پلوٽينس
نوافلاطونيت جو پايو وجهندڙ هڪ مصري قبطي پلوٽينس هو، جيڪو 205ع ۾ ليڪا پلس ڳوٺ ۾ ڄائو. هو 27 سالن جي ڄمار ۾ امونس ساڪاس جو شاگرد ٿيو ۽ 11 ورهيه سندس صحبت ۽ شاگرديءَ ۾ رهيو. هو مشرقي علم جي حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ رومن شهنشاهه گورڊين جي فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو.هيءَ فوج ايران کي فتح ڪرڻ لاءِ وڃي رهي هئي پر ناڪام ٿي. آخرڪار هو علم جي شوق ۾ 243ع ۾ روم ۾ وڃي رهيو ۽ باقي حياتي فلسفي جي اڀياس ۽ درس ڏيڻ ۾ گذاريائين.
پلوٽينس هڪ وڏي عالم ۽ اثر واري انسان هجڻ جي باوجود صوفياڻي سڀاءُ جو مالڪ ۽ درويش صفت انسان هو. سندس عادتون ساديون، تندرستي نازڪ ۽ طبيعت شرميلي هئي. هو هڪ ڪامياب استاد سان گڏ هڪ وڏو مفڪر به هو. سندس نظريو ۽ تعليم، ان وقت جي روم ۾ رائج نظريي ۽ فڪر جي خلاف هئا. سندس خيال موجب انسان ادراڪ وسيلي عروج حاصل ڪري، الله تعاليٰ جي معرفت جو علم حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي وحدت ۾ سموري ظهور کي سمائي رکي سگهي ٿو. ان ڪري سڀ ظهور سندس ذات مان پيدا ٿيل آهي، ان ڪري سموري وجود جو، جيڪو ظاهري طرح ٻن طرحن سان ظهور ۾ ايندو نظر اچي ٿو، حقيقت ۾ سندن سرچشمو ۽ مبدا هڪ آهي. الله تعاليٰ جي ذات هڪ وحدت آهي جيڪا ڪثرت کان بالاتر آهي.
چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس نظريو حقيقت ۾ اپنشيد جي Transeentatism جي نظريي (يعني شيءِ اها ناهي جيڪا اسين ڏسون ٿا) مان اخذ ڪيل آهي. هي نظريو هن اسڪندريه ۾ رهندي سکيو هو.
هن دؤر ۾ هند (سنڌ) ۽ مصر جو پاڻ ۾ سڌو لاڳاپو هو.
سندس شاگرد ’مالڪوس‘ سندس مضمونن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ آندو هو. مالڪوس اصل ۾ هڪ شامي عرب هو. جيڪو ’پورفيروس‘ جي يوناني نالي سان مشهور ٿي ويو، سندس ڪتاب جو نالو Enneads آهي.
مالڪوس پورفيس 233ع ۾ ٽراءِ ۾ پيدا ٿيو، هن عيسائيت جي به خلاف ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ هن عيسائيت تي الزام هنيو ته هو سندس استاد جي خيالن کي غلط رنگ ۾ پيش ڪن ٿا ۽ ڄاڻي واڻي سندس مضمونن ۾ غلط ڳالهيون ملايون اٿن.
مسعوديءَ جي لکڻ موجب: هن دؤر ۾ فلسفي جو مرڪز اٿينس مان کڄي روم هليو ويو. هي روم جي شهنشاهه آگسٽس جو دؤر هو. ٿيوڊورس جي دؤر حڪومت ۾ روم سان گڏ اسڪندريه به فلسفي جو ٻيو مرڪز ٿي پيو هو.
ٿيوڊورس اول کي اعظم جو لقب ڏنو ويو آهي. هو 346ع ۾ پيدا ٿيو ۽ 395ع ۾ فوت ٿيو، هو 329ع ۾ مشرقي روم جو شهنشاهه ٿيو، هن گوٿن کي شڪست ڏيئي ساڻن ٺاهه ڪيو، هن سلطنت جي مغربي حصي تي به قبضو ڪيو ۽ 394ع ۾ سموري پراڻي رومن سلطنت جو شهنشاهه ٿيو.
هيءُ بادشاهه ڪٽر مذهبي خيالن جو انسان هو، هن اجاين نظرين کي ختم ڪري ڇڏيو. سندس موت بعد رومن سلطنت جو زوال شروع ٿي ويو، هن جي موت بعد وحشي قبيلن روم تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا. ان ڪري رومي سلطنت آهستي آهستي ختم ٿيڻ شروع ٿي ۽ يورپ ۾ نيون بادشاهتون پيدا ٿيون.
ٿيوڊورس جي ايامڪاريءَ ۾ جن نظرين کي رومي فلسفو سڏيو وڃي ٿو، اهي حقيقت ۾ مشرقي هئا. روم ۽ اسڪندريه سان گڏ ترڪيءَ عراق، شام ۽ ايران ۾ فلسفي جا ڪيترا مرڪز اڀريا. جن مان انٽائچ، قيصريه، سلوڪيا، حران، نسيبس، ايڊسيا ۽ جند شهر (خراسان ايران ۾) مشهور ٿيا.
ٽين صديءَ کان ڇهين صدي عيسويءَ تائين خالص فلسفي تي مذهب ۽ علم الڪلام جو رنگ چڙهندو ويو. ان وچ ۾ سياسي ضرورتن ۽ مصلحتن جي ڪري عيسائيت رومن سلطنت جو ۽ زردشتي مذهب ايراني سلطنتن جا سرڪاري مذهب مقرر ڪيا ويا. ڇهين صدي عيسويءَ ۾ نوافلاطونيت جو نظريو بلڪل ختم ٿي ويو جيڪو اڳتي هلي، گهڻي وقت بعد مختلف صورتون وٺي عيسائي ۽ اسلامي تصوف جي صورت ۾ ظاهر ٿيو.
نوافلاطونيت جا مکيه موضوع هي آهن:
1-الله تعاليٰ جي ذات
2-باطني ڪائنات
3-حواس يا احساس جي دنيا
4-نفس
5-انساني روح جي لافاني هجڻ جو مسئلو
6-اخلاقيات
7-جمال ۽ مشاهدو
الله تعاليٰ جي ذات هڪ آهي. عرب جي جاهليت واري دؤر وانگر نوافلاطونيت ۾ ستارن، فطرت، زمين، ديون، ديوتائن، (جن جو احترام ڪرڻ فرض آهي) ۽ الله تعاليٰ جي وحدت کي مٿرا جي مذهب وانگر ۽ مسيح عه جي تثليث وسيلي ظهور جي فلسفي جي سمجهاڻي ڏني ويندي هئي.
عيسائين جي تثليث جي نظريي ۽ نوافلاطونيت جي وچ ۾ فقط صفات ۽ شخصيتن جو فرق آهي.
عيسائي ٽن شخصيتن کي گڏي هڪ شخصيت ڪري مڃين ٿا، نوافلاطوني وري هڪ غير شخصي کي مڃيندڙ هئا، جن جي اعتقادن جو مجموعو هيءُ هو ته الله تعاليٰ جي ذات بي چون، بي مثل، صفات کان پاڪ، نيڪي، بدي ۽ حياتيءَ کان پاڪ غير متحرڪ آهي. جنهن ۾ نه واڌ اچي ٿي ۽ نه گهٽتائي، ان هوندي به هو وجود جو سرچشمو ۽ مبدا آهي جيئن قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته،
”هر گهڙي، هو هڪ ئي حالت ۾ آهي.“
سندس نور هر هنڌ موجود آهي ۽ هر شئيءَ ۾ سندس عڪس آهي، فرق فقط سندس عڪس جي مختلف درجن جي ڪري محسوس ٿئي ٿو. هر هيٺين قسم جي شيءِ تي مٿين شيءَ جي مقابلي ۾ گهٽ عڪس، پيل آهي. جيڪو مٿين کان عڪس وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سندس مرڪز هر هنڌ موجود آهي پر سندس گهيري جو انت نظر نٿو اچي. کيس ڪو به ارادو ۽ خواهش نه آهي پر کيس هر شئيءَ جو اڳ ۾ ئي علم حاصل آهي.اهڙيءَ حالت کي اصطلاحي طور تي جاڳڻ يا سجاڳي چئي سگهجي ٿو. جيئن قرآن مجيد ۾ به فرمايو ويو آهي ته:
”الله تعاليٰ اهو آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به معبود نه آهي، جيڪو سدائين جيئرو ۽ سدائين قائم آهي، جنهن کي ڪڏهن به خمار نه ٿيندو ۽ نه کيس ننڊ ايندي.“
سندس پهريون ظهور نوس يا عقل ڪل آهي. سندس مڪمل عڪس ۽ هن وانگر پنهنجو پاڻ موجود هجڻ، ازلي، ابدي، لافاني ۽ مڪمل آهي. هو پنهنجي وجود کان پاڻ باخبر آهي. سندس هي عڪس، علم نفس، نفس ڪل، حياتيءَ جي غير مادي اصول ۽ عقل ڪل ۽ عالم شهود جو وچ وارو درجو آهي.نوس جنهن کي نوس روشني ڏئي ٿو ۽ ساري فطرت کي روشن ڪري ٿو. منجهس مادي سان گڏجڻ جي اهليت آهي، ان ڪري ڪائنات ۾ حياتيءَ جو سڌو (بلاواسطه) ۽ اڻ سڌو (بلواسطه) سبب آهي. اهڙيءَ ريت ذات باري تعاليٰ، عقل ڪل ۽ روح گڏجي هڪ ٽڪنڊو ٺاهين ٿا، جن جي گڏجڻ سان نوافلاطوني خيال موجب هڪ وحدت ٺهي ٿي.