مثنوي
فريد الدين عطار کان اڳ ۾ صوفي شاعر سنائي ۽ عطار کان پوءِ مولانا جلال الدين رومي پيدا ٿيو. جلال الدين بن بهاءُ الدين 1207ع ۾ بلخ ۾ ڄائو. هو ابن العربي جو ننڍو همعصر هو. وقت جي بادشاهه جي ناراضگيءَ جي ڪري بها ءُ الدين بلخ ڇڏي عراق هليوويو ۽ مغلن جي حملي جي خوف کان عراق مان شام ڏانهن هجرت ڪري ويو. حج ڪرڻ بعد موٽي شام ۾ اچي رهيو. آخر ڪار لڏي ترڪيءَ جي شهر قونيا ۾ رهيو.
جلال الدين دينيات ۽ فلسفي جو وڏو عالم هو. هن پنهنجي مريدحسام الدين جي صلاح ڏيڻ تي مثنوي لکي. هي ڪتاب ڇهن جلدن ۾ آهي. ستين جلد جي تصنيف ۾ شڪ آهي ته، اهو سندس آهي يا نه؟! ”مثنوي) دنيا جي تصوف جي ادب ۾ وڏي ۾ وڏي شاعراڻي تصنيف آهي. مشرقي ادب ۾ مثنويءَ جي حيثيت تمام بلند آهي. هن ۾ 47 هزار مصرعا آهن جن ۾ آکاڻيون، قصا، اصطلاح ۽ مثال آهن، جن جي وسيلي روميءَ تصوف جي فلسفو سمجهايو آهي، هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد ۽ حديث جا به جام حوالا ڏنا ويا آهن.
مولانا روميءَ تصوف کي منطقي نموني سان صحيح ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن جا دليل مثالن جي صورت ۾ آهن جنهن ڪري دليل وڌيڪ واضح ٿيو پون ٿا ۽ سچ کي ڳولي لهڻ سولو ٿي پوي ٿو. سندس طرز خاص نموني جي آهي، ان ڪري هڪ عام رواهي علم وارو سندس علمي اونهائيءَ کي معلوم نه ڪري سگهندو.
رومي هڪڙي مسئلي کي سمجهائڻ لاءِ فلسفي، علم النفس ۽ تصوف جا ايترا گهڻا مثال پيش ڪري ٿو، جو خود موضوع گم ٿيو وڃي. ان ڪري پڙهندڙ بدحواسن ٿي مُنجهي پوي ٿو.
معمولي ۽ رواجي لفط کي غير معمولي معنيٰ ڏيڻ ته ڪو روميءَ کان سکي. ساڳئي لفظ کي فلسفي ۾ هڪڙيءَ، علم النفس ۾ ٻي، تصوف ۾ ٽين ۽ مذهب ۾ چوٿين معنيٰ ڏيئي ويندو آهي.
ساڳين لفظن جي وري وري اچڻ سندس معنيٰ ۾ واڌارو به ٿيندو رهي ٿو ۽ آخرڪار اهي لفظ معنيٰ ۽ مطلب جا ڀنڊار ٿيو پون. مثنويءَ ۾ بي انداز موضوعن تي ڳالهايو ويو آهي پر انهن مان مکيه هي آهن:
(1) روح يا نفس، (2) قلب يا دل، (3) شعور، (4) خواهشون، (5) حيواني نفس، (6) حواس، (7) دعا، (8) همدردي ۽ اقرار، (9) اطاعت ۽ رضا، (10) تڪلم، (11) صوفي ڪير آهي؟ (12) سخاوت، (13) انصاف ۽ عدل، (14) مرشد، (15) فنا ۽ بقا، (16) مشاهدو ۽ فڪر، (17) انس، (18) صبر، (19) قبر، (20) تسليم، (21) قدر ۽ قضا، (22) الله تعاليٰ ۾ ايمان ۽ ڀروسو، (23) صداقت، (24) خوف ۽ اميد، (25) اڪيلائي، ذڪر ۽ نفس کي مارڻ، (26) مراقبو، (27) غريبت ۽ ترڪ، (28) توبهه، (29) محبت ۽ عشق، (30) ايمان، (31) وحدت ۽ ، (32) علم وغيره.
رومي ءَ جي خيال ۾ محبت وڏي ۾ وڏي نيڪي آهي. جنهن جي وسيلي روحاني جذبا ڌوپي پاڪ ٿين ٿا ۽ الله تعاليٰ جو مشاهدو حاصل ٿئي ٿو. عبادتون ۽ مذهبي رسمون پنهنجي جاءِ تي ٺيڪ آهن پر معشوق جو ديرو ڪنهن مسجد، مندر ۽ ڪليسا ۾ نه آهي، معشوق جو ديروپاڪ دل ۾ آهي. پاڪائي ايمان ۽ عبادت مان حاصل ٿئي ٿي. بدي مخلوق ۾ آهي، خالق بديءَ کان پاڪ آهي. انسان جو وڏي ۾ وڏو ڪوڙو معبود سندس حيواني نفس آهي. انسان پنهنجي اندر جي بديءَ جو پاڇولو ٻين ۾ ڏسي ٿو ۽ پنهنجي اندر ۾ ويٺل آذر کي ڏسڻ بجاءِ هو ٻين جي بدين جي ڳڻپ ڪندو رهي ٿو. هو مڃي ٿو ته انسان ڪنهن حد تائين فعل المختيار آهي پر سندس اختيار الله تعاليٰ جي منشا ۽ ارادي جي تابع آهي. جيڪڏهن انساني ڪوتاهي سندس پنهنجي عملن جي ڪري نه هجي ها ته هوند هو ڪڏهن به شرمسار ۽ پشيمان نه ٿئي ها. ڪامل محبت ڪامل آزاديءَ جو ٻيو نالو آهي، جيڪا انساني ارادي کي الله تعاليٰ جي ارادي سان ملائي ٿي. مثنويءَ جو اهو حصو جنهن ۾ الله تعاليٰ جي وحدت ۽ محبت جو ذڪر ڪيل آهي پنهنجو مٽ پاڻ ۽ لاجواب آهي. ان جي ٻولي اهڙي ته وزندار آهي، جو ڄڻ ته وحي ڳالهائي رهيو آهي. سندس، پنهنجي خالق، دوستن، مريدن جي وصف ۾ ڪم آندل لفظ ۽ ٻولي، سندس سچي سڪ، محبت ۽ خلوص کي ظاهر ڪري ٿي.
مثنويءَ جو ڪيترين ايشيائي ۽ يورپي زبانن ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ڪيترين ٻولين ۾ مثنويءَ تي شرحون لکيون ويون آهن. سندس خيال ۽ نظريا ايتري قدر ته ڳوڙها ۽ اونها آهن، جو انهن تي اڃا به گهڻين شرحن لکڻ جي گنجائش موجود آهي. فقط انگريزي زبان ۾ مثنويءَ جي 3 مستند شرحون لکيون ويون آهن.
مثنويءَ تي شرح لکڻ هن ڪتاب جي مضمون کان ٻاهر جي ڳالهه آهي. ان هوندي به نموني خاطر تصوف بابت سندس چند نظرين تي لکجي ٿو.
مثنويءَ جي ابتدا نڙ جي واويلا ڪرڻ سان ڪئي ويئي آهي، جيڪو سر جي ٻوڙي کان ڪپجي ڌار ٿيو آهي ۽ وصل لاءِ رڙيون ڪري رهيو آهي.
هر شخص سندس ساخت ڏانهن ڏسي ٿو، مگر ڪو به سندس واويلا تي ڌيان نٿو ڌري. سندس آهه و زاري وصل لاءِ آهي. انسان به سوز ۽ عشق کان سواءِ هڪ ٽنڊي پکيءَ وانگر آهي. کيس وصل تڏهن نصيب ٿيندو، جڏهن هو پنهنجي دل جي آئيني کي خواهشن ۽ شهوتن جي ڪٽ کان صاف ڪندو. نفس حيوانيءَ جي تاديب جو مثال انهيءَ بادشاه جي عشق وانگر آهي، جيڪو ڪنهن ٻانهيءَ (نفس حيواني) تي عاشق ٿي پوي ٿو. اها ٻانهي پنهنجي دل ۾ هڪڙي نوجوان ڇوڪري (خواهش) تي عاشق آهي. ٻانهي بيمار ٿي پوي ٿي پر مٿس ڪا به ڦڪي (علاج) يا (عقلي استدلال) اثر نٿي ڪري. بادشاه هن جي صحتيابيءَ لاءِ الله تعاليٰ کان مدد گهري ٿو. (جنهن مان مراد آهي روحاني علم جيڪو الله تعاليٰ جو عطا ڪيل آهي). الله تعاليٰ بادشاه کي چوي ٿو ته ، ٻانهيءَ کي پنهنجي معشوق (خواهشن) سان ملايو وڃي. ائين ڪرڻ سان ٻانهي چاڪ ٿي پوي ٿي. ڇهن مهينن بعد حڪيم انهيءَ نوجوان کي اهڙي دوا پياري ٿو، جو هو بيمار ٿي پوي ٿو، جنهن ڪري سندس خوبصورتي ختم ٿي وڇي ٿي. ٻانهيءَ جي دل به بد صورت ڇوڪري تان کڄي وڃي ٿي. نوجوان مري وڃي ٿو، ٻانهي کيس وساري ويهي ٿي.
هن قصي مان روميءَ جي مراد آهي ته، نفس حيوانيءَ کي مارڻو نه آهي پر هن کي مادي شين جي بي ثباتيءَ تي فڪر ڪرائي، قبضي ۽ اعتدال ۾ رکڻو آهي. سندس خيال۾ عشق جا ٻه قسم آهن: (1) بي جان (مادي شين جو عشق ۽ (2) جاندار (روحاني) حقيقتن جو عشق.
مادي شيون فاني آهن. روحاني حقيقتون لازوال، باقي ۽ مڪمل آهن. انسان کي گهرجي ته باقي ۽ مڪمل شين سان پيار ڪري، انساني اعمال ٻن قسمن جا آهن: (1) اهي جيڪي الله تعاليٰ جي ارادي جي ڪري ظاهر ٿين ٿا ۽ (2) اهي جيڪي انساني ارادي جي ڪري ظاهر ٿين ٿا. پهرئين قسم جا اعمل جائز ۽ صحيح آهن. پوئين قسم جا ناجائز آهن.
حق جي ڳولا لاءِ مرشد يا گروءَ جي هجڻ لازمي آهي. هڪ سچي مرشد جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته، هو مخلوق جي ڀلائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو. ڪوڙو مرشد پنهنجي ڀلائي ۽ ڪوڙي تڪبر ۽ وڏائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سچي مرشد جي صحبت ۽ رهبريءَ مان اتحاد ۽ محبت پيدا ٿئي ٿي. ڪوڙي مرشد جي صحبت مان نفرت، تفريق ۽ تڪرار پيدا ٿئي ٿو. هن خيال جي وضاحت لاءِ رومي، هڪڙي يهودي بادشاه جو قصو بيان ڪري ٿو، جنهن جو وزير ظاهر ۾ عيسائي ۽ اندر ۾ يهودي ۽ عيسائين جو دشمن هو. هن اهڙو ڏيک رکيو جو سڀ کيس هڪ بزرگ انسان ۽ خدارسيده سمجهندا هئا. جڏهن خلق تي هن جو رعب ويهي رهيو ته هن منجهن تفرقو پيدا ڪرايو.
مولانا روميءَ هن آکاڻي مان گهڻا سبق سيکاريا آهن. الله تعاليٰ ۾ ڀروسي جي سمجهاڻي شينهن ۽ سهي واري ڳالهه مان سمجهائي ويئي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هر عمل نيڪ نيتيءَ سان پورو ڪرڻ بعد نتيجو الله تعاليٰ جي سپرد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن انسان کان خطا سرزد ٿئي ته کيس گهرجي ته پنهنجي غلطيءَ کي قبول ڪري. کيس پنهنجي خطا جو بار تقدير تي اڇلائڻ نه گهرجي، هيءَ وصف شيطان جي وصف آهي. شيطان به الله تعاليٰ کي چيو هو ته، ”اي رب تو مون کي برغلايو هو.“
فنا جي مقام کي سمجهائڻ لاءِ رومي طوطي جي آکاڻي بيان ڪئي آهي ته ڪيئن هڪ ايراني واپاري هڪ منڊي طوطي کي پڃري ۾ پاليو هو. جڏهن هو واپار جي سلسلي ۾ هندستان وڃڻ لاءِ اسهيو ته هن طوطي کان پڇيو ته سندس لاءِ ڪهڙي سوکڙي آڻي؟
طوطي کيس هندستان طوطن لاءِ پيغام ڏنو ته توهان جو هڪڙو طوطو ايران ۾ پڃري ۾ بند آهي ۽ توهان سان ملڻ ٿو گهري. واپاريءَ هندستان ۾ هڪڙي جهنگ ۾ طوطن جو ولر ڏٺو. هن کي پنهنجي طوطي وارو پيغام ياد اچي ويو. هن بيهي طوطن کي پيغام ڏنو. پيغام ٻڌڻ شرط هڪڙي طوطي کي ڏڪڻي وٺي ويئي ۽ ڦهه اچي پٽ تي ڪيائين ۽ مري ويو. واپاريءَ جو وات عجب ۾ پٽجي ويو. هن موٽي اچي هيءَ عجيب واردات طوطي کي ٻڌائي. طوطو به پڃري ۾ ڏڪي ڏڪي مري ويو. واپاريءَ کي ڏاڍو ڏک ٿيو. ٻي ڪا واهه نه ڏسي هن مئل طوطي کي پڃري مان ڪڍي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. طوطو اڏامي هليو ويو.
رومي ۽ ٻين صوفين وانگر هن ڳالهه جو قائل هو ته انساني ارادو الله تعاليٰ جي ارادي جي تابع آهي، جنهن لاءِ هن موسيٰ عه ۽ فرعون جو قصو بيان ڪيو آهي ته جيتوڻيڪ ٻئي هڪ ٻئي جا مخالف هئا پر ٻئي الله تعاليٰ جي ارادي جا تابع هئا. الله تعاليٰ جي ارادي جي تابع هجڻ جو مطلب هي نه آهي ته انسان پنهنجن اعمالن لاءِ جوابدار نه آهي. هن کي سزا ۽ جزا سندس جوابداريءَ جي حدن اندر ملندي.
صوفي فقر جو قائل آهي، جنهن جو مطلب آهي ته، جوهر جي صورت ۾ انسان کي ڪو به وجود نه آهي، ان ڪري جوهر کي وحدت لاءِ الله تعاليٰ وٽان وجود حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ مولانا رومي هيءَ آکاڻي ڏني آهي ته، ڪنهن شخص اچي دوست جي گهر جو دروازو کڙڪايو. دوست چيو، ”ڪير آهي؟“ هن چيو ته، ”آءُ آهيان!“ دوست در نه کوليو ۽ هو هليو ويو. هن وري ٻئي دفعي اچي دروازو کڙڪايو. ”ڪير آهين؟“ تي هن وراڻيو ته، ”تون آهين.“ دوست سندس لاءِ دروازو کوليو. اهڙيءَ طرح جيڪي انسان ڪنهن نيڪ مقصد لاءِ يا نيڪ انسانن جي مخالفت ڪن ٿا، اهي ڄڻ ته الله تعاليٰ جي مخالفت ڪن ٿا.
هڪ سچو دوست آئيني مثال آهي، جنهن ۾ انسان پنهنجو عڪس ڏسي ٿو. انسان جو هر عمل الله تعاليٰ جي خوشنوديءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ هجڻ گهرجي ۽ پنهنجي ذاتي خوشيءَ يا نفرت جي اظهار لاءِ نه هجي. علي ابن ابي طالب هڪڙي جنگ ۾ دشمن (ڪافر) کي دسي ڪهڻ تي هو ته، هن کي ٿُڪ هڻي ڪڍي. علي ابن ابي طالب کيس ڇڏي ڏنو، ڪافر عجب ۾ پئجي ويو ۽ کانئس سبب پڇيائين. علي ابن ابي طالب چيو ته: آءُ تو سان الله تعاليٰ جي راه ۾ وڙهي رهيو هوس يعني ذاتي لالچ کانسواءِ، تنهنجي ٿڪ هڻڻ تي مون کي ڪاوڙ آئي، ان ڪري جيڪڏهن آءُ تو کي ماريان ها ته اهو ذاتي ناراضگيءَ جو سبب ٿئي ها. آءُ پنهنجي فرض ۾ ڪوڙو ٿيان ٿا.
رومي به ٻين صوفين وانگر قلب کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. قلب هڪ غير مادي روشن جوهر آهي جيڪو حقيقي وجود کان گهٽ ۽ نفس حيوانيءَ کان اعليٰ آهي. باطني طور تي قلب جو منهن حقيقي وجود ڏانهن آهي. ظاهري طور تي سندس منهن نفس حيوانيءَ ڏانهن آهي. هن ۾ ٻئي کان روشني حاصل ڪرڻ ۽ ٻئي کي روشني ڏيڻ جي اهليت آهي.
رومي هن لاءِ قرآن مجيد جي آيت حوالي طور ڏني آهي ته:
”الله تعاليٰ زمين ۽ آسمانن جو نور آهي. جنهن جو مثال هي آهي ته، سندس نور هڪ جاري وانگر آهي جنهن تي هڪ بتي رکيل هجي. بتي هڪ شيشي ۾ پيل هجي ۽ اهو شيشو اهڙو آهي جهڙوڪر روشن ستارو جيڪو ڪنهن متبرڪ وڻ مان هجي، جيڪو نڪي مشرق جي طرف هجي ۽ نه مغرب جي طرف. تيل روشني ڏئي ٿو (ڄڻ ته ان کي روشن ڪيو ويو آهي) جنهن کي باهه نه ڇهيو هجي. هي آهي نور جي مٿان ٻيونور.“
هن آيت ۾ حقيقي نور کي روشن ستاري سان ڀيٽيو ويو آهي جنهن منجهان روشني چمڪي ٿي. نفس حيواني ڄڻ ٿيل آهي، جيڪو زندگيءَ جو بنيادي عنصر آهي، جنهن جي ڪري احساس جاڳن ٿا ۽ تحرڪ پيدا ٿئي ٿو ۽ بدن هڪ جاري وانگر آهي، جنهن ۾ بتي رکيل آهي.
جيئن سمنڊ ۾ ڇولين جي ڪري تحرڪ نظر اچي ٿو. ڇوليون سمنڊ آهن. ان ڪري سمنڊ ۽ ڇوليون هڪ وحدت آهن. اهڙيءَ ريت حقيقي وجود به هڪ وحدت آهي، جيتوڻيڪ ظاهر ۾ (ڇولين وانگر) جدا جدا صورتون اختيار ڪري ٿو.
تشبيهه ۽ تنزيه جي مسئلي تي مثنويءَ جي ٻئي حصي ۾ بحث ڪيو ويو آهي. الله تعاليٰ جي ذات انساني عقل کان بالاتر آهي. ان ڪري اهي صوفي جيڪي تشبيهه ۾ اعتبار رکن ٿا، سي صورت جي حالت ۾ به سندس عظمت جا قائل آهن ۽ اهي جيڪي تشبيهه جي نظريي ۾ اعتبار نٿا رکن، هن ڳالهه جا قائل آهن ته هو صورت مٽائي ٿو. غلط آهي. هن جي ڪا به ظاهري صورت نه آهي. ان هوندي به هو هر صورت ۾ عيان آهي. اهي انسان جيڪي حواسن جي دنيا کان آزادي حاصل ڪن ٿا. انهن جون دليون پاڪ ۽ صاف آهن. اهي هڪ آئيني وانگر آهن، جن تي الاهي نور جو عڪس پوي ٿو. اهڙا انسان حقيقت کي پنهنجي روحاني بصيرت سان ڏسي سگهن ٿا.
الله تعاليٰ جمال آهي ۽ حسن سان محبت ڪري ٿو. ان ڪري جيڪي انسان سندس جمال سان محبت رکن ٿا، سمورين تڪليفن کي محبوب جي طرفان آيل سمجهي ثابت قدم رهن ٿا ۽ هن وٽان جيڪي ڪجهه حاصل ڪن ٿا، ان تي خوش رهن ٿا.
سچي محبت جو مثال لقمان ۽ سندس آقا جي قصي ۾ ڏنو ويو آهي. لقمان پنهنجي آقا جو پيارو ٻانهو هو. هڪ دفعي سندس آقا کي هڪڙو گدرو هٿ آيو. هن هڪ ڦاڪ ڪپي لقمان کي کائڻ لاءِ ڏني. لقمان خوشيءَ سان ڦاڪ کائي ويو، جنهن تي آقا کيس ٻي ڦاڪ ڏني. لقمان کي خوش ٿيندو ڏسي، آقا کيس ڦاڪون ڪپيندو ڏيندو ويو. باقي هڪڙي ڦاڪ بچي، جيڪا آقا ذائقي خاطر کاڌي، کائڻ شرط ڪوڙاڻ سندس نڙيءَ کي وٺي ويئي. آقا لقمان کان ڪوڙي گدري جي کائڻ تي خوش ٿيڻ جو سبب پڇيو. لقمان ورندي ڏني ته، ”مون توهان جي هٿن سان هزارين مٺيون شيون کاڌيون آهن، ان ڪري مون کي هڪڙي ڪوڙي شيءِ جي کائڻ کان انڪار ڪرڻ تي شرم ٿي آيو.“
هن مثال جي پيش ڪرڻ بعد رومي چوي ٿو ته، محبت شين جو ذائقو ڦيرائي ڇڏي ٿي. محبت ڪوڙي کي مٺو، پتل کي سون، ٻانهي کي بادشاه، شينهن کي ڪوئو، ڏائڻ کي خور بنائي ڇڏي ٿي. عشق يا محبت علم جو ڦل آهي. الله تعاليٰ عبادتن ۽ مذهبي رسمن جي بجا آڻڻ کان وڌيڪ صدق ۽ محبت ۾ خوش ٿئي ٿو.
هڪ دفعي موسيٰ عه جبل طور تي ويندي هڪڙي نوجوان ٻڪرار سان مليو. هن ٻڪرار کي دعا گهرندي ٻڌي ورتو. ٻڪرار چئي رهيو هو ته، ”اي الله تعاليٰ تون ڪٿي آهين؟ اچ ته آءُ تنهنجي خدمت ڪريان، تنهنجا ڪپڙا ڌوئان، تو کي کير پياريان، تنهنجا هٿ چُمان، تنهنجا پير ڇهان ۽ تنهنجي گهر کي ٻهاري ڏيان. سڀ ٻڪريون ڪهي توکي کارايان.“ موسيٰ عه کانئس پڇيو ته، ” تو ڪنهن سان ٿي ڳالهايو؟“
ٻڪرار جواب ڏنو ته، ”انهيءَ سان، جنهن انسانن، زمين ۽ آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.“ موسيٰ عه کي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ چيائين ته، ”تون ڪافر ۽ بي دين آهين.“ ائين چئي هو طورسينا جبل ڏانهن هليو ويو جتي کيس وحي آيو جنهن ۾ الله تعاليٰ فرمايو ته، ” تو مون کان منهنجو دوست جدا ڪري ڇڏيو آهي، تو کي اسان انهيءَ لاءِ دنيا ۾ نبي ڪري موڪليو آهي ته، دنيا ۾ ميلاپ پيدا ڪر يا تفريق يا جدائي پيدا ڪرڻ لاءِ اماڻيو اٿئون. منهنجي بندي کي مون کان ڌار نه ڪر، ڇاڪاڻ ته ڇنڻ ۽ جدا ڪرڻ سمورن ڪمن کان بڇڙو ڪم آهي. مون هر انسان لاءِ جدا ڪم ڪرڻ جو طريقو مقرر ڪيو آهي ۽ هر هڪ جي عبادت ڪرڻ جو طريقو به جدا آهي. تنهنجي نظر ۾ جيڪو عبادت جو سٺو طريقو آهي اهو ٻين جي نظرن ۾ بڇڙو ٿي سگهي ٿو. جيڪا شيءِ تنهنجي لاءِ مٺي ماکي آهي، اها ٻئي لاءِ زهر قاتل ٿي سگهي ٿي. منهنجو ڌيان بندي جي ٻولي يا اکرن تي نه هوندو آهي پر سندس دل ۽ نيت ئي هوندو آهي. مون لاءِ ڪائنات جي پيدا ڪرڻ جو مقصد ڪو نفعو يا حاصلات نه آهي بلڪه پنهنجي وجود ۽ سخا جو مظاهرو ڪرڻو آهي. هندن جو پنهنجو طريقو آهي، سنڌين جو پنهنجو طريقو آهي، هر هڪ انسان پنهنجي طريقي ۾ خوش آهي. مون کي سندن حمد ۽ تعريف ڪرڻ جي ڪا به پرواهه نه آهي. آءُ سندن دليون پرکيندو آهيان ۽ سندن ٻولي يا اکر نه- ڇاڪاڻ ته قلب يا دل جوهر آهي، ٻولي محض هڪ حادثو آهي، مون کي اها دل گهرجي جيڪا منهنجي محبت جي باهه ۾ پڪل هجي. جڏهن عشق صادق آهي ته صورت ۽ شڪل کي ڪا به اهميت حاصل نه آهي.
اي موسيٰ! جيڪي انسان ظاهري رسمن تي ڌيان ڏين ٿا، انهن جي حالت منهنجي عاشقن کان مختلف آهي. عاشقن جي دلين ۾ محبت جو مچ متل آهي. ڪعبي جي اندر ڪو به قبلو نه ٿيندو آهي، يعني الله تعاليٰ جو عاشق ڪنهن رسمي عبادت جو محتاج نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته مذهب توحيد يا ميلاپ جو هڪ بهانو آهي. اها منزل عشق وارن کي اڳ ۾ نصيب ٿيندي آهي، جيڪڏهن تون منهنجي ڪنهن عاشق کي فاجر ڏسين ته کيس گنهگار نه چؤ، ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي واٽ ۾ شهيد کي رت ٻڏل ڪپڙن سان دفنايو ويندو آهي. شهيد جو خون پاڻيءَ کان وڌيڪ پاڪ هوندو آهي.“
حضرت عائشه نبي ﷺ کان پڇيو، ”توهان هر هنڌ نماز پڙهو ٿا ۽ جاءِ جي پاڪائيءَ جو ڪو به خيال نٿا رکو.“ ته نبي ﷺ جن فرمايو ته، ”الله تعاليٰ هر جاءِ کي منهنجي لاءِ پاڪ ۽ صاف ڪري ٿو.“
هر انسان ساڳي منزل حاصل ڪرڻ گهري ٿو. پوءِ کيس ٻين سان تڪرار نه ڪرڻ گهرجي. اها ڳالهه سمجهائڻ لاءِ چئن مزدورن هڪ عرب، هڪ رومي، هڪ ترڪ ۽ هڪ ايراني جو قصو بيان ڪيو اٿس، جن کي هڪ درهم مزدوريءَ طور مليو. هنن کي ساڳي ٻولي نه ايندي هئي. ايرانيءَ چيو ته آءُ انگور وٺندس. عرب چيو ته مون کي عنب گهرجي. ترڪ چيو ته مون کي عزوم گهرجي. رومي چيو ته مون کي استيفال گهرجي. هو پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا ته هڪ شخص اچي لانگهائو ٿيو جنهن کي چارئي ٻوليون اينديون هيون، هن امين ٿي کانئن درهم ورتو ۽ انگور خريد ڪري آيو. انگور ڏسي سڀ خوش ٿيا. کين خبر پئي ته هو ٻولي نه ڄاڻن جي ڪري ساڳي شيءِ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي رهيا هئا.
مولانا رومي ٻين صوفين سان هن ڳالهه ۾ متفق آهي ته تجربو ۽ عقلي استدلا الله تعاليٰ جي ذات کي سڃاڻڻ لاءِ ڪا به اهميت نٿا رکن. هي مقام روحاني ارتقا، غور و خوض، فڪر ڪرڻ، دل جي پاڪائي ۽ خلوص وسيلي حاصل ڪري سگهجي ٿو.
هيءَ حياتي ۽ صورتون الله تعاليٰ جي عنايت آهي، جيڪي مادي تي اثر وجهن ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان مشابهت رکن ٿيون ۽ هر هڪ ۾ حياتيءَ جي هڪ مخصوص نموني جي تحريڪ عمل ڪري ٿي. انسان کي هن صورت وٺڻ کان اڳ ۾ ڪيترين صورتن مان لنگهڻو پوي ٿو ۽ آخري درجي تي پهچڻ لاءِ ارتقائي عمل هلندو رهي ٿو. انساني ارتقا جي نظريي کي مثنويءَ ۾ گهڻين جاين تي سمجهايو ويو آهي.
مولانا رومي چوي ٿو ته، انسان جمادات، نباتات ۽ حيوانات جي مختلف دؤرن ۽ تجربن مان لنگهي ادنيٰ درجي کان اعليٰ درجي تائين پهچي ٿو ۽ آخرڪار هو ادراڪ ۽ عقل حاصل ڪري سموري ڪائنات جي شين ۾ ممتاز ٿي وڃي ٿو. هن درجي کان پوءِ به هو ارتقا ڪندو رهي ٿو. سندس خيال موجب انسان جماداتي صورت مان ارتقا ڪري نباتات ۾ اچي ٿو، ان وچ ۾ کانئس سمورو ارتقائي عمل وسري وڃي ٿو. ان کانپوءِ هو حيوانات جي دنيا ۾ شامل ٿئي ٿو.
ان وقت کيس نباتاتي درجي جو تجربو وسري وڃي ٿو. سواءِ انهيءَ جي ته سندس طبيعت جو لاڙو نباتات ڏانهن رهي ٿو. خاص طور تي موسم بهار ۾ اهو لاڙو اهڙيءَ طرح ظاهر ٿئي ٿو، جهڙي ريت ٻار جو ماءُ لاءِ! يا مريد جو مرشد لاءِ! حيواناتي درجي کانپوءِ انساني درجو آهي، اهڙيءَ ريت هو عقل جي ميدان ۾ اچي ٿو. هيءُ درجو حيواني درجي جي تڪميل آهي. هو اڳيان سمورا درجا وساري ويهي ٿو. رومي چوي ٿو ته، انسان مرڻ بعد ملائڪن جي صورت وٺي ٿو ۽ ان درجي مان به ارتقا ڪري اهڙو مقام حاصل ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن به نه ڏٺو آهي ۽ نه هن حياتيءَ ۾ ان جو ڪو تصور ڪري سگهي ٿو. آخرڪار هو انهيءَ جاءِ تي پهچي ٿو، جتان هن جي شروعات ٿي هئي.