بسڪوٽن سپلاءِ ڪرڻ جي ڪرت
مون ذڪر ڪيو ته اونهاري ۾ برف جو ڊيپو جو ڪم هئو، ليڪن سياري ۾ ماڻهو ڇا ڪري؟ پوءِ ڪڏهن ڪنهن هوٽل جي مزدوري ڪڏهن ٺڙ ٺپ واندو. ننڍي هوندي کان واندي ويهڻ جي عادت ته گهٽ هوندي هئي. راند لاءِ به وقت گهٽ هوندو هئو. ڪم ڪار جي ڪري ننڍي هوندي راند روند ڪيم ته ضرور پر تمام گهٽ جيئن ٿورو سمجهدار ٿيس، ته حيدرآباد ۾ هڪ پورهئي ڪرڻ جو سوچيم. حيدرآباد جي علائقي ڦليلي روڊ تي بيڪريون هونديون هيون. اتان بسڪوٽ ۽ ڊبل روٽين ۽ پاپن جا ٻه وڏا کوکا ڀري ٽرڪ جي اڏي (جيڪوسپر تاج جي نالي سان هوندو هئو ) ۽ مارڪيٽ ۾ ان جي آفيس هوندي هئي. شام کان وٺي رات جو نائين وڳي تائين مختلف شهرن جو مليل آڊر پيا لوڊ ڪندا هئا. مان به ان ۾ بسڪوٽن جا کوکا رکي دادوءَ تائين روانو ٿيندو هئس. ٽرڪ وارن کي چوندو هئس ته آءٌ اوهان کي مناسب ڪرايو ڏيندس. پر واٽ تي جتي ٽرڪن جا اسٽاپ ۽ هوٽلون آهن اتي اوهان بيهندا ته آءٌ هي مال انهن کي ڏيئي پوءِ اڳتي هلنداسين. مون اهو ڪاروبار ڪرڻ کان اڳ ۾ دادوءَ کان حيدرآباد وچ تي جيڪي هوٽل ايندا هئا، جن کي مان بسڪوٽ ۽ بيڪريءَ جو ٻيو سامان ڏيندو وڃي دادو پهچندو هئس، پوءِ واپس اچي سيوهڻ ۾ ننڊ ڪندو هئس. ۽ وري هڪ ڏينهن ڇڏي وري ساڳي طرح پيو هلندو هئس. اها موسم سخت سياري جي هوندي هئي. ٽرڪن وارن سان واقفيت برف جي ڊيپوءَ کان هوندي هئي. جو هي مال لاهي ڪري حيدرآباد خالي ويندا هئا. ان ڪري دادوءَ مان سيوهڻ برف جو چڪر ملندو هئن ته اها ڊرائيورن جي ۽ ڪلينر جي بچت هوندي هئي. ان ڪري انهن سان پراڻو تعلق هئو. هو منهنجو خيال ڪندا هئا. جي مون کي نقصان ٿيندو هئو ته ڪرايو گهٽ وٺندا هئا. ليڪن ان وقت ۾ حيدرآباد کان دادو اندازن ٽرڪ کي پهچڻ ۾ ڇهه ڪلاڪ لڳندا هئا.ٻن هنڌن تي هنن کي پاڻ اسٽاپ ڪرڻو هوندو هئو. باقي منهنجي ڪري جن هوٽلن کي بسڪوٽ سپلاءِ ڪندو هئس اتي بيهندا هئا. مون کي چڱي طرح ياد ڪو نه آهي ليڪن مان هر ٻئي ڏينهن خرچ وغيره ڪڍي ڪي 25 روپيه کن بچائي ويندو هئس. پر سڄي رات جو سفر سياري ۾ ڪڏهن ٽرڪ جي مٿان ڪيبن ۾ اڪيلو، ته ڪڏهن ڊرائيور سان اندر ڪڏهن ڊرائيور آرام ڪري ۽ ڪلينر گاڏي هلائي ته مان هتي ڪيبن ۾ گرم شالون-جيڪي حيدرآباد جي لنڊا بازار فقير جي پڙ مان وٺندو هئس.مان گرم شالون ۽ گرم ٽوپ ويڙهي ويٺو سياري سان مقابلو ڪندو هئس ۽ پيٽ لاءِ اهي سفر ۽ ڪشالا ڪٽيندو رهيس. پر اهو ڪم صرف ڇهه مهينا ڪيم. ان کان پوءِ حيدرآباد جي ڪاف ڪاٽ ٽيڪسٽائل مل ۾ لڳي ويس ۽ جنوري ۽ ڊسمبر جي ٿڌين هوائن ۽ ان ۾ ٿيندڙ زڪام، مٿي جي سور ۽ بخار کان بچي ويس. پر اهو به تجربو ٿيو ته ماڻهو چاهي ته هر طرح جو ڪم ڪري سگهي ٿو.