الله تعاليٰ جي ذات ۽ صفتن بابت سندس نظريو:
تشبيهي صفتن يا الله تعاليٰ جي صفتن کي قدرت ۽ شين سان ڀيٽي ڪنهن نظريي کي قائم ڪرڻ جي غزاليءَ مخالفت ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته غزاليءَ جو اعتقاد هو ته الله تعاليٰ ڪنهن به جسماني وجود سان مشابهت نٿو رکي. هو مادو نه آهي، نه وري ڪي مادا منجهس موجود آهن، هو ڪنهن به شيءِ سان مشابهت نٿو رکي ۽ نه وري ڪا شيءِ ساڻس مشابهت رکي سگهي ٿي. ان ڪري قرآن مجيد ۾ ڪم آندل لفظن منهن، هٿ، اکين کي لفظي معنيٰ ۾ وٺڻ غلط آهي. بيشڪ الله تعاليٰ انسان کي سندس شهه رڳ کان به وڌيڪ ويجهو آهي پر ان هوندي به هو سمورين مادي شين کان بالاترين آهي. سندس ويجهڙائي جسماني ويجهڙائي نه آهي. نبي ﷺ جي درجي ۽ منصب لاءِ غزالي سڄي انسان ذات جي ارتقائي چڪر کي نظر ۾ رکندي چوي ٿو ته، انسان جاهل پيدا ٿئي ٿو پر هو آهستي آهستي دماغي طور تي وڌي ۽ سڌري ٿو ۽ ڪامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انسان ۾ پريائين لمس يا ڇهڻ جو حواس بيدار ٿئي ٿو. پوءِ ڏسڻ، ٻڌڻ،چکڻ ۽ سنگهڻ جا حواس بيدار ٿين ٿا ۽ سڀ کان پوءِ هو رشتن ۾ تفريق ڪرڻ، سڃاڻڻ ۽ نالا ڏيڻ سکي ٿو. هنن ظاهري حواس سان گڏ ٻيو به هڪ خاص ملڪو انسان ۾ ٿئي ٿو، جيڪو هڪ نعمت آهي ۽ ان ڪري تمام ٿورن انسانن کي عطا ڪيو ويندو آهي. جنهن جي وسيلي هو اهڙيون شيون ڏسن ٿا. جيڪي معمولي قسم جا انسان هرگز ڏسي ۽ محسوس ڪري نٿا سگهن. ان ڪري اهڙي شخصن جا اقوال ۽ اعمال به غير معمولي قسم جا ٿين ٿا ۽ عام ماڻهو سندن پويان هلن ٿا.
سمورا جسم جوهر ۾ هڪجهڙا آهن پر سندن ارتقا ڪرڻ جي رفتار مختلف ٿئي ٿي. ان ڪري انبياءِ ڪرام قدرت جا اهي راز سمجهي ۽ پروڙي سگهن ٿا، جيڪي عام رواجي انسان جي سمجهه کان مٿي ٿين ٿا ان ڪري گهڻين حالتن ۾ سندن قوم ۽ فعل غير معمولي ۽ مابعد الطبعاتي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اها اهڙن انسانن لاءِ بلڪل معمولي ٿئي ٿي. هي فرق عام ماڻهوءَ جي جهل ۽ بي پهچائي جي ڪري ٿئي ٿو.
روح شين کي ڏسي ٿو ۽ بصيرت هڪ خاصيت يا جسماني صفت آهي، يا فلسفي جي ٻولي ۽ حادثو آهي، جيڪو جوهر جي خلقت ۾ موجود آهي پر هي صفت يا اصليت جوهر يا وجود کان ٻاهر پاڻمرادو رهي نٿي سگهي. سندس جوهر روح آهي. روح جسم نه آهي، ان ڪري سندس بيان به نٿو ڪري سگهجي. ان ڪري قرآن مجيد کيس الله تعاليٰ جو امر سڏي ٿو.
آخرت ۾ جزا ۽ سزا روحاني درجو آهي، هر شخص کي سندس اعمالن جو نتيجو ڏسڻو ۽ ڀوڳڻو پوندو. هن کي الله تعاليٰ جزا يا سزا نٿو ڏئي. پر اها هو پاڻ پنهنجي لاءِ تيار ڪري ٿو. اسين جڏهن چئون ٿا ته انسان کي سندس گناهن جي سزا ملندي ته ان مان اسان جي مراد آهي ته هو پنهنجن اعمالن جو نتيجو ڀوڳيندو. ڄڻ ته هو پنهنجو پاڻ کي سزا ڏئي ٿو. الله تعاليٰ کيس ڪا به سزا نٿو ڏئي. ان جو مثال هڪ اهڙي شخص جهڙو آهي، جيڪو نانگ کان ڏنگجي مري ٿو. ان ڪري اهو چوڻ ته نانگ جي زهر کيس ڇو ماري وڌو؟ هڪ لحاظ کان اجائي ڳالهه ٿيندي.
انبياءِ ڪرام روحاني حڪيم آهن، جيڪي اسان کي هدايت ڏين ٿا ۽ اسان جي روحاني ۽ دماغي بيمارين جو علاج ڪري، اسان کي روحاني تندرستي ۽ من درستي بخشين ٿا.
مُردن جي وري جيئري ٿيڻ مان اها مراد نه آهي ته هو ساڳين جسمن ۾ جيئرا ٿيندا پر هو ڪنهن به خاص جسماني صورت يا حالت ۾ جيئرا ٿي سگهن ٿا.
غزاليءَ جو اعتقاد هو ته انسان جي مرڻ بعد به سندس خيال ڪرڻ جي قوت قائم رهي ٿي.ان ڪري هو پنهنجي ڪتاب ‘مزنون’ ۾ لکي ٿو ته، انسان مرڻ کان پوءِ پاڻ کي هن دنيا جي حياتيءَ وانگر خوش يا ناخوش محسوس ڪندو.
غزاليءَ جي اخلاقيات جو بنياد اسلامي تعليمات تي ٻڌل آهي، انهيءَ لاءِ هو انساني طبيعت جو ذڪر ڪري ٿو جنهن ۾ سندس پنهنجي روحاني توڙي جسماني حواسن جي چرپر، افعال ۽ اعمال اچي وڃن ٿا. انساني نفس جو سندس جسم سان روح جي وسيلي تعلق آهي،جيڪو ٻاڦ وانگر هڪ لطيف جوهر آهي ۽ ساري جسم تي ڇانيل رهي ٿو.
دل يا قلب ٻن قسمن جا آهن: هڪڙو قلب جسم جو مرڪز آهي، جنهن جي وسيلي خون جو بدن ۾ تحرڪ جاري رهي ٿو. ٻيو قلب روحاني حرڪت ۽ عمل جومرڪز آهي. ٻنهي جو نالو قلب آهي، روحاني قلب ارادي، علم ۽ قوت جو سرچشمو آهي، جن جي اظهار کي ادراڪ چئجي ٿو. روحاني قلب جا پنج حواس آهن:
(1) تخيل، (2) تفڪر، (3) تذڪر، (4) حافطو ۽ ، (5) حس مشترڪ.
هي وصفون حيوان کي ٿوري انداز ۾ عطا ڪيل آهن، پر منجهن قوت استدلال (جنهن کي عقل سڏجي ٿو) ڪو به نه آهي. انسان کي عقل عطا ڪيو ويو آهي، جيڪو کيس جانورن کان مختلف بنائي ٿو. عقل انساني ارتقا جو بنيادي عنصر آهي.
جيڪڏهن قدرت جي طرفان کيس عقل جو پورو مقدار عطا ڪيل آهي ته هو آخري سچ کي ڳولهڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو. ان وقت سندس درجو، مرتبو ۽ شان، ڪائنات جي ٻين سمورين شين کان مٿانهون ٿيو پوي پر جيڪڏهن سندس روح جي حرص، هوس ۽ شهوات جو غلبو ٿئي ٿو ته سندس دماغي ۽ عقلي تحريڪ گهٽجيو وڃي ۽ هو لهندو وڃي جانورن واري درجي تي بيهي ٿو. غزاليءَ جي عقل مان مراد، هي عام دنياوي فهم ۽ فراست نه آهي پر سندس مراد آهي اهو عقل، جيڪو الاهي امر مان نڪتل هڪ مڪمل وٽ آهي.