آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

وري ٻيو مسئلو!

ڪجهه وقت کان پوءِ انور ڀٽو ٽرانسفر سرٽيفيڪيٽ ورتو. ۽ گورنمينٽ ڪاليج ۾ انٽر ۾ داخلا ورتائين. نئون ڪاليج، ان ۾ ٻيا ته سائنس جا سڀ ليڪچرار هئا ليڪن مئٿس (Maths) جو ليڪچرار ڪونه هجي سو اهو مسئلو سامهون آيو. هاڻي باقي سڀ ڪلاس هلن. مئٿس جو ڪم ڪيئن هلي؟ ڪجهه وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سيوهڻ شهر جي ڊيولپمينٽ ۽ قلندر لعل شهباز جي روضي کي (Renovet)ڪرڻ لاءِ سيوهڻ ڊيولپمينٽ ڪامپليڪس ٺاهيو جنهن جو نگران ائڊيشنل چيف سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ هوندو هئو. مان به تازو ڪاليج يونين جي اليڪشن کٽي جنرل سيڪريٽري ٿيو هجان.
ائڊيشنل چيف سيڪريٽري بدرالدين ذاهدي صاحب هوندو هئو. اهو مهيني ٻن کان پوءِ ڊيولپمينٽ جو ڪم ڏسڻ لاءِ سيوهڻ ايندو هئو. ان وقت ان ڪم جو انچارج XEN محمد ابراهيم سومرو هوندو هئو.انور ڀٽي چيوته جي ذاهدي صاحب سان ملاقات ڪريون ته اها ڊيمانڊ ڪريو ته مئٿس جو ليڪچرار مقرر ڪرائي ڏي. ۽ ايستائين هفتي ۾ 2 دفعا XEN اچي ڪلاس وٺي ڇو ته هيءُ انجنيئر آهي. ۽ اهو ڪلاس هيءُ پڙهائي ويندو. ٻيو ته اسان جو ڳوٺ سيوهڻ ٽائون ڪاميٽيءَ کان ٻاهر آهي. اسان وٽ پاڻيءَ جي لاءِ واٽر سپلاءِ ڪونه آهي. اها به کانئس منظور ڪرائيس ته ڊيولپمينٽ فنڊ مان ٺهرائي ڏي.