آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

جي ايم سيد جا مون ڏانهن لکيل خط

سائين جي ايم سيد مون کي 3 دفعا خط موڪليا جيڪي به بدقسمتيءَ سان حالات جي ستم ظريفين سبب سنڀالجي نه سگهيا، هڪ خط تڏهن موڪليائين جڏهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاران مون 1976ع ۾ سيوهڻ ۾ حيدر بخش جتوئيءَ جي ورسي ملهائي هئي، جنهن موقعي تي پوليس، فيڊريشن جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو اسان ٿاڻي تي ڌرڻو هنيو صبح جو علڻ ٿيٻو، سائينءَ جو خط کڻي آيو ته
• ”منهنجي ضلعي انتظاميه سان ڳالهه ٿي ويئي آهي اوهان جا اڳواڻ آزاد پيا ڪن اوهان پوليس اسٽيشن تان ڌرڻو ختم ڪري سن اچو ۽ منجهد جي ماني اچي هتي کائو.“
ٻيون خط تڏهن لکيائين جڏهن جلال محمود شاهه، سندس پوٽو سيوهڻ ۾ ايليمينٽريءَ جو امتحان ڏيڻ لاءِ پئي آيو اها شايد 1977ع جي ڳالهه آهي سائينءَ لکيو ته:
• ”جلال محمود سيوهڻ اچي پيو سندس اتي ڪو امتحان آهي سندس رهائش لاءِ عزت علي شاهه جن وٽ انتظام ٿيل آهي ان باري ۾ منهنجي انهن سان ڳالهه ٿيل آهي باقي تون رڳو جلال محمود سان گڏ هججان، جيڪي ٻه ٽي ڏينهن سيوهڻ ۾ آهي.“
ٽيون خط: پهريان به آئون ذڪر ڪري چڪو آهيان غلام حسين شاهه ولد جئندل شاهه لاءِ مون سائين کي جاءِ جي مسئلي حل ڪرڻ لاءِ چيو هئو. سائين جي ايم سيد غلام حسين شاهه سان ڳالهايو هئو هنن ها به ڪئي ته سائين مون کي چيو پئسا کڻي اچ ته هنن کي ڏيئي توکي جاءِ لکرائي ڏيان مون سائين وٽ پئسا رکي ڇڏيا. پوءِ سائين پئي غلام حسين شاهه ڏانهن نياپا ڪيا ۽ هن پئي لنوايو ۽ ايئن سال کن گذري ويو مان به جڏهن وڃان ته ان معاملي بابت پيو پڇندو هئس سائين چيو؛ ايندا ته توکي ٻڌائيندس ان معاملي ۾ سائين ڪافي ڪوششون ڪيون ۽ هن ڏي ٻه خاص ماڻهو به خصوصي طور سيڙائي موڪليائين. پر هو حسب عادت ڪونه آيا ۽ آخر بيزار ٿي مون کي چٺي لکيائين. ڇاڪاڻ ته چٺي مون وٽ رڪارڊ تي ڪونه آهي سائين هنن لاءِ سخت جملا به استعمال ڪيا جيڪي ثبوت نه هجڻ ڪري آءٌ ڪونه لکندس صرف هڪ جملو انهن سان جيڪو هلڪو هئو اهو ٿو لکان. سائين لکيو ته:
• ”تون سن اچ اچي پنهنجا مون وٽ رکيل پئسا جيڪي آراضيءَ وارن سيدن لاءِ جاءِ جي معاملي ۾ ڏنا هيئي اچي کڻي وڃ هي سدائين واعدا ڪري نه آيا آهن زبان ڪري ڦري ويا آهن ۽ لالچ ڪونه ٿا ڇڏين.“
وڌيڪ جملا جي چٺي ملي ها ته لکان ها، ايئن لکڻ نا انصافي ٿيندي.