سافسٽ (Sophists)
يونان ۾ ، جيڪي عالم محض دولت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ علم حاصل ڪندا هئا، انهن کي سافسٽ چوندا هئا، اهو طبقو هر مادي مسئلي سان لاڳاپيل نظريي کي سمجهڻ لاءِ سندس هر پهلوءَ کي جاچي اٿلائي پٿلائي ڏسندا هئا ۽ ثبوت ۾ مثبت توڙي منفي دليل ۽ ثبوت پيش ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت تقرير ڪرڻ ۽ عدالت ۾ جرح ڪرڻ هڪ علمي فن جي حيثيت حاصل ڪئي ۽ فن خطابت سکڻ لاءِ ڪيترا مدرسا قائم ٿي ويا.
سندن خيال ۾ ذاتي پسند يا ناپسند، خوشي ۽ غم پڻ سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق معلوم ڪرڻ جا وسيلا آهن. هر انسان کي پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ سوچڻ گهرجي. اخلاق ۽ نيڪيءَ لاءِ ڪو خاص معيار مقرر ڪري نٿو سگهجي. نور، اخلاق ۽ نيڪي به اضافي شيون آهن.مذهب اهڙن شخصن جو پيدا ڪيل آهي، جيڪي الهامي علم ۽ عمل جي دعويٰ ڪن ٿا. قانون ۽ انصاف ڪمزور ۽ اٻوجهه طبقي کي ڦاسائڻ جو هڪ ڍنگ آهي. روايتن کي ڪو به جواز ۽ بنياد نه آهي ۽ ڪنهن به شيءِ بابت سچو علم حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي.
سافسٽ ۽ عام رواجي مسلمان متڪلمين جي وچ ۾ گهڻيون ڳالهيون هڪجهڙيون ملن ٿيون.
سافسٽن جي علم حاصل ڪرڻ جي مراد سچ ۽ حق کي ڳولي لهڻ نه پر سندن مول مقصد اهو هوندو هو، ته پنهنجي مخالف کي بحث ۾ هارائجي ۽ پڙهي ڪو سٺو روزگار يا وڏي نوڪري حاصل ڪجي.
انهن اوڻائين هوندي به منجهن ڪيترائي وڏا عالم، مبلغ ۽ مفڪر پيدا ٿيا. يونان ۽ يورپ اخلاقيات جي وڏي ۾ وڏي معلم ۽ مفڪر سقراط به سافسٽس جهڙي دليل بازيءَ جو طريقو اختيار ڪيو هو پر سندس مقصد سافسٽس وانگر مخالفن کي مات ڏيڻ نه پر خيال جي صحيح حقيقت کي ڄاڻڻ هوندو هو.
هڪ اسپيني مسلمان عالم، سافسٽ اهڙي شخص کي سڏي ٿو جيڪو علم کي غير حقيقي يا اضافي سمجهندو هجي.
پروٽاگورس، پروڊيڪس، جارجياس، هيپاس مشهور سافسٽ عالم ٿي. گذريا آهن. هي عالم خاص طور تي خطابت ۽ گرامر جا استاد هوندا هئا. سندن خيال موجب جيڪا ڳالهه هڪڙي ماڻهوءَ لاءِ سچ هجي، اها ٻئي لاءِ ڪوڙي ٿي سگهي ٿي. هر انسان پنهنجي لاءِ ڪوڙ يا سچ جو معيار مقرر ڪري ٿو. انسان پاڻ هر شيءِ جو ٺاهيندڙ آهي.
هيپاس وري هن خيال جو پرچار ڪندو هو ته ساري دنيا جا عالم، عاقل ۽ نيڪ انسان خواه دنيا جي ڪنهن به ملڪ يا قوم سان تعلق رکندا هجن، هڪجهڙو ۽ ساڳيو طبعي ميلان رکن ٿا. ان ڪري کين هڪ طبقو يا ڌار رياست سمجهڻ گهرجي. هي دارا اعظم وانگر سچ کي وڏي ۾ وڏي نيڪي سمجهندا هئا. هو هر قوم ۽ ملڪ جي هر قانون م نيڪي، سچ ۽ حق جو پرتو ڏسندا هئا، جيڪو سندن تمدن جو بنياد ٿئي ٿو.
گارگياس جو قول آهي ته هر دؤر ۽ هر سماج کي سچ لاءِ پنهنجو مخصوص خيال هوندو آهي، جيڪو ان وقت ۽ سماج جي حالتن مطابق هوندو آهي.