تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسلامي فلسفو ۽ تصوف

ڪتاب ”اسلامي فلسفو ۽ تصوف“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب فلسفي جي عالمي افڪار جي روشنيءَ ۾ إسلامي فلسفي جي اوسر جو عالماڻو مطالعو ۽ تصوف سميت اسلامي فڪر جو تفصيلي تعارف آهي، جنهن جو ليکڪ محترم ابوبڪر خان مگسي آهي.
عام طرح تصوف جي حوالي سان به ٻه گروهه سامهون آيا. هڪ گروهه خانقاهيت پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻيو ۽ ٻئي گروهه پاران تصوف اسلامي حڪمتن ۽ شريعت جي احڪامن کي عوام دوست بڻائڻ جي هڪ عملي ڪوشس هئي، جنهن جي عالم صوفين سخت ڏکيائين جي باوجود علمبرداري ڪئي. بلڪه هي چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ملوڪيت پسند جڏهن به اسلام جي تعليم کي پنهنجن مفادن جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت انهن ڪرڀائتين ڪوششن جي خلاف اسلام جي حق پرست صوفي عالمن جي پاران ئي مزاحمت سامهون آئي.

Title Cover of book Islami Philsipho & Tasouf

ڪي مشهور معتزله علماءَ:

ڪي مشهور معتزله علماءَ:
1- معمار بن عباد: اهو 9 صدي عيسويءَ جو هڪ مشهور عالم ٿي گذريو آهي. سندس چوڻ آهي ته الله تعاليٰ جون صفتون بيان ڪرڻ ۽ سمجهائڻ انساني عقل جي وس کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ جو هيءَ ڳالهه ضروري نه آهي ته جيڪي اسين سوچي سگهون ٿا اهو صحيح هجي. الله تعاليٰ جي طرفان هن ڪائنات کي هڪ ڪل جي صورت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته الله تعاليٰ مادا پيدا ڪيا آهن ۽ منجهانئن حادثا ظهور ۾ اچن ٿا جن کي مختلف شين ۾ دوام اصل ٿئي ٿو. هن جي پوئلڳن کي اصحاب المعاني چيو وڃي ٿو. سندس خيال موجب مادو ابدي آهي. هن جي چوڻ موجب الله تعاليٰ پنهنجي فطرت کان مجبور ٿي اهڙيءَ ريت هن ڪائنات کي پيدا ڪيو جهڙيءَ ريت سج پنهنجي فطرت کان مجبور ٿي پنهنجا ڪرڻا ۽ روشني موڪلي ٿو. ان عمل ۾ سندس ارادي جو ڪو به دخل نه آهي.
2- بشر بن مؤتمد: هي به 9 صدي عيسويءَ جو فيلسوف آهي ۽ معمار جو همعصر هو. سندس خيال موجب ڪنهن به ٻار کي دؤزخ ۾ نه وڌو ويندو. ڇاڪاڻ ته کيس پنهنجي راءِ ۽ ارادي تي ڪو به ڪلي اختيار نه آهي. هي پهريون مسلمان فيلسوف هو، جنهن تولد کي هڪ فڪر جو درجو ڏنو. تولد جي معنيٰ آهي ڪنهن ٻن ايجنٽن يا ٻن جسمن جو هڪ ٻئي سان گڏجي ڪم ڪرڻ، مثلاً ڪلف جو ڪنجيءَ سان کلڻ، ٻئي ڪنجي ۽ ڪلف انسان جي ارادي ۽ تحرڪ جا محتاج آهن. ان ڪري سڀ ڪنهن نتيجي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ يا ٻن يا وڌيڪ ايجنٽن جي خدمت حاصل ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي. سندس چوڻ موجب دنيا جي ڪنهن ملڪ يا قوم جي فردن يا جماعتن، جن ڪنهن به نبيءَ سان ملاقات نه ڪئي ۽ نه کين ڪنهن الهامي ڪتاب جو پيغام پهتو آهي، اهڙا ماڻهو يا جماعت پاڻ مراد قدرت مان عقل وسيلي سڌي روشني ۽ هدايت حاصل ڪري سگهن ٿا.
3- احمد بن هيئت: هن جو چوڻ آهي ته قيامت جي ڏينهن تي حضرت عيسيٰ فيصلو ڪندو. هن انسان کي ٻن گروهن ۾ ورهايو آهي. هڪڙا نيڪ ۽ ٻيا بدڪار، هنن مان نيڪ انسانن کي بهشت جي جزا ملندي ۽ بدڪارن کي دوزخ جي سزا ملندي. پر جن اعمال گڏ وچڙ آهن اهڙن انسانن کي مختلف حيوانن جي صورت ڏيئي دنيا ۾ موٽايو ويندو، جيستائين اهي پاڪ ٿي نيڪن ۾ شمار ٿين. هي مسلمانن جو تناسخ (جُوڻ-مَٽ) بابت نظريو آهي،جيڪو معتزلن جي ڪن عالمن ترميمن سان پيش ڪيو آهي. هن انساني حياتي کي هيٺين درجن ۾ ورهايو آهي. 1- حواسن جي دنيا، 2- بهشت اول يعني روح جي جسماني صورت وٺڻ کان اڳ ۾ حالت، 3- تعزير جي دنيا، 4- جنت جو اهو مڪان جتي نيڪين جي جزا جسماني خوشين جي صورت ۾ ملندي، 5- جنت ۾ اهو مڪان جتي نيڪين جي جزا روحاني خوشين جي صورت ۾ ملندي.
4-ابو علي معمر بن عبدالوهاب:هي خزستان جو رهاڪو هو، جنهن يوسف شهام وٽ بصره ۾ علم الڪلام جي تعليم ورتي هئي، هي 916ع ۾ فوت ٿي ويو. هن ‘اصولي’ نالي هڪ ڪتاب علم الڪلام تي لکيو جنهن۾ هن نظام ۽ راونديءَ جي اصولن جي مخالفت ڪئي آهي.هن زخستاني زبان ۾ قرآن مجيد جو تفسير به لکيو آهي. سندس پٽ ابو هاشم به هڪ وڏو عالم هو. هنن ٻنهي پنهنجي ڪتابن ۾ ڪيترين جاين تي معتزلن جي نظرين جي مخالفت ڪئي. هنن جي چوڻ موجب الله تعاليٰ پنهنجي مرضيءَ موجب جتي ۽ جڏهن به ڪلام پيدا ڪري ٿو انهيءَ ڪلام مان مراد آهي اهي ڇڙواڳ آواز، جن کي لفظ سڏيو وڃي ٿو ۽ متڪلم اهو آهي جيڪو اهي آواز پيدا ڪري ٿو، جيڪي سندس فطرت جو حصو نه آهن. هي به ٻين معتزلن وانگر چوندو هو ته الله تعاليٰ جون صفات ۽ جوهر هڪ آهن. سندس پٽ ابو هاشم جيڪو 933ع ۾ فوت ٿي ويو، ابو هاشمي مڪتبه فڪر جو بنياد وجهندڙ هو.سندس پوئلڳن مان ابن عباد مشهور وزير ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي پيءُ جي نظرين کي ڪٽر ديني عالمن جي نظرين سان ٺهڪائڻ لاءِ هڪ نظريو پيش ڪيو جنهن کي ‘احوال’ چيو وڃي ٿو. احوال جي معنيٰ آهي الله تعاليٰ جون صفتون سندس جوهر سان نڪي گڏ آهن ۽ نه وري کانئس ڌار آهن پر هن عظيم ڪائنات جا احوال يا حالتون آهن.
5- امير ابن بحر: جيڪو ‘جاحز’ جي نالي سان مشهور ٿيو، هڪ وڏو اديب ۽ فيلسوف هو. هو 977ع ۾ فوت ٿيو، هن پنهنجي استدلال جو بنياد تجربي ۽ تاريخي حادثن تي رکيو آهي. هن جو طريقو محض استدلالي نه هو پر سندس چوڻ موجب هر جسم ۾ ڪي خاص صفتون موجود آهن ۽ مادي جو فنا ٿي وڃڻ ناممڪن آهي.
الله تعاليٰ جي ذات بيخوف ۽ بي مثال آهي، ان ڪري انسان لاءِ سندس بابت علم حاصل ڪرڻ به ناممڪن ۽ عبث آهي. سندس وڏي ۾ وڏو امتياز عدل آهي ۽ عدل جي ڪري وٽس بديءَ جو ڪو به وجود نه آهي. اهو مسلمان جيڪو عقل ۾ ناقص آهي ۽ منجهس فڪر ڪرڻ جي عادت به نه آهي، ان هوندي به هو الله تعاليٰ کي پنهنجو خالق تصور ڪري ٿو ۽ مذهبي تعليم پرائي محمدﷺ کي پنهنجو رسول مڃي ٿو، ان ڪري مٿس ڪا به ميار نه آهي.
نيڪي ۽ بديءَ جو انسان سان سڌو تعلق آهي، ان ڪري هو خود پنهنجي اعمالن لاءِ پاڻ جوابدار آهي.
جاحز جي خيال موجب مادو ابدي آهي ۽ ابد تائين قائم رهندو، ڪٽر قسم جا مذهبي علماءَ کيس هڪ آزاد خيال عالم شمار ڪن ٿا.
6- ابو الحسن خياط: هن جي خيال موجب لاشيءِ به شيءِ جو هڪ نمونو آهي. ڪائنات جون سموريون مادي شيون، شيءِ ۽ لاشيءِ جي وچ ۾ قائم آهن.
7- هشام ابن امير: هي هشاميه مڪتبه فڪر جو پايو وجهندڙ عالم هو. هن آزاد راءِ ڏيڻ تي وڌيڪ زور ڏنو آهي. ايتري قدر جو سندس چوڻ آهي ته قرآن مجيد موجب الله تعاليٰ ايمان عطا نٿو ڪري پر هر انسان پنهنجي عقل کي ڪم آڻي ايمان حاصل ڪري ٿو. هن الله تعاليٰ جي طرفان ڪافرن جي دلين تي مهرون هڻي ڇڏڻ جي نظريي جو به انڪار ڪيو آهي. سندس چوڻ موجب بدي انساني ڪمزوريءَ جو نتيجو آهي. جيڪڏهن هن ڳالهه کي مڃيو وڇي ته نيڪي ۽ بدي الله تعاليٰ جي طرف کان اچن ٿيون ته انهيءَ صورت ۾ انسان ۾ هر قسم جي جوابداريءَ کان آزاد ۽ بي جوابدار ٿي وڃي ٿو.
سندس چوڻ موجب الله تعاليٰ جي تخليقي قوت جي ثابتي مادي جي وجود مان حاصل ٿئي ٿي ۽ نه حادثن مان.
مٿي ڄاڻايل عالمن کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي معتزله عالم ٿي گذريا آهن پر سندن ڪتابن ۾ دليلن کي ڪا واضح ترتيب ڏنل نه آهي. ان ڪري منجهائن يورپي ۽ هندستاني عالمن ڪو خاص فائدو حاصل ڪري نه سگهيا آهن. هن جا ڪيترائي ڪتاب گم ٿي ويا آهن ۽ جيڪي موجود آهن انهن ۾ ڪا به ترتيب نه آهي.