آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

منهنجي زندگيءَ جو پهريون حادثو

10 اپريل 1978 تي جنرل ضياءُالحق سيوهڻ جي دوري تي قلندر جي زيارت واسطي آيو هئو، ان ڏينهن وڏي ڀاءُ چيو ته اڄ گاڏيءَ سان آئون حيدرآباد ٿو وڃان، جو مارڪيٽ ۾ ڪجهه پئسا ڏوڪڙ به رهيل هئا، اهو حساب به ڪرڻو هئو، هن کي مڇيءَ لاءِ سوزوڪي ڪيري ڪرائي تي ڪرڻي پئي جو مڇي ڊاٽسن کان گهٽ هئي، مڇيءَ جي ڪم ۾ رات ڏينهن جي هل هلان هوندي هئي، انڪري اڪثر واپاري هلندي گاڏيءَ ۾ پنهنجي ننڊ پوري ڪري وٺندا هئا. سوزوڪي-ڪيري حيدرآباد لاءِ رواني ٿي، اڳيان ڊرائيور ۽ ادا غلام حسين ويٺل هجن، ۽ هڪ ڪلينر وري مڇيءَ جي مٿان ويڙهيل تڏن تي ويٺو هوندو هئو، يا سمهي به پوندو هئو، گاڏي رات جي انڌيري ۾ ٻي وڳي ڌاري سيوهڻ کان پنهنجو سفر حيدرآباد لاءِ شروع ڪيو، اڃا هڪ ڪلاڪ جو پنڌ ڪري آمريءَ کان ٿورو اڳتي ۽ وڏن ڇڇرن کان پوئتي هجي، ته ڊرائيور کي به ننڊ جو جهوٽو اچي ويو، اڳيان ٽرڪ پئي ويئي، هي پٺيان پئي ويا، ٽرڪ جي رفتار انتهائي گهٽ هوندي آهي، انڪري ڊرائيور جهوٽي ۾ وڃي ٽرڪ جي ڀرسان پهتو، اوچتو اک کليس ته گاڏي وڃي گاڏيءَ سان لڳڻ واري هئي، ته هن تڪڙ ۾ پنهنجو پاسو ٽرڪ جي ڪنڊ کان ٻاهر ڪڍي ورتو باقي ادا واري پاسي وارو حصو وڃي ٽرڪ جي پٺيان لڳو، زوردار آواز تي ننڊ ۾ ستل همراهه ڇرڪ ڀري اٿيو، ته ٻئي گاڏيون لڳي چڪيون هجن، سوزوڪي ڪيريءَ ۾ اڳيان ڪا به جهل ڪانه هوندي آهي، ڪمزور لوهه جي چادر سان ٺهيل ڪا به بچاءَ جي شيءِ ڪونه هئي، سو ادا غلام حسين جي منهن واري حصي ۾ جيڪي گاڏيءَ جا شيشا ڀڳا انهن نڪ ۽ وات وارو حصو متاثر ڪيو، سڀ ڏند ڀڄي پيس، وات جي ٻنهي چپن ۾ بي انتها شيشي جا ذرا لڳڻ ڪري ڄاڙيءَ تائين چيرجي پيس، ٻئي ٽنگون هنڌان هنڌان ڀڄي پيون سوزوڪيءَ جو گيٽ چٻو ٿي پيو همراهه وڃي هٿيڪو ٿيو، هڪ زخمي ٻيو نڪرڻ جي ڪا به راهه نه! ڊرائيور وارو پاسو بچي ويو ان کي هلڪيون رهنڊيون آيون، پٺيان ڪلينر وڃي هيٺ ڪريو، ان جو بچاءُ ٿي ويو، ڊرائيور بجاءِ هن جي مدد ڪرڻ جي مڪر ڪري روڊ جي پاسي ۾ ليٽي پيو، ڪجهه وقت ۾ اتي هڪ ٻه ٽرڪ پهتي ان جي ڊرائيور هن کي سڃاتو ته هيءُ ته برف جي ڊيپو وارو آهي، سيوهڻ وارو، ان همٿ ڪئي، هڪ ٻه ٻي ٽرڪ به روڪي ٻه-ٽي ڊرائيور ڄڻا لوهه جون راڊون کڻي جيڪي ٽرڪ جي ٽائر مٽائڻ لاءِ ڪم اينديون هيون، اهي سوزڪي پڪ اپ جي چپيل دروازي کولڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا، وڏي احتياط سان اڌ ڪلاڪ ۾ هن کي سوزوڪي پڪ اپ مان ڪڍيائون، هن بيهڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن ٽنگن ۾ ڪجهه ستُ ڪونه، اهي ته چڪنا چور هيون، ڇا تي بيهي؟! وڃي هيٺ ڦهڪو ڪيائين، دلير هئو، سڄي زندگي جهيڙن ۾ رهيو، انڪري ان زخمن کي ڪونه ليکيائين، تمام ڏاهو هئو، هن چيو ته جي رڙيون ڪيم يا جي بيهوش ٿي ويس، ته هي ڀڄي ويندا. منهن مان، نڪ مان، وات مان رت هلي پيو، پاڻ سان هميشه ڪلهي تي رکڻ وارو رومال (انگوشو) رکندو هئو، جيڪا ٽنگ گهڻي ڀڳل هئي ان کي انگوشي سان ٻڌائين ۽ ٽرڪ وارن کي چيائين مونکي ڄامشورو پهچايو، ٽرڪ وارا پهرين ڊڄي ويا، پوءِ هنن چيو ته يار جي هن کي نه کنيوسين ته هيءُ رت وهڻ ڪري مري ويندو، انڪري هن جي زندگي بچائڻ لاءِ اسين هي رسڪ کڻون ٿا، ٻئي چيو ته جي رت نه بيهيس ۽ واٽ تي مري وڃي پوءِ ته اسان جي ڳچيءَ ۾ فلم پوندي، هن چيو ته الله خير ڪندو، هوڏانهن ادا چين ته جي مري وڃان ته اتي ڇڏي هليا وڃجو! ٽرڪ وارن کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي. ان کي کنيائون اڳيان سيٽ تي ليٽايائون انهن کان جيترو ٿيو، سندس زخمن کي اگهندا ۽ ڪٿان ڪٿان ٻڌندا رهيا، ۽ هر گهڙي پڇندا به رهيس، ته طبيعت ڪيئن آهي، هنن کي جواب پئي ڏنو ۽ ڪوشش ڪيائين ته جيئن بيهوش نه ٿيان نه ته هي اڇلائي هليا نه وڃن، ايئن ڪندا صبح جو سوير ڄامشوري جي اسپتال ۾ پهتا، هن سان گڏ ڪير ڪونه هجي، ايمرجنسيءَ ۾ کڻي ويس، ان وقت اسپتال ۾ سڀ سهولتون ۽ سٺا انتظام هيا، صبح جو سرجن عبدالغني کي فون ڪيو ويو، اهو اچي پهتو، هن سندس نڪ ۽ ڄاڙيءَ کي تقريبن 30 جاين تي ٽانڪا هنيا، ٽنگن جي ڊريسنگ ڪئي، ۽ هن کي آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ شفٽ ڪرڻ جو چيو، ۽ چيائين ته هن کي پاڻي ۽ کائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڏيو، جو هن جي پيٽ ۾ ڪافي رت وهي هليو ويو آهي، تيستائين هيءُ به مڪمل بيهوش ٿي ويو، ۽ هن کي ان عالم ۾ آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ منتقل ڪيائون، سرجن غني جي وارڊ ۾ هن کي رت به چاڙهيو ويو، هوڏانهن صبح جو آئون مارڪيٽ ۾ منتظر... ڪا خبر ڪونه ته گاڏي ڇونه پهتي، ايتري ۾ هڪ ٻي گاڏي جيڪا اتان ڪجهه ڪلاڪ پوءِ پهتي، انهن مڇي جي گاڏي جو ايڪسيڊنٽ ڏٺو کين اتان ويٺل ڊرائيور ۽ ڪيلينر ٻڌايو ته غلام حسين ابڙو جي مڇي آهي، حادثو ٿي پيو، هو تمام سيريس هئو، ٽرڪ وارا کيس ڄامشورو زخمي حالت ۾ کڻي ويا آهن، مارڪيٽ ۾ اها ڳالهه هلي، مونکي پنهنجي ڪميشن ايجنٽ ٻڌايو ته تنهنجي ڀاءُ جو ايڪسيڊينٽ ٿيو آهي، هن کي ڄامشوري اسپتال ۾ کڻي ويا آهن، مون تي اها خبر وڄ وانگر اچي ڪري ۽ اکين جي اڳيان انڌاري اچي ويئي، دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ڪجهه وقت ته خاموش ٿي پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهيس، ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه پيو اچي ڇا ڪيان، يا الله خير ڪجان، ڇا ٿيو هوندو؟ اسپتال ۾ ٺيڪ هوندو، اهي خيال ۽ سوچون دماغ تي ڇانيل رهيون، نيٺ ان ڪيفيت مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪيم، ته هاڻي جيڪو به ٿيو وڃي ڄامشورو پهچان ته خبر پوي، ايئن آئون مڇي مارڪيٽ مان روانو ٿيس، ڪنهن بس ۾ چڙهي ڄامشوري اسپتال پهتس، پڇاڻو ڪيم، چيائون ته سرجن غنيءَ جي وارڊ ۾ هوندو، اتي ويس، پڇا ڪيم، چيائون اسان جو ڪم ختم ٿيو، هاڻي کيس آرٿوپيڊڪ وارڊ ۾ ڊاڪٽر گل محمد ميمڻ وٽ منتقل ڪيو اٿئون، اتي پهتس همراهه جي حالت نازڪ هجي. اڃا تائين هوش ۾ ڪونه هجي، ڊرپون چڙهيل، وات مان ساهه کڻڻ لاءِ هڪ نلڪي وڌل هجيس، جيئن ڏند ڀچڙجي نه وڃنس، ۽ ٻنهي ٽنگن تي وڏيون پٽيون ٻڌل هجن، ڏاڍي حالت خراب ڊاڪٽر کان پڇيم، چيائون ته ايڪسري ڪيون پيا، ٽنگون تمام گهڻيون ٽٽل آهن، باقي وڏو ڊاڪٽر اچي ته پوءِ ڏسون ٿا، باقي هن جو پاڻي ۽ ماني وغيره بند آهي، همراهه ڊرپ ذريعي هلندو ۽ علاج به ان وسيلي ڪيو ويندو، مان اهو منظر به ڏسندو رهيس، اسپتال ۾ جيڪي مريض جنرل وارڊ ۾ داخل هيا، انهن ڏي نهاريندو رهيس، دل ۾ ڪيترائي خيال سوچون ۽ ڊپ هجي، ته ڇا ٿيندو، هي ته اسان جي سموري خاندان جو سرواڻ، سنڀاليندڙ، وڏو ۽ تمام ڏاهو ۽ قابل ماڻهو-جيڪو اڄ بيوسيءَ جي عالم ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي، بچي به سگهندو، الئه نه؟ اهڙا خيال ايندي ڇرڪ نڪري ويندو هئو، وري سوچن ۾ گم اڃا ڪجهه به نه پيو ڪري سگهان، پئسو ايترو هجي جو سرڪاري اسپتال ۾ گهربل دوائون ۽ انجيڪشنون مس پوريون ٿي ڪري سگهياسين، جي خانگي اسپتال ۾ وڃون ته الائي ڪيترو وقت ۽ پئسو لڳندو، اهي سڀ خيال سوچون سيني ۾ سانڍي ڪائونٽر تي ويٺل هڪ نرس ۽ هڪ ڊاڪٽر ڏي خيال ويو، خوبصورت نرس جنهن جو تعلق پنجاب سان هجي، هتي نرسنگ ڪورس ۽ اسپتال جي ٽريننگ ڊيوٽيءَ تي هجي، ان سان گڏ هڪ هائوس جاب ڪندڙ ڊاڪٽر ويٺل هجي، ٻئي پاڻ ۾ محو گفتگو هجن. خبر نه آهي، ته مريضن جي علاج ۽ صحتيابي بابت پئي ڳالهايائون يا پنهنجي ڪنهن ذاتي ڳالهه ۾ مصروف هيا!! مان خاموش قدمن سان انهن طرف وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ وار سوچيم ته هنن سان، ادا جي متعلق بحث ڪيان، وري ٿورو خيال آيو ته ڪٿي منهنجي مداخلت سبب سندن ڳالهين جو سلسلو ٽٽي نه پوي، ۽ پوءِ بيزاريءَ ۾ صحيح طرح ڪجهه به نه ٻڌائين، جو سرڪاري اسپتال جي علاج ۽ اتي موجود ڪاسائي نما ڊاڪٽرن جي روين کان سڀ ماڻهو واقف آهن! مهذب معاشرن ۾ ته علاج، تعليم، ۽ روزگار جو معاملو سرڪار جي ذميواري آهي، هتي سڀ ذميواريون ماڻهوءَ کي پاڻ ٿيون نڀائڻيون پون، وري کنيل قدم روڪي واپس اچي مريض جي ڀر ۾ رکيل ڪاٺ جي اسٽول تي ويهي رهيس، ٿوري دير کانپوءِ وارڊ ۾ ڀاڄ ۽ گوڙ شروع ٿي ويو! گوڙ مريض يا سندن عزيزن جي طرفان ڪو نه هئو، بلڪه گوڙ ان تي هو جو نرسن ۽ وارڊ بواءِ طرفان رڙ پئي پوي ته جلدي ٻاهر وڃو وڏو ڊاڪٽر وارڊ ۾ ٿو اچي،!! ايئن کڻي تڙ تڪڙ ڪيائون ڄڻ ڪو فاتح ۽ حاڪم پنهنجي راڄ سان ملڻ ايندو هجي، هتي ته مسيحا هجڻ گهرجن، جيڪي ڏکويل ماڻهن جي داد رسي ڪن، زخمين ۽ بيمارن تي توجهه ڏين، هنن جي دلجوئي ڪن، پر هيءُ ته ڪم ئي ابتو نظر آيو! نڪرو نڪرو جلدي ڪيو، ڊاڪٽر صاحب ٿو اچي ڪٿي اوهانکي مريضن سان گڏ ڏسي چڙي نه پوي، وارڊ خالي ڪيو. ماڻهن ويچارن ۾ ڄڻ ڀاڄوڙ پئي، سڀ ماڻهو ڄڻ هر روز ايئن ٿيڻ جا هريل هئا، کين خبر هئي ته ايئن به ٿيندو آهي، پر مون لاءِ سمورو منظر نئون هجي، جو 22 سالن جي عمر ۾ پهريون دفعو ايترو وڏو حادثو پيش آيو هو، مان سڀ ڪجهه پهريون دفعو ٿيندي پيو ڏسان، مونکي خيال آيو ته ڇا ڊاڪٽر جي ايتري دهشت انڪري ٿي ويهارجي ته مريض ۽ سندس تيماردار اسانجي ۽ پروفيسر انچارج جي رحم ڪرم تي هجن!! اسين ڇا به ڪيون خوف ۽ ڊپ مان ڪير به اسان کان ڪوبه سوال نه ڪري، علاج لاءِ نه پڇي سگهي!! ٻيو خيال اهو آيو ته مريضن جي خدمت صرف وارڊ اسٽاف، نرسن ۽ ڊيوٽي ڊاڪٽرن کي ڪرڻي آهي، تيماردار ڏسندو ته کين دٻ پٽيندو يا پروفيسر صاحب جي وزٽ وقت ڪير به نه هجي، جو ان کان هر متعلقه مريض بابت انجو تيماردار صحت بابت سوال ڪري ۽ پروفيسر جو وقت زيان ٿئي، بهرحال انهن مسئلن مان مونکي سمجهه ۾ اهو آيو ته هيءُ پروفيسر صاحب کي ايترو پروٽوڪول ڏين ۽ سندس آمد کي ايترو خوفناڪ ۽ ڀوائتو ڪري ٿا پيش ڪن جو جيڪڏهن مريضن جو مائٽ ايئن نه ڪري ته کيس ويتر خوف پيو محسوس ٿئي ته ڪاٿي مريض جو نه ڪم لاهي ڇڏين، اسين ٻاهر بيٺاسين ڪجهه دير ۾ پروفيسر ۽ ٻه ،ٽي ٻيا ڪي سينيئر ڊاڪٽر جن ۾ وارڊ جو رجسٽرار به هجي، اچي پهتا، سڄي وارڊ کي اڌ ڪلاڪ تائين ڏسندا ۽ مريض جي مٿان ٻه،ٽي منٽ بيهندا، ان جي دوائن ۽ جن جو آپريشن ڪرڻو هجي، ان لاءِ هدايتون ڏيڻ ته هن مريض جو فلاڻي ڏينهن آپريشن آهي، پروفيسر صاحب جي وارڊ جي مريضن لاءِ هڪ هفتي ۾ 2 ڏينهن آپريشن جا رکيل هوندا آهن، انهن ٻن ڏينهن لاءِ هو جنهن کي وڌيڪ ضروري سمجهندا آهن، آپريشن ڪري ٽٽل ٽنگون، ٻانهون يا ڪيترن جي مٿي ۾ ڌڪ ۽ فريڪچر هوندا هئا، انهن جي وڍ ٽڪ ڪري وٺندا هئا، پروفيسر ۽ ڊاڪٽر گهمي ڦري ٻاهر هليا ويا، ان دوران جي ڪو مريض جو مائٽ، عزيز وارڊ جي ٻاهران دروازي مان ليئو پائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو هئو، ته گيٽ تي ويٺل چوڪيدار خون خوار اکين سان ڏسي اهڙي دٻ ڪڍندو هئس، جو گلو ئي خشڪ ڄڻ اڌ پروفيسر اهو هجي، ڪيترا دفعا ته ايئن به ٿيندو هو، جو ڪنهن انتهائي سيريس مريضن جو عزيز پنهنجي مريض متعلق يا پنهنجي دل جي تسليءَ لاءِ ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ جي ڪوشش ڪري دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪندو هئو، ته چوڪيدار هن جي مٿان هيبتناڪ جانور وانگر اکيون ڦوٽاري اهڙي ته ڊوهه ڏيندو هئو، جو مريض ته پنهنجي جاءِ تي، تيماردار به بي حال ٿي پوندو هئو، ڊاڪٽر جي خوفناڪ وزٽ ختم ٿي، آهستي آهستي ماڻهو اندر وڃڻ شروع ٿيا، پنهنجي مريضن وٽ وڃي ويٺا، منهنجي ڀاءُ لاءِ في الحال اهو آرڊر ٿيو ته هن هڪ ٽنگ ۾ زخم ڪجهه گهٽ آهن، ٻي ٽنگ گوڏي جي هيٺان هنڌ هنڌ تان ٽٽل آهي، انکي پهرين زخم ڇٽائجي پوءِ پٽو چاڙهي ٽٽل ٽنگ جي هڏن کي ملائجي...
هڪ ٽنگ جي حالت اها هجي جو پنيءَ واري پاسي چئن انچ تائين گوشت چيرجي خراب ٿي ويو هجي، ۽ ان پاسي کان ٽنگ جي هڏي به نظر پئي اچي، پهرين ته آپريشن ٿيئٽر ۾ وٺي وڃي، سندس ٽنگ مٿان جيڪي چيريل گوشت جا لڙڪيل ٽڪرا هئا، انهن کي ڪٽي ڇڏيائون، هونئن ته هر مريض جي ڊريسنگ تقريبن وارڊ ۾ ٿيندي آهي، ليڪن هن کي آپريشن ٿيئٽر ۾ وٺي وڃي، ڊريسنگ ڪندا هئا، آهستي آهستي نيم بيهوشيءَ مان نڪتو، مونکي ڏٺائين ته اشارن ذريعي محسوس ڪرايائين ته ڏس، مان ڪهڙي حال ۾ آهيان، ادا سائين جي ان ڏسڻ جي انداز منهنجي هانءُ کي جهوري وڌو، وڏو ڀاءُ پيءُ جي جاءِ تي مونسان سندس گهڻي وابستگي رهي، هر واپار، ڪاروبار ۽ ڌنڌي ۾ سڀني ڀائرن کان وڌيڪ آئون هن سان ٻانهن ٻيلي هوندو هئس، ۽ ڏک سک ۾ مان هن سان ۽ هو مونسان هوندو هئو، اڄ جڏهن کيس ان حالت ۾ موت سان جنگ ڪندي ڏٺم، ته آئون ته مڪمل مايوس ٿي ويس، اشاري سان پاڻيءَ جي گهر ڪيائين، مون ڊاڪٽر کان جيڪو وارڊ ۾ ويٺو هجي، پڇيو ته مريض پاڻي ٿو گهري، هنن سختيءَ سان منع ڪئي، ته پاڻي ناهي ڏيڻو، جو هن کي پاڻي ڏبو ته هن جي پيٽ اندر ويل رت ۽ پاڻي گڏجي وري ڪو نئون مسئلو پيدا ڪندا ۽ مريض جي زندگيءَ کي خطرو لاحق ٿي سگهي ٿو، باقي پاڻي ۽ مانيءَ جو ڪم اهي جيڪي ڊرپون هنيون اٿئون، اهي ڪنديون، ڊرپ هڪ اڃا پوري ٿئي پئي ته ٻي لڳائين پيا، ايتري ۾ مون کي ٿوري سمجهه آئي مون حميد شيخ-جيڪو سندس سالو ۽ ميڊيڪل جو آخري سال جو شاگرد هجي، کي فون ڪيم ڪمري ۾ نه هجي، سندس پارٽنر غلام مجدد قريشي اهو به سيوهڻ جي لڳ چنن جو هجي، کي نياپو ڏنم، ۽ پوءِ ٻي فون سيوهڻ ڪيم، ادا غلام قادر کي ٻڌايم ته ادا جو رات ايڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي، هنن ٻڌو ته پريشان ٿي پيا، هينئر ڪيئن آهي؟ چيم ٺيڪ آهي، الله خير ڪيو توهان اچو هن وقت ضرورت آهي، مان اڪيلو ڪونه ٿو سنڀالي سگهان، مون هنن کي سندس انتهائي نازڪ حالت کي لڪائيندي چيو الله خير ڪيو آهي، ڪجهه ٽنگن ۽ منهن ۾ ڌڪ اٿس، هي اتان روانا ٿيا، هن سان گڏ ادا ڪريم بخش به گڏ آيو هجي.
هوڏانهن مريض چند گهڙين لاءِ اکيون کوليون وري نيم بيهوشيءَ جي عالم ۾، ٻئي ڀائر جيئن ئي اسپتال جي وارڊ ۾ هن کي ڏسڻ لاءِ آيا، ۽ جيئن هن تي نظر پين هنن کان دانهون نڪري ويون، ۽ ادا غلام قادر ته اتي جو اتي بيهوش ٿي ڪري پيو، هن تي پاڻيءَ جا ڇنڊا هنياسين ۽ ماڻهو اچي گڏ ٿيا. همراهه ڄڻ هٿن مان پيو وڃي، هن کي ٿوري دير ۾ هوش آيو، زار و قطار روئڻ لڳو، ڪريم بخش به آبديده هئو، ٿورو ڳالهائڻ جهڙو ٿيو ته مونکي چيائين، تو ته چيو خير آهي، بچاءُ ٿي ويو آهي، هي ته همراهه بلڪل سيريس آهي، مون کين چيو ته ڪڏهن ڪڏهن حوصلي کان ڪم وٺڻو پوندو آهي، اوهانکي جي اهڙي صورتحال فون تي ٻڌايان ها ته اوهان ته اتي ئي هنجون هاري ويهو ها! انڪري مون ضبط کان ڪم وٺي، ايتري وڏي حادثي کي ننڍو ڪري پيش ڪيو، جو اوهان کي سفر واري ٽائيم جي تڪليف گهٽ پهچي، ادا غلام قادر جي طبيعت اها هوندي هئي ته گهر جي ڪنهن فرد جي تڪليف برداشت ڪونه ڪندو هئو، ۽ هڪدم بيهوش ٿي ويندو هئو، ادا جي پنهنجي ڪٽنب سان جذباتي حد تائين محبت هوندي هئي، حالانڪ وڏو ملهه پهلوان هئو، ملاکڙي ۾ ملهه وڙهندي ڪيترا دفعا هن کي ڌڪ آيا، زمين مان ٺڪاءُ نڪرندو هئو، پر هيءُ ان مهل اٿي بيهي رهندو هئو، هڪ دفعو ملهه ۾ ٻانهن به ۽ چنبو به ڀڄي پيس، ليڪن بيهوش ڪونه ٿيندو هئو، پر دل جو ايڏو نرم جو ڪو صدمو ۽ ڏک به برداشت ڪونه ڪري سگهندو هئو روئڻهارڪي ڪيفيت ٿي پوندي هئس، هيءُ مون سان ڪجهه ڏينهن اسپتال ۾ رهيا، پوءِ ڪيترا دوست عزيز مٽ مائٽ ايندا ويندا رهيا.
مريض جي پوزيشن اها هئي جو ٽنگ جي زخم مان بدبوءِ اچڻ شروع ٿي، وارڊ ۾ نئون ماڻهو داخل ٿيندو هئو ته هن جو ڪپهه ۾ ويڙهيل زخم پيو سمندو هئو جنهن مان هاڻي بدبوءِ اچڻ شروع ٿي، ڊاڪٽر گل محمد کان پڇايوسين، چيائين هن جي هڪ ٽنگ ۾ گينگ گرين ٿي پئي آهي، اسان هن جي هر روز پٽي ڪيون پيا ته زخم تي ڪنٽرول ٿئي، ۽ گينگرين تي ضابطو آڻجي، ليڪن ان لاءِ مشڪل اها آهي ته سرڪاري اسپتال ۾ اسان وٽ جيڪي دوائون آهن، يا جيڪي ميڊيڪل اسٽور تي آهن، اهي استعمال ٿا ڪيون باقي هڪ انجيڪشن آهي، ان جو نالو لکي ٿو ڏيان، ڪراچيءَ مان ڪنهن وڏي اسٽور تان معلوم ڪيو، جي اها گهرائي ڏيو ته پوءِ ان جو ڪورس آهي، شايد 8 انجيڪشنون لڳنديون هڪ هفتي ۾! جيڪڏهن نه ملي سگهيون، ته پوءِ سواءِ ان جي ڪو چارو نه آهي، جو هن جي ٽنگ گوڏي کان هيٺ ڪٽي وڃي! هونئن به ڊاڪٽر گل محمد لاءِ مشهور هئو، ته هو جيترو ڀلو فزيشن هئو، ان کان وڌيڪ وڍ ٽڪ جو ماهر هن کي سندس ڪرت سبب ڪاسائي به چوندا هئا، هن جي انهن جملن ڄڻ آسمان ڪيرائي وڌو! ڌڻيءَ در ٻاڏائيندا رهياسين، مريض کي ڪجهه ڪونه ٻڌايوسين، پاڻ ۾ پئي صلاح مشورو ڪيوسين، ته هاڻي ڇا ڪجي، ڊاڪٽر گل محمد ميمڻ وڍڻ جي ڳالهه ڪري ته پوءِ اهو ڪري به ڏيکاري! هن کي ٻين ڪيترن واسطيدار ڊاڪٽرن کان چورايوسين، هن جو جواب اهو هجي ته جي چئن ڏينهن ۾ ان انجيڪشن جو انتظام نه ٿيندو ته اسين ٽنگ کي ڪٽينداسين، وارڊ ۾ ڪيترا مريض هئا، انهن مان ٻٽن ڄڻن جي ٽنگ ڪٽيل به هئي، جيڪا پڻ ڊاڪٽر صاحب سندن زندگي بچائڻ لاءِ ڪٽي ڇڏي هئي، ۽ غريب ماڻهوءَ کي، جي علاج هلندي پئسا نه اٿس ته اهو ئي ٿيندس،نه ته گينگرين وڌندي ۽ زندگي خطري ۾ اچي ويندي، مون ڪجهه پئسا کنيا جو ان وقت ۾ مونکي چڱي طرح ياد آهي، ته 3800 سَوَ جي لڳ ڀڳ اها انجيڪشن هئي، ڪراچيءَ ۾ پڇندا رهياسين، مون لاءِ تقريبن نئون شهر، هٿ ۾ پرچي زبان تي ورد رستي تان جيڪو اسٽور ڏسان معلوم ڪيان، پر پرچي ڏسي چون ته اڃا اڳتي، سول اسپتال ۾ وڏا اسٽور آهن، سڀني چيو ته ڪونه آهي، هڪڙي کي روئڻ واري انداز ۾ منٿ ڪيم ته ڀلا ڪو ڏس ڪو پتو، حالت اها هجي جو دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، اکين ۾ انڌاري پير پنڌ ڪرڻ کان جواب ڏئي بيٺا، حالانڪ نوجوانيءَ جي عمر هجي، ان عمر ۾ ماڻهو الائي ڪهڙي جدوجهد ڪندا آهن ۽ ٿڪبا به ڪونه آهن، ليڪن آئون ته مسلسل ذهني عذابن جو ايترو گهرو اثر ورتو جو اعصابن به جواب ڏيئي ڇڏيو. هن کي ملم پٽيءَ وقت بيهوش ڪونه ڪندا هئا، جو اهو روز ممڪن ڪونه هوندو هئو، پوءِ جيڪي دانهون ڪندو هئو، ۽ جيڪو هن عذاب برداشت ڪيو ان لاءِ قلم ۾ طاقت ڪانهي، ته هن جي تڪليف ۽ سور جي سٽ لکي سگهي! پٽي ڪرائي ٻاهر نڪرندو هئو، ته سندس چهرو ۽ اکيون ڳاڙهيون هڪ ڪلاڪ تائين پيو ڪنجهندو ۽ الله الله ڪندو هئو، اهو منظر به هاڻي روز جو معمول ٿي ويو ۽ ان پوزيشن ۾ آئون ته نڪري وڃي ڪنهن ڪنڊ ۾ روئندو ۽ رحمان الله کي ٻاڏائيندو هئس ته مٺا هاڻي معافي ڏي، الله سائين شل ڪنهن دشمن کي به اهڙي آزمائش ۾ نه وجهي، اهي سڀ ٽينشن ۽ تڪليفون ڏسي آئون به بيوس ٿي پيو هئس.
سڄي ڪراچيءَ جي اسٽورن تان سڪو جواب مليو پر هڪ ڏس به مليو ته ايم اي جناح روڊ تي ڪوثر ميڊيڪل اسٽور آخري آهي، اتان ملي ويندي، جي نه ته پوءِ بس، اتي ويس پرچي اسٽور واري جي اڳيان جهليون بيٺو هجان، ڪافي مريض ۽ ماڻهو دوا جي لاءِ بيٺل هئا، اندران به ڪافي ماڻهو دوا ڏيڻ لاءِ بيٺل هئا، نيٺ منهنجو وارو آيو، پرچي ورتائين پڙهيائين منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي، دعائن جو ورد زبان تي ۽ دل تي الله جو آسرو ۽ اميد ته من ملي پوي، پرچي ڏسي اندر ويو وڃي اتي ٽيبل تي ويٺل هڪ همراهه کي ڏنائين، جنهن پرچي ڏسي ڪنڌ کي انڪار ۾ ڌوڻيو، هن جي انڪاري ڪنڌ جي هلچل منهنجي دل جي ڌڙڪن کي ڄڻ بند ڪري ڇڏيو، آخري اميد به ختم منزل تي پهچڻ لاءِ مسافر جي آخري گاڏي به ڄڻ نڪري چڪي هجي، ۽ هاڻي منهنجي ذهن ۾ منهنجي ڀاءُ جي ٽنگ ڄڻ ڪنهن ڪاسائي جي ڪات هيٺان ايندي نظر اچڻ لڳي هجي، مونکان بي اختياري ۾ دانهن نڪري ويئي، ٽيبل تي ويٺل همراهه منهنجي ان انداز کي ڏسي ڊاڪٽر جو لکيل نسخو کڻي اچي منهنجي ڀرسان بيٺو، اردو ۾ پڇيائين ڪٿان آيو آهين، ٻڌايو مانس، چيائين اسان وٽ هوندي آهي، ليڪن ڪافي عرصي کان اسان هن جو آرڊر بند ڪري ڇڏيو آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن هلندي آهي، هاڻي تون پريشان نه ٿي الله مان آسرو نه لاهه، اڃا هڪ اسٽور ٻيو آهي، اتي وڃ، مون پڇيو ڪاٿي آهي، ۽ ڇا اوهان جي اسٽور کان به وڏو ڪو اسٽور آهي، هن چيو وڏي ننڍي جي ڳالهه ڪونه آهي، تون اتي وڃ جي نه هوندس، ته هو توکي گهرائي ڏيندو، جو هن جي آرڊر جو مال هوائي جهاز جي رستي به ايندو آهي، مون سندس شڪريو ادا ڪيو، هن مونکي هوٽل؛ پرل ڪانٽينل جو ڏس ڏنو، ان جي ٻاهران اسٽور جو نالو ٻڌايائين شايد ”سائيز“ ميڊيڪل اسٽور اتي وڃڻ لاءِ رڪشو ڪيم، هن اتي پهچايو، مان دعا ڪندو ۽ رب کي ٻاڏائيندو اسٽور واري کي وڃي پرچي ڏنم، هن چيو ته آهي ته ڪانه پر آئون گهرائي سگهان ٿو، پر ان ۾ هڪ هفتو لڳي سگهي ٿو، مون چيو مون سان ته هيڏي وڏي مجبوري آهي، تون ان کي 3 ڏينهن ۾ گهراءِ ۽ هن چيو ته ٺيڪ آهي، هي 12 انجيڪشنن جو پاڪيٽ ايندو آهي، مقرر قيمت کان 500 روپيه في انجيڪشن تي وڌيڪ وٺندس، جو تنهنجي لاءِ اسپيشل فلائيٽ ذريعي گهرائيندس، مون شڪر ادا ڪيو، مون چيو ته جيڪو چوندين ڏيندس، پر مونکي 3 ڏينهن جي اندر گهرائي ڏي هن چيو پئسا اڳواٽ، اتي وري دماغ مان دونهان نڪرڻ لڳا، مون وٽ 15000 هزار هجن، هن کي 40،000 جي لڳ ڀڳ اڳواٽ ڏيڻا پيا پون، مون چيو في الحال 15000 هزار جمع باقي مال اچڻ مهل، چيائين ايئن ڪونه ٿيندو، هي ائٽم هلڻ وارو ڪونه آهي، تون نه کنيو ته تنهنجا ته ويندا 15000 هزار، پر منهنجا 25000 هزار نقصان ٿيندو، مون چيو ته هي جمع ڪر مان وڌيڪ صبح تائين توکي ڏيئي ويندس، هن 15000 هزار ورتا، مون فون ڪيو ڪجهه ڳوٺاڻا ڪجهه مڇيءَ جي دلال، ڪجهه سيوهڻ مان، عزيزن کي چيم جيڪي ٿي سگهن ڄامشوري صبح تائين کڻي اچو، پئسن جو انتظام ٿي ويو، صبح جو 10 وڳي وري بس ۾ چڙهي ڪراچيءَ پهتس، اسٽور واري آرڊر ڏنو ۽ چيائين سڀاڻي شام جو مال اچي ويندو ۽ ٻئي ڏهاڙي 11 وڳي صبح جو کڻي وڃجان، مان مقرر وقت تي اچي هن کان سمورو پاڪيٽ کنيو، هن چيو ته في الحال ننڍو ٿرماس يا ڪولر وٺي اچ، ان ۾ برف هجي ۽ دوا برف ۾ وجهي کڻبي، اتي وري ڪنهن فرج ۾ رکڻي پوندي، مون ايئن ڪيو، پوءِ باقي انجيڪشنون اسپتال ۾ موجود فرج ۾ رکيون ويون، ڊاڪٽر پروفيسر گل محمد ميمڻ کي ٻڌايو ويو، هن ڊيوٽي ڊاڪٽر کي هدايت ڪئي ته انجيڪشن شروع ڪيو. ڊاڪٽر چيو؛ وڏي همٿ ڪئي اٿوَ، هاڻي اميد آهي، ته زخم تي ڪنٽرول ٿي ويندو، ۽ الله ڪندو ته هن جي ٽنگ ڪٽجڻ کان بچي ويندي، پر اڃا به 4 انجيڪشنون وڌيڪ کپنديون، مون چيو سائين اوهان 8 چيون هنيون، چيائين ها، مون چيو سائين هي ته مون 12 جو پورو پاڪيٽ گهرايو آهي، چيائين جي 12 آهن، پوءِ ڪم ٿي ويندو، اسان تڪڙ ۾ 8 چيون پر هي ڪورس ئي 12 جو آهي، ۽ شايد انڪري هن اوهانکي 12 ڏنيون آهن، پوءِ اهي انجيڪشنون پنهنجي وقت تي لڳيون ۽ ٽنگ مان ايندڙ بدبوءِ ختم ٿيندي ويئي، ۽ زخم ٺيڪ ٿيڻ جي طرف وڌندو رهيو، ۽ اسان به الله سائينءَ جو شڪر ادا ڪيو.