۽ وڻ به هلڻ لڳو
هڪ ڀيري آقاﷺ وڙڪنڊو اضم جي ماٿريءَ ۾ وڃي نڪتو، اُن ويرانيءَ ۾ آقاﷺ جي ئي ڪٽنب مان سيدنا هاشم جي قوم جو پهلوان رڪانه ٻڪريون چاريندو هو. هو سگهاري هڏ ڪاٺ ۽ ڀَريل بُت وارو همراھ هو. اُن سان گڏ وڏو جهيڙيڪاري ۽ فسادي پڻ هو. هُن پنهنجي قوم ۾ ڪيترائي ناحق ظلم ڪيا هئا، تنهنڪري قوم کيس ڳوٺ نيڪالي ڏيئي ڇڏي هئي.
هو صحرا ۾ ٻڪرين جو ڌڻ چاريندو وتندو هو.
وٽس ٻڪرين جو هڪ وڏو ڌڻ هو.
هو صحرا ۾ آقاﷺ کي گڏجي ويو.
آقاﷺ جو ڀلائيءَ جو پيغام ته هر ڪنهن لاءِ هو، اسلام جي اُن ڀلائيءَ واري پيغام ۾ توبهه پڻ آهي. گناهگار جي اکين مان شرمساريءَ جو هڪ لڙُڪ به وهي ته خدا گذريل سڀني گناهن جي دفترن تي ڪاري ليڪ ڏيئي ٿو ڇڏي.
آقاﷺ هَٺيلي ۽ فسادي رڪانه کي به اسلام طرف سڏيو. سلامتيءَ جي رستي تي هلڻ جي دعوت ڏني، رڪانه ته هڪ پهلوان مڙس هو. نُنهن کان وٺي چوٽيءَ تائين پنهنجي ٻانهن جي ٻَل ۽ پنهنجي طاقت تي هَٺ ڪندڙ، عقل ۽ سمجهه ۽ عرفان ذات جي سفر لاءِ ٻه وات پٽي چيائين.
مون سان ملهه وڙھ، جي مونکي دسي وئين ته پوءِ جيئن چوندين تيئن ڪندس.
آقاﷺ للڪار قبولي،
صحرا جي واريءَ تي هو راڪاس جهڙو پهلوان مُڙس ٻانهون کولي آقاﷺ جي روبرو ٿيو. سندس وات مان گَڦ وهي رهي هئي، ڪنن مان دُنهه، اکين مان نفرت جا اُلا ۽ سڄو جسم پنهنجي طاقت جي نشي ۾ لُڏي رهيو هئس.
آقاﷺ سراپا رحمت، ٻاجهه ۽ چهري تي اِهائي چنڊ جهڙي مُرڪ سان موجود. ملهه شروع ٿي.
آقاﷺ ٻَک وجهي کيس ڪنهن ڪک پن جيان هوا ۾ اُڇليو ۽ هو ڪنهن وڍيل ڏار جيان هوا ۾ اُڇلجي پوءِ ڪپهه جي ڪنهن هَڙ جيان منهن ڀر اچي پٽ تي ڪريو.
ٻي گهڙي آقاﷺ سندس ڇاتي تي چڙهي ويٺو مرڪي رهيو هو.
هن جو رنگ هئڊو ۽ اکيون حيرت مان پٽيل..
کيس ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ٿي ويو.
ڪيئن ٿيو؟
چيائين: ڏھ ٻڪريون تنهنجون ٿيون.
هڪ ڀيرو ٻيهر ملهه وڙهبي
آقاﷺ کيس اُٿڻ ڏنو.
هن ڀيري ملھه کان پهرين هن پنهنجي بُت کي خوفناڪ نموني ڦيريو گهيريو ۽ اُن کي چست ۽ توانو ڪيو. ملھه شروع ٿي.
وري به ايئن ئي ٿيو.
ڍڳ جيڏو مڙس ڪپھه جي هَڙ وانگر مٿي کڄيو ۽ پُٺيءَ ڀَر اچي زمين تي ڪريو.
آقاﷺ ٻيهر سندس ڇاتيءَ تي سوار ٿي ويٺل نظر آيو.
هن ڀيري سندس وات ۽ نڪ جي ناسن ۾ واري ڀرجي ويئي، هو ٿڪل وحشي جيان ساھ کڻي نڪ جي ناسن سان واري اُڏائي رهيو هو. ڪاوڙ، بدلي ۽ ڦِڪائيءَ جي باوجود به هو اڃا تائين هار مڃڻ جي لاءِ تيار نه هو.
ويھه ٻڪريون تنهنجون ٿيون.
آخري ڀيرو ملھه وڙهبي
ٽيون ڀيرو به سَندرو ٻڌبو،
ٽيون ڀيرو به اهو ئي ٿيو
جبل اُڇلجي واري جو ڪڻو ٿي پيو
ٽيون ڀيرو دسجڻ کانپوءِ رڪانه ۾ اٿڻ جي همت نه رهي ۽ پَٽ تي دسيل ئي چيائين: اوهين کٽي ويا.
اوهين منهنجي ٻڪرين جي ڌڻ مان جيڪو وڻيوَ سي ٽيھه ٻڪريون چونڊي وٺو، مون هر مَلھه تي ڏهن ٻڪرين جو شرط هنيو هو. پوءِ پاڻ ئي دَسجڻ سبب سور جي باوجود اُٿيو ۽ پنهنجي ڌڻ مان ٽيھه ٻڪريون هڪلي آقاﷺ وٽ آيو.
آقاﷺ مُرڪيا
فرمايائون: مونکي تنهنجي هڪ به ٻڪري نٿي گهرجي،
منهنجو حاجت روا ڪو ٻيو آهي،
اهي سڀ تون پاڻ وٽ رک.
تون منهنجو آندل پيِغام مڃ،
رڪانه صحرا جي واريءَ ۾ کُتل هڪ پٿر تي ويهي رهيو. هُن جو بُت پگھر ۾ شم هو. واري سندس بُت سان چهٽيل هئي، اڃا تائين هُن جو هانڀارو پي لڳو، پر سندس اکين ۾ حيرت نظر اچي رهي هئي.
چيائين، مڃان ٿو... اوهانجو خدا اوهانجي مدد ڪري رهيو آهي.
نه ته مون جهڙي ڍڳ مڙس جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي اڄ سوڌي ڪوبه مونکي دسي نه سگهيو آهي. اڄ سوڌي ڪنهن به مونکي پٺيءَ ڀر نه ڪيرايو آهي.
آقاﷺ جي مُنهن مبارڪ تي چنڊ مرڪي رهيو هو، شايد چيو هجائين، ’آءٌ توکي اُن ئي واحد خدا طرف سڏي رهيو آهيان، اهو ته هر ان جو ٿي ويندو آهي، جيڪو کيس پنهنجي اڪيلو ربّ بنائي وٺي، اُن جي هيڪڙائي جو اقرار ڪري ٿو.‘
جبل بنجي به پٿر بنجي نه ٽٽندي.
وڻ وانگر جيئندي
ڪکَ وانگر نه اُڏامندي.
رڪانه وڏا وڏا ساھ کڻي پنهنجي پگھريل بُت تان واري ڇنڊي رهيو هو. ٿوري دير چُپ ويٺو رهيو. ٿورو ساھ درست ٿيس، ڦڪائي ختم ٿيس ته هن جي اکين ۾ اڳ جهڙي شرارت ٻيهر موٽي آئي ۽ چيائين آءٌ تنهنجي طاقت کي ته مڃان ٿو، جنهن مون جهڙي ڍڳ مڙس کي ٽي ڀيرا دسيو، پر ڪو ان کان وڏو ڪرشمون ڏيکاريو ۽ ڪو ٻيو به اوهانجي خدا، اوهانجي رسالت جي شاهدي ڏي ته آءٌ تنهنجي خدا جي شاهدي ڏيندس ۽ اوهانکي اُن جو رسول (ﷺ) ڪري مڃيندس.
آقاﷺ کانئس ٻيهر وعدو ورتو: پوءِ مڃيندين؟
هائو، پهرين ڪرشمو
ڇا ٿو ڏسڻ گهرين؟ آقاﷺ پُڇيو،
رڪانه اُس ۾ گرم پٿر تي ويٺو هو، واري، پٿر ۽ پٿريلن ٽڪرين جي صحرا تي اُس پکڙيل هئي، پري هڪ ٿوهر جي وڻ جي هيٺان سندس ٻڪريون چري رهيو هيون. ٿوهر جو پراڻو وڻ ڪافي پکڙيل هو. رڪانه ٿوهر طرف ڏسندي چيو، ”هن ٿوهر کي هيڏي سڏي سگهين ٿو؟ ”هو هتي اچي اوهانجي شاهدي ڏي.“
آقاﷺ سندس ڳالهه ٻڌي ۽ مرڪندي پنهنجو روشن رخ ٿوهر جي وڏي، سگهاري، پکڙيل وڻ طرف ڪري خدا جي حڪم سان محبت سان سڏڻ جو اشارو ڪيو ته زمين ٿڙڪي، ٻڪرين جو ڌڻ چُريو ڦريو، صدين کان صحرا ۾ کتل پٿرن ۾ ڏڪڻي آئي، ڄڻ هر پٿر آقاﷺ کي سجدو ڪرڻ جي خاطر مٿو رڳڙڻ جي لاءِ بي تاب هُجي، واريءَ واري زمين ۾ ڏرڙ پئجي ويا، ٿلهي متاري ٿڙ وارو ٿوهر جو وڻ هڪ غلام وانگر پٿرن جي ٽڪرن ۽ واري مان ٺهيل رستي تان سِرڪندو آقاﷺ طرف اچڻ لڳو،
رڪانه رڙيون ڪندو،، ٿوهر کي پاڻ طرف ايندو ڏسي ڀَڄڻ لڳو. ٿوهر هلندو آقاﷺ جي ويجهو آيو، هن جي هلڻ سان واري رستي ۾ هڪ وڏي کڏ بنجي ويئي، ايئن ٿي لڳو ته ٿوهر جو اهو وڻ پنهنجن سڀني پنن ۽ ٽارين سان گڏا چي شڪر جو سجدو ڪري آقاﷺ کان هدايت وٺي رهيو هجي، آقاﷺ جي رسالت جي شاهدي ڏيئي رهيو هجي. ٻڌائي رهيو هجي ته ڪيئن سالن تائين صحرا جي تپندڙ اُس برداشت ڪري ٻين جي لاءِ ڇانورو بنجڻ جي لاءِ جيئڻون آهي.
رڪانه جو ذهن مائوف ٿي چڪو هو،
هن جي اکين جيڪي ڪجهه ڏٺو هو ۽ اهو منظر ڪا ٻي انساني اک ڏسي نٿي سگهي.
آقاﷺ رڪانه ڏانهن مُرڪي ڏٺو ۽ چيو
ڏٺئي ڪرشمو، منهنجي شاهدي ٻُڌي ورتئي؟
هاڻ وڻ کي ٻيهر ساڳئي جاءِ تي موڪلي ڇڏيان؟
رڪانه جي وات مان لفظ نڪرڻ بند ٿي ويا.
آقاﷺ پنهنجي اُن غلام وڻ کي خدا ڄاڻي ته محبت جي ڪهڙيءَ نظر سان ڏٺو، جو اهو وڻ جتان آيو هو، اُتان ئي پويان وري پنهنجي اڳوڻي جاءِ تي وڃي بيٺو. ڳچ دير تائين ٻڪريون اُن وڻ کان پري هَڄيو بيٺيون ان کي ڏسنديون رهيون. ان جي اچڻ ۽ وڃڻ سان جيڪي پٿر ۽ ٽڪريون لڏي آقاﷺ جي سجدي جي هنڌ تي آيون هُيون، اتي ئي رهيون. رستي ۾ واري جي گهري کڏ به وڻ جي پاڙڻ جي گذرڻ جي سڀني نشانين سان اُتي ئي موجود رهي. واريءَ جي کڏ ۾ ايندي ۽ ويندي اوچي وڻ جي وڏين پاڙن جا فنگر پرنٽس محفوظ ٿي ويا.
چون ٿا ته هيڏي وڏي معجزي کي ڏسڻ کانپوءِ به رڪانه آقاﷺ کي جادوگر ئي سمجهيو.
جن کي اکڇنڀ ۾ سمجهه اچي ويئي، اها مڪي کان ٽي سئو ميل اُتر ۾ يثرب جي بستي هئي، ڇھه سئو ميٽرن جي مٿانهين تي جنهن جي اتر ۾ احد جبل ۽ ڏکڻ ۾ عير جبل هو، شهر جي اولهه ۽ اوڀر ۾ پراچين دور جي ڪنهن ٻرندڙ جبل جي لاوي جو گڏ ٿيل ڪارو مادو، جيڪو صديون گذرڻ کانپوءِ اُس ۾ سڙي ايئن هنڌان هنڌان ڦاٽي ويو هو، ڄڻ انهن جي سطح ته ڪاري لوھ جون تکيون نوڪدار ڇُريون هجن. چون ٿا ته اها اُن شهر بي مثال جي بلند حفاظتي ڀت هئي، انهن ٻن ٽڪرين ۽ ڪاري مادي جي ٽڪرين جي وچ ۾ ڳاڙهي سنهري واريءَ جو نخلستان هو، پاڻي جا چاليهه کوھ هئا، کجين جا باغ هئا، انگورن جون وليون هُيون، زيتونن جا وڻ هئا، هڪ ڏينهن آقاﷺ پنهنجي ساٿين کي ان جاءِ جا نقش ٻڌائي فرمايو هو ته خدا کيس خواب ۾ سندس مستقل رهائش جو هنڌ ڏيکاري ڇڏيو آهي، جتي پاڻ مڪي مان هجرت ڪري ويندا ۽ اهو ئي هنڌ خدا کي پنهنجي سڀني جهانن کان وڌيڪ پيارو آهي. اهو طابه آهي، طيبه آهي، پاڪ آهي.
آقاﷺ هڪ وڻ کي سڏيو هو.
خدا، پنهنجي بهترين نخلستان ڀريل شهر جي دل آقاﷺ ڏانهن موڙي ڇڏي.