تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اسلامي فلسفو ۽ تصوف

ڪتاب ”اسلامي فلسفو ۽ تصوف“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب فلسفي جي عالمي افڪار جي روشنيءَ ۾ إسلامي فلسفي جي اوسر جو عالماڻو مطالعو ۽ تصوف سميت اسلامي فڪر جو تفصيلي تعارف آهي، جنهن جو ليکڪ محترم ابوبڪر خان مگسي آهي.
عام طرح تصوف جي حوالي سان به ٻه گروهه سامهون آيا. هڪ گروهه خانقاهيت پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻيو ۽ ٻئي گروهه پاران تصوف اسلامي حڪمتن ۽ شريعت جي احڪامن کي عوام دوست بڻائڻ جي هڪ عملي ڪوشس هئي، جنهن جي عالم صوفين سخت ڏکيائين جي باوجود علمبرداري ڪئي. بلڪه هي چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته ملوڪيت پسند جڏهن به اسلام جي تعليم کي پنهنجن مفادن جي ور چاڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان وقت انهن ڪرڀائتين ڪوششن جي خلاف اسلام جي حق پرست صوفي عالمن جي پاران ئي مزاحمت سامهون آئي.

Title Cover of book Islami Philsipho & Tasouf

علم الڪلام تي هڪ سرسري نظر:

علم الڪلام تي هڪ سرسري نظر:
اسين اڳين صفحن ۾ مشهور مذهبي تحريڪن ۽ فلسفي جي ارتقا جو ذڪر ڪري آيا آهيون. اهو عرصي 9 صدي عيسويءَ کان شروع ٿي مغلن جي ايران تي حملي واري دؤر تي ختم ٿي وڃي ٿو. هنن تحريڪن ۾ اسان کي اعليٰ ۽ ادنيٰ خيالات، نظرياتي ۽ مادي نظريا ۽ انهن جي تڪميل لاءِ ڪيل ڏاڍ، ظلم ۽ رواداري وغيره جا عجب ۾ وجهندڙ نظارا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
معتزله عقلي استدلال کان ڪم وٺندا هئا، جن کي برخلاف اشعري نظريي پرست، حقيقت پسند ۽ روايتي روش ۾ اعتبار رکندڙ هئا. هنن انساني عقل کي انساني ۽ خدائي يا مادي ۽ روحانيءَ ٻن حصن ۾ ورهايو آهي.
انساني علم کي به ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. (1) ضروري يعني اهو جيڪو حواسن وسيلي حاصل ڪري سگهجي ۽ (2) مڪتسب يا اهو جيڪو مذهبي تعليم يا سائنسي تجربن وسيلي حاصل ڪري سگهي ٿو.
معتزلن جي خيال موجب جهالت، علم جي غير حاضريءَ جو نالو آهي پر اشعري جهالت کي بذات خود هڪ وجود ڪري مڃين ٿا. ڪن جو خيال هو ته الله تعاليٰ جي ذات جي تعريف يا وصف بيان ڪري نٿي سگهجي. ڇاڪاڻ ته هو بي چون بي مثال آهي، جنهن جي ڀيٽ ڪري نٿي سگهجي. قرآن مجيد ۾ ذڪر ڪيل سمورين صفتن جي لفظي معنيٰ جي بجاءِ باطني معنيٰ ڪرڻ گهرجي. پر ٻين عالمن جو خيال هو ته، قرآن مجيد جي تاويل اکري معنيٰ ۾ ڪرڻ گهرجي.
ڪي عالم قرآن مجيد کي مخلوق ۽ ڪي کيس قديم ڪري ڄاڻندا هئا. خلفاءَ ۽ مسلمان بادشاهن ۾ ڪي معتزلن جا ۽ ڪي اشعري عالمن جا سرپرست هئا. مامون ۽ سندس ڀائر معتصم ۽ واثق معتزلن جا وڏا مداح، سرپرست ۽ مددگار هوندا هئا. خليفو المتوڪل ۽ سلجوقي بادشاه سلطان صلاح الدين اشعرين جا مداح ۽ سرپرست هوندا هئا. ان ڪري معتزلن جي ڪتابن کي ڳولي ڳولي ختم ڪيو ويو. ايتري قدر جو انهيءَ ذخيري ۽ گنج مان فقط ٿورڙا ڪتاب ۽ ٻين ڪتابن جا اقتباسات موجود رهجي ويا آهن.
علم الڪلام جو خاص مقصد هو مذهب ۽ فلسفي کي ملائي ٻنهي مان فائدو حاصل ڪرڻ، ان ڪري علم الڪلام جو فن مذهب ۽ فلسفي ٻنهي جو محتاج رهندو آيو آهي.
متڪلمين پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن فلسفي ۽ ڪڏهن مذهب جو سهارو وٺندا آيا آهن، ان ڪري هو استدلال سان گڏ قرآن مجيد جي آيتن کي به دليل ۽ حجت طور پيش ڪندا هئا. سندن مکين موضوع هي هئا:
1- مادو: عربي ۾ حيولا، يونانيءَ ۾ Hyle، جنهن کي هو الله تعاليٰ جي ذات وانگر قديم سمجهندا هئا. مادو پنهنجي خالص حالت ۾ هڪ قوت (Energy) آهي، جيڪا صورت کي قبول ڪرڻ سان مَٽجيو شيءِ ٿيو پوي. کيس هيٺين حصن ۾ ورهايو ويو آهي:
1- بنيادي مادو (حيولا)
2- هن ڪائنات جو مادو.
3- عناصرن جو مادو.
4- قوت (Energy).
مسلمان مفڪرن ۾ فقط عبدالڪريم چوي ٿو ته، الله تعاليٰ جي ذات حيولا يا بنيادي مادي جو ٻيو نالو آهي.
جوهر انهيءَ مادي جو نالو آهي، جيڪو پنهنجي وجود ۾ قائم هجي. عرض اهو مادو آهي، جنهن جو مدار ٻئي مادي تي هجي، مثلاً: رنگ جيڪو ڪنهن مادي ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
جوهر جا پنج مکيه قسم آهن:
(1) بنيادي مادو، (2) صورت، (3) جسم (جنهن جي وزن ۽ ماپ هوندي آهي)، (4) روح يعني حيواني روح ۽ (5) ادراڪ.
هنن جي ڀيٽ ۾ متڪلمين عالمن ايٽم جو نظريو پيش ڪيو ۽ چيائون ته مادي جي اهڙي قسم جي ورهاست جي ڪا به ضرورت نه آهي، ڇاڪاڻ ته هنن ۾ ڪو به فرق نه آهي، مادي جو هر قسم ائٽمن جو مجموعو آهي ۽ سڄي ڪائنات ائٽمن جي ٺهيل آهي.
ابو رشيد سعيد بن محمد نيشاپوري، معتزله عالم ابو هاشم جي ائٽمي نظريي بابت پنهنجي ڪتاب ‘ڪتاب المسائل’ ۾ لکندي چوي ٿو ته، ‘جزلايتجزا’ يا اهو جزو، جنهن جا وڌيڪ جزا نه ڪري سگهجن، هڪ جوهر آهي، جنهن ۾ خال کي ڀرڻ جي خاصيت هوندي آهي. ان خاصيت کي تحيز چئبو آهي. هن جي صورت ڪعب وانگر هوندي آهي، يعني کيس ڇهه پاسا هوندا آهن.
هر ائٽم خلا ۾ پنهنجي جاءِ ڀري ٿو. خلا ۾ ايٽم هميشه متحرڪ رهن ٿا ۽ هڪ ٻئي تي داٻ وسيلي اثر پيندا ڪن ٿا.
خلا حقيقت ۾ آهي ئي ڪا نه- خلا ائٽمن سان ڀريل آهي، شيءِ ۽ لاشيءِ جي حالت خود مادي ۾ موجود رهي ٿي.
الله تعاليٰ ائٽمن کي وجود ۾ آڻي ٿو. شيءِ جي حيثيت سان ائٽم چرپر ڪن ٿا، گڏجن ۽ ڌار ٿيندا رهن ٿا ۽ ساڪن به رهن ٿا.
اشعرين هن ظريي ۾ ترميم آندي، هنن ظاهر ڪيو ته: (1) ڪائنات ائٽمن جو ميڙ آهي، (2) ائٽمن کي حواسن وسيلي معلوم ۽ محسوس ڪري نٿو سگهجي. (3) ائٽمن ۾ ڪو به وزن نه آهي پر هو خلا کي ڀريو بيٺا آهن، (4) هنن ۾ انداز ڪونهي، هو لامحدود ۽ بي انداز آهن، (5) هنن جي گڏجڻ ۽ ڌار ٿيڻ سان مادو صورت وٺي ٿو ۽فنا ٿئي ٿو، (6) زمان ۽ مڪان به ائٽمي تحرڪ جو نتيجو آهن، (7) هر جوهر ۾ ڪيترائي عرض (حادثا) ٿين ٿا، جيئن حياتي، موت، علم، جهالت وغيره ۽ (8) روح (نفس) به هڪ لطف ۽ باريڪ ائٽمن مان ٺهيل آهي.
اشعرين جو وڌيڪ چوڻ هو ته الله تعاليٰ ڪائنات جي ٺاهيندڙ ائٽمن کي پيدا ڪندو ۽ فنا ڪندو رهي ٿو، ان ڪري:
1- هر گهڙي ۽ هر ساعت نوان ائٽم ۽ هڪ نئين زندگي پيدا ٿيندي رهي ٿي.
2- قدرت جو قانون هڪ خيالي تصور آهي، جنهن جو ڪو به وجود نه آهي.
3- الله تعاليٰ جي سامهون شيءِ ۽ لاشيءِ جو ڪو به وجود نه آهي.
4- جيستائين الله تعاليٰ ائٽم پيدا ڪندو رهندو، هيءَ ڪائنات هلندي رهندي پر جڏهن هن سلسلي کي بند ڪندو ته ڪائنات ختم ٿي ويندي.
مذهبي عالمن جي عقيدي موجب روح انهيءَ شيءِ جو نالو آهي، جا آدم ۾ ڦوڪي وڌي ويئي آهي. قلب سندس گهر آهي، کيس خير ۽ شر يعني نيڪي ۽ بديءَ جون خاصيتون (قوتون) مليل آهن. ارادو سندس مٿانهون درجو آهي، جنهن جي وسيلي هو نيڪي ۽ بديءَ ٻنهي تي قابض آهي. انساني ارادو عقل ڪل جي ماتحت آهي. موت معنيٰ بدن ۽ روح جو جدا ٿي وڃڻ، جيڪي الله تعاليٰ جي امر سان وري گڏ ڪيا ويندا پر ائٽم جي نظريي وارا ان کي به هڪ ائٽمي فعل سمهن ٿا.
ايٽم عقل به رکي ٿو. ائٽمي نظريو شروعات ۾ فقط انهن فيلسوفن جي جواب ۾ ٺاهيو ويو هو، جن جو عقيدو هو ته هيءَ ڪائنات بنيادي مادي ۽ صورت جو مرڪب آهي، جنهن ڪري ڪائنات ابدي آهي، ان ڪري قيامت جي اصول کي مڃڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿين ٿيون.
فيلسوفن جي نظريي مطابق مادو به قديم آهي، ان ڪري ابدي آهي، مادي جي ابديت جي معنيٰ آهي جسم جي ابديت، فيلسوفن جي قول موجب آسماني جسمن جي ڳولائيءَ ۾ گردش ڪرڻ جو عمل ابدي آهي پر سندس مستطيل نموني ۾ هيٺ مٿي وڃڻ ناممڪن آهي. ائٽمي نظريي جي عالمن جي خيال موجب گولائيءَ ۾ گردش ڪندي ايٽم هڪ ننڍي مستطيل جي نموني ۾ هڪ ٻئي سان ٽڪرجن ٿا. ان ڪري هو ابدي ٿي نٿا سگهن.
الله تعاليٰ جي ذات باري نڪو مادو آهي، نه ڪو ائٽم آهي. سندس وجود ۽ شيءِ (Being) هجڻ ۾ ڪو به فرق نه آهي. الله تعاليٰ خود ائٽمن (مادي) جو پيدا ڪندڙ خالق آهي پر انهن ائٽمن ۾ ايترو جوهر نه آهي جو گهڻو عرصو قائم رهي سگهن، ان ڪري جاءِ وٺڻ لاءِ نوان ائٽم اچن ٿا. جيڪڏهن الله تعاليٰ تخليق جو عمل بند ڪري ڇڏي ته هيءَ ڪائنات خودبخود فنا ٿي ويندي.
قدر جو خيال به تمام پراڻو آهي. قديم ايران جي زروانين جو اعتقاد هو ته زمان، جنهن جي مبدا جو تعين ڪري نٿو سگهجي، هر شيءِ جي اصليت ۽ بنياد آهي. هر شيءِ تي زمان جي بالادستيءَ کي تسليم ڪيو ويو هو. ڪن عالمن جو خيال هو ته زمان هڪ لامحدود ۽ اڻ ڄاتل دؤر کان ۽ خود انهيءَ بنيادي مادي کان به اڳ ۾ موجود هو، جنهن مان الله تعاليٰ ڪائنات کي پيدا ڪيو آهي.اهڙيءَ ريت قدر (Desting) ۽ بنيادي مادو هڪ ۽ ساڳي شيءِ يا احساس هو، جنهن مان هر شيءِ کي پيدا ڪيو ويو هو. خدا به هڪ پهلوي ڪتاب Mainogo-e-Khirat ۾ قدر سان شامل ڌيکاريو ويو آهي.
جاهليت جي دؤر جي عربن ۾ به قدر جو خيال موجود هو، جيئن ابن سميل جو شعر آهي ته:
”تون هنن کي گڏجندين، ته خبر پوندئي ته هو ڪيتري قدر نه خاموش آهن، انهن کي جيڪي حادثن جي بي انصافيءَ مان پيدا ٿين ٿا.“
قرآن مجيد ۾ به انسان جي بيوسي ۽ الله تعاليٰ جي قدرت ۽ اختيار جو ذڪر ملي ٿو ته، ڪيئن هوءَ انساني عمل ۽ طاقت جو فيصلو ڪري ٿي. خدائي امر ۽ فيصلن جي تائيد ۾ ڪيتريون حديثون به موجود آهن، جيڪي انساني عمل تي ستارن جي اثر جي نظريي کي پوريءَ طرح رد ڪن ٿيون.
خلفاءِ راشدين نبي ﷺ جي خيالن جي پيروي ڪئي. جڏهن علي ابن ابي طالب شام تي فوج ڪشي ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ته هڪ نجوميءَ کيس ٻڌايو ته هي وقت فوج ڪشي ڪرڻ لاءِ موزون نه آهي. علي ابن ابي طالب جواب ڏنو ته: ” منهنجي هيءَ تلوار منحوس وقت کي درست ڪري ڇڏيندي.“
صحابه ڪرام کي پنهنجي ارادي جي آزاديءَ جو احساس هو، مگر هو انهيءَ کي الله تعاليٰ جي فيصلن ۽ امر جي تابع ڄاڻندا هئا.
راسخ العقيده مذهبي مسلمان علماءَ جو عقيدو آهي، ته انساني عمل اڳ ۾ مقرر ڪيل نه هوندو آهي پر عمل جي ٿي وڃڻ بعد سندس اعمالن ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. معتزلن جي توليد جي نظريي موجب هر شيءِ کي طبيعت ٿيندي آهي ۽ هر شيءِ الله تعاليٰ جي منشا موجب وجود رکي ٿي، جيڪو منجهس عادت (خاصيت) وجهي ٿو. مسلمان فيلسوف الله تعاليٰ جي امر (قدر) کي سندس علم سان شامل شمار ڪن ٿا.
پر اشعرين اهڙن نظرين کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو، هنن انساني اعمال کي ڪلي طور تي الله تعاليٰ جي ارادي جي ماتحت ڪري ڇڏيو. انساني نيڪ اعمال، ارادي ۽ اهليت جو دارو مدار الله تعاليٰ جي مشيت تي آهي. انسان الاهي امر کي اڪتساب وسيلي حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجي محبت جو ڦل کائي سگهي ٿو.