شروعات
اسلامي فلسفي جي بنيادي اصولن ۽ نظرين کي صحيح طور تي سمجهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ اسان کي عرب جي پاڙيسري ملڪن ۽ معاشرن يعني ايران ۽ شام جي فلسفن جي مطالعي ڪرڻ جي ضرورت پوندي. يوناني فلسفو ان وقت جي ايران ۽ شام ۾ رائج ۽ مقرر ڪيل اصولن جي خلاف هڪ کليل بغاوت ۽ شديد رد عمل هو پر مسلمان (عرب) فيلسوفن ۽ مفڪرن مذهب ۽ فلسفي کي پاڻ ۾ ملائي گڏي هلائڻ جا جتن ڪيا آهن، جن ۾ هنن گهڻي ڀاڱي ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي. يونان، ايران ۽ شام جي محض نظرياتي فلسفن جي مقابلي ۾ اسلامي فلسفو وڌيڪ عملي فلسفو آهي.
اسلام جو بنياد قرآن مجيد ۾ بيان ڪيل بنيادي اصولن ۽ تعليمات تي ٻڌل آهي جن جي وڌيڪ وضاحت ۽ سمجهاڻي حديث، يعني نبي ﷺ جي قول ۽ فعل ۽ سندس صحابه ڪرام (ساٿين) جي قول ۽ عمل ۽ مهڙين دور جي مذهبي عالمن (امامن) جي طرفان پيش ڪيل اصولن وسيلي ڏني ويئي آهي. ان ڪري اسلامي فلسفو هميشه مذهب سان هٿ ۾ هٿ ملائي اڳتي وڌيو آهي.
ٻئي طرف هندو ۽ مسلمان فيلسوفن ۾ وري نمايان فرق هيءَ آهي ته مسلمان فيلسوفن ڪڏهن به زندگيءَ کي غم ۽ نااميديءَ جي ڪاري عينڪ پائي نه ڏٺو آهي. اسلامي تعليمات ۾ هندو وارا سنياس ۽ نه وري عيسائين واري رهبانيت جو وجود آهي. اسلام ۾ رهبانيت حرام آهي. اسلام ۾ تناسخ (جوڻ بدلائڻ) جو ڪو به نظريو موجود نه آهي ۽ نه وري شخصي وجود کي ختم ڪرڻ وارو نظريو نظر اچي ٿو.
مسلمان فيلسوفن جي اڪثريت ايران، اسپين، مصر ۽ اتر آفريڪا ۾ پيدا ٿي.