اسلامي فلسفي جو زوال:
مشرق ۾ 18،17 ۽ 19 ٽيئي صديون جهالت جي دؤر ۾ شمار ٿين ٿيون. هنن صدين ۾ يورپي تهذيب اسرندي ويئي ۽ ايشيائي قومن جي قسمت جو سج لهندو ويو. ايشيا جي نه فقط سياسي قوت ختم ٿي ويئي پر ساري مشرق ۾ سموريون روحاني ۽ تمدني تحريڪون به ختم ٿي ويون. مشرق بي علمي، جهالت، خانه جنگي، نااميدي، آمريت، بادشاهت، ظلم ۽ بد ڪرداريءَ جو گهر ٿي پيو پر هنن سمورن عيبن کان به وڏي ڳالهه هي هئي ته منجهن احساس ڪمتري پيدا ٿي پئي ۽ منجهانئن اميد جو جذبو مري ويو.
(مغل)تيموري سلطنت ۾ خانه جنگي، طائف الملوڪي ۽ وقت جي موجود بادشاهه جي بيوسي واري احساس، سلطنت جي زوال ۾ تڪڙو اضافو ڪيو.
جيئن يورپي طاقتون عثمانيه سلطنت جي خالف متحد ٿينديون ويون اوتري قدر ترڪيءَ جي سلطانن، اميرن، وزيرن، صوبن، رياستن ۽ قوميتن ۾ ڏڦيڙ ۽ نااتفاقي وڌندي ويئي. ترڪيءَ جا سلطان يورپ جي خلاف جارحيت کان هٽي، دفاعي جنگيون لڙي رهيا هئا. سلطان سلطنت جي هڪ صوبي جي پٺيان پنهنجي تخت کي بچائڻ خاطر دستبردار ٿيندا ويا.
ايران ۾ نادر شاهه آخري لائق ۽ بهادر بادشاهه هو. سندس موت کان پوءِ ايران تي ٽئين درجي جا ناقص قسم جا گهراڻا قابض ٿيندا رهيا جيڪي پنهنجي اقتدار، حڪومت ۽ تخت کي بچائڻ لاءِ روس ۽ برطانيا جي رحم ڪرم جا محتاج هئا.
اهو ئي سبب هو جو تهذيب جي شمع جاهل مسلمانن جي هٿن مان نڪري يورپ پهچي وئي. جن ٻن صدين جي اندر اندر سمورين گذري ويل صدين جي ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي پورو ڪري ڇڏيو ۽ علم سائنس ۽ فنون جي هر شعبي ۾ ايتري ته ترقي ڪئي آهي جو ايشيا جي جاهل قومن جي ذهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو اٿن. ايشيائي قومون اڄ به احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا آهن جيڪو حقيقت ۾ سمورين روحاني بيمارين جو ڪارڻ آهي. هي بيماري فرد يا قوم جي همت، اميد، ڪوشش ۽ سعي تي پاڻي ڦيري، منجهس نااميدي، نراسائي، بزدلي ۽ بي حسي پيدا ڪري ٿي.
ظاهر ۾ سارو ايشيا يورپ جي قبضي ۾ اچي چڪو آهي. ايشيا سياست جي راند هارائي چڪو آهي پر صورتحال اهڙي نااميد نه آهي جهڙي نظر اچي رهي آهي. ايشيا پنهنجي مردم شماري، تاريخي روايتن، فلسفي ۽ قدرتي وسيلن جي نقطه نگاهه کان اڄ به عظيم آهي. فقط علم، سياسي آزادي ۽ جمهوريت کيس وري ساڳي عظمت موٽائي ڏيئي سگهن ٿيون. قرآن مجيد هن صورتحال جو سهڻي نموني ۾ بيان ڪرڻ فرمايو آهي ته:
”جيڪڏهن توهان کي ڪو زخم پهتو آهي ته اهڙا زخم ٻين ماڻهن (قومن) کي به پهتا آهن. اسين هي ڏينهن ماڻهن کي واري سان ڏيکاريون ٿا.“