انسان، عروج، زوال، نجات ۽ ابديت
مغربي ملڪن ۾ فيثا غورث روح کي هڪ ربط جو نالو ڏنو آهي. ارسطوءَ روح کي جسم جي صورت سڏيو آهي ۽ اسٽائڪس (Stoics) کيس مادي جي محبت سڏيو آهي ۽ ٻين کيس هڪ جسماني قوت سڏيو آهي پر پلوٽينس جي خيال ۾ مادي جهڙي هڪ نامعقول شيءِ يا مادي سان تعلق رکندڙ طاقت هڪ عقل رکندڙ نفس کي پيدا ڪري نٿي سگهي. ان ڪري هنن چيو ته نفس ڪنهن عقل رکندڙ، غائب ۽ خودمختيار مادي مان ڦٽي نڪتو آهي ۽ ان۾ حياتي آهي. ان ڪري اهو جسم جي ڀيٽ ۾ لافاني آهي. هي نفس ڪل جو پاڇولو آهي، جنهن جو جوهر پاڪ آهي پر مادي يا جسم سان گڏجڻ جي ڪري ناپاڪ ٿيو پوي. سندس عروج معنيٰ الله تعاليٰ جي طرف موٽي وڃڻ. قرآن مجيد ۾ به فرمايو ويو آهي ته،
”اي روح! تون جيڪو آرام ۾ آهين، پنهنجي الله تعاليٰ جي طرف موٽي وڃ. تون هن سان راضي هجين، هو تو سان راضي هجي.“
سچي وجود جي الله تعاليٰ جي ذات سان وصل لاءِ ڪوشش ڪرڻ کي الله تعاليٰ ڏانهن موٽي وڃڻ چئبو آهي. جيئن ته نطريات جي دنيا جو آفاقي جسمن ڏانهن تعين يا نزول جو سلسلو آهستي آهستي ۽ درجي بدرجي هو. پهريائين آفاق ۾ هيو ۽ آخرڪار اچي دنياوي صورت اختيار ڪيائون. ساڳيءَ ريت عروج جا به درجا آهن:
پهريائين فطري جمال، ان بعد ڪثرت تي غور ۽ فڪر ڪرڻ ۽ دنياوي قوتن ۽ قدرتي نظارن ۾ ربط محسوس ڪرڻ، ان بعد مادي ۽ خارجي شين کان توجهه هٽائي باطني سچي وجود ڏانهن توجهه ڪرڻ ۽ پڻ نيڪ عمل ڪرڻ، عقل ڪل جي ذات تي ويچار ۽ فڪر ڪرڻ، ان بعد نظرياتي ڪائنات جو تصور ڪرڻ ۽ آخري درجو هيءُ آهي ته مادي شين جي محبت ختم ڪري، پاڪائيءَ جو درجو حاصل ڪرڻ بعد الله تعاليٰ جي ذات جو مشاهدو ڪرڻ وقت انسان پنهنجي انهيءَ خالق جي حضور ۾ پهچي وڃي ٿو، جيڪو سندس وجود جو مبدا آهي. اهڙيءَ ريت اهڙو سالڪ هڪ مڪمل سڪون ۽ وڏي ۾ وڏي نعمت حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو، جنهن منزل کي نجات يا ڇوٽڪارو سڏجي ٿو.