ماضيءَ جو مطالعو
ڳالهه جي تمهيد انهيءَ کي ٻڌي اٿم جو منهنجي هٿن ۾ سنڌ جي سينيئر قومي ڪارڪن ۽ محترم دوست محمد خان ابڙي جي آتم ڪهاڻي ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ جو مسودو آهي.
محمد خان ابڙي جو تعارف ڪرائڻ سج کي آئينو ڏيکارڻ برابر آهي، هن جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو آهي، اڄ جيڪا سنڌ جي شهرن، وسيلن ۽ قومي حقن جي حاصلات لاءِ سڀني جي دلين ۾ درد جاڳي پيو اها جاڳ، اوجاڳا ڪري هن جي پيڙهيءَ اسان تائين پهچائي آهي. جو سنڌ سان محبت هڪ مقدس عقيدو ۽ ايمان بڻجي پيو آهي.
سندس آتم ڪهاڻيءَ جي ڪتاب کي مان انهيءَ ڪري دلچسپيءَ، تجسس ۽ بي صبريءَ سان پڙهي پورو ڪيو جو انهيءَ ڪٿا ۾ سچائيءَ جي سونهن به هئي ته واقعن، حادثن، جدوجهد ۽ قربانيءَ جا بي مثال قصا به هئا ۽ انهيءَ سان گڏ جرئت ۽ بهادريءَ جون ڪيئي ڪهاڻيون به هيون. اها ئي ڪتاب جي خوبي ۽ حسن آهي ته ان ۾ ايتري رواني، تجسس ۽ سچائي هجي جو جڏهن ڪو پڙهندڙ ان کي پڙهڻ ويهي ته ان کي اڌ ۾ ڇڏي نه سگهي ۽ ڪتاب هڪ داستان گو وانگر ان کي لفظن، واقعن ۽ ڪهاڻين جي ڏوريءَ سان اهڙي ريت قابو ڪري رکي جو هو ان کي توڙ تائين رسائڻ کان سواءِ ڪتاب مان هٿ ڪڍي نه سگهي. اها خوبي ۽ خوبصورتي ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ اُتم درجي جي موجود آهي. ذهن ۾ رهڻ کپي ته اها خوبي هر آتم ڪٿا لکڻ واري جي حصي ۾ ڪونه ايندي آهي، ڇوته ڪيتريون ئي آتم ڪٿائون ”آهه ۽ واهه“ واري شخصي روڳ کان اڳتي نڪري ئي نه سگهنديون آهن ۽ اهي سچائيءَ جي سدا حيات زيورن کان آجيون ۽ زندگيءَ جي تَڙپ ۽ تجسس کان ڪوهين ڏور ۽ پنهنجي تاڃيپٽي ۾ ڪچيون ۽ تڙتڪڙ ۾ تحرير ٿيل هونديون آهن. انهي ڪري انهن ”ڪاڳرن“ جي ڍير منجهه ڪو ڏک، ڪو ڏوراپو ڪو الوڻو ڳوڙهو، ڪنهن ٻار جهڙي مرڪ، جوانيءَ جي ٽهڪ ۽ ساهه جو سڳو سوري سلڻ جهڙي ڪا خوشي نه هوندي آهي ۽ اُهي ڪنهن خوشي، اميد ۽ جذبي کان ڏور ۽ ترتيب توڙي تنظيم کان بنهه اوپريون هونديون آهن. انهيءَ ڪري مڃتا جو معراج ۽ قبوليت جو قرب حاصل ڪري نه سگهنديون آهن.
”وڃن سور سنڌا ڪيو“ جهڙي بي مثال ۽ ڪارائتي آتم ڪٿا سرجڻ لاءِ سچائي ۽ جرئت سان گڏوگڏ ٻين گهڻن ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي، اسان وڌيڪ تفصيل ۾ وڃڻ کان ڪنارو ڪندي آتم ڪٿا جي ٻن اهم ۽ لازمي نقطن جي وضاحت ڪنداسين ۽ ان ڪسوٽيءَ تي هن آتم ڪٿا جي ڪٿ ڪنداسين.
پهرين ڳالهه ته آتم ڪٿا جي بنيادي وصف چئن نقطن تي ٻڌل آهي. (1) لکڻ واري جي يادگيري (2) ان جو اسلوب (3) ان جو دور (4) سندس دوست، مائٽ ۽ احباب. انهن چئن نقطن تي هن جي وصف جي پڄاڻي نه ٿي ٿئي. انهيءَ سان گڏ ڪجهه ٻيا به ڪڙا شرط ۽ واعدا آهن جنهن جو اختصار هن طرح ئي بيان ڪري سگهجي ٿو ته: ”جيئڻ هڪ فن آهي ۽ آتم ڪٿا فنِ لطيف، انهيءَ کي لفظن جو ويس پارائي نروار ڪرڻ لاءِ سچائي، تمام گهڻي رياض ۽ کري هئڻ جي گهرج هوندي آهي. ان جو گس پل صراط وانگر وار کان سنهو ۽ تلوار کان تيز هوندو آهي.“ اها جدا ڳالهه آهي ته انهيءَ وصف کي سامهون رکندي هڪ وڏي اديب انساني ڪمزورين ۽ ڪچائن کي درگذر ڪندي، انهي وصف کي ٿورو نرم لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته ”آتم ڪهاڻي“ ۾ سچائيءَ جي گهٽتائي هجي ته ان کي معاف ڪري ڇڏڻ گهرجي، اهو به سوچيو ته انسان حيوانِ ملبوس آهي، ڏٺو وڃي ته ان جو پهريون ڪوڙ ته سندس لباس آهي.“ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته محمد خان جي سرجيل آتم ڪٿا انهن ٻنهي وصفن تي منڊيءَ جي ٽڪ جيان پوري لٿل آهي. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ پوري جرئت ۽ بهادريءَ سان پنهنجي زندگي، غربت، ٻالڪپڻو، خاندان ۽ انهن جو گذر سفر، خوبيون ۽ خاميون، پنهنجو ماحول، واعدي وفائون ۽ دغائون، سيوهڻ جي سياسي، سماجي ۽ مذهبي حياتيءَ کي ديانتداري سان بيان ڪيون آهن. ان ۾ هن ڪٿي به مصلحت، خاموشي ۽ اڌ سچ کان ڪم نه ورتو آهي. هن جي آتم ڪٿا ۾ سندس پنهنجي ذات، ماحول، دوست، مائٽ ۽ احباب پوريءَ طرح موجود آهن ۽ زندگيءَ وانگر پنهنجن سڀني خوبين، خامين ۽ محبتن سميت ساهه کڻندي محسوس ٿين ٿا. اهائي هڪ بهترين آتم ڪٿا جي عملي وصف ۽ ان جو حُسن آهي.
قومي تحريڪ کي پنهنجو پهريون عشق سڏيندڙ محمد خان ابڙو پنهنجي ٻاروتڻ واري خواب جي ڀٽائي جي هڪ امر ڪردار، سسئي جيان، ٺوٺن ڀر رڙهندي، سيني ڀر سرندي ۽ گوڏن ڀر گسڪندي ساڀيان ماڻي. سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ اتي ڀرپور سياسي ۽ سماجي زندگي گذاري ٿو. پنهنجي ڪردار، گفتار ۽ جدوجهد سان هڪ باوقار وقت گهاري ٿو ۽ چئن ڏهاڪن کانپوءِ پنهنجي آتم ڪهاڻي لکندي هو ٻيهر ڄڻ ساڳي حياتي چوڙي ٿو، يادن کي لفظن جو لباس پارائيندي پڪ سان پنهنجي ماضيءَ کي ساريندي سندس چپن تي فخر ۽ خوشيءَ جا جذبا ئي ٿي سگهن ٿا.
روانيءَ واري سادي پر پُراثر ۽ دلپذير نثر ۾ سرجيل هن ڪٿا ۾ ڪٿي به ”پدم سلطان بود“ جو پاڇو به پيل ناهي بلڪ هو پاڻ حافظ شيرازيءَ وانگي ”مقبول دار“ ٿي، 60 ۽ 70 ڏهاڪي واري سنڌ جي مجموعي غربت جي پس منظر ۾ پنهنجي خاندان ۽ ان جي غربت جو احوال اوري ٿو. هو اسان کي ٻڌائي ٿو ته هن 1956ع ۾ ڳوٺ ٻلهڻ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ اک کولي، جتي اڃان تائين ٻار جي ڄمڻ جي تاريخ به لکي نه ويندي هئي. بلڪل اهڙي ريت جيئن گارشيا مارڪيز جي هڪ ڪردار وانگي جنهن کي پيءُ برف ڏيکارڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو، اهو ماڪوندو ڳوٺ جتي اڃان ڪيترين ئي شين جا نالا نه رکيا ويا هئا ۽ انهن ڏانهن اشارو ڪرڻ ضروري هوندو هو. دنيا ازل کان ائين ئي آهي ڪٿي ڄمڻ جي تاريخ نه لکي ويندي آهي ۽ ڪٿي اڃان شين جا نالا به تخيل ۾ اچي نه سگهندا آهن، پر برف کي پهريون ڀيرو ڏسڻ ۽ ڇهڻ ڪو مارڪيز جي ڪردار کان پڇي ۽ برف سان ويڙهه ڪرڻ ۽ دل وندرائڻ ڪو محمد خان کان ٻڌي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته دنيا ڪيتري مختصر آهي، بهرحال محمود درويش سان ته اختلاف ئي ڪري سگهجي ٿو ته اها رقاصه جي چيلهه جيان مختصر ناهي.
سندس والد صاحب غريب پر خوددار، عاشق مزاج، محبتي ۽ خوبصورت انسان هو. پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجن شرطن تي حياتي گهاريندڙ ان شخص شعوري طور وڏيرن، پيرن ۽ گادي ڌڻين کان دوري اختيار ڪئي هئي، جنهن جي کيس تمام ڳري قيمت ادا ڪرڻي پئي هئي. هن دور انديشيءَ وارو ارادو ڪندي پنهنجو ڳوٺ ٻلهڻ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اچي سيوهڻ شهر ۾ آباد ٿيو. ته جيئن هو ۽ ان جو خاندان هڪ سُکي ۽ سَولي حياتي گهاري سگهي. ڳوٺ کان لڏي شهر ويهڻ ئي شايد هن جو غير معمولي فيصلو هو جنهن محمد خان کي دنيا کان روشناس ڪرايو. شهري زندگيءَ جي ڏکيائن ۽ نعمتن کان آگاهه ڪيو ۽ سندس شخصيت کي نيون دنيائون دريافت ڪرڻ، پنهنجي هستيءَ کي اجارڻ ۽ فتحن ڏانهن راغب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ايئن هو اسان کي پوري سچائيءَ ۽ دلجمعي سان پنهنجي جدوجهد، خانداني ماحول ۽ دوستن جي دنيا کان آگاهه ڪري ٿو. جيڪو سڀ ڪجهه دلچسپ به آهي ته سبق آموز پڻ. اسين سربستو ۽ سڄو احوال پڙهڻ لاءِ پڙهندڙ کي آزاد ڪندي وچو واڙي ٿا ڪريون ته محمد خان ابڙو جي زندگيءَ جي (Terning Point) اها هئي. جڏهن هن اتفاقي طور دوستن سان گڏجي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ڏٺي. اهو 1972ع جو زمانو هو، جتان هو ذهن ۾ سوين سوال ۽ خواب کڻي بس ۾ حيدرآباد روانو ٿيو هو، اها گهڙي ذهني ۽ روحاني طور تي هن لاءِ هلچل، تبديلي ۽ آنڌ مانڌ جي هئي. ذهن ۾ رکڻ کپي ته تبديل اُهو ٿيندو آهي، جيڪو سوچي ٿو، يا سوچيندڙ ذهن جو مالڪ هوندو آهي. جنهن جي اندر ۾ ڪجهه ڪرڻ يا ڪري ڏيکارڻ جو جذبو ۽ امنگ هوندي آهي ۽ هو حياتيءَ جي قافلي ۾ نوان سبق سکڻ ۽ پاڻ کي تبديل ڪرڻ ۽ پنهنجي وجود جي ثابتي لاءِ جهد ڪندو آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته حياتيءَ کي سجايو ۽ سهڻو بڻائڻ ۽ ان کي نئين انداز سان جيئڻ جو هنن ۾ جنون هوندو آهي ۽ محمد خان به ان جلسي کان پوءِ پاڻ کي تبديل ڪري هڪ نئين انسان جي روپ ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو جيڪو تعليم بالغان ۾ پڙهي ٿو، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺي ٿو ۽ جساف جو سنڌ سطح جو اڳواڻ ٿي اڀري ٿو. اهڙي ريت ”پيرِ مغان“ جي نظر سان ان جو زندگيءَ ڏانهن زاويو ۽ نظريو ئي تبديل ٿي وڃي ٿو. گهڻن ئي با عمل ۽ باضمير انسانن جي زندگيءَ ۾ اهڙا موڙ آيا آهن جنهن ۾ گانڌي، نهرو ۽ شايد ڀٽو به اچي وڃي ٿو.
هڪ سٺي ۽ ڪامياب آتم ڪهاڻيءَ جي اها به وصف آهي ته اها ليکڪ جي حياتيءَ جو ئي طواف ڪندي آهي، جنهن ۾ ان جي شخصيت، ذاتي زندگي، مائٽ، يار ۽ واقفڪار سڀ هڪ دائري ۾ اچي بيهندا آهن ۽ ليکڪ پنهنجي ياد جي ڏياتيءَ سان سندن چهرا روشن ڪري کين ماضيءَ مان کڻي حال ۾ حالي احوالي ٿيندو آهي ۽ سندن وجود بابت لفظن جا چٽ چٽيندو آهي. هن ڪتاب ۾ به محمد خان ڪاميابيءَ سان ساروڻين جو سڳو سوريندي سيوهڻ شهر، جيڪو هن پنهنجي ٻاروتڻ يا سانڀر ۾ ڏٺو، ان جون گهٽيون، اسڪول، آکاڙا، پيرن ۽ گادي نشينن جون رنجشيون ۽ وڏايون، محلا، هوٽل، ڪاروبار ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام توڙي سماجي حياتيءَ جي هلي چليءَ جو پورو عڪس آتم ڪٿا جو حصو بڻايو آهي. جيڪو هن شهر جي ويجهڙ واري تاريخ ۽ سماجي توڙي سياسي بيهڪ جو نقشو نروار ڪري ٿو، شهرن جا نصيب به انسانن جي ڀاڳن وانگر پيا گهٽبا ۽ وڌبا آهن، سيوهڻ جو مثال انهيءَ ڳالهه جي ثبوت طور ڪافي آهي.
”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن، تڏهن سنڌ جا تعليمي ادارا پليجي صاحب جي گيت ”جهان کي ڏيو مبارڪون اسان پيا ڪاهيندا اچون“ جو حقيقي منظر پيش ڪندا هئا، سنڌي شاگرد ئي هئا جيڪي پوري قوم جي جذبن، خوابن ۽ انهن جي تعبير لاءِ جيلن، جلوسن ۽ بک هڙتالن جي رهنمائي ڪندا هئا، تڏهن اڃا سنڌ اڄ جيان سکي ۽ سولي نه ٿي هئي، ڏکن ۽ ڏوجهرن جو عروج هو ۽ وڏي ڳالهه ته اڄوڪو باشعور وچولو طبقو اڃان ٻنڌڻن ۾ هو ۽ اهو جاڳرتا، شعور ۽ جدوجهد جو ٻچ جيڪو سيد جي قلم، فهم ۽ ڪردار چٽيو هو، 70 واري ڏهاڪي ۾ محمد خان ابڙو واري پيڙهيءَ ئي ان کي عملي طور سموري سنڌ ۾ اياز جي سٽ ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، چوڌاري چمڪاٽ اسان “ بڻجي سنڌ جي ذهني، عملي ۽ شعوري پالنا ڪئي هئي جو اڄ ويڙها ئي واسيل ٿا ڏسون ۽ ان پکيڙيل شعور جي سگهه سان سنڌ اَڄُ پنهنجي جياپي جي جنگ ۾ سوڀاري ۽ سرخرو ٿيڻ واري پر اميد گهڙيءَ ۾ جي رهي آهي.
سنڌ ۾ شاگرد سياست جنهن جي هڪ دلچسپ ۽ ڪارائتي تاريخ آهي، جنهن ۾ ڀلي ڪجهه مايوسيون ۽ پريشانيون به آهن پر ٿلهي ليکي اها اتساهه، سگهه ۽ جاکوڙ جي علامت ئي آهي، انهيءَ جي هڪ مڪمل ۽ سربستي تاريخ ضرور لکڻ گهرجي. سنڌ جي قومي شعور کي پروان چڙهائڻ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي، سنڌ متحده محاذ وانگر جساف به پنهنجي حصي پتيءَ جو ڪردار نهايت دليريءَ ۽ همٿ سان ادا ڪيو آهي. انهيءَ جدوجهد ۽ تنظيمي صورتحال جا ڪجهه پاسا اوهان کي هن آتم ڪٿا ۾ پڙهڻ لاءِ ضرور ملندا ته ڪيئن ان دور جي شاگرد سياست اتساهه جو ڪارڻ بڻجي سنڌ اندر نوان انسان تخليق ڪندي هئي، انهن ۾ جياپي جي جدوجهد سان گڏ علم، عمل ۽ شعور جا چومکي ڏيئا روشن ڪندي هئي، انهيءَ شاگرد سياست مان ئي اڀريل هڪ ڪردار محمد خان جو به آهي، جنهن جي آتم ڪٿا ۾ اسان جي اتساهڻ توڙي ماضيءَ جو ڇيد ڪرڻ جا گهڻا ئي اهڃاڻ موجود آهن.
ڀٽائيءَ جي سون ورني سٽ ”کڻ اکيون، کل يار ته وڃن سور سنڌا ڪيو“ مان ڪتاب جي خوبصورت نالي جي چونڊ ڪندڙ هي آتم ڪٿا به هڪ باعمل ۽ نئين انسان جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ جدوجهد، جرئت ۽ بهادريءَ جا کوڙ سارا داستان موجود آهن پر ان ۾ ذرو برابر به مايوسي، ڏک توڙي ڏوراپي جو پاڇو پيل نه آهي. توڙي جو زندگيءَ هن کي خوشيون ۽ خوشحاليون آڇيندي زماني جي حساب کان سئو ڀيرا وڌيڪ قيمت وصول ڪئي آهي پر پوءِ به هو گورڪيءَ وانگر ائين نه ٿو چوي ته ”آئون زندگيءَ جو پٽ ته هوس پر ويڳو“ ۽ نه وري ايڊورڊ سعيد وانگر ڏکارو ٿي دهرائي ٿو ته: ”مان غلط وقت ۽ غلط هنڌ تي پيدا ٿيو آهيان.“ شايد ان جو اهو سبب آهي ته هن هڪ ڀرپور، ڪامياب ۽ متحرڪ حياتي چوڙي ۽ ماڻي آهي، زمانو ڪاميابيءَ جي الائي ڪهڙي تشريح ۽ تاويل ڪري پر مان سدا ملوڪ آمريڪي ليکڪ ايمرسن جي هنن سٽن سان سهمت آهيان: ”وڏا ٽهڪ ڏيڻ، ذهين انسانن منجهه پنهنجو مقام ٺاهڻ، ٻارن ۾ پنهنجي محبت پيدا ڪرڻ...... ڪوڙن دوستن جي بي وفائيءَ کان بچڻ، سونهن کي ساراهڻ ۽ ماڻهن ۾ موجود بهترين خوبين کي ڳولهي لهڻ، دنيا کي پهرين کان بهتر صورت ۾ ڇڏڻ، پوءِ اهو هڪ صحتمند ٻار جي شڪل ۾ هجي، باغ جو نئون سهڻو پاسو هجي يا سماجي صورتحال ۾ ڪنهن مثبت تبديليءَ جي شڪل ۾ هجي ۽ اها ڄاڻ هجي ته اوهان جي هئڻ سان ڪنهن هڪ انسان جي حياتيءَ ۾ آسانيون پيدا ٿيون آهن، اها ئي ته ڪاميابي آهي.“
اوهان شايد مون سان سهمت ٿيو ته ڪاميابيءَ جي انهيءَ سادي پر سهڻي وصف کان محمد خان سئو ڀيرا وڌيڪ ڪاميابيءَ جا ڏاڪا پار ڪيا آهن. تڏهن ئي ته سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ هڪ شانائتي آتم ڪٿا ڏيڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
ڊاڪٽر حميد سبزوئي
ڪراچي
30 نومبر 2020ع