فلسفي جي ڪتابن جا ترجما
هن دؤر ۾ مختلف موضوعن تي ڪيترن يوناني ڪتابن جا پهلوي زبان ۾ ترجما ڪيا ويا. نوشيروان جي درٻار جو مکيه عالم ماراباس هو، جنهن فلسفي جي ڪيترن ڪتابن تي شرحون لکيون آهن. سندس مناجاتون ان وقت ۾ مقبول هيون ۽ هينئر به نسطوري فرقي جي حلقن ۾ مقبول آهن. پال نالي هڪ ايراني عيسائي فلسفي ۽ ديني علوم جو مشهور عالم ٿي گذريو آهي. هن ارسطوءَ جي منطق تي هڪ شرح به لکي هئي. کيس ايران جو بشپ مقرر ڪيو ويو هو. 535ع ۾ فوت ٿي ويو. خسرو نوشيروان هن جو وڏو سرپرست هو. هن جي ڪتابن مان ان وقت جي مذهبي حالت جي خبر پوي ٿي، جنهن بابت هن گهڻو ڪجهه لکيو آهي.
هو لکي ٿو ته ”موجوده دؤر ۾ مذهبي افراتفري آهي، ڪو به اصول يا فسلفو مقرر ٿي نه سگهيو آهي. ڪي ماڻهو الله تعاليٰ جي توحيد ۾ ايمان رکن ٿا ۽ ڪي مشرڪ آهن يعني هڪ کان وڌيڪ ديوتائن کي مڃين ٿا. ڪن جي خيال موجب الله تعاليٰ جي صفات ۾ اختلاف ۽ تضاد موجود آهي. ڪن جو وري خيال آهي ته سندس صفات ۾ ڪو به اختلاف موجود نه آهي. ڪي سندس ذات باريءَ کي هر قوت جو مالڪ سمجهن ٿا. ڪي وري ڪيترين شين تي اختيار کي نٿا مڃين. ڪي چون ٿا ته هيءَ ڪائنات مخلوق آهي. ڪي وري مڃين ٿا ته سموريون شيون مخلوق نه آهن. ڪي چون ٿا ته الله تعاليٰ اڳ ۾ موجود مادي مان هن ڪائنات کي پيدا ڪيو ۽ ڪي ان جي موجودگي کان انڪار ڪن ٿا يعني عالمن جي خيالن ۾ ڪو به استحڪام پيدا نه ٿي سگهيو آهي.“
نبيﷺ جي ڪيترن همعصر غير مسلم عالمن مان حارث بن ڪلده ۽ سندس پٽ نذر جندشاپور جي ڪاليج ۾ طب ۽ فلسفي جي تعليم پرائي هئي. ٻئي پيءُ پٽ ايراني تهذيب جا مداح هئا. نذر کي ڪيترن ايراني سورمن جا قصا ياد هئا، جيڪي هو مڪي جي قريشين کي ٻڌائيندو هو. نذر بن حارث نبيﷺ جي تعليم جو ڪٽر مخالف هو. هو ماڻهن کي چوندو هو ته قران مجيد ۾ ذڪر ڪيل عاد ۽ ثمود جي قصن تي ڪو به ڌيان نه ڏين پر هنن جي جاءِ تي ايراني سورمن رستم اسفند يار جي قصن کي ترجيح ڏين. عاد ۽ثمود الله تعاليٰ جا عتابيل قبيلا آهن ان ڪري ڪنهن به توجهه ۽ شهرت جا لائق نه آهن.
نبيﷺ جي دؤر حياتيءَ ۾ مڪي ۾ ٻه جماعتون هيون. هڪڙي ايراني تهذيب ۽ زردشتي مذهب جي فائدي ۾ هئي ۽ ٻي رومن تهذيب ۽ عيسائيت جي فائدي ۾ هئي. ساڳيو نذر بن حارث بدر جي جنگ ۾ علي بن ابي طالب جي هٿان وڙهندي مارجي ويو.
اهڙا اهڃاڻ به ملن ٿا ته نبيﷺ شام جي عيسائي راهبن جو مواقف هو ۽ کين جندشاپور جي عالمن جي به ڄاڻ هئي. علي ابن ابي طالب پنهنجي خطبن ۾ ڪيترن خلص فلسفي جي نقطن ڏانهن اشارا ڪيا آهن. سن 40 هجري تائين صحابه اڪرام يا ته فتوحات ۾ مشغول رهيا يا خانه جنگيءَ ۾، ان ڪري جڏهن نواُميه خلفي عبدالملڪ سمورن مخالفن کي شڪست ڏيئي سلطنت ۾ سياسي استحڪام پيدا ڪيو ته هن عربي زبان کي سرڪاري زبان قرار ڏنو. سندس دور خلاف کي اسلامي علوم ۽ فنون جي سچي شروعات شمار ڪري سگهجي ٿو. اهو عروج ۽ واڌارو عباسي خليفن جي دؤر خلافت تائين قائم رهيو. غير مسلمان عالم به فردي طور تي پنهنجي نظرين، عقيدن ۽ علم جي تبليغ ۽ توسيع ڪندا رهيا. سندن مدرسا شام، مصر، ايران ۽ عراق ۾ ڪم ڪندا رهيا جن عباسين جي زوال واري دؤر ۾ وري زور وٺڻ شروع ڪيو. ان ڪري هي چوڻ ته اسلامي علوم ڪنهن نئين تحريڪ جو نتيجو هئا، سراسر غلط ٿيندو. صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته عرب خليفن جي علم دوستيءَ جي جذبي ۽ سرپرستيءَ انهن هلندڙ علمي تحريڪن کي وڌيڪ تقويت ڏني، جيڪا کين رومي ۽ ايراني سلطنتن جي دؤر ۾ ڪڏهن به نصيب نه ٿي هئي. فرق فقط هي ٿيو ته پهلوي، يوناني، قبطي ۽ سرياني زبانن ۾ موجود خزانا عربي زبان ۾ آندا ويا. ان ڪري عربي زبان فقط ادبي زبانن ۾ موجود خزانا عربي زبان ۾ آندا ويا. ان ڪري عربي زبان فقط ادبي زبان مان ڦري هڪ سائنسي ۽ فلسفي جي ٻولي بنجي ويئي. سندس هيءَ حيثيت سمورن اسلامي ملڪن ۾ 19 صديءَ جي آخر تائين قائم رهي. جيڪڏهن اسين چئون ته هينئر به عربي زبان کي هر اسلامي ملڪ ۾ اهم حيثيت حاصل آهي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.
منصور کان مامون تائين عباسي خلافت جي عرصي کي فلسفي، طب ۽ سائنسي جي ڪتابن کي عربيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو دؤر چئي سگهجي ٿو. هن دؤر ۾ موجود هر علمي مرڪز پنهنجي حيثيت آهر اسلامي تمدن جي توسيع ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جن مان ايران جو جند شاپور جو مکيه مرڪز به اسلامي حڪومت هيٺ وڌندو ويجهندو رهيو. ايران جي سياسي غلاميءَ جو مٿس ڪو به اثر نه پيو هو. شام ۾ حرات ۽ دمشق، مصر ۾ اسڪندريه، عراق ۾ بصره ۽ ڪوفو، عرب ۾ مڪو ۽ مدينو اسلامي علوم جا مکيه مرڪز بنجي پيا. بصره ۽ ڪوفي عربي زبان، ادب ۽ مذهب جا وڏا عالم، ۽ مديني وڏا محدث پيدا ڪيا آهن. غير مسلمان عالمن مان عرب جي صابين، شام ۽ عراق جي عيسائين (جن جي علمي زبان سرياني هئي) سرياني ڪتابن جو عربيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ ۾ وڏو هم ڪردار ادا ڪيو آهي. هي عالم سرياني زبان سان گڏ عربي زبان جا به وڏا اهل زبان ۽ عالم هئا. ان ڪري کين سريانيءَ مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف ۽ دقت پيش نه آئي. ڪيترن عيسائي ۽ مجوس عالمن اسلام قبول ڪيو. هنن عالمن به سرياني ۽ پهلوي زبانن جي ڪتابن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو. انهن ۾ اوائلي دؤر جو مشهور عالم ۽ مترجم ابن المقفه هو، جيڪو پهلويءَ سان گڏ عربي زبان جي عالمي شهرت جو عالم ٿي گذريو آهي. هن اصل هنديءَ جي مشهور ڪتاب ‘ڪليله و دمنه’ جو پهلويءَ مان عربي زبان ۾ ترجمو ڪيو. سندس هندي نالو پنج تنترا هو، جنهن جو خسرو نوشيروان اول جي همعصر عالم برزويا هنديءَ مان پهلويءَ ۾ ترجمو ڪيو هو. گالين، هپوڪريٽس، افلاطون، ارسطو، آڪميڊيز، اپولونيوس ۽ نوافلاطون عالمن جي ڪتابن جا ترجمال اسلام کان گهڻو اڳ ۾ سرياني ۽ پهلوي زبانن ۾ ٿي چڪا هئا، جن مان کين ترجمو ڪري عربيءَ ۾ آندو ويو هو.