سندس فلسفي نظريا:
هن جي فلسفو، تصوف ۽ فلسفي جو مرڪب آهي. هي فلسفو اهڙي مذهبي خيال ۾ پورو ٿئي ٿو جيڪو عام طرح سان هندوستان ۽ ايران جي آرين ۾ رائج آهي. هو پنهنجي استد لال جي ثابتيءَ ۾ سهرورديءَ جي ڪتاب حڪمت الاشراق، ابو علي سينا ۽ قرآن مجيد جون آيتون حوالي طور ڏيندو هلي ٿو. هو الله تعاليٰ جي وحدت کي پراڻن صوفين ۽ مفڪرن جي راين وسيلي ظاهر ڪندو هلي ٿو. سندس نظريي ۾ وجود يا شيءِ هڪ سادي سودي حقيقت آهي لازمي ۽ مطلق آهي. هي ڪائنات هڪ آئينو آهي، جنهن ۾ الله تعاليٰ جي ذات پاڻ کي ڏسي ٿي. الله تعاليٰ جي ذات سان وجود جي گڏ هجڻ جو نظريو محض هڪ فيلسوفن جو خيال آهي. سبزواري چوي ٿو ته ڀلي کڻي هي به گڏ وجود رکندا هجن پر ڪڏهن به هڪجهڙا ٿي نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته هنن ٻنهي مان مادو الله تعاليٰ جو محتاج آهي.
الله تعاليٰ جو جوهر پاڻ نور آهي ۽ مادو هن نور مان روشنائي حاصل ڪري ٿو. ظهور جي نظريي کي سمجهائڻ لاءِ روشنائيءَ سان ڀيٽي سگهجي ٿو پر جيترو روشنائيءَ جي منبع کان پري رهبو اوتري روشنائي گهٽ نظر ايندي.
حقيقي وجود هڪ غير متحرڪ طاقت آهي پر اها هر شيءِ کي تحرڪ ۾ آڻي ٿي. هي هڪ خالص وحدت آهي، جتان جدا جدا جاين تان بيهي نهارڻ سان ڪثرت جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. هي پنهنجي جوهر جي صورت ۾ حياتي، قوت ۽ محبت آهي. هيءَ ڪي سندس ڌار صفتون نه آهن پر خود پاڻ آهن. هي ظاهر ۾ نظر ايندڙ ڪثرت، هڪ ئي حقيقت جو ڌار ڌار ظهور آهي. هيءَ حقيقت، غير حقيقي شين کي پنهنجي نور سان روشن ڪري ڇڏي ٿي. سندس وحدت جوهر جي ٽن بنيادي اصولن ۾ سمايل آهي: 1- نور، 2- ان جو عڪس يا تجلو (عقل ڪل) ۽، 3- ظلمات يعني مادي ڪائنات.