آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

وڏي ڀاءُ جا رويا ۽ ڏوراپا

مون کي جڏهن سائين ارشاد پٺاڻ پڙهائي کان پوءِ به هڪ ڪلاڪ جو ڪم ڏيئي ويندو هئو ، حسب معمول شام جو گهر جي صفائي ڪرڻ، ماني تيار ڪرڻ، جي ڪنهن مهل ڀاءُ جا ڪي دوست اچن ته انهن لاءِ چانهن وغيره ٺاهڻ، پوءِ ان دوران ڪافي دفعا دڙڪا کائڻ، ڇو ته استاد جو ڊپ ته صبح جو ڪم مڪمل هجي ۽ ڀاءُ جا دڙڪا ته هيءُ ڪم چيم ته ڪونه ڪيئي، هو ڪم چيم ڪونه ڪيئي. هاڻي اٺ جيترو ٿي پڙهڻ جو شوق ڪيو اٿئي! ڀلا اسان جو ڪو ابو پڙهيو ڪو ڏاڏو پڙهيو اسان سڀ ڀائر به پنج-اٺ درجا پڙهي وڃي ڪم ڪارين سان لڳاسين. تون آهين جو هر وقت کوليو ڪتاب ويٺو آهين. ڪڏهن ڪنهن ڪم سان ڪيڏانهن موڪليندو هئو ته پڙهائيءَ لاءِ ڏنل هوم ورڪ پورو ڪرڻ ۾ سڀ ڪجهه وسري ويندو هو. مون کي اهو به ڊپ هوندو هئو ته جي استاد ڪاوڙجي ويو ته منهنجي منزل ۽ مقصد جا سڀ رستا اونداها ٿي ويندا. ان ڪري ڀاءُ آهي، ڪاوڙجندو ته به خير آهي. پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ايئن ڀاءُ اچي منهنجا ڪتاب منهنجن هٿن مان ڦري اڇلائي به ڇڏيندو هئو ته هيءُ ڪم ڇو ڪونه ڪيئي؟ هاڻي مون کي سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو هئو. صفا ڪونه ڪڇندو هئم. جو ڊپ هئو ته جي ڪجهه چوندس ته واپس ڳوٺ موڪلي ڇڏيندو. سو ڪيئن به ڪري سال کن نوڪري به ڪيان ۽ پڙهائي به مڪمل ڪيان. پوءِ ڪڏهن ڪجهه ڪم گهر ۾ نه ڪري سگهندو هئس ته صبح جو مل ۾ ڪتاب کڻي ويندو هئس.منجهند جو هڪ ڪلاڪ مانيءَ جي موڪل واري وقت ۾ تڪڙ ۾ گهران پچايل ماني کولي کائي وري ڪتاب کولي پيو پڙهندو هئس ته جيئن شام جو استاد نه ڪاوڙجي.