جي هن جنم ۾ آساني نه ملي، انصاف نه مليو، ڪشادگي نه ملي، صحت نه ملي، حُسن نه مليو، عزت نه ملي، تن جي لاءِ ايندڙ زندگيءَ جي تصور ۾ هڪ گوشه عافيت هئي. کين اوچتو احساس ٿيڻ لڳو ته سندن صالح عمل، نيڪ نيتي، ڀلائي، انسان دوستي، سَهپ ۽ صبر جو ڪڏهن ته ڦل ملندو، ايندڙ زندگيءَ جي حساب ڪتاب کان قريشن جا ظالم امير مُنڪر هئا. غلامن ۽ قريشن جي طبقن جي لاءِ ان پيغام ۾ هڪ عاليشان وعدو هو.
آقاﷺ جي خدا جي پيغام ۾ جتي مڪي جي غريبن، مسڪينن ۽ غلامن جي لاءِ حيرت ۾ وجهندڙ ڪشش هئي، اُتي مڪي جي رئيسن مان نرم سڀاءَ نيڪ فطرت سچن ۽ نکريل روحن وارن ماڻهن کي به هڪ ذهني هم آهنگي ڀريل ڌيان ۽ انسانيت جي اعليٰ ترين معيار جي حصول جو رستو مليو ۽ هو آقاﷺ جي پيغام تي لبيڪ چوڻ لڳا.