اقبال جو ‘نظريه خودي’
تصوف جي انهيءَ غلط نظريي جي عيوض سر محمد اقبال دنيا کي ‘خودي’ جو نظريو ڏنو. صوفي پنهنجي نفس جي وجود جو انڪار ڪندا آهن پر سر محمد اقبال جو خوديءَ جو فلسفو نفس جي وجود جو اقرار ڪرڻ سيکاري ٿو. هڪ ناقص نفس پنهنجي وجود جي انڪار ڪرڻ سان تڪميل حاصل ڪري نه سگهندو پر پنهنجي نفس جي وجود جو اقرار ڪندي، کيس سڌاري ۽ تڪميل جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿو.
مطلب ته صوفين جو زوايه نظر منفي هو ۽ سر محمد اقبال جي خوديءَ جو نظريو مثبت آهي. انهيءَ نقطي کي سمجهائڻ ڪرڻ لاءِ نبيﷺ جي حديث آهي ته ”پنهنجي اخلاق ۾ الله تعاليٰ جي صفتن سان مشابهت پيدا ڪريو.“ الله تعاليٰ جي صفتن ۾ طاقت، قدرت، علم، ارادو، محبت ۽ حياتي اچي وڃن ٿيون پر جهالت، بيوسي، نااميدي ۽ نفرت سندس صفات ۾ شامل نه آهن.
ان ڪري سر محمد اقبال صوفين جي منفي نقطه نظر کي انسان ذات لاءِ هڪ زهر قاتل سمجهي ٿو، جيڪو منجهن نااميدي، نراسائي ڪمزوري، نفرت، سستي ۽ ڪاهليءَ کان سواءِ ٻي ڪا به مفيد شيءِ يا گڻ پيدا نٿو ڪري سگهي.
علم تصوف ۽ ‘خوديءَ’ جون به معنائون آهن: تڪبر ۽ وڏائي يا نفس پرستي، جنهن کي سنسڪرت ۾ اهنڪارا سڏيو ويو آهي ۽ ٻي معنيٰ اٿس وحدت يا يڪجهتي.
اقبال خودي کي وحدت ۽ يڪجهتيءَ جي مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي ۽ صوفين ان کي پهرين معنيٰ ۾ ورتو آهي. صوفي سدائين خودي ۽ تڪبر کان بچڻ جي تلقين ڪندو رهيو آهي. ايراني صوفين وري خوديءَ کي هميشه سر محمد اقبال واري معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا کي ترڪ ڪرڻ، عمل کان پري ڀڄڻ، سستي ۽ بزدليءَ جهڙا اوڳڻ سندن قومي ڪردار ۽ روايتن جي خلاف آهن.
هڪ ايراني صوفيءَ جي نظرن ۾ هي ڪائنات اجائي، بي مقصد ۽ فائدي کان خالي نه آهي. فنا مان سندس مراد اها نه آهي جيڪا هندوستان ۽ ٻين ملڪن جي صوفين ورتي آهي. هو انسان ۽ انسان جي وچ ۾ لاڳاپن کي ختم ڪرڻ جي خلاف رهيا آهن. نفس ڪل ۾ جذب ٿي وڃڻ مان ايراني صوفين جي مراد آهي تڪبر ۽ نفسانيت کي تڙي ڪڍڻ. سندن خيال ۾ تصوف هڪ مثبت قسم جو نظريو آهي. جيڪو دنيا ۽ حياتيءَ جي افاديت کي قائم رکي ٿو ۽ پنهنجي نفساني ۽ مادي خواهشن کي وسارڻ ۽ ذڪر فڪر وسيلي الله تعاليٰ جو قرب ۽ ميلاپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. سر محمد اقبال جو به ساڳيو نظريو آهي ته الله تعاليٰ جو قرب تڪميل جو ڪارڻ يا سبب آهي ۽ الله تعاليٰ کان دوري نامڪمل ٿيڻ جو سبب آهي. انسان جيترو الله تعاليٰ جي ذات کي ويجهو هوندو اوترو وڌيڪ مڪمل ٿيندو. ڇاڪاڻ ته الله تعاليٰ جي قرب جي ڪري هو سندس نور کي وڌيڪ جهٽي سگهي ٿو،يا سهرورديءَ جي لفطن ۾ ته ”الاهي نور کيس وڌيڪ منور ڪري ٿو.“
پروفيسر نڪلسن ‘اسرار خوذيءَ’ جي مقدمي ۾ سر محمد اقبال جي تعليمات کي سمجهائيندي لکي ٿو ته: ”انسان الله تعاليٰ جي ذات ۾ نٿو سمائجي پر هو الله تعاليٰ جي ذات (نور) کي پاڻ ۾ سمائي ٿو.“ ايراني صوفين به ساڳي ڳالهه چئي آهي ته ”انسان الله تعاليٰ جي ذات کي منور نٿو ڪري پر الله تعاليٰ کيس منور ڪري ٿو.“
پروفيسر نڪلسن ساڳئي نقطي کي وڌيڪ واضح ڪندي لکي ٿو ته ”هڪ نيڪ صفت انسان، مادي ڪائنات کي پاڻ ۾ ضم نٿو ڪري پر ان تي قبضو ڪري، الله تعاليٰ جي ذات کي پنهنجي نفس (ضمير) ۾ سمائي ٿو. سندس نظر ۾ هيءَ زندگي هڪ روان دوان تحرڪ جو نالو آهي جيڪو پنهنجي وهڪري ۾ هر رڪاوٽ کي هٽائيندو، پاڻ ۾ سمائيندو هلندو رهي ٿو. حياتيءَ جي هن وهڪري ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ هي مادو يا فطرت آهي.
فطرت بذات خود ڪا خراب شيءِ نه آهي. ڇاڪاڻ ته ان جو وسيلي ئي زندگيءَ جون ڳجهيون قوتون بيدار ٿي، پاڻ کي ظاهر ڪنديون هلن ٿيون. حياتي هڪ آزاديءَ جي جنگ آهي ۽ انساني عمل جو آخري مقصد زندگي آهي.“
مٿي ذڪر ڪيل سمورا اصول، نظريا ۽ نقطا، اقبال کان گهڻو اڳ ۾ ايراني صوفي مثلاً مولانا رومي، سهروردي، شبستري ۽ ٻيا چئي ۽ سيکاري ويا آهن. هنن اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو آهي ته مادي وجود، روحاني ارتقا جو بنياد آهي. هيءَ دنيا به خراب نه آهي پر سندس غلط استعمال يا فطري خواهشن کي حد کان وڌيڪ پورو ڪرڻ هڪ خراب ۽ غلط ڳالهه آهي.
دنيا کي ترڪ ڪرڻ جو مطلب اهو نه آهي ته انسان وڃي خودڪشي ڪري يا پاڻ کي ڪنهن ضلالت جي غار ۾ اڇلائي ڇڏي پر ان جو مطلب آهي پنهنجي نفساني خواهشن ۽ شهوات تي قبضو رکڻ، علم ۽ عمل جي پاڪائيءَ وسيلي پنهنجي اندر کي الله تعاليٰ جي نور هدايت سان روشن ڪرڻ-ممڪن آهي ته هندوستان يا ايران جي ڪن جاهل پيرن يا فقيرن يا ڪوڙن مرشدن ۽ شاعرن هن ڳالهه کي نه سمجهيو هجي يا غلط سمجهيو هجي ۽ ان ڪري هن جو غلط استعمال ڪري، غلط قسم جو فائدو حاصل ڪري هجي.
هيءَ ڳالهه خود اسلامي تعليمات ۽ سچي تصوف جي اصولن جي سراسر خلاف ورزي آهي. ان ڪري سر محمد اقبال جو خوديءَ جو فلسفو ڪو نئون خيال ۽ فڪر نه آهي پر موجوده سماجي ۽ سياسي حالتن ۾ مسلمانن کي غفلت، سستي ۽ جهالت مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ هي نظريو تمام ضروري هو.
سر محمد اقبال ‘خوديءَ’ ۾ محبت کي سمائڻ واري خواهش جي معنيٰ ۾ ورتو آهي. جنهن ساڳي ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ايراني صوفين کيس نفس جي تڪميل حاصل ڪرڻ لاءِ سچي خواهش جي نالي سان سڏيو آهي.
سر محمد اقبال جي نون تقريرن کي ڪتابي صورت ۾ قلمبند ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ فاضل مصنف اسلامي فلسفي جي حقيقت ۽ روح کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسلامي فلسفي ۽ نظريه حيات جي هر شاگرد کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.
هن ڪتاب جو پهريون باب علم ۽ مذهبي تجربي حاصل ڪرڻ متعلق آهي. يوناني فلسفي کي تمهيد جي طور تي بيان ڪندي سر محمد اقبال چوي ٿو ته قرآن مجيد جي تعليمات جو مرڪزي نقطو هي آهي ته بندي جي نفس ۾ الله تعاليٰ جي ذات ۽ ڪائنات سان سندس هزارها رشتن بابت سندس اعليٰ شعور کي بيدا ڪرڻ گهرجي.
روحاني ثابت قدمي، جنهن جي عيسائي مذهب وارا دعويٰ ڪن ٿا، دنياوي ظاهري قوتن کي ترڪ ڪرڻ سان حاصل نه ٿي سگهندي، هي قوتون اڳ ۾ ئي الله تعاليٰ جي نور سان منور ٿيل آهن.
هنن ظاهري قوتن سان انساني تعلقات کي باطني طور تي حاصل ڪيل نور جي مطابقت ۾، مناسب نموني سان ٺهڪائي ڇڏڻ سان، هي قوتون حاصل ٿي سگهن ٿيون. ٻئي باب ۾ الهامي طور تي حاصل ڪيل مذهبي تجربن جي فهرست ڏني وئي آهي.
تقدير کي سمجهائيندي سر محمد اقبال چوي ٿو ته تقدير انهيءَ وقت جو نالو آهي جيڪو سندس ظاهر ڪندڙ جي ممڪنات کان اڳ ۾ هجي. هن وقت کي محسوس ڪري سگهجي ٿو پر ان جو پورو اندازو لڳائڻ يا تصور ڪري سگهڻ ممڪن نه آهي.
ٽيون باب الله تعاليٰ جي ذات بابت نظر ۽ صلواة جي معنيٰ ۽ مقصد کي سمجهائڻ تي لکيو ويو آهي. الله تعاليٰ جي ذات بابت اسلامي نظريي جي وضاحت ڪندي سر محمد اقبال چوي ٿو ته نماز با جماعت جو مقصد آهي ” هي ڪائنات جي هيبتناڪ خاموشيءَ ۾ انسان جي باطني سڪ جي اظهار جو جواب حاصل ڪرڻ. “ هن بابت ڪنهن به تڪرار، نفرت ۽ جدال جي ڪا به ضرورت نه آهي. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته:
”هر قوم لاءِ اسان عبادت جو طريقو مقرر ڪيو آهي جنهن تي هو ڪاربند آهن. ان ڪري کين گهرجي ته تو سان (اي نبي) هن معاملي ۾ تڪرار نه ڪن.
بني نوع انسان کي يڪجهتيءَ جي احساس ڏيارڻ لاءِ ڪعبته الله ڏانهن مهاڙ ڪري نماز پڙهڻ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. نماز ۾ بدن جي وسيلي قلب کي ادب سيکارڻ لاءِ بدن کي قيام، رڪوع، سجده، ويهڻ ۽ نوڙڻ لاءِ مجبور ڪيو ٿو وڃي.
چوٿين باب ۾ انساني نفس يا خودي (Ego)، انانيت، /سندس آزادي ۽ ابديت جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هي مضمون سندس دل وٽان آهي. ان ڪري هن خوديءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي مفيد مثال پيش ڪيا آهن. هن پڇاڙيءَ ۾ هيءَ ڳالهه پيش ڪئي آهي ته قرآني تعليمات موجب انسان پنهنجي وجود جي حدن کان ٻاهر نڪري نٿو سگهي. سندس پاڻ تي ضابطو رکڻ ۽ خوسيءَ جي صورت ۾ ڇاڪاڻ ته جنت ۽ دوزخ روحاني ڪيفيتون آهن. هي ماي لحاظ کان ڪي جايون يا مڪان نه آهن. انسان کي ابدي سزا نه ملندي. سزا جي لحاظ کان ڄاڻايل ابديت جو به هڪ مقرر وقت آهي.
پنجين ۽ ڇهين بابن ۾ اسلامي تهذيب ۽ تمدن ۽ اسلامي حدن اندر رهندي تحريڪن هلائڻ جو ذڪر ڪيو اٿس.
هنن ٻنهي بابن ۾ اسلامي فلسفي جي بدران اسلام جي تمدني ۽ سياسي نقطه نگاهه جي وضاحت ڪئي ويئي آهي. اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه آهي ته سر محمد اقبال جو هي ڪتاب اسلامي فڪر ۽ فلسفي جي وضاحت لاءِ هڪ مفيد ڪتاب آهي. جديد دور جا مسلمان فيلسوف ۽ شاگرد کين ورثي ۾ مليل پراڻي قسم جي فلسفي کي جديد دور جي مغربي فلسفي سان ملائڻ ۾ هم آهنگ ڪرڻ جي جسجتوءَ ۾ رڌل آهن.