اشعرين جا بنيادي اصول ۽ عقيدا
سندن بنيادي احوال هي هئا:
1- الله تعاليٰ جي ذات مطلق العنان آهي، ان ڪري هو پنهنجي منشا ۽ ارادي موجب ڪم ڪري ٿو. سندس وجود ۽ جوهر ۾ ڪو به فرق نه آهي.
2- الله تعاليٰ جي بالادستيءَ ۾ ڪو به شامل نه آهي. هو ساري موجودات ۽ ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي.
3- سندس هر ارادو، منشا ۽ امر عدل تي ٻڌل آهي.
4- هر غير اعتقادي امر جو بنياد عقل تي ٻڌل آهي پر فقط عقل وسيلي حق (خدا) کي حاصل ڪري نٿو سگهجي.
5- رب تعاليٰ جون صفتون سندس جوهر کان اهڙيءَ ريت مختلف آهن، جو خالق ۽ مخلوق جي وچ ۾ ڪا به ڀيٽ ڪري نٿي سگهجي.
6- سندس ارادي ۽ منشا مان خير ۽ شر ٻئي پيدا ٿين ٿا.
7- جڏهن ڪو شخص ڪو عمل ڪرڻ گهري ٿو ته انهيءَ عمل ڪرڻ جي طاقت، سندس خواهش موجب کيس خدا تعاليٰ جي طرفان عطا ڪئي وڃي ٿي.
ظاهري طور تي هر عمل انسان جي هٿان سرزد ٿئي ٿو، مگر حقيقت ۾ اهو عمل منشا ايزديءَ جي ماتحت ٿئي ٿو. اهڙي عمل کي ڪسب چئبو آهي. ڪسب معنيٰ آهي حاصل ڪيل، ڇاڪاڻ ته اهو الله تعاليٰ جي تخليقي عمل جو نتيجو آهي. مشهور اشعري عالم ابوبڪر باقلانيءَ جي قول موجب، ”هر عمل جو مواد، الله تعاليٰ جي قوت جو نتيجو آهي،مگر انهيءَ عمل جا حوادث، مخلوق جي هٿان ظاهر ٿين ٿا. عمل الله جي مخلوق آهن، پر انساني عمل مختلف صورتون اختيار ڪري ٿو.
8- الله تعاليٰ جو ديدار ممڪن آهي، پر هنن جسماني ۽ فاني اکين سان ممڪن نه آهي.
9- الله تعاليٰ جي ذات مڪان ۽ زمان کان پاڪ ۽ مبدا آهي.
10- شيون پنهنجي جوهر ۾ نڪي بد آهن ۽ نڪي نيڪ آهن، مگر مذهبي طرح حلال۽ حرام مقرر ٿيڻ بعد هڪ نئون درجو حاصل ڪن ٿيون.
11- ناممڪن شيون يا حادثا الله تعاليٰ وٽ ممڪن آهن.
12- الله تعاليٰ جي عدل ۽ انصاف کي انساني معيار موجب چڪاسڻ غلط آهي، هو هر انسان کي سندن نيڪين جي جزا ۽ برن ڪمن لاءِ سزا ڏيئي سگهي ٿو.
13- خالق کي اختيار حاصل آهي ته پنهنجي مخلوق سان ڪهڙيءَ ريت به ورتاءُ ڪري، سندس اختيار ڪنهن به قانون جي تابع نه آهي، انساني عقل واري عدل جي معيار کي ساڻس لاڳو ڪري نٿو سگهجي.
14- کيس اعتقاد ۽ ايمان وسيلي سڃاڻي سگهجي ٿو ۽ عقلي استدلال ۽ فڪر ڪرڻ وسيلي نه.
سندس بنيادي اصولن هيٺين ڳالهين مان پروڙي سگهجي ٿو:
15- جيئن قرآن مجيد ۾ آيو آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي تخت تي ويٺو .
16- الله تعاليٰ کي منهن يا چهرو آهي، قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي ته: وَّ یَبْقٰی وَجْہُ رَبِّکَ ذُوالْجَلٰلِ وَ الْاِكْرَامِ.
17- الله تعاليٰ کي ٻه هٿ آهن، جيئن قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي.
18- الله تعاليٰ کي علم آهي.
19- هو ٻڌي ۽ ڏسي ٿو.
20- سندس زبان (ڪلام) غير مخلوق آهي.
21- رب تعاليٰ جي ذات ‘ڪُن’ چئي هن ڪائنات کي پيدا ڪيو.
22- نيڪي ۽ بدي الله تعاليٰ جي طرف کان اچي ٿي.
23- الله تعاليٰ ڪن انسانن کي صحيح واٽ جي هدايت ڪري ٿو ۽ ڪن کي غلط راهه تي ڇڏي ڏئي ٿو.
24- نيڪي ۽ بدي (خير ۽ شر) خوش بختي ۽ بد بختي قضا ۽ قدر موجب ٿين ٿيون.
25- قرآن مجيد الله تعاليٰ جي زبان (ڪلام) آهي، ان ڪري غير مخلوق ۽ ابدي يعني لافاني آهي.
26- قرآن مجيد موجب قيامت جي ڏينهن مؤمنن کي الله تعاليٰ جو ديدار نصيب ٿيندو پر ڪافر هن نعمت کان محروم رهندا.
27- جيڪي انسان پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪن ٿا ۽ توحيد ۾ ايمان رکن ٿا پر ان هوندي به هو گنهگار آهن ۽ اسلام جي اصولن تي عمل نٿا ڪن، تڏهن به کين ڪافر نٿو چئي سگهجي.
28- نبي ﷺ جي سفارش ڪرڻ (شفاعت) تي الله تعاليٰ کين دوزخ جي سزا کان معافي ڏيئي سگهي ٿو.
29- سندن عقيدي موجب مسلمان اهو آهي جيڪو ڪلمو پڙهي ٿو ۽ اسلامي ارڪان يعني صوم-صلواة، حج، زڪوات، جهاد تي عمل ڪري ٿو.
30- جنت ۽ دوزخ ٻئي مخلوق آهن.
31- هر انسان کي مقرر وقت تي موت جو ذائقو چکڻو آهي، قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي ته: كُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَۃُ الْمَوْتِ.
32- شيطان انسان کي برغلائي گمراهه ڪري ٿو، جيئن قرآن مجيد ۾ رمايو ويو آهي.
هنن اصولن کان سواءِ هيٺين چئن بنيادي اصولن تي به اشعري عمل ڪن ٿا:
1- الله تعاليٰ ۽ سندس صفتون قديم آهن. الله تعاليٰ کي ڪو به جسم نه آهي. هو مادو نه آهي. سندس وجود ڪنهن حادثي جو محتاج نه آهي.هو زمان ۽ مڪان کان پاڪ آهي. بي مثل ، ازلي ۽ ابدي آهي.
2- سندس صفتون يعني بقا، علم، قوت، ارادو، جماعت، بصارت، تڪلم به سندس وانگر قديم آهن، جن تي ڪنهن به شيءِ جو اثر نٿو ٿئي، سندس عمل، علم ۽ ارادو به قديم ۽ غير حادث آهن.
3- سندس عمل:
(الف) هو مخلوق جي عملن جو خالق آهي.
(ب) مخلوق جا اعمال مڪتسبه آهن، يعني هن وٽان حاصل ڪيل آهن.
(ت) مخلوق جو هر عمل سندس ارادي موجب ٿئي ٿو.
(ث) هن کي پيدا ڪرڻ ۽ بنياد کي قائم ڪرڻ جي قوت حاصل آهي.
(ج) هر شيءِ سندس محتاج آهي.
(ح) هن کي اها قوت به آهي ته هو انسانن جي هٿان ناممڪن ڪارناما به ڪرائي سگهي ٿو.
(خ) معصومن کي به سزا ڏيئي سگهي ٿو.
(د) هو پنهنجي مخلوق سان نيڪي ڪرڻ لاءِ ٻڌل نه آهي.
(ذ) مسلمان اسلام موجب مقرر ڪيل عملن ڪرڻ لاءِ ٻڌل آهي.
(ر) محمد ﷺ الله جو سچو رسول آهي، جنهن جي رسالت سندس معجزن مان ثابت آهي.
4- سماعت کي هيٺينءَ ريت بيان ڪيو ويو آهي:
(الف) روزِ قيامت
(ب) منڪر-نڪير، هر مرد ۽ عورت جو مرڻ بعد ظاهر ٿيندا ۽ کانئن اسلام بابت پڇا ڪندا.
(ت) قبر جو عذاب
(ث) قيامت جي ڏينهن نيڪ ۽ بداعمالن جي تور ٿيندي.
(ج) انسان ذات کي قيامت جي ڏينهن پل صراط تان لنگهي، جنت ۾ وڃڻو پوندو.
(ح) صحابه ڪرام کي سندن اسلام لاءِ ڪل خدمتن موجب شرف حاصل آهي، جن ۾ ابوبڪر جو درجو پهريون، عمر ابن الخطاب جو ٻيو، عمثان بن عقان جو ٽيون ۽ علي ابن ابي طالب جو چوٿون درجو آهي.
(خ ) خاص حالتن ۾ امامت ۽ خلافت جي درجن کي قبول ڪرڻ.
(د) جيڪڏهن مقرر ڪيل وصفن وارو امام يا خليفو موجود نه هجي ته وقت جي موجود امير جي اطاعت ڪرڻ فرض آهي.