آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

آه! قومي تحريڪ...

مان ڪافي وقت خود ساخته روپوشيءَ سبب يونيورسٽيءَ ۾ رهيس ڀائٽين جي طهرن جي تقريب ۾ به ڪونه شريڪ ٿيس. ڊپ هجي ته ضرور جلسي جي ۽ ٿاڻي تي ڌرڻي جي F.I.R ته ڪٽي هوندي سو پنهنجي پر ۾ روپوش هئس. روپوشيءَ جي پهريون دفعو خبر پئي ته اها ڇا ٿيندي آهي. پندرهن-ويهن ڏينهن کان پوءِ سوچيم ته لڪي لڪي سيوهڻ مان چڪر هڻي اچان ۽ حال احوال به وٺي اچان ان دور ۾ موبائل فون ڪونه هئي PTCL به هر ڪنهن وٽ ڪونه هوندي هئي. گهر وارن جي به ڪا خبر نه هجي. سو سيوهڻ وڃڻ لاءِ اچي ڄام شورو ڦاٽڪ تي پهتس ته ڪنهن بس ۾ چڙهي سيوهڻ وڃان. اها به حقيقت ته ان وقت پوليس ۽ C.I.D ۽ ايجنسيون قوم پرستن ۾ خاص طور جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن جي پويان ايئن لڳل هوندا هئا جيئن اڄ ڪالهه امريڪي، طالبان جي پويان آهن. سڄو ڏينهن ايجنسين وارن کي اها ئي اهم ڊيوٽي هوندي هئي. سو اهي ويچارا به صبح کان وٺي شام تائين وتندا هئا خوار ٿيندا! اڄ ايئن نه آهي-خبر نه آهي ته جيئي سنڌ تحريڪ جي ايترن ڌڙن جي پويان فورس ۽ ايجنسيون کٽي پيون آهن يا وري جيئي سنڌ تحريڪ مان آزاديءَ وارو روح ختم ٿي ويو آهي يا قومي تحريڪ ۾ ڪو جي ايم سيد جهڙي شفاف ڪردار جهڙو ماڻهو نه رهيو آهي. شايد سرڪار ۽ ايجنسيون سمجهي ويون آهن ته هي سڀ مفاد پرست ۽ واپاري اچي تحريڪ تي قابض ٿيا آهن ۽ اسان هنن جا ايترا ته ٽڪرا ڪري ڇڏيا آهن جو هاڻي ڇڳل تسبيح جي داڻن وانگر ميدان ۾ هارجي وکريا پيا آهن منجهانئن نه خطرو ملڪ کي، نه ايجنسين کي-نه فائدو سنڌ کي ۽ سنڌي قوم کي! باقي جي هر ماڻهو پنهنجي گروهه جي اڳواڻي ڪري ذاتي مقصد پيو حاصل ڪري پنهنجي قوم جي ماڻهن کي اذيت ڏيڻ سنڌي ماڻهن جي مال ملڪيت تي قبضا ڪرڻ انهن کان چندا ۽ ڀتا وٺڻ-جي نه ڏين ته انهن کي موچڙا هڻڻ ڇو ته تحريڪ لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻو آهي! اڳ قومي تحريڪ جا ماڻهو پوليس ۽ ايجنسين جي اک ۾ هوندا هئا سڄي سنڌ جا جيل ۽ ٿاڻا قومي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان ڀريا پيا هوندا هئا باقي جيڪي جيلن ۾ بند نه هوندا هئا اهي پيا گهٽ گهيڙ مٽائيندا تحريڪ هلائيندا رهندا هئا. جيل مان ڪجهه ساٿين جو بهرحال ٻاهر هجڻ ضروري هوندو هو. هاڻي وقت ڦيرو کاڌو آهي. قومي تحريڪن جا ايترا ٽڪرا ڪيا ويا آهن جو ايجنسين وارو ڪم به انهن جي ورڪرن کان پيو ورتو وڃي CID وارا پيا آرام ڪن! اڳ ۾ جيڪو عذاب ورڪرن ۽ ليڊرن لاءِ هوندو هئو هاڻي اهو عذاب انهن ئي پنهنجي قوم جي اٻوجهه ماڻهن لاءِ پيدا ڪيو آهي! مصيبت اها ته ڪير پڇڻ وارو به ڪونه آهي سڀني جون پنهنجون حدون ورهايل آهن ڪير ڪنهن جي حد ۾ ڪونه ويندو نه ڪنهن سنڌي مظلوم سان ٿيل ظلم جي باري ۾ پڇندو!... هي وڏو موضوع آهي مان وري ڪاڏي نڪري ويس!