مابعدالطبيعات (Meta physics)
افلاطون جو فلسفو شاعراڻي قسم جو هو، جنهن ۾ تصوف ۽ فلسفي جو رنگ سمايل هوندو آهي. هن پنهنجن نظرين جي مختلف پهلوئن جي پنهنجي مڪالمن ۾ تشريح ڪئي آهي پر سندس تشريح جو ڍنگ وڌاءُ وارو هوندو هو، يعني هو پنهنجي نظريي جي تشريح ڪندي ڪندي، بحث کي ايترو طول ڏيندو هو جو انهيءَ نظريي کي ڇڏي ٻئي واسطيدار يا لاڳاپو رکندڙ موضوع جي به تشريح ڪري ويندو هو. ان هوندي به سندس نتيجن ۽ فيصلن ۾ ڪو به فرق نه هو. سندس لکڻيءَ جي وڏي ۾ وڏي خوبي هيءَ هئي ته هو وڏي صفائي ۽ وضاحت سان موزون اکرن کي موزون جاءِ ۽ موزون معنيٰ ۾ استعمال ڪندو هو. سندس ڪن مڪالمن ۾ نظرين کي مادي صورت ڏيئي پيش ڪيو ويو آهي. هي نمونو اويستاني نظريي جي فراوستي اصول سان ٺهڪي اچي ٿو. ڪن حالتن ۾ وري انهن کي پنهنجي ظاهري صورتن کان ڇني ڌار ڪري پيش ڪيو ويو آهي.ڪن حالتن ۾ سندن مقام نمايان آهي ۽ ڪٿي ساڳي ڳالهه غير نمايان طور تي بيان ڪئي ويئي آهي.
سندس خيال موجب نظريا حقيقتون آهن ۽ حواسي مادي شيون انهن جا اڻپورا ۽ مبهم نقل آهن جن کي هيٺين درجن ۾ ورهايو ويو آهي.
1- حيواني (Biological) انسان/حيوان جي حقيقت وغيره.
2- عنصرن سان تعلق رکندڙ.
3- منطقي يعني مطابقت ۽ مخالفت، تحرڪ ۽ سڪون، وحدت ۽ ڪثرت وغيره.
4- خالص مادي.
5- اخلاقياتي، حسن، نيڪي، بدي ۽ عدل.
مادي جي غير حواسي حالت ۽ جوهر ۾ هيءُ خاصيت آهي ته منجهس ڪو به تغير نه ايندو آهي ۽ ان کي ظاهري صورت کان ڌار ڪري سگهجي ٿو. هيءُ غير مخلوق ۽ ابدي، آهي مادي شيون ڪيتري به ڪثرت ۾ ڇو نه هجن پر هر ڪلاس يا جنس بابت خيال ۾ هڪ وحدت سمايل هوندي آهي، ان ڪري هر خيال جون به انيڪ/مختلف/لامحدود صورتون ٿين ٿيون. ٻين لفظن ۾ نظريات پنهنجي تفصيل جي درجي ۾ ڪائناتي آهن.
مادي شين ۾ ساڳيون ۽ هڪ قسم جون صفتون مختلف صورتن ۾ نظر اچن ٿيون، جيڪي پاڻ مختلف نظرين جا مقصد آهن ۽ ٻئي طرف نيڪيءَ جي منفرد صورت ۾ ختم ٿين ٿا. سندن آخري نتيجو علم ۽ تڪميل ۾ ظاهر ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري سندس هي نظريو ايراني نظرين ‘آستا ۽ ارتا’ سان مشابهت رکي ٿو، جنهن کي زردشت پنهنجي فڪر ۾ وڏي اهميت ڏني آهي. زردشت جو مشهور منتر ”شم ووهو وهيشتم“ (سندس ئي حمد جڳائي ٿو) هر روز ڪيترائي دفعا پڙهيو وڃي ٿو.
افلاطون جي نظريي موجب نيڪيءَ جو تخيل الاهي عقل سان گڏ ازلي ۽ ابدي به آهي، الاهي عقل سمورن نظرين جو نظريو آهي جنهن ۾ ٻين مادي شين وانگر تهرڪ نه آهي پر هو هر شيءِ ۾ تحرڪ پيدا ڪري ٿو ۽ سموريون شيون ڏانهس تحرڪ ڪن ٿيون (هلن ٿيون). هو پاڻ کي هر نظريي ۾ ظاهر ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ هي چوڻ صحيح ٿيندو ته سمورا تفصيل ڪليات مان ورتل آهن ۽ ڪليات نيڪيءَ جي هڪڙي تخيل مان نڪرن ٿا جن کي ڄاڻڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
نظريو خالص ۽ لافاني ٿيندو آهي پر مادي شيون فاني ۽ ‘شيءِ’ ۽ ‘لاشيءِ’، ‘علم’ ۽ ‘جهالت’ جي وچ ۾ رهن ٿيون.
هي ڪي قدر نظريي مان ۽ ڪي قدر اهڙي اصول مان حاصل ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي غير موجود، اڻ سڃاتل ۽ ڦرندڙ گهرندڙ هوندا آهن، افلاطون جو هيءُ اصول اصل ۾ مادو ئي آهي. مادي کي ڪا به صورت نه آهي پر مادو سمورن نظارن جي ڦرندڙ صورتن جو بنياد آهي. خلا (مڪان) به مادو ئي آهي. نظريات نمونا آهن ۽ شيون ان جا نقل آهن پر نموني ۽ نقل ۾ فرق آهي. نموني ۽ نقل جي درمياني ڪڙي روح آهي جيڪو پاڻ پر سڪون آهي پر متغير ۽ متحرڪ جي وچ ۾ هڪ سبب آهي. روح تحرڪ ۽ زندگيءَ جو پيدا ڪندڙ آهي. روح ڪائنات ۾ عقل جي ظهور جو سبب به آهي. روح نظريات ۽ مادي ڪائنات جي رستي جي وچ ۾ بيٺل آهي ۽ ٻنهي کي پاڻ ۾ ملائي ٿو. روح ايرانين جي مٿرا سان به مشابهت رکي ٿو ۽ غير مادي نظريات وانگر هميشه ساڳيو رهندڙ آهي. ان جو مثال سج وانگر آهي جيڪو روشنيءَ جا ڪرڻا موڪلي ٿو، ڪائنات کي روشن ڪري ٿو، پنهنجي تحرڪ وسيلي ڪائنات ۾ تحرڪ پيدا ڪري ٿو. پنهنجي عقل ۽ علم وسيلي ڪائنات ۾ ربط، سليقو، علم ۽ عقل پيدا ڪري ٿو.
انساني روح پنهنجي فطرت ۾ نفس ڪل سان مشابهت رکي ٿو، جنهن مان هو پاڻ ڦٽي نڪتو آهي. ان ڪري روح جي فطرت به خالص ۽ غير مادي آهي. نفس ڪل وانگر روح پاڻ کي تحرڪ ۾ آڻڻ جي شڪتيءَ وسيلي بدن ۾ تحرڪ پيدا ڪري ٿو. هي زندگيءَ جي نظريي ۾ ڳنڍيل ۽ سمايل آهي، جنهن کي نه ڪا ابتدا ۽ نه ڪا انتها آهي. هو هڪ ارفع ڪائنات مان نازل ٿئي ٿو ۽ موت بعد جيڪڏهن خالص صورت ۾ آهي ته موٽي پنهنجي اصل يا مبدا سان ملي ٿو پر جيڪڏهن غير خالص حالت ۾ آهي ته کيس ٻين حالتن مان گذرڻو پوندو جيستائين هو خالص حالت ۾ اچي ڪل ۾ شامل ٿيڻ جي لائق ٿي سگهي.