صوفي اخلاقيات
صوفي طرقي ۾ هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ لازمي آهي:
1- اطاعت: سالڪ کي مرشد جي بنان چون چران ڪرڻ جي اطاعت ڪرڻ گهرجي. اهڙي طرح جو ڄڻ ته هو مرشد جي هٿن ۾ هڪ مرده جسم آهي. مرده جسم کڻندڙن جي هٿن ۾ بيوس هوندو آهي. ساڳيءَ طرح کيس الله تعاليٰ جي هر منشا ۽ ارادي کي خوشيءَ سان قبول ڪري اطاعت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ لاءِ ته سندس زندگي منشا ايزديءَ سان هم آهنگ ٿي وڃي.
2- اخلاص: سالڪ ۾ اخلاص ۽ صداقت جو موجود هجڻ ڏيکارين ٿو ته هو الاهي رستي تي هلندڙ آهي ۽ هو انهيءَ واٽ تي هلڻ کي ٻين سمورين شين ۽ خواهشن کان وڌيڪ پيارو رکي ٿو. هيءَ وصف ريا جو ضد آهي. ريا جي معنيٰ آهي منافقي يا ڪوڙو ڏيکاءُ يا اندر ۾ هڪڙي ٻاهر ۾ ٻي ڳالهه. هن ۾ عاشق عشق جو فقط اظهار ڪندو رهندو آهي پر معشوق جي خوش نودي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪو به عمل نه ڪندو آهي.
3- توبه يا پڇتاءُ: هن جو مطلب آهي ته، دنيا کي ترڪ ڪري الله تعاليٰ ڏينهن رجوع ڪرڻ، توبه مان مراد نه فقط شر ۽ بديءَ کان پاسو ڪرڻ پر دنياوي خواهشن کان منهن موڙي الله تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪرڻ آهي.
انساني نفس فطري طرح پاڪ آهي، ان ڪري جڏهن اهو گناهن ۾ ويڙهجي پليد ٿي پوي ته خود بخود بي آرام ٿي، پنهنجيءَ اصلي پراڻي پاڪائيءَ واري درجي کي حاصل ڪرڻ لاءِ توبه ڪري ٿو ۽ غير فطري عملن کان بچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
4- تقويٰ يا الله تعاليٰ جو خوف: قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ جي خوف ۽ تقويٰ ڏانهن ور ور ڪري ڌيان ڇڪايو ويو آهي. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته:
”اهي جيڪي خيرات ڏين ٿا. انهن جون دليون الله تعاليٰ جي خوف سان ڀريل آهن ۽ اهي پنهنجي رب جي طرف موٽندا. اهي (شخص) نيڪي ڪرڻ ۾ تڪڙا آهن ۽ نيڪيءَ ۾ اڳرا آهن.“
الله تعاليٰ جو خوف رکندڙ سالڪ سندس وڏائي ۽ شان کان باخبر هوندو آهي. جيئن ڪو شخص ڪنهن بادشاهه جي حضور ۾ کانئس ڪو خوف محسوس نه ڪندو آهي، ان هوندي به سندس دل ۾ بادشاهي جي لاءِ ايتري ته عزت ۽ احترام هوندو آهي، جو سندس دل ۾ هڪ جاءِ تي نه هوندي آهي.
5- رواداري: سنڌي شاعر شاه عبداللطيف فرمائي ٿو ته: ”جڏهن سچ ۽ حق هڪ آهي ۽ معشوق ساڳيو آهي ته پوءِ ماڻهن کي ڏانهس پهچڻ لاءِ رستن تي اختلاف نه ڪرڻ گهرجي.“ جڏهن هن کان هڪ مريد پڇيو ته، سندس مذهب ڪهڙو آهي، ته جواب ڏنائين ته، ”ٻنهي جي وچ ۾.“ جنهن مان سندس مراد هئي ته سمورا مذهب برحق آهن يا ته ڪو به درست نه آهي.
6- توڪل يا اعتماد: سالڪ کي الله تعاليٰ جي ذات ۾ پورو ڀروسو ۽ اعتماد هجڻ گهرجي. هن اصول مان ڪن انتها پسند سالڪن هي مطلب ورتو آهي ته سالڪ کي ڪو به ڪم ڪاري نه ڪرڻ گهرجي، کيس رزق پيدا ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. الله تعاليٰ خود بخود سندس رزق جو بندوبست ڪندو. ان ڪري اهڙي قسم جا سالڪ ماٺ ڪري ويهي رهيا. هيءَ سستي، ڪاهلي، بيڪاري ۽ بي عملي آهي ۽ نبي ﷺ ۽ اسلامي تعليم جي کليل خلاف ورزي آهي. توڪل مان مراد آهي پوريءَ طرح محنت ڪرڻ پر ان جي ڦل يا فائدي جي اميد الله تعاليٰ ۾ رکڻ ته هو ان ۾ برڪت وجهندو رزق ڪشادو ڪندو يا محنت کي ڪامياب ڪندو. نااميديءَ ۾ اچي محنت نه ڪرڻ جي برابر آهي.
7- موسيقي: سالڪ جي دل سدائين حسن جي ڳولا ۾ رهي ٿي. حسن سندس باطني قوتن کي جاڳائي ٿو. موسيقي ۾ آواز جي هم آهنگي ربعا، ميٺاج، سوز ۽ حسن آهي. ان ڪري صوفي فرقن مان ٻن فرقن مولوي ۽ چشتيءَ ۾ راڳ ٻڌڻ ۽ موسيقيءَ وڄائڻ کي جائز قرار ڏنو ويو آهي پر هن شرط تي ته اهڙي راڳ ۽ موسيقيءَ مان مراد روحاني بيداري ۽ قلب جي پاڪائي هجي. صوفين جو مشهور مقولو آهي ته مجازي عشق حقيقي جي ڏاڪڻ آهي. تصوف جي زبان ۾ موسيقيءَ کي سماع چئبو آهي. جنهن ۾ ڪيترائي ڳائيندڙ ڪورس، ۽ حلقو ٺاهي ڳائيندا ۽ ساز وڄائيندا آهن يا قوالي ڳائيندا آهن. ٻڌندڙ ادب سان ويهي ٻڌندا ۽ ويچاريندا آهن. هر سالڪ پنهنجي عقل آهر شعر جي باطني معنيٰ ۽ اشارا سمجهندو آهي. قوال يا گويي کان جيڪي مصرع کين پسند ايندي آهي، ان لاءِ کيس وري ڳائي ٻڌائڻ لاءِ عرض ڪندا رهندا آهن يا ڪي خاموش ويهي مزو وٺندا آهن.
ڪن ٻڌندڙن تي راڳ جو ايترو اثر ٿيندو آهي، جو هو روئيندا آهن. يا وجد ۾ اچي بي خود ٿي نچڻ شروع ڪندا آهن، يا ڪڏهن ته جذبي ۾ اچي بيهوش ٿي ويندا آهن. قوال يا گويا ڌيان سان ٻڌندڙ ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيئي مصرع کي دهرائيندا رهندا آهن. ڪيترا صوفي بزرگ پاڻ موسيقيءَ جي فن جا وڏا عالم، ڳائڻا ۽ موسيقار هوندا هئا. ڪيترا صوفي بزرگ پاڻ موسيقار ۽ گوين هجڻ سان گڏ وڏا شاعر به هئا.
سنڌ جو شاه عبداللطيف ڀٽائي پاڻ هڪ عظيم شاعر، موسيقار، ڳائيندڙ، عالم ۽ درويش صفت انسان هو. هند ۾ امير خسرو هندي سنگيت ۽ راڳ وديا جو چوٽيءَ جو ماهر عالم، موسيقار، شاعر ، گويو ٿي گذريو آهي. هن قديم سنگيت ۾ ڪيترا نوان راڳ، راڳڻيون، ساز ٺاهي ملڪ ۾ رائج ڪري ڇڏيا. موسيقيءَ تي لکيل سندس ڪتاب اڄ به مشهور آهي.
موسيقي ۽ راڳ جي اثر ۾ اچي بي خود ٿي وڃڻ تصوف ۾ جائز آهي پر اهو راڳ ۽ موسيقي جيڪا شهوت کي اڀاري، صوفين وٽ ناجائز ۽ حرام آهي.
8- ڪشف يا روحاني راز کولڻ
(الف) محاضرو يعني عقل جي وسيلي ڪنهن راز کي ڳولي لهڻ.
(ب) مشاهدو: ذاتي طور تي ڪا ڪيفيت محسوس ڪري وجد ۾ اچي وڃڻ يا بيخود ٿي وڃڻ، ان کي حال چئبو آهي.
صوفين جي خيال موجب وجد يا حال اها ڪيفيت آهي، جنهن ۾ سالڪ حقيقي معشوق جي خيال ۾ گم ٿي ويندو آهي. صوفي هن حال ۾ اچڻ کي عبادت کان به مٿاهون درجو ڏين ٿا دائمي طور وجد جي حالت ۾ رهڻ سان سالڪ الله تعاليٰ جي منشا ۽ ارادي جو تابع ٿي وڃي ٿو.
9- روحاني علم:
هي ٽن قسمن جو آهي:
(الف) علم اليقين يا عقلي استدلال وسيلي حقيقت کي ڳولي لهڻ.
(ب) عين اليقين: وجد يا حال جي ڪيفيت ۾ اچي دنيا کان بيخبر ٿي وڃڻ ۽ روحاني طور تي حقيقت کي معلوم ڪرڻ.
(ت) حق اليقين: ڪنهن شيءِ، حالت يا ڪيفيت جو صحيح سبب ڳولي لهڻ.
هنن ٽنهي حالتن جو مثال هيئن آهي ته (1) ڪنهن ميوي کي سندس وصف وسيلي سڃاڻڻ، (2) خود ميوي کي اکين سان ڏسي سڃاڻڻ ۽ (3) کائي استعمال ڪري سڃاڻڻ.
10- حال: اهي گهڙيون يا ڪيفيت جنهن ۾ هڪ سالڪ کي معشوق جي خيال کانسواءِ ٻيو ڪو خيال دل ۾ نه هجي، ان کي حال چئبو آهي. هن ڪيفيت ۾ سالڪ بسط (کولڻ-دل کي) يا قبض (بند ڪرڻ) جي حالت ۾ هوندو آهي. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي ته: ” الله تعاليٰ رزق (روحاني) وڌائي يا سوڙهو ڪري ٿو.“ جڏهن هي رزق جاري ٿو رهي ته ان کي مِلڪ سڏجي ۽ جڏهن رزق دائمي ٿيو وڃي ته ان کي مقام سڏجي ٿو.
11- ترڪ يا تياڳ: ترڪ يا تياڳ جا ٻه قسم آهن: ظاهر ي۽ باطني. ترڪ جي معنيٰ آهي، دنياوي خواهشن کي ڦٽو ڪري ڇڏڻ. صوفيءَ کي گهرجي ته پنهنجي دنياوي ضرورتن کي گهٽائي ڇڏي. ايتري قدر جو ڪنهن به انسان کي کانئس خوف يا خطرو نه رهي. صوفي پنهنجي روح يا دل کي مادي شين جي خواهشن کان بي نياز ۽ آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. صوفي هن دنيا کي آخرت يا حقيقي دنيا جي لاءِ هڪ تربيت يا تياري ڪرڻ جو ميدان سمجهندو آهي.
12- بدي يا شر معنيٰ گهٽتائي: اهي انساني خواهشون جيڪي انساني نفس کي بدي يا شر ڏانهن آماده ڪن ٿيون، اهي روح کي غير مڪمل بنائڻ جا وسيلا آهن. نيڪي معنيٰ تڪميل ۽ تڪميل الله تعاليٰ جي طرفان حاصل ٿئي ٿي. انساني طبيعت جي ڪوتاهيءَ کي بدي يا شر سڏجي ٿو.
13- ذڪر يا مراقبو: هر صوفي فرقو ڌار ڌار نموني ۾ ذڪر ڪندو آهي. زور سان يا بلند آواز ۾ ذڪر ڪرڻ کي ذڪر جلي چئبو آهي. هي طريقو قادري ۽ چشتي فرقن ۾ رائج آهي. ذڪر خفي معنيٰ آهستي يا دل ۾ ذڪر ڪرڻ. هي نقشبندي طريقو آهي. ذڪر جي ٻنهي طريقن ۾ قرآن مجيد جا الفاظ ڪم آڻيندا آهن ذڪر يا مراقبي جا جدا جدا طريقا آهن:
1- ويهي الله الله چوڻ ۽ کاٻي پاسي کان ساهه اندر کڻڻ.
2- پلٿي هڻي پهريائين ساڄي کان کاٻي طرف ۽ پوءِ کاٻي کان ساڄي طرف الله الله چوڻ.
3- ساڄي طرف کان لا الله چوڻ ۽ کاٻي پاسي کان الالله چوڻ.
4- اکيون بند ڪري دل ۾ ذڪر ڪرڻ ۽ الله سميع-الله بصير ۽ الله عليم چوڻ.
5- تسبيح جي مڻين تي الله الله چوڻ.
الله جي نالي تي ايترو زور ڏيئي چوڻ جو دنيا جا ٻيا سمورا خيال ختم ٿي وڃن . عام مروج ذڪر آهي، لاالٰه الا الله. هن طريقي ۾ ويهڻ جا به جدا جدا نمونا ٿين ٿا. هيءُ ويهڻ جو طريقو هندن جي آسڻن سان مشابهت رکي ٿو.
مصر جا صوفي تڏي تي ويهي حقلو ٻڌي ذڪر ڪندا آهن. پوءِ اٿي بيهي حلقو ٻڌي ذڪر ڪندا آهن. سندن مرشد يا شِخ هڪ ڪنڊ تي ويهندو آهي. شرنائين وارا شيخ جي پويان هلندا آهن. ذڪر جي شروعات سورة فاتحه سان ڪندا آهن، جنهن بعد ذڪر شروع ڪندا آهن. هو ايترو زور سان ذڪر ڪندا آهن جو ڪي صوفي بيهوش يا بي خود ٿي ويندا آهن.
سنڌ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا ڪي هندو پوئلڳ اوم اکر سان ذڪر ڪندا آهن.
14- فنا ۽ بقا: هي تصوف جا بلند مقام آهن، تصوف ۾ فنا جي معنيٰ آهي مادي خواهشات کي ختم ڪري ڇڏڻ. بقا جي معنيٰ آهي مادي خواهشن کي ختم ڪري روحاني قدرن کي جاءِ ڏيڻ- يا شر کي ڪڍي خير کي قائم ڪرڻ.
فناءِ الفنا تصوف ۾ وڏي ۾ وڏو درجو يا مقام آهي، جنهن ۾ سالڪ اهڙيءَ ريت حياتي گذاري ٿو جو ڄڻ ته پاڻ لاءِ جيئرو نه آهي. بلڪه ٻي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ حياتي گذاري رهيو آهي. فارابيءَ جو قول آهي ته: ”الله تعاليٰ کي سڃاڻڻ مشڪل آهي، جيستائين سالڪ ڪثرت کي ڇڏي وحدت کي اختيار نه ڪندو.“