ابن طفيل:
ابوبڪر محمد جيڪو ابن طفيل جي ڪنيت سان مشهور آهي، غرناطه جي ڀرسان ‘وادش’ نالي ڳوٺ ۾ سن 1100ع ۾ ڄائو ۽ 1185ع ۾ موراڪو ۾ فوت ٿي ويو.
هو هڪ عظيم فيلسوف، ماهر رياضيدارن، طبيب ۽ شاهر هو، سندس ڪتاب ‘حيٰ بن يقضان’ يعني ‘جيئرو پٽ سجاڳ جو’ عالمي شهرت رکندڙ هڪ عظيم ڪتاب آهي.
هن ڪتاب ۾ فاضل مصنف، فلسفي ۽ تصوف جي نظرين کي هڪ آکاڻيءَ جي روپ ڏيئي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڪتاب ۾ اديب جو مقصد هي آهي ته هن ڳالهه کي ثابت ڪيو وڃي ته جنهن انسان ۾ عقل ۽ قدرتي شين جي مشاهدي ۽ تحقيق ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، اهو هڪ مڪمل ۽ سڦلي حياتي گذار ٿو. ۽ کيس ڪنهن به روحاني مرشد يا الهامي ڪتابن جي مدد وٺڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. اهڙو مڪمل انسان پنهنجي ويچارن، تفڪرن ۽ زهد وسيلي هر قسم جي فلسفي جا راز وڏي آسانيءَ سان ڳولي سگهي ٿو. سندس آکاڻي جو اختصار هي آهي ته هڪڙو نينگر ڪنهن ٻيٽ تي اڪيلو رهجي وڃي ٿو. هو هڪ هرڻي جي کير تي پلجي جوان ٿئي ٿو. جڏهن هو بالغ ٿئي ٿو ته کيس هي چاهنا پيدا ٿئي ٿي ته هو هر انهيءَ ڳالهه جي کوجنا ۽ تحقيق ڪري، جيڪي کيس سمجهه ۾ نه ايندي هجي. هن پنهنجي منهن تحقيقات ڪندي هي راز معلوم ڪيو ته حيوانن کي قدرت سردي گرميءَ کان بچاءُ لاءِ مناسب وار، هڪ ٿلهي کل ۽ بچاءُ لاءِ چنبا، ڏند ۽ کر عطا ڪيا آهن پر انسان کي حيوان جي مقابلي ۾ اگهاڙو ۽ بيوس پيدا ڪيو آهي. ان ڪري انسان پهريائين پنن، ان بعد مئل جانورن جي کلن سان پاڻ کي گرمي سردي کان بچائڻ لاءِ ڍڪيو. هن وڻ جي ٽاري ڀڃي، ڏنڊو ٺاهي، ان سان حملو ڪندڙ جانورن سان مقابلو ڪيو. کيس آهستي آهستي ٻيون انساني ضرورتون پيش اينديون ويون، جن جي پورائي ڪرڻ لاءِ هن باهه کي محفوظ ڪيو. جانور قبضي ۾ ڪري انهن کي پالي نپائي وفادار بنائي، سندن پشم ۽ کلن مان ڪپڙا ٺاهي پائي ٿو ۽ ڪپڙي اڻڻ جو هنر ايجاد ڪري ٿو. آخرڪار پنهنجي هڪ جهوپڙي ٺاهي ٿو جيڪو سندس گهر آهي، جنهن ۾ هو سردي گرمي ۽ جانورن کان محفوظ رهي ٿو. سندس ماءُ هرڻي، پوڙهي ٿي وڃي ٿي. سندس انساني دل هرڻيءَ جي موت جي سبب کي ڳولڻ لاءِ حيران ۽پريشان ٿئي ٿي. هو هرڻيءَ جي مئل جسم کي چيري ٿو ۽ هر عضوي کي ڌار ڌار ڪري جا چي ڏسي ٿو. آخرڪار هو هن نتيجي تي پهچي ٿو ته دل ساري جسم جو مرڪز آهي.
هن تجربي ۽ دريافت کان پوءِ هو جمادات، نباتات ۽ ٻيٽ تي رهندڙ جانورن جو مطالعو ڪري ٿو، جنهن کانپوءِ هو هوائن، ڏينهن رات، موسمن، مينهن ۽ ڪڪرن جو مطالعو ڪري ٿو ۽ آخرڪار هن ڪائنات جي ڪثرت ۾ وحدت کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن ڪوشش دوران هو آخرڪار هن نتيجي تي پهچي ٿو ته هن ڪثرت جي پويان ڪا لڪل وحدت ضرور موجود آهي، جيڪا بي انتها قوت جي مالڪ، اڪيلي، بي مثال، خالص ۽ پاڪ آهي. هيءَ وحدت ايتري ته جامع آهي جو ان کي ورهائي نٿو سگهجي.
هو هن لڪل طاقت کي سبب اول يا ڪائنات جي خالق جي نالي سان سڏي ٿو.
ان کان پوءِ هو خود پنهنجي وجود تي غور ۽ فڪر ڪري ٿو. اهو راز جنهن جي وسيلي کيس ايترو علم ۽ ڄاڻ حاصل ٿي آهي، هن جي (Objective) تحقيقات ڦري فعالي تفڪر ٿيو پوي ٿي. هن کي سادن عنصرن يا جوهرن جي خبر پئجي وڃي ٿي. سندن مرڪب ٿي پوڻ جو راز به کيس معلوم ٿي وڃي ٿو. ان کان پوءِ کيس مادي، تصور، شڪل ۽ ان بعد روح ۾ ابديت جي خبر پوي ٿي.
هو هڪ نهر کي چشمي مان نڪري، نديءَ جي شڪل ۾ وهندو ڏسي ٿو. انهيءَ مان کيس خبر پئجي وڃي ٿي ته انسان ذات جو به هن نهر وانگر هڪ سرچشمو، مبدا يا منبع ضرور هوندو. ان کان پوءِ هو ستارن جي گردش، آسمانن، سج ۽چنڊ جي اُڀرڻ، لهڻ ۽ سندن زمين تي اثرن جو اڀياس ڪري ٿو. خود پنهنجي عملن جي حد مقرر ڪري ٿو. هو جانورن تي رحم ڪري، کين مارڻ بند ڪري ٿو. هو جانورن جي گوشت بدران ميوي ۽ ڀاڄيءَ کي کائي پيٽ ڀري ٿو. هو تمام ضروري ۽ لاچاري حالت ۾ گوشت کائي ٿو.
هو هڪ طبيعات جي عالم مان ڦري هڪ سالڪ ۽ فيلسوف ٿي پوي ٿو. هو منطقي استدلال ۽ تجربن کي ڇڏي روحاني تفڪر ۾ غرق ٿي وڃي ٿو ته کيس معلوم ٿو ٿئي ته هيءُ ڪائنات هڪ عظيم قوت آهي، جيڪا الله تعاليٰ جي ذات جو عڪس يا پرتو آهي. هو وجد ۾ اچڻ بعد هڪ روحاني خوشي محسوس ڪري ٿو، ابن طفيل سندس نالو ‘حي’ يعني جيئرو خان رکيو آهي.
هڪ دفعي اتفاق سان ڀر واري ٻيٽ تان هڪ مسافر جنهن جو نالو ‘اصل’ آهي سندس ٻيٽ ۾ اچي لهي ٿو ۽ کيس ملي وڃي ٿو. ‘اصل’ کيس زبان، منطق يا ڳالهائڻ جو فن سيکاري ٿو. هو جڏهن پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن ٿا ته کين معلوم ٿو ٿئي ته ٻئي ڄڻا هڪ جيترو ۽ هڪ جهڙو علم رکن ٿا. ‘حي’ وارو انسان قدرت جو شاگرد آهي ۽ ‘اصل’ جو استاد هڪ فيلسوف عالم آهي ۽ هو ڪنهن مشهور مذهب جو مڃيندڙ آهي پر ان هوندي به سندس فيصلن ۽ نتيجن ۾ ڪو به فرق نه آهي.
هن آکاڻيءَ جي بيان ڪرڻ مان مصنف جو مطلب آهي ته انسان فطري طرح ترقي پسند حيوان آهي، جيڪو پنهنجي ذهني ڪوششن ۽ اندروني روشنيءَ وسيلي بنا ڪنهن الهامي مدد جي، نجات حاصل ڪري سگهي ٿو.
سندس خيال موجب سمورن مذهبن، نظرين، فلسفي ۽ الهام جو بنياد، انساني تجربو ۽ علم پرائڻ جي چاهت تي ٻڌل آهي ۽ اها تڙپ فطرت جو مطالعو ۽مشاهدو ڪرڻ سان ۽ پاڪ زندگي گذارڻ سان حاصل ئي ٿي.
ابوهريره جي بيان ڪيل حديث موجب نبيﷺ پاڻ فرمايو آهي ته هر نئون ڄاول ٻار اسلام تي پيدا ٿئي ٿو پر سندس والدين کيس پنهنجي دين تي آڻين ٿا ۽ پنهنجي ذاتي پسند، معاشري جي ڍنگ ۽ پنهنجي مذهب جي اصولن مطابق سندس پرورش ڪن ٿا. نبيﷺ پنهنجي قول يا حديث جي تائيد ۾ قرآن مجيد جي هيٺين آيت پڙهڻ فرمائي:
”پوءِ پنهنجا منهن سچ واري مذهب ڏانهن ڦيرايو، سچ کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي، جنهن ۾ هن انسان کي پيدا ڪيو ۽ توهان الله تعاليٰ جي تخليق ۾ ڪا به ڦير گهير نه ڏسندا.“
هن آيت جو مطلب آهي ته ڪو به شخص جنهن کي سالم عقل عطا ڪيل آهي، جنهن جي وسيلي پنهنجي هن حياتيءَ ڏانهن وٺي ويندو.
هن آکاڻيءَ ۾ ابن طفيل وڌيڪ هيءَ ڳالهه به ثابت ڪئي ته فلسفي، مذهب ۽ ساڻس جي وچ ۾ ڪو به اختلاف يا تضاد يا دشمني نه آهي. سندن مقصد هڪ ۽ ساڳيو آهي ۽ اهي پاڻ ۾ وڏي مطابقت رکن ٿا.