برديسنيس (بارديمان)
هن دؤر جو بيو فيلسوف، مفڪر ۽ مذهبي رهنما ابن دائسا يا برديسنيس ٿي گذريو آهي. برديسنيس ايراني هو. سال 154ع ۾ عراق جي اديسا ڳوٺ ۾ ڄائو ۽ 222ع ۾ فوت ٿي ويو. هن لاءِ چيو ويو آهي ته هيءُ اسڪندريه جي فيلسوف ڪليمنٽ جو استاد هو. هيءُ سالڪن (Gnoslic) جو مسلڪ جو آخري مفڪر هو، جنهن هڪ نئون فڪر ۽ نظريو ڏنو. هن بديءَ جي مبداءِ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ٻه مکي اصول قائم ڪيا. هن چيو ته نيڪي ۽ بدي ٻه هڪجهڙا ۽ مساوي درجي جا اصول آهن. هن اهو به چيو ته يسوع مسيح جو جسم غير مادي هو، ان ڪري وري جسماني طور تي سندس جنم وٺڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. سندس مناجاتون مشهور آهن. هن شام ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪئي، ان ڪري هو سرياني زبان جو به ماهر عالم هو. هن 25 سالن جي ڄمار ۾ ايراني بشپ هستسپس جي هٿ تي مسيحي دين قبول ڪيو. سندس فلسفي ۾ عيسائيت ۽ زردشتي ٻنهي مذهبن جا اصول شامل ڪيل آهن. هي نور ۽ ظلمات جي فلسفي ۾ اعتبار رکندڙ هو. سندس مناجاتون سرياني ادب ۾ شاهڪار تسليم ڪيون وڃن ٿيون.
برديسنيس ڪائنات کي الله تعاليٰ جي ذات جو ظهور ليکيندو هو، سندس خيال موجب: الله تعاليٰ بديءَ کي پيدا ڪري ئي نٿو سگهي. الله تعاليٰ نيڪي، هدايت ۽ سچ آهي، ان ڪري منجهائنس بدي پيدا ٿي نٿي سگهي. بدي انساني بي راهه روي ۽ سچ کان منهن موڙڻ سبب پيدا ٿئي ٿي. انسان کي ارادو عطا ڪيو ويو آهي ان ڪري هو پنهنجي حد اندر فعل المختيار آهي پر سندس جسم ۽ خلقت جي ماتحت آهن. ان ڪري سندس مڙيئي اهنج ۽ موت تقدير جي اثر هيٺ آهن. ان ڪري انساني ارادو، فطرت ۽ تقدير انساني حياتي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. برديسنيس حيات بعدالموت کان انڪار ڪري ٿو. عيسائي هجڻ جي ڪري سندس خيال موجب، عيسيٰ مسيح مريم مان پيدا ٿيو هو پر مريم وسيلي پيدا ڪيو ويو هو.