سقراط:
سقراط جي پيدا ٿيڻ ۽ شهرت حاصل ڪرڻ سان يونان ۾ سافسٽ تحريڪ ختم ٿي ويئي يا ٻين لفظن ۾ ان هڪ نئون موڙ، صورت ۽ شڪل اختيار ڪئي. سقراط اخلاقيات جو عالمي شهرت رکندڙ فيلسوف ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي ڪا به تصنيف نه ڇڏي آهي پر سندس شاگردن سندس قول گڏ ڪري لکي محفوظ ڪري ڇڏيا جيڪي اڄ به اصلي صورت ۽ لفظن ۾ موجود آهن.
سقراط 469 ق م ۾ پيدا ٿيو. هو ايران جي خلاف سلاميءَ جي جنگ ۾ يونان جي پاران وڙهيو. سندس بهادريءَ ۽ جنگي فن، پيشيور سپاهين کان وڌيڪ هو.
سقراط تي هن ڏوهه ۾ ڪيس هلايو ويو، ته يونان جي سرڪاري مذهب ۽ ديوتائن کي مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ پنهنجي خطابت ۽دليل بازيءَ وسيلي نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. کيس زهر پي مري وڃڻ جي سزا ڏني ويئي. هن وڏي همت ۽ دليريءَ سان سزا قبول ڪئي ۽ 399 ق-م ۾ زهر پي مري ويو.
جيڪڏهن سقراط لاءِ سندس شاگردن ۽ دوستن وٽان پهتل احوال سچو آهي ته اسين بنا ڪنهن هٻڪ جي چئي سگهون ٿا ته سقراط بيشڪ يونان جو وڏي ۾ وڏو فيلسوف ٿي گذريو آهي ۽ يورپي تهذيب يونان جي امامت کي قبول ڪندي، سندس تهذيب کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن سنوارڻ لاءِ ۽ اقتدار اعليٰ جي قيام لاءِ هڪ نمونو ڪري ورتو آهي ته پوءِ هيءُ چوڻ هر حالت ۾ سچو ٿيندو ته سقراط سموري يورپي تهذيب جو وڏي ۾ وڏو مفڪر ۽ فيلسوف ٿي گذريو آهي.
سندس ملڪي قانون سان اختلاف هوندي وفاداري ۽ موت جي منهن ۾ جرئت ۽ ثابت قدميءَ کيس ايشيا جي نبين خاص طور تي گوتم ۽ عيسيٰ جو مٽ بنائي ڇڏيو آهي. اهڙي شخص جو هڪ جاهل ۽ ظالم معاشري جي غلط قانون تان قربان ٿي وڃڻ جو ڪارنامود دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهي. سقراط پنهنجي قول ۽ فعل جو ڌڻي هو. اهڙي باڪمال ۽ اصول پرست شخصيت انساني جرئت ۽ عقلمنديءَ جو لاجواب شاهڪار آهي، جنهن تي دنيا جو فخر ڪرڻ جائز آهي.
سافسٽ هر معاملي تي بحث ڪندا هئا پر سقراط سچ کي ڳولي لهڻ لاءِ پيش ڪيل مقدمي تي عارضي طور تي متفق ٿي، ان جي هر پهلوءَ تي بحث ڪندي سندن اوڻايون به ڳولي لهندو هو.
سندس نظر ۾ علم جو مقصد نه فقط طاقت ۽ ان جي وسيلي اقتدار ۽ شهرت تي قبضو ڪرڻ هو پر نيڪي ۽ سچ کي رائج ڪرڻ هو. سندس استدلال جو مقصد جو مقصد هيءُ هو ته معاشري ۾ عدل پيدا ٿئي. هو سچ کي ڳولي لهڻ لاءِ جرح ڪندو هو ۽ Inductive منطق کان ڪم وٺندو هو يعني ننڍي اهڃاڻ مان وڏي حقيقت کي پروڙي وٺندوهو. ان هوندي به هو ارسطوءَ وانگر محض منطقي نه هو پر سندس فيصلا ۽ نتيجا صحيح منطق تي ٻڌل هوندا هئا.
اخلاقيات سندس محبوب موضوع هو. سندس مشهور قول آهي ته ”انسان لاءِ فقط نيڪيءَ جو عمل ڪرڻ ڪافي نه آهي پر نيڪي جي خوبين کي محسوس ڪرڻ به بذات خود هڪ وڏي نيڪي آهي.“ سندس نظر ۾ نيڪي علم آهي ۽ بدي جهل آهي، ان ڪري هو نيڪ عملن ۽ علم کي هڪ ڪري سمجهندو هو.
هو جنگ جي ميدان تي هڪ بهادر سپاهي، سچو دوست، عظيم محب وطن ۽ ملڪي قانون جو پابند شهر واسي هو. سندس خيال هو ته نيڪي ۽ بديءَ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ضمير جهڙي ٻي ڪا به ڪسوٽي نه آهي. هو زردشت وانگر نيڪيءَ جو عاشق ۽ بديءَ جو ڪٽر دشمن هو. هو فردي خوشي ۽ خوشحاليءَ کي عوام جي خوشي ۽ خوشحاليءَ سان لاڳاپيل سمجهندو هو.