علم تصوف
انسان جي دل پنهنجي خالق جي محبت سان ٽمٽار رهي ٿي ۽ هو سدائين اڻ ڄاتل ۽ اڻ سڃاتل قوت جي راز کي ڳولي لهڻ ۾ اهڙيءَ ريت سر گردان رهي ٿو، جهڙيءَ ريت هڪ عاشق پنهنجي دنياوي (مجازي) معشوق جي ديدار ڪرڻ لاءِ سر گردان رهي ٿو. هي اهڙو ته مشترڪه جذبو آهي، جو نسل، رنگ ۽ ملڪي درجي جا سمورا فرق ميٽجيو وڃن. ان ڪري صوفي ايراني هجي خواه توراني، چيني توڙي عرب، يا يورپي هجي، پر معشوق لاءِ سڪ، آلاپ ۽ تڙپ ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي. سندس ٻوليون ۽ محاورا جدا جدا هوندا آهن پر سندن مول مطلب ۾ ڪو به فرق نه هوندو آهي. سندس تفصيل ۾ فرق ٿي سگهي ٿو پر اصول ۽ بنيادي جذبي ۾ ڪو به فرق ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. سمورن جو مقصد الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ هوندو آهي، پر سندن واٽون جدا جدا ٿين ٿيون. هنن جون نظرون هڪ طرف ۽ هڪ ئي منزل ۾ کتل ٿين ٿيون. ان ڪري مولانا رومي چوي ٿو ته: جيڪڏهن سالڪ جي سک سچي آهي ته هو کيس ضرور ڳولي لهڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. شري ڪرشن به ڀڳوت گيتا ۾ چوي ٿو ته:
”جيڪو (مون کان سواءِ) ٻين ديوتائن جي پوڄا ڪري ٿو، جيڪڏهن پوري اعتقاد سان ڪري ٿو ته، ڄڻ منهنجي پوڄا ڪري ٿو. روڪانتي جا پٽ! جيتوڻيڪ اهڙو شخص پراڻي قانون جي خلاف هلي ٿو.“
”جيڪو به مونکي (منهنجي راهه ۾) ڪو پن، ڪو گل، ڪو ميوو، پاڻي ڏئي ٿو، ته اهڙي ڪوشش ڪندڙ سالڪ کان اها سو کڙي آءُ قبول ڪريان ٿو، ڄڻ ته هن اها وڏي سڪ ۽ پيار سان ڏني آهي.“
”انسان ڪهڙي به رستي سان اسان جي طرف ايندو ته آءُ سندس مرحبا ڪندس، اي پارٿا! انسان جنهن به رستي تي هلندا، اهو منهنجو آهي.“
جيڪو سُر روميءَ ايران ۾ آلاپيو آهي، سو ساڳيو سر سنڪارا هند ۾ آلاپيو آهي. ساڳيو اثر يورپي صوفين ۾ به نظر اچي ٿو. ڄڻ ته اهو انهيءَ وقت جو سر هو، جيڪو هر هنڌ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هندو بزرگن جو هي چوڻ سچ آهي ته هر جڳ کي پنهنجي خاص خصوصيت ٿيندي آهي ۽ انهيءَ جو دائرو عالمي هوندو آهي. هي دائرو ڪنهن خاص قوم يا ملڪ تائين محدود نه هوندو آهي. اهو فڪر ڄڻ ته هڪ ڪڪر آهي، جيڪو ملڪن جي حدن جي لحاظ کان سواءِ ڌرتيءَ تي رحمت وسائيندو رهي ٿو. سمجهه جو درجو ۽ حالتون مختلف هونديون آهن. ان هوندي به هر جُڳ جي اثر هيٺ انساني دل ۽ دماغ ساڳي ڏس ۾ سوچين ٿا، جنهن مان انسان ذات جو هڪٻئي سان اندروني لاڳاپو ظاهر نظر ايندو آهي. هن ۾ سنها ۽فروعي فرق ٿي سگهن ٿا. سندن اظهار جي طور طريقي ۾ تفاوت ٿي سگهي ٿو پر ان جي پٺيان روح ساڳيو ۽ هڪ هوندو آهي. هي فرق هر قوم جي سماجي، مذهبي، سياسي ۽ اخلاقي ارتقا جي درجي ۽ سندن ذهني معيار جي گهٽ وڌائيءَ جي ڪري هوندو آهي.
هن عجيب ڳالهه جو ثبوت هيءَ آهي ته اسلامي تصوف، هندو ويدانت ۽ يورپي مسٽڪ جا گهڻو ڪري سمورا عالم 8 صدي عيسويءَ کان 15 صدي عيسويءَ جي عرصي ۾ پيدا ٿيا آهن، جيڪو عرصو دنيا جي هر ملڪ ۾ تصوف جي عروع ۽ زوال جو عرصو ليکيو وڃي ٿو.
اسلامي-تصوف کي اسين سولائيءَ سان هيٺين درجن ۾ ورهائي سگهون ٿا:
(1) سادي زندگي Asetie Life
(2) نظرياتي ارتقا Theoritical development
(3) منظم جماعتن جو پيدا ٿي اڀرڻ.
(4) تنزل ۽ خاتمو.
پهريون دور نبيﷺ جي حياتيءَ کان شروع ٿيو بنو عباس خليفن جي دور تي ختم ٿئي ٿو. نبيﷺ جا صحابه ڪرام خاص طور تي خلفاءِ راشدين، سلمان فارسي، ابوذر غفاري، مقداد، عمار بن ياسر، معاذ بن فيلرضي الله ۽ ٻيا اسلام جا مبلغ، نيڪو ڪار ۽ سادي ز ندگي کي گذارڻ لاءِ مشهور هئا. ڪي صحابه ڪرام ايتري قدر ته غريب هئا جو کين رهڻ لاءِ گهر به نه هوندو هو. ان ڪري هو مسجد نبويءَ ۾ رهندا هئا. هو مسجد جي ڇت تي يا صفحي ۾ سمهندا هئا، ان ڪري مٿن اصحاب صفحه جو نالو پئجي ويو. جيڪو ڦري صفه ٿي پيو. هنن صحابه اڪرام پاڻ کي اسلام جي تبليغ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو. سندن گهڻو وقت قرآن مجيد جي مطالعي ڪرڻ ۽ تلاوت ۾ گذرندو هو. هو اسلامي اصولن تي پاڻ ۾ بحث مباحثا ڪندا رهندا هئا. نبيﷺ جي ساڻس محبت هوندي هئي.
عام صحابه به سندن احترام ڪندا هئا. علي ابن ابي طالب بلوغت کان اڳ ۾ اسلام قبول ڪيو هو ۽ نبي ﷺ جي صحبت ۾ وڏو ٿيو. کيس سندن پياري نياڻي فاطمه سان شادي ڪرڻ جي سعادت نصيب ٿي. ان ڪري هن نبي ﷺ کان ٻين اصحابن جي مقابلي ۾ وڌيڪ علم پرايو. هو پنهنجي سادگي، تقويٰ ۽ فلسفياڻي نقطهءِ نظر جي لاءِ مشهور هوندو هو، سندس خلافت جو عرصو تمام ٿورو هو. تنهن هوندي به انهيءَ ٿوري عرصي اندر ڪوفي جهڙي علمي مرڪز ۾ سندس ڪيترا علمي دوست ۽ مداح پيدا ٿي پيا هئا. اهل تصوف جون سموريون فڪري ڌارائون ۽ جماعتون کيس نبي ﷺ کان پوءِ ٻئي نمبر تي پنهنجو روحاني پيشوا، استاد ۽ رهبر ڪري مڃين ٿيون. جيتوڻيڪ هنن جماعتن جو سندن حياتيءَ ۾ ڪو سڌو تعلق نظر نٿو اچي.
علي ابن ابي طالب جي مداحن مان اويس قرني قابل ذڪر آهي. هن جي تقويٰ ۽ اسلام سان محبت جي ڪري عمر ابن الخطاب ۽ علي ابن ابي طالب ۽ ٻيا صحابه اڪرام سندن احترام ۽ عزت ڪندا هئا. اويس قرني کي نبي ﷺ جي ذات لاءِ ايترو پيار هو جو، جڏهن کيس خبر پئي ته احد جي جنگ ۾ سندس ٻئي ڏند شهيد ٿي ويا آهن ته پاڻ به پنهنجا مهڙ وارا ٻه ڏند ڪڍائي چڏيائين . هو پنهنجي سادي زندگي ۽ تقويٰ لاءِ مشهور هو. جڏهن کيس خبر پئي ته علي ابن ابي طالب ڪنهن جنگ لاءِ وڃي رهيو آهي ته، پاڻ به اچي سندن فوج ۾ شامل ٿيو ۽ جنگ ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويو. ساڳيءَ طرح عمار بن ياسر 90 سالن جي عمر ۾ علي ابن ابي طالب جي طرفان جنگ ڪندي شهيد ٿي ويو. ابوذر غفاري ايترو جرئتمند صحابي هو، جو هن معاويه بن ابي سفيا (جيڪو شام جو گورنر هو) جي ٺٺ ۽ شان شوڪت جي خرچ، سرڪاري خزاني جي اصراف، تي اعلانيه طور تي اعتراض ڪيو. آخرڪار هن خود خليفي عثمان بن عفان تي به نقطه چيني ڪرڻ شروع ڪري ڏني، جنن لاءِ خليفي عثمان کيس جلاوطن ڪري ڇڏيو، جتي هو فوت ٿي ويو، ابو ذر غفاري به علي ابن ابي طالب جو مداح هو.
ڪوفو، جنهن کي علي ابن ابي طالب پنهنجو داراالخلافت بنايو هو، سندس مداحن جو مرڪز ٿي پيو، ڪوفي جي عوام کي سندس سادگي، علم ۽ تقويٰ لاءِ وڏو احترام هوندو هو.
سندن ڪوفي مداحن ۾ مالڪ بن حارث، ڪميل بن زيد جهڙا مشهور ماڻهو شامل هئا، مصر ۾ به عليءَ جا مداح موجود هئا.
اڳتي هلي مصر تصوف جي جنم ڀومي ثابت ٿي، کيس سندس حياتيءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو اوتار يا الله تعاليٰ جو مظهر سمجهندا هئا، سندن شهادت سندس مرتبو وڌائي ڇڏيو.
علي ابن ابي طالب جي نبي ﷺ سان قرابت، سندس علمي خدمات، سندس غريب پروري، سندس زهد ۽ تقويٰ، سندس انصاف ۽ عدل، سندس رواداري ۽ عقل ۽ دانش جا اقوال جيڪي سچ پچ سندس هئا يا سندس مداحن ڏانهس منسوب ڪيا آهن، هنن سمورين ڳالهين گڏجي کيس اهڙي شخصيت بنائي ڇڏيو هو جو عام ماڻهو ڏانهس هدايت ۽ رهبري وٺڻ لاءِ نهارڻ لڳا هئا، خاص طور تي حق جا ڳولائو ۽ عبادت گذار انسان.
شروعاتي صوفين ۾ اڪثريت ايرانين جي هئي، جن سان بعد ۾ شامي ۽ مصري به شامل هئا، هن طبقي جا ماڻهو گهڻو ڪري رهبانيت پسند درويش انسان هئا، جن سادي زندگي گذارڻ کي پنهنجو شعار ۽ حياتيءَ جو مقصد بنائي ڇڏيو هو. مڪي شريف جي زيارت ڪرڻ سندس محبوب مشغلو هو، هنن ماڻهن آخرڪار مڪي شريف جي ٻاهران خانقاهون ٺهرايون، جتي سندن مريد به ساڻس گڏجي رهندا هئا. هنن ڪي لکتون نه ڇڏيون آهن يا سندس لکتون ضايع ٿي ويون آهن پر سندن اقوال سندن سوانح نگارن پنهنجن ڪتابن ۾ نقل ڪيا آهن. هي سوانحون سندن مرڻ کان گهڻووقت پوءِ لکيون ويون. ان ڪري هنن لکتن جي سچائيءَ لاءِ ڪو واضح ثبوت ڪو نه ٿو ملي سگهي. جيڪڏهن اسين سندن لکتن کي سچو مڃينداسون ته پوءِ اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته هنن بزرگن جون حياتيون اسلام ۽ سنت نبويءَ جي مطابق هيون. سندن زندگين تي عيسائي پادرين ۽ ٻڌڌرم جي پوڄارين جو اثر به نظر اچي ٿو، جيڪي انهيءَ سمي ايران جي شمالي ۽ مشرقي حصن ۾ رهندا هئا، جيڪي علائقا هن وقت روس ۽ افغانستان ۾ شامل آهن. ايراني صوفين جي اڪثريت هنن علائقن مان هئي.