اسلام کان آڳاٽو ايراني فلسفو ۽ مذهب
ايران جو قديم ترين فيلسوف ۽ مذهبي رهنما ذرادشترا (زردشت) 1000 کان 1200 ق م ۾ ٿي گذريو آهي. زردشت جي معنيٰ آهي زردشت جي صحيح ۽ سچي سوانح حيات نه ملي سگهي آهي. فقط ايتري قدر معلوم ٿي سگهيو آهي ته زردشت جو اصل نالو اسپيٽما هو ۽ هو بيڪٽرا يا ميڊيا ۾ ڄائو هو. ڪي مؤرخ سندس دؤر حيات 1000 کان 800 ق م مقرر ڪن ٿا. ڪن مؤرخن جي راءِ موجب: زردشت موحد يعني توحيد تي ويساهه رکندڙ هو پر اڳتي هلي ٻن خدائن وارو نظريو سندس نالي سان مشهور ٿي ويو ۽ هن نظريي کي زردشتي مذهب جو نالو ڏنو ويو.
ڳوڙهي تحقيق مان هيءُ به معلوم ٿئي ٿو ته باهه جي پوڄا ڪرڻ انسان جي شڪاري دؤر جي نشاني آهي. جڏهن ته زردشت جي وقت ۾ زراعتي دؤر شروع ٿي چڪو هو پر هن مذهب جي قدامت ۽ تحقيق جي اڻپوري هجڻ جي ڪري زردشت ٻن خدائن جي نظريي ۽ باهه جي پوڄا مان جند ڇڏائي نه سگهيو آهي. پارسين جي باهه جي پوڄا ڪرڻ ۽ ٻن خدائن جي مشهور، زردشت جي موحد هجڻ جي حقيقت کي ڍڪي ڇڏيو آهي.
اوستان واري دؤر جي ادب ۾ هن جي شخصيت ديومالائي آهي پر گاٿا جيڪي اوستان کان اوائلي دؤر جا آهن، ۾ سندس شخصيت هڪ عام رواجي انسان وانگر ڏيکاريل آهي. مسٽر ايل ايڇ ملز جي چوڻ موجب: زردشت جي شخصيت هڪ ڊگهي زنجير جي آخري ڪڙي وانگر نظر اچي ٿي.ڏندڪٿائن ادب ۾ ذڪر ڪيل آهي ته زردشت هڪ نديءَ جي ڪناري تي ڄائو هو. سندس چهري جي نورانيت ڏسي، ڪن حاسدن کيس مارڻ جي ڪوشش به ڪئي پر اهورا مزدا کيس کڻي هليو ويو جنهن کيس وحي وسيلي قانون جو علم عطا ڪيو. سندس تعليمات جا ٽڪرا اوستا ۾ ڏنل آهن.
سندس نظام تعليم نور ۽ ظلمات جي پاڻ ۾ مقابلي جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي، جنهن ۾ نور کي ‘اور مزد’ يا يزدان ۽ ظلمات کي ‘اهورا مزدا’ يا احرمان سڏيو ويو آهي.
باهه نور ۽ پاڪائي جو سبب آهي، ان ڪري يزدان جي نشاني ۽ هدايت طاقت ۽ علم جو سرچشمو آهي. احر مان تي فتح سچائي، پاڪائي، عبادت ۽زراعتي پيشي اختيار ڪرڻ سان ملي سگهندي. ايران جي اثر ڪري سنڌ ۾ به کيتيءَ کي اتم ڌنڌو سڏيو ويو آهي.
اڳتي هلي ايراني فلسفو يوناني فلسفي سان گڏجي هڪ ٿي ويو ۽ ٻنهي گڏجي اسلامي فلسفي تي وڏو اثر پيدا ڪيو. ان جي برخلاف ٻڌ ۽ آريائي فلسفن جو گڏيل اثر اسلامي فلسفي بدران اسلامي تصوف تي وڌيڪ پيو.
اخيماني بادشاهن جي دؤر اقتدار ۾ زردشتي مذهب جي حيثيت ديومالائي يا ڏندڪٿائي هئي. گهڻن يوناني مؤرخن پنهنجي ڪتابن ۾ زردشت جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سندس حوالا ڏنا آهن. اهڙن مؤرخن مان آخرين مؤرخ سڪندر مقدوني جو همعصر هو.
گاٿائن ۾ ڄاڻايل حوالن مان خبر پوي ٿي ته زردشتي تعليمات جو بنياد ‘شيءِ’ يا وجود تي رکيل هو، جنهن کي ”مانيوياري“ سڏيو ويوآهي. مانيو يا روح جا ٻه قسم آهن:
1-تعميري يا تخليقي 2-تخريبي
مادي جو ڪو ڌار ۽ آزاد وجود ڪو نه آهي پر هي آهورا جو پيدا ڪيل آهي، جيڪو پاڻ مڪمل، ابدي ۽ ازلي، قديم آهي، جنهن ۾ ڪو به ڦيرو نه ايندو، هو آسمانن ۽ زمين جو خالق آهي.
سندس ظهور ٻن نمونن سان ٿئي ٿو: هڪ دائمي، تعميري، تخليقي، نوري، سچو، حقيقي، هدايت، نيڪي ۽ نور سان ڀريل، حياتي ۽ سونهن سوڀيا سان ٽمٽار ۽ ٻيو عارضي، حادث، فاني، تخريبي، سياه، موت ۽ بدي وانگر ڪوجهو ۽ اڻوڻندڙ . هي ٻئي صفتون يا پهلو ساري ڪائنات ۾ موجود آهن. مادو ٻنهي صفتن کي قبول ڪري ٿو . آهورا جا هيٺيان مددگار آهن.
1-واهو مانا (سنسڪرت ۾ واسوماناس) يعني عقل ڪل.
2-آسا يعني قوت حيات يا ڪائنات جو روح.
3-کسترا وائرا يعني ڪائنات جو ارادو جيڪو بنيادي مادو يا آرامتي آهي، جنهن مان ڪائنات وجود ۾ آئي آهي.
هنن سان مڪان (خلا) ۽ زمان (وقت يا دهر) شامل آهن.
انسان عقل ڪل جو هڪ جزو يا ذرڙو آهي جنهن ۾ بنيادي ڇهه صفتون: عقل، روح، ارادو، مادو، مڪان ۽ زمان صورتون وٺن ٿيون.
جيڪا ڳالهه عقل ڪل مجموعي طور تي ڪري ٿو اهو انسان فردي طور تي ڪري ٿو. هن ڏس ۾ سٺو مثال سمنڊ ۽ ڦڙو آهي. ڦڙي ۾ سمنڊ جون سموريون صفتون موجود آهن.
انساني روح (نفس) آهورا جو پيدا ڪيل آهي. ان ڪري هر اهو انسان جيڪو ارادو رکي ٿو، پنهنجي عملن لاءِ جوابدار آهي. انسان روح ارادي ۽ مادي مان ٺهيل آهي. سندس ارادي کي اختيار آهي ته وڻيس ته روحانيت اختيار ڪري، وڻيس ته ماديت اختيار ڪري.
موت هڪ ٻئين زندگيءَ جو آغاز آهي ۽ روح کي پنهنجي صحيح فطرت جو احساس ٿئي ٿو. زردشت جي سموري اخلاقيات هن اصول تي ٻڌل آهي ته انسان مادي ۽ روح، نيڪي ۽ بدي، فنا ۽ بقا، نور ۽ ظلمات جي وچ ۾ آهي. هن کي ٻنهي مان هڪ راهه اختيار ڪرڻي آهي. جيڪڏهن هو نيڪي اختيار ڪري ٿو، ته نه فقط نيڪ عمل ڪري ٿو پر کيس ڳالهائڻ، ٻولائڻ ۽ سوچ ويچار ۾ به نيڪ ٿيڻو پوي ٿو. کيس گهرجي ته نيڪيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ باهه، هوا، پاڻي ۽ زمين کي به پاڪ رکي، يعني روحاني پاڪائي حاصل ڪرڻ لاءِ کيس مادي پاڪائي ۽ طهارت به حاصل ڪرڻي پوندي. مطلب ته کيس ‘الطهور شطرالايمان’ (صفائي ايمان جو جز آهي) تي عمل ڪرڻو پوندو. اهڙي انسان کي گهرجي ته اميد، همت ۽ بهادريءَ سان زندگي گذاري. کيس قدرت، بادشاهه ۽ ملڪ جي قانون جو احترام ۽ پابندي ڪرڻي پوندي ۽ خوش خلقي، خوش طبعي، سخاوت ۽ انتظام هيٺ رهي حياتي گذارڻي پوندي. کيس پاڻ تي ضابطي، نفس جي عزت ڪرڻ سکڻ، سياڻپ، نماڻائي، فرض شناسي، همت، ايمانداري، رواداري ۽ دريا دليءَ سان پنهنجو وقت گذارڻو پوندو. کيس پاڻ کان وڏن سان نهٺائي ۽ پيار سان هلڻو، هڪ جيڏن ۽ زبردستن سان مهربان رهڻو پوندو . هي آهن قديم فڪر جي اخلاقي ضابطي جا بنيادي نظريا ۽ قانون.