تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسلامي فلسفو ۽ تصوف

ڪتاب ”اسلامي فلسفو ۽ تصوف“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب فلسفي جي عالمي افڪار جي روشنيءَ ۾ إسلامي فلسفي جي اوسر جو عالماڻو مطالعو ۽ تصوف سميت اسلامي فڪر جو تفصيلي تعارف آهي، جنهن جو ليکڪ محترم ابوبڪر خان مگسي آهي.
عام طرح تصوف جي حوالي سان به ٻه گروهه سامهون آيا. هڪ گروهه خانقاهيت پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻيو ۽ ٻئي گروهه پاران تصوف اسلامي حڪمتن ۽ شريعت جي احڪامن کي عوام دوست بڻائڻ جي هڪ عملي ڪوشس هئي، جنهن جي عالم صوفين سخت ڏکيائين جي باوجود علمبرداري ڪئي. بلڪه هي چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ملوڪيت پسند جڏهن به اسلام جي تعليم کي پنهنجن مفادن جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت انهن ڪرڀائتين ڪوششن جي خلاف اسلام جي حق پرست صوفي عالمن جي پاران ئي مزاحمت سامهون آئي.

Title Cover of book Islami Philsipho & Tasouf

ماني ۽ سندس فلسفو:

ماني ۽ سندس فلسفو:
هن دؤر جو ٻيو وڏو ۽ عظيم مفڪر ماني هو. هُو هڪ معزز گهرڻي جو فرد هو. سندس پيءُ نيشاپور جو ويٺل هو. جيڪو بعد ۾ لڏي همدان ۾ وڃي رهيو، جتي 215ع ۾ ماني پيدا ٿيو. هن پيءُ وٽ ابتدائي کان وڌيڪ تعليم پرائي. هن يوناني زبان ۾ ادب، فلسفي، موسيقي، مصوري، فلڪيات، علم هيئت ۽ طب جو تفصيلي مطالعو ڪيو. هن 28 سالن جي عمر ۾ مصلح (نبي) هجڻ جو اعلان ڪيو. هن زرواني مذهب وارن سان اختلاف ڪيو جن جو عقيدو هو ته مادو (ظلمات) روح (نور) زروان جي مخلوق آهي. ساڳئي وقت هن زردشت جي ان عقيدي جي به مخالفت ڪئي، جنهن موجب: اهورا مزدا سڀ شيءِ کان اتم آهي ۽ اوستا جي تعليم سان به اختلاف ڪيائين جنهن ۾ چيل آهي ته هيءَ ڪائناتي حياتي اهورا مزدا جو ڪارنامو آهي. ماني مادي کي روح جو ظرف يا ٿانو ڪري نه سمجهندو هو، پر چوندو هو ته مادر روح کي ڇهي يا پاڻ ۾ سمائي سگهي ٿو. زردشتي مذهب جي عقيدي موجب مادي جو ڪو به حقيقي وجود نه آهي پر نيڪ ۽ بد قوتن کي قبول ٿو ڪري جيڪي هميشه پاڻ ۾ برسرپيڪار رهن ٿيون.
جيستائين ڪا هڪڙي سگهه ٻي کي ماريءَ نه مڃائي تيستائين انساني روح کي، جنهن جو ظهور ارادي جي صورت ۾ عقل جي معرفت ٿئي ٿو ۽ هڪڙو طرف وٺڻو پوي ٿو ۽ ان موجب سندس تقدير ٺهي ٿي... پر مانيءَ جي خيال موجب مادو روح جي مخالف شيءِ آهي جنهن کي حقيقي ۽ آزاد وجود مليل آهي. سندس چوڻ موجب: حواسن جي دنيا نور ۽ ظلمات جي اختلاف جو نتيجو آهي، جنهن ۾ نور گهٽ ۽ ظلمات وڌيڪ آهي. نور ۽ ظلمات مختلف شيون آهن. نور جو درجو مٿانهون ۽ زبردستي ڪرايو ويو آهي، ان ڪري سندن پاڻ ۾ اختلاف غير فطري ۽ زبردستي ڪرايو ويو آهي، ان ڪري سندن تفريق ضرور ٿيندي. مادو انڌو ۽ عقل ۽ ارادي کان خالي ٿئي ٿو پر روح سان گڏجڻ بعد منجهنس عمل ڪرڻ جي طاقت پيدا ٿيو پوي... پر هن (مادي) کي ڪڏهن نه ڪڏهن وري ظلمات جي اوڙاهه ۾ ڪرڻو آهي ۽ روح کي انهيءَ مادي جي غلامي کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻو آهي. ماني الله تعاليٰ جي ذات کي ‘نور جي ملڪ جو بادشاهه’ سڏيو آهي، جيڪو پنهنجي فطرت ۾ خالص، پاڪ، ازلي، ابدي، قديم ۽ عقل ڪل آهي. هو حق آهي، هميشه موجود قائم، دائم، صاحب جلال ۽ پنهنجي وجود، کان باخبر آهي. مانيءَ جي خيال موجب هن ڪائنات ۾ مادو (ظلمات) نور (روح) جي بادشاهت ۾ گهڙي آيو. نور جي بادشاهه ظلمات کي ملڪ مان تڙي ڪڍڻ لاءِ هيٺين مددگارن کي مدد لاءِ گهرايو:
پهريون نزول يا تعين نمبر 1-الله تعاليٰ کي حياتيءَ جي ماءُ جي صورت ۾ ظاهر ڪيو جنهن بنيادي انسان کي جنم ڏنو.
نزول يا تعين نمبر 2-(الف) حياتي جي دوست، نزاسف يا ناريو سنها (ب) مٿرا ۽ (ث) بان يا ٺاهيندڙ پاڻ کي خالق.
نزول يا تعين نمبر 3-حواسن وارو يا ڏسڻ ۾ ايندڙ نور (روشنائي) جي صورت ۾ هو:
زندگيءَ جي ماءُ يا عقل جو وجود، زندگي جي پيءُ جو ظهور آهي. ان ڪري ماءُ ۽ پيءَ جو جوهر هڪ آهي جيڪو بنيادي انسان يعني نفس ڪل کي جنم ڏئي ٿو، جنهن جو عڪس هر نفيس ۾ موجود آهي.بنيادي انسان کي مادي (ظلمات) کي تابع ڪرڻ جو ڏکيو ڪم سونپيو ويو آهي. هڪ ملائڪ جنهن جو نالو نهاشبت هو ۽ جنهن جي مٿي تي فتح جو تاج رکيل هو، بنيادي انسان کان اڳ ۾ روانو ڪيو ويو. هن ملائڪ مقابلي ۾ شڪست کاڌي ۽ کيس ڪجهه نور تان هٿ کڻڻو پيو، جيڪو ظلمات ۾ سمائجي گهڙي خلط ملط ٿي ويو ۽ ڪائنات جو وجود ٺهي پيو. ان ڪري مادي ۾ نور سان گڏجڻ جي ڪري تحرڪ پيدا ٿيو ۽ ان ۾ اطاعت ۽ نافرماني جو مادو پيدا ٿيو. ٻئي طرف نور منجهي حيرت ۾ پئجي ويو. نور جو بادشاهه فقط ظلمات جي وڌيڪ حددخليءَ کي روڪڻ لاءِ نور جي بادشاهيءَ جي ڪجهه حصي تان هٿ کنيو هو ۽ هن فقط قبضي ۾ آيل ملڪ کي واپس وٺڻ لاءِ صبر ڪيو هو. هن ڪائنات جي زندگيءَ جو مطلب ۽ مقصد آهي نور (روح) کي مادي (ظلمات) کان ڇڏائڻ. ان ڪري جيتوڻيڪ بدن روح لاءِ هڪ قيدخانو آهي، پر انهيءَ جي وسيلي ئي کيس آزادي حاصل ڪرڻي آهي. روح کي ترڪ وسيلي خواهشات (شهوات) جي ڄار مان آزاد ڪرائڻو آهي ۽ پاڪائي (آزادي) بعد هو سج ۽ چنڊ جي روشنيءَ وسيلي پنهنجي ملڪ ۾ پهچي ويندو.
انسان پنهنجي جوهر ۾ الله تعاليٰ جو عڪس آهي. هي نور جي بادشاهه جو هڪ وسيلو آهي جنهن مان بادشاهه قيد ٿيل نور کي ڇڏائيندو. هيءُ عالم اصغر آهي، زمين ۽ آسمانن لاءِ هڪ آئينو آهي.سندس وجود ۾ روح نور آهي ۽ جسم ظلمات آهي. جڏهن سمورا روح جسمن مان نڪري (آزاد ٿي)ويندا تڏهن هيءَ سموري ڪائنات ختم ٿي ويندي.
ماني جو اخلاقي فلسفو دنياوي خواهشن (شهوات) کي ترڪ ڪرڻ تي ٻڌل آهي جنهن ۾ بت پرستي، شرڪ، ڪوڙ، لالچ، ڪروڌ، قتل ڪرڻ، نفرت، جادو، منافقي وغيره کان منع ڪيل آهي.
هنن وٽ به ٻڌن وانگر درجا آهن: 1-چونڊيل، 2-عام ماڻهو
تارڪ الدنيا انسانن کي ”چونڊيل“ چوندا آهن جن جو تعداد تمام ٿورو هو، باقي مريدن کي عوام يا سامعين چوندا آهن.
چونڊيل مريدن کي شادي ڪرڻ، شراب پيئڻ ۽گوشت کائڻ کان پرهيز ڪرڻي آهي. کين ڪو به گهر گهاٽ نه هوندو آهي ۽ هي سيلاني ٿي رهندا آهن. هنن وٽ فقط هڪ ڏينهن جو کاڌو ۽ هڪ سال جو ڪپڙو هوندو آهي. هو زراعت ۽ واپار ڪري نٿي سگهيا. کين پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪرڻو پوندو هو. سامعين کين ڪچو کاڌو ڏيڻ لاءِ ٻڌل هئا، اهو به فقط هڪ ڏينهن جو- عورت به چونڊيل ٿي سگهي ٿي. سامعين رواجي حياتي گذاريندا هئا پر کين به ڀاڄي کائڻ جي نصيحت ڪئي ويندي هئي، سامعين کان سواءِ باقي سمورا انسان گنهگارن ۾ شمار ڪيا ويندا هئا. اهي جاهل ۽ ظلمات جا انسان هئا.
مادي کي سياهي (اونده) يا هيلي سڏيندا هئا جنهن مان عربي لفظ ‘هيولا’ نڪتو آهي، جيڪو اصل ۾ يوناني ٻوليءَ جو لفظ هو، جنهن جي معنيٰ آهي اهو غير روحاني عنصر جيڪو ازلي ۽ ابدي هجي.
ماني گذري ويل مصلحن مان افلاطون، زردشت، هرميز، گوتم ٻڌ ۽ يسوع مسيح جو وڏو احترام سان ذڪر ڪيو آهي. هن انساني تنزل کي نيڪيءَ جي طرفان بديءَ سان رضاڪارانه طور تي وچڙي پوڻ ۽ ان وسيلي نور کي قيد مان ڇڏائڻ جو بهانو سڏيو آهي. مانيءَ جو مسيح اهو نه آهي جنهن کي رومن گورنر صليب تي لٽڪايو هو پر ظاهر ڪيل حواسن وارو نور هو جنهن انسان ذات کي حياتي ۽ نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي هئي، سختيون برداشت ڪيون هيون. سندس چوڻ موجب: هيءُ مسيح حياتي، طاقت ۽ قدرت جو مظهر آهي جيڪو کاڌي وسيلي انسان ۾ عمل ڪرڻ لاءِ تحرڪ پيدا ڪري ٿو، ان ڪري آخرين دعوت (Last Dinner) ساغر ۽ شراب مان مراد آهي ڀاڄين ۽ کاڌي وسيلي انسان ۾ لڪل شڪتي (طاقت) کي تحرڪ ۾ آڻڻ. ان وقت هيئن چوڻ ڪفر سمجهيو ويندوهو ته الله تعاليٰ شر ۽ خير ٻنهي کي پيدا ڪيو آهي يا ظلمات جو راڪاس ۽ بنيادي انسان هڪ الله تعاليٰ جا پيدا ڪيل، مخلوق آهن يا سج ۽ چنڊ بيجان آهن ۽ پنهنجي مرضيءَ کان سواءِ اڀرن ۽ لهن ٿا.
روح بابت ماني جي انهيءَ نظريي کي حيات بعد الموت جو نظريو چئي نٿو سگهجي، جنهن مطابق نور ڇڻي آهستي آهستي مادي مان آزاد ٿي ويندو.
حيات بعدالموت لاءِ ڄمڻ-مرڻ ۽ وري ڪنهن صورت ۾ پيدا ٿيڻ کي ماني جي فلسفي ۾ ڄم موت يا ‘زادمرگ’ چيو ويو آهي جيڪو اوستائين هلندو رهندو جيستائين مادي ۾ قيد ٿيل سمورو نور آزاد ٿي وڃي. چونڊيلن جو نور سامعين کان اڳ ۾ آزاد ٿيندو. اسين انهيءَ ڄم موت کي هندو فلسفي واري تناسخ (جُوڻ-مٽ) سان ڀيٽي نٿا سگهون. مانيءَ جي ڪتاب مهرنامگ ۾ مناجات جي هيٺين سٽن مان هڪ قسم جو ارتقائي نظريو ملي ٿو. هن بابت تفصيلي بيان J.A.O Society جي سال 1925ع واري رسالي ۾ مسٽر وئڪسن جي لکيل مضمون ۾ ڏنو ويو آهي.
”آءُ ٻوٽي مان پيدا ٿيو آيان“ ماني جو هڪ جڳ مشهور مقولو آهي، جنهن کي صوفين جهٽي ورتو هو، مولانا رومي مثنوي ۾ ماني وارو خيال وڌيڪ تفصيل سان بيان ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته، ”آءُ جمادات ۾ بي جان پيو هوس جتان نڪري ٻوٽو ٿيس، ٻوٽي ۾ مري حيوان ٿيس ۽ حيوان ۾ مري انساني شڪل ۾ پيدا ٿيو آهيان، پوءِ آءُ موت کان ڇو ڊڄان؟ موت به مون کي ماري نه سگهندو.“
ماني جا هي عقيدا ۽ خيال ان وقت جي ساري معلوم دنيا خاص طور تي عرب، عجم، اتر آفريڪا ۽ يورپ ۾ پکڙجي ويا، جن جو اثر عيسائيت ۽ اسلام ۾ به موجود آهي.
جڏهن عربن ايران فتح ڪيو ته کين زردشت ۽ ماني جي خيالن ۽ نظرين ۾ ڪو خاص فرق معلوم نه ٿيو، ان ڪري عربن ماني جي مريدن کي زردشتن جي ظلم کان آزاد ڪيو پر هنن ٿوري ئي وقت اندر محسوس ڪيو ته ماني جون باطني تحريڪون اسلام کي نقصان پهچائي رهيون آهن. ان ڪري خليفن ماني جي مريدن جي خلاف ڪات ڪهڙا کنيا ۽ کين دٻايو. ان هوندي به سندن تعداد ۾ اثر ۾، مغلن جي ايران فتح ڪرڻ تائين ڪو به فرق نه آيو جن ايران ۽ وچ ايشيا ۾ سندن پاڙ پٽي کين ختم ڪري ڇڏيو.