(1) توحيد ۽ الله تعاليٰ جون صفتون
دين ۾ توحيد جي معنيٰ آهي الله تعاليٰ جي هيڪڙائي، يعني خالق ۽ مخلوق ۾ فرق آهي، پر صوفين انهيءَ ۾ ترميم آڻي چوڻ شروع ڪيو ته الله تعاليٰ جي ذات کان سواءِ ٻي ڪا به حقيقت موجود نه آهي، يعني خالق ۽ مخلوق حقيقت ۾ هڪ آهن. خالق حقيقت ۽ مخلوق ان جو پرتوو يا پاڇولو يا عڪس آهي. امام غزالي چوي ٿو ته: ”الله تعاليٰ ارادو آهي، هو هر هنڌ حاضر ناظر ۽ هر شيءِ ۾ موجود آهي. سندس ذات هر وجود جي مبدا آهي. مادي دنيا هن مان پيدا ٿي آهي، جيئن ڪو درياه جبل مان وهي نڪري. توحيد ۾ سندس صفتون ختم ٿي ساڻس هڪ ٿي وڃن ٿيون.“
جن صوفين جو وحدة الوجود يعني وجود جي وحدت يا هيڪڙائيءَ ۾ اعتقاد آهي، انهن جي خيال ۾ وجود الله تعاليٰ جي طرفان هڪ خاص عنايت آهي.
اشياءَ الله تعاليٰ جي ذات مان نڪرن ٿيون، جن کي موجوده حالت ۾ عيان چئجي ٿو. صوفين مان اڪثريت محبت ۽ جمال واري نظريي کي ترجيح ڏئي ٿي. الله تعاليٰ خالص جمال آهي ۽ محبت ڪرڻ جي لائق واحد هستي آهي. جنهن جو مطلب آهي اهڙي شيءِ سان محبت ڪرڻ جيڪا نفعو يا خوشي ڏئي.
ڪن صوفي بزرگن جي خيال موجب محبت انهيءَ لاڙي يا ميلان جو نالو آهي، يا اهڙي شيءِ جيڪا کيس پسند اچي يا سندس طبيعت سان ٺهڪي اچي. محبت جي معنيٰ آهي تڪميل حاصل ڪرڻ، جيڪا فقط نفس جي ڪوتاهين ۽ عيبن (گناهَن) کان پاڪائي حاصل ڪرڻ سان ملي سگهي ٿي.
هر شيءِ ۾ آزادي لاءِ تڙپ ۽ پاڻ کي مڪمل بنائڻ جي آرزو موجود هوندي آهي ۽ هيءَ آرزو انسان ۾ سمورين شين کان وڌيڪ هوندي آهي. انهيءَ آرزوءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ انسان نيڪي ۽ بديءَ جا عمل ڪري ٿو.
ربط ۽ تڪميل جو ٻيو نالو جمال آهي. ان ڪري اشياءِ جي جستجوءَ جو مقصد آهي مڪمل ٿيڻ يا جمال حاصل ڪرڻ. الله تعاليٰ جي ذات جمال جو مظهر ۽ مجسمو آهي ان ڪري هر لحاظ کان مڪمل ترين هستي آهي. جيڪا به شيءِ مڪمل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، ان کي لازمي طور تي الله تعاليٰ جو نقل ڪرڻ هن وانگر ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. هر شيءِ ۾ هر سالڪ پنهنجي اهليت، صلاحيت، وزن ۽ مقدار آهر مڪمل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن ڪوشش ۽ جستجوءَجو ٻيونالو محبت يا عشق آهي.
حسن جدا جدا نمونن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. حسن هر شيءِ ۾ موجود آهي. ڪن ۾ ٿورو ڪن ۾ گهڻو، ڪن ۾ ناقص ڪن ۾ مڪمل پر مڪمل جمالي هڪ وحدة آهي. جمال جا ٽي قسم آهن:
(1) جسماني، (2) دماغي يا عقلي ۽ (3) روحاني.
هي ٽيئي هڪڙي جمال جا 3 مظهر آهن، ان ڪري سالڪ ٽنهي قسمن جي جمال سان محبت ڪن ٿا.
معرفت يا علم، جمال کي ماڻڻ جو مکيه وسيلو آهي. علم وڏي تڪليف ۽ محبت سال حاصل ٿئي ٿو. ان ڪري محبت کي حاصل ڪرڻ لاءِ به وڏي محنت، ڪشالو ۽ ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. ان ڪري حق جي ڳولائو کي محنت، آزمائش، محرومين ۽ تڪليفن مان لنگهڻو پوي ٿو.
هي دنيا ڪشالن جو گهر آهي. جيڪي انسان ڪشالا ڪڍندا، اهي الله تعاليٰ کي راضي ڪري سگهندا. قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي:
”اسان توهان کي بک، خوف، ملڪيت جي زبان، حياتي ۽ (عملن جي) ميون سان آزمائينداسين. (اي نبي) صبر ڪندڙن کي خوشخبري ڏي.“
اهڙن شخصن تي جڏهن ڪا مصيبت اچي ٿي ته هو چون ٿا ته:
”اسين الله تعاليٰ جا آهيون ۽ هن ڏانهن موٽي وينداسين ۽ هي اهي آهن جن تي سندن الله تعاليٰ جون رحمتون ۽ نعمتون آهن، هو سچي راهه تي آهن. ماڻهن ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي روح کي وڪڻن ٿا. انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪن.“
اهڙيءَ طرح جڏهن صوفي دنياوي ڪشالن مان ڪامياب ٿئي ٿو ته کيس الله تعاليٰ ۾ پورو ڀروسو پيدا ٿئي ٿو. هو الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪري ٿو. ان ڪري جمال جا ٻه پهلو آهن:
1- غائب، مڪمل، سچو، 2- حاضر غير مڪمل ۽سچي جمال جو عڪس. جيڪڏهن ڪنهن صوفيءَ ۾ سچي جمال کي پسند ڪرڻ جو ملڪو (ڏات) موجود نه آهي ته کيس حاضر ۽ جسماني حسن کي پسند ڪرڻ لاءِ پنهنجي من کي ترتيب ڏيڻي پوندي.
هن کي انساني حسن يا ڪنهن مادي شيءِ جي حسن سان شروعات ڪرڻ گهرجي ته هو آخرڪار اڳتي هلي حاضر کي ڇڏي غائب حسن سان پيار ڪري.
الاهي جمال جي وصال لاءِ هيٺيان ڏاڪا يا درجا آهن:
1- جڏهن سالڪ خيالي ۽ اوچي قسم جي آدرش ۾ خوشي محسوس ڪري.
2- الله تعاليٰ جي ذڪر ڪرڻ ۾ کيس مزو ۽ لطف اچي.
3- نيڪي ڪرڻ سان خوشي پيدا ٿئي.
4- حياتيءَ ۾ خوشي ۽ غم جي حالتن ۾ رضا تي راضي رهي ۽ غم ۾ به خوشي محسوس ڪري.
5- فطري زندگيءَ ۾ صبر ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري.
6- جڏهن هو الاهي جمال جي احساس ۾ خوشي محسو س ڪري ته پنهنجي تصور کي سندس ذات تي کپائي ڇڏي.