آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

درويش ڀاءُ ڌڻي بخش جو اسپتال ۾ اچڻ

اسان جو سڀني کان ننڍو ڀاءُ ڌڻي بخش ادا کان ڄامشورو اسپتال مان طبيعت پڇڻ لاءِ آيو، جيئن ئي مريض جي حالت ڏٺائين جيڪا اڃا تائين ڪا خاص تسلي بخش ڪونه هجي، وات مان کاڌو پيتو اڃا تائين بند هجيس، زخمن ۾ چور، ٽنگن تي پٽي چڙهيل ڊرپ ۽ ڪڏهن رت جون ٿيلهيون چڙهيل... هن کي ڏسندي ئي درويش ڌڻي بخش جي طبيعت خراب ٿي ويئي، پهرين ته روئڻ شروع ڪيائين، ليڪن ان ئي لمحي ان ئي ڪيفيت ۾ هڪدم ٽهڪن ۾ مٽجي ويو، ۽ نعرا هڻڻ لڳو، ڀٽي جي قاتلن تي لعنت-نعرۂ سنڌ جيئي سنڌ ۽ مريض کي چوڻ لڳو هاڻي کوڙ ستو آهين، اٿ ته هلون گهر، آئون توکي وٺڻ آيو آهيان، ڪهڙا ڊاڪٽر آهن، جن توکي هتي چور وانگر کڻي ٻڌو آهي ۽ ڊاڪٽرن کي گاريون اسپتال جو ماحول عجيب ٿي ويو، ٻيا به مريض داخل هئا، انهن جا تيماردار به ويٺل هئا، پهرين ته ڪنهن کي ڪجهه سمجهه ۾ ڪونه پيو اچي، ته هن کي ڇا ٿيو آهي، هي ڇو پيو دانهون ڪري، نعرا هڻي ۽ اول فول پيو ڳالهائي، مونکي خبر هئي ته اهلڪارن جي ٽارچر ۾ هن کي پهرين به اسپتال ڇڏي آيو هئس، پر هن صدمي هن جي ذهني ڪيفيت وري خراب ڪري ڇڏي، مان هن کي وٺي زبردستي وارڊ مان ٻاهر ڪڍيو ۽ کيس شاهه لطيف هاسٽل ۾ وٺي ويس، اتي ڊاڪٽر محمد صالح گاڏهي جو ڪمرو هجي، اهو به فائينل ۾ پڙهندو هجي، ۽ ڊاڪٽر حميد شيخ جي ڪري دوست ٿي ويو هجي، اهي شاگرد ادا وڏي جي علاج وغيره ۾ ڊاڪٽرن سان لهه وچڙ ۾ هوندا هئا، جن جي ڪري ڪافي مدد ملندي هئي، ڪونه ڪو ڊاڪٽر (فائينل جو شاگرد) ڊاڪٽر حميد شيخ جي ڪري وارڊ ۾ ايندو هئو، جو سڀني کي خبر پئي ته ڊاڪٽر حميد شيخ جو ڀيڻيويو آهي، اتي وڃي هن کي ويهاريم پر هاڻي هن تي ڪنٽرول ڪير ڪري؟ چريو ماڻهو-ڳالهائڻ شروع ڪري ته بس نه ڪري، پل کن ۾ سالن جا قصا واقعا پيو بيان ڪري، ڏک تڪليفون پيو ٻڌائي پنهنجن جون تڪليفون پيو ٻڌائي، مطلب هو مسلسل ڳالهائڻ ۽ جي کيس جواب ڏجي ته ڪاوڙ، ويڙهه، جهيڙو ، يا الله هاڻي ڇا ڪريان! ڪنهن کي سنڀاليان، هن اسپتال ۾ داخل مريض کي يا هن بي وس ڀاءُ کي، هن کي ڏسان پيو ته ادا جي علاج جون ڳڻتيون جي هن کي ڇڏي ٿو وڃان ته هي هاڻي بي قابو-سو ڪوبه نقصان ڪري سگهي پيو، ڪنهن سان وڙهي پئي سگهيو، ڪيڏانهن به نڪري وڃي پيو سگهي، رستي ۾ روڊ ۾ ڪنهن به گاڏي جي ٽڪر جو يا حادثي جو شڪار به ٿي پيو سگهي، هڪ دفعو وري ذهني دٻاءُ جيڪو ڪجهه ڏينهن ۾ اسپتال واري معاملي ۾ ڪجهه جهڪو ٿيو، ته وري هي ڳڻتي، مولا ڇا ڪيان، ڪيڏانهن وڃان، ايتري ۾ سيوهڻ مان هڪ دوست بشير اوٺو اچي نڪتو، ادا غلام حسين کان اسپتال مان پڇي خبر پيس ته آئون هاسٽل تي آهيان، اتي آيو، ٻڌايو مانس ته هو اسپتال هيءُ هتي آئون هڪ ۽ مريض ٻه، هي ته ڏاڍو بي قابو ٿي پيو آهي، چيائين آئون توسان رهان ٿو، ٻن ڏينهن ۾ منهنجو حيدرآباد ۾ انٽرويو آهي، شايد نوڪريءَ لاءِ، مان ڪجهه سهولت محسوس ڪئي، هن جي دماغي دوا جي مونکي خبر هئي، في الحال اهي دوائون وٺي، هن کي کارائڻ شروع ڪيم، ته ڪجهه سولو۽ هلڪو ٿئي، چڙ ختم ٿئيس، ۽ ننڊ به اچيس، جو ان ڪيفيت ۾ ننڊ ڪونه ڪندو هئو، هاسٽل تي رهندڙ ٻن دوستن ايترو ڪيو جو پاڻ پورو ڪمرو اسان جي حوالي ڪري، ٻين دوستن وٽ وڃي رهيا، هن وٽ اڃا ته ادا جي ڳڻتي، ٽينشن ۽ جي اوڏانهن وڃان ته هن جو ٽينشن، وقت طويل ٿيندو ويو، نه کٽندڙ ڏينهن ۽ راتين جو سلسلو هلندو رهيو، گهڙي گهڙي صديون ٿي لڳيون، ڇا ڪجي ڪيئن ڪجي، پر انسان ڏاڍو مضبوط آهي، الائي ڇا ٿو برداشت ڪري وڃي، ۽ هونئن به تڪليف انکي ٿيندي آهي، جيڪو احساس رکندو ۽ محسوس ڪندو هجي!
مون سان مڪمل اها ڪيفيت هئي، هڪ پل به اهڙو ڪونه هئو، جو خوش ٿي کلي سگهان، کل ۽ خوشي موڪلائي ويئي، وار کليل، اکيون اوجاڳن ۾ ڳاڙهيون، چپ خشڪ، چهرو ڪوماڻل زنده لاش وانگر ڪنهن دلي تسڪين جي ڳولا ۾ رلندو رهيس، رات جو بشير کي هاسٽل ۾ ڌڻي بخش وٽ ڇڏي ويس، مان اسپتال ۾ وڃي ترسيس، صبح جو بشير اوٺي جو حيدرآباد ۾ انٽرويو هجي، مونکي چيائين ته تون اٺين وڳي اچجان، مان ان کان اڳ ۾ نڪرندس، جو 8 وڳي آفيس ۾ پهچڻو آهي، رات جو ٿيو ايئن جو بشير، ڌڻي بخش کي دوا کارائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڌڻي بخش دوائون کائڻ لاءِ هن کي چيو ته مان جيڪي دوائون چئين کانوان ٿو، تون سويل ئي سمهڻ لاءِ هي هڪ ٽيبليٽ کائي سمهي پوءُ، پوءِ هن کي ٽيبليٽ ڏيندي، چيائين، هن به سوچيو ڪونه هن کان وٺي کائي ڇڏيائين، جو هن ڏٺو ته هن کي ڏينهن ۾ 3 دفعا اهي ٽڪيون 2،2 ڏيون ٿا، ته به ننڊ جونه ٿو ڪري، مونکي ڀلا ٽڪي ڇا ڪندي؟! صبح جو آئون ويس مونکي هاسٽل ويندي ڪجهه دير ٿي ويئي ڏٺم ته ڌڻي بخش جاڳي پيو، ۽ بشير اوٺو ستو پيو آهي، مون چيو هن کي انٽرويو تي وڃڻو هئو، ڇو اڃا ستو پيو آهي، هن وراڻيو ته آرام پيو ڪري نه اٿارينس، مون هن کي هڪ ٽيبليٽ کارائي آهي، اڃا نٿو اٿي! مون هن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي، هيءُ اٿي وري سمهي رهي، نيٺ مان ناڪام ٿيس، هي نه اٿڻو هئو ۽ پيو رهيو، مون ان ڳالهه کي گهڻو سيريس ڪونه ورتو، تيار ٿي ڌڻي بخش کي پاڻ سان وٺي اسپتال ويس، شام جو وري هاسٽل آيس، ته بشير اڃا ستو پيو هجي، رات جو 8 وڳي کان شام 5 ٿيا، اڃا ستو پيو آهي، پريشان ٿيس، هن کي اٿاريم، اٿيو پر اڃا هي نيم بيهوشي واري حالت ۾ هجي، ڪجهه ڳالهايائين پاڻي گهريائين، ماني جو چيو مانس، چيائين بک ڪونه آهي، وري سمهي پيو، مان به اها رات اتي رهيس، جو ڌڻي بخش سان هڪ ماڻهوءَ جو هجڻ ضروري هئو، اسان ستا پيا هجون، صبح جو 6 وڳي بشير جي اک کلي تقريبن 34 ڪلاڪن جي ننڊ کان پوءِ، پر هن کي خبر نه پئي ته آئون رات ستو آهيان يا نه، سو تيار ٿي اسان کي ٻڌائڻ کان سواءِ پنهنجي پروگرام تحت حيدرآباد انٽرويو لاءِ روانو ٿي ويو، اتي پهتو ته خبر پيس ته انٽرويو ڪالهه ٿي ويو، تون هڪ ڏينهن ليٽ ڪري آيو آهين، اڃا هيءُ ڪونه سمجهيو، هن سمجهيو ته مان تاريخ غلط سمجهي هوندي، موٽي آيو، وري رات جو ملاقات ٿي ٻڌايائين مونکان تاريخ وسري ويئي، انٽرويو ڪالهه هئو، مان اڄ جو سمجهي، ويس! مون کيس چيو تون به صحيح آهين ۽ آفيس وارا به، ڪالهه تنهنجو انٽرويو هئو، ليڪن تو هن کان جيڪا ٽيبليٽ وٺي کاڌي. تون سمهي رهين ۽ پوڻن ٻن ڏينهن تائين اگهور ننڊ ۾ هئين! اڄ تائين بشير احمد اوٺو واقعي کي ياد ڪندو آهي، ته کلندو رهندو آهي، ته هو ته چريو هئو، پر آئون ته هن کان به چٽ هيس، جو هن جي صلاح تي عمل ڪيم، ۽ جي ڊوز وڌيڪ ڏيئي ها ۽ ايئن کائيندي سمهان ها ته شايد دائمي ننڊ ۾ هليو وڃان ها!
ڌڻي بخش به جڏهن علاج کانپوءِ چاڪ ٿيندو آهي، ته هن کان پڇندو آهي، ته ڏي خبر ڪيئن ننڊ ڪرائي هئي مانءِ، ان واقعي کانپوءِ هڪ ڏينهن صبح جو سوير آئون هاسٽل ويس، ڪمري جي دروازي تي بشير اوٺي چٽ لکي ڇڏي ويو، ته ڌڻي بخش ڪمري مان غائب ٿي ويو آهي، آئون هن پويان پيو وڃان، ان دوران تون اچين ته ڦاٽڪ واري پاسي اچ مان هن کي پڪڙي وٺي ٿو اچان، صبح جو وقت ٿڌي ٿڌي هوا جا خمار، رات جو اوجاڳو، آيس ان خيال سان ته وڃي ٻه ٽي ڪلاڪ آرام ڪندس، هتي ته ڪم ئي ٻيو مان چٽ پڙهي ڦاٽڪ طرف روانو ٿيس، واٽ تي طرحين طرحين جا خيال-وسوسا، خوف ۽ انديشا ته ڪيڏانهن ويو، ڪٿي ڪو جهيڙو ته نه ڪيائين، دعائون گهرندو ڦاٽڪ وٽ پهتس، ته هڪ ٽرڪ تي نظر پئي، جيڪا بيٺي هجي، ان جي دروازي وٽ بشير بيٺو هجي، مان سمجهي ڪونه سگهيس، يا الله خير ڪا ٿي ٽرڪ واري... نه نه ايئن ڪونه هوندو! ته پوءِ بشير ٽرڪ وارن سان ڇا پيو ڳالهائي، ساهه سڪي ويو، دماغ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو، پل گهڙيءَ لاءِ اکين ۾ انڌاري اچي وئي... تڪڙا قدم کڻي ويجهو پهتس، هڪل ڪري بشير کي سڏ ڪيم، ڇا ٿيو؟ هن مون ڏانهن نهاري وڏو ٽهڪ ڏنو، الا... مون سمجهيو هيءُ به هوش وڃايو ويٺو آهي، ڇا؟ وري پڇيو مانس ڇا ٿيو، ڀڄندو خوف واري عالم ۾ قدم کڻندو هن ڏي وڌندو رهيس، ايسيتائين هن جي ويجهو پهتس، مونکي هٿ جي پنجن آڱرين جو بجو ڏيئي، چيائين ته هاڻي هيءُ اڌ ڪلاڪ کان ٽرڪ تي چڙهي ويٺو آهي، ۽ ڊرائيور کي چوي پيو، مونکي سيوهڻ کڻي هل، هي زوري ٽرڪ تي چڙهي ويهي رهيو آهي، ۽ گار ڏيندي، چيائين ته لهي به نٿو، مون کيس پري ڪري هن کي ڳچيءَ کان جهلي هيٺ لاٿو، ۽ بشير کي چيم تون وڃ اسپتال، آئون هن کي حيدرآباد جي گدو واري اسپتال ۾ داخل ڪرائي ٿو اچان، ته ڪٿي ڪو وڏو حادثو نه ٿي پوي، پوءِ هن کي سوزوڪي ۾ چاڙهي مارڪيٽ ۾ لٿاسين، هيءُ هاڻي تيز آهي، صفا هوش ۾ ڪونه آهي، ان پوزيشن ۾ مريضن ۾ ڪنٽرول ڪونه هوندو آهي، ۽ هن ۾ طاقت به وڏي اچي ويندي آهي، رڪشي ۾ چڙهي اسپتال جي گيٽ تي پهتس، صبح جا 9 ٿي چڪا هجن، هاڻي هيءُ رڪشي مان ڪونه پيو لهي، زوريءَ لاٿومانس، لهڻ شرط هن زور سان هڪ ٺونشو منهنجي نڪ ۽ منهن تي وهائي ڪڍيو، اکين آڏو ترورا اچي ويا، رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو، قميص رت ۾ ڀرجي ويئي، ڪاوڙ ڏاڍي آئي، صفا برداشت کان ٻاهر وري هوش ۽ حواس تي قابو آڻي، پاڻ کان پڇيم ته ڇا هن مريض سان به ڪي حساب ڪبا؟ ڇا هي پنهنجي وس ۾ آهي؟ ڇا هن هيءُ سڀ هوش ۾ ڪيو آهي؟ جواب مليو نه! ته پوءِ برداشت ڪر، ۽ جلد بازيءَ ۾ ڪا بازي نه هارائي وجهين، رت وهندو رهيو، هن ۾ ٻئي هٿ مضبوطيءَ سان وڌم، متان ڀڄي وڃي، ايتري ۾ اسپتال جو وارڊ بواءِ اتان لنگهيو ۽ ڊيوٽي تي پئي ويو، ان ڏٺو هي هنن جو پراڻو مريض هئو، آيو سلام ڪيائين، مونکي ڏسي سمجهي ويو ته همراهه بيمار آهي، چيائين اڪيلو آهين ڇا؟ چيم ها! پوءِ هن همٿ ڪئي، هن کي ڏسندو مريض ٿورو ڍرو ٿيو، خبر نه آهي، ته مريض ۽ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ وارڊ بواءِ جيڪي اڪثر مريضن جي سار سنڀال لاءِ هوندا هئا، ڪهڙو رشتو آهي، جو مريض جيڪو منهنجي وس ۾ نه هجي، پر پوءِ به ان کان ڊڄي پيو، پاڻ هليو، ڊاڪٽر هن کي پرائيويٽ وارڊ ۾ داخل ڪيو، جو سرڪاري داخلا لاءِ پوليس جو ليٽر ۽ مئجسٽريٽ جو حڪم گهربل هوندو هئو، وارڊ بواءِ مونکي چيو ته اهڙي مريض سان ڪڏهن به اڪيلو نه هوندو ڪر، جو هو ان وقت هوش ۾ ڪونه هوندو آهي، ۽ وڏو طاقتور به هوندو آهي، هن جي هٿ ۾ جيڪا شيءِ آئي، هڻي ڪڍندو ۽ ماڻهوءَ کي ماري به وجهندا آهن، بهرحال! مان هن کي داخل ڪرائي ٻاهر نڪتس، هن جي حال کي ڏسي زارو قطار روئندو پنهنجي پروردگار کي ٻاڏائيندو رهيس، ۽ ڪنهن مهل اکين ۾ پاڻي ته ڪنهن مهل اوڇنگارون پئي ڏنم، ۽ سندس صحتيابيءَ لاءِ دعا پئي گهريم، ايئن هاسٽل تي اچي ڪپڙا مٽائي ٿڪل ٽٽل قدمن سان وري اسپتال جي وارڊ ڏانهن روانو ٿيس، اوجاڳا، ذهن منتشر، هارايل جواريءَ وانگر قدم کڻي وڃي وڏي ڀاءُ جي تيمارداريءَ لاءِ پهتس، پڇيائين ڪيئن آهي ڌڻي بخش؟ مون چيو ته ٺيڪ آهي، کيس داخل ڪرايو اٿم، علاج هلندس، باقي الله بهتر ڪندو.
هاڻي ادا غلام حسين کي اسپتال ۾ 20 ڏينهن گذري ويا، ان دوران هن جو کائڻ پيئڻ صرف ڊرپ ذريعي هليو، ڪيترا دفعا پاڻيءَ جي تقاضا ڪندو رهيو، بوند پاڻيءَ لاءِ تڙپندو رهيو، وات خشڪ زبان ٺڪر جهڙي ۽ چپن تي ڏار ظاهر ٿي رهيا هجن، گهڻو چوندو هو پر پاڻي بند هئس، پوءِ ڊاڪٽرن چيو ته هن جي وات ۾ ڪو ڪپڙو پسائي سندس وات تي رکو، ته جيئن هن جي زبان ۽ وات جي خشڪي گهٽ ٿئي، پوءِ آهستي آهستي هن جي پيٽ ۾ جيڪو رت وغيره ويو، ۽ بقول ڊاڪٽرن جي اهو زائل ٿئي، ته پوءِ هن جو پاڻي شروع ڪبو، پيٽ به ڀرجي ويل هجي، نيٺ 20 ڏينهن جي عرصي کانپوءِ ڪجهه چمچا پاڻي پيارڻ جي اجازت ملي. اها ڄڻ هن لاءِ زندگي جي وڏي ۾ وڏي خوشيءَ جي گهڙي هئي، ايئن محسوس ٿيو، ته صدين کان پاڻي لاءِ اڃايل کي ڪا بوند بهار جي نظر آئي هجي، هر چمچي پيئڻ کانپوءِ هن جي اکين ۾ روشني جي چڻنگ نظر پيئي آئي، شايد هاڻي هن کي محسوس ٿيو ته زندگي ته پاڻي آهي، جي پاڻي بند ته پوءِ زندگي جي اميد ئي ڪونه هئي، اها جدا ڳالهه آهي، ته اهو ڪم ڊرپن ذريعي ٿيو پئي، پر مريض کي ته پاڻي پنهنجي هٿن سان ۽ وات سان پيئڻ ۾ زندگي نظر ايندي آهي، جيستائين پاڻي بند، تيسيتائين هزارين خيال هن جي ذهن تي ڇانيل هوندا هئا، بهرحال اهو هڪ مرحلو مڪمل ٿيو، هاڻي معاملو آهي، ته ٽنگون ڪيئن ٺيڪ ٿين، ان لاءِ ڊاڪٽرن چيو ته اڃا هن کي هتي 2 مهينا کن لڳي سگهن ٿا، ڦٽ هاڻي ٺيڪ ٿي رهيا آهن، ڦٽن ۾ جيڪا گينگرين ٿي هئي، اها ڪنٽرول ٿي ويئي آهي، ٽنگ ڪٽجڻ کان ته بچي ويئي آهي، ليڪن جيڪو ٽنگ تان ماس ضايع ٿيو آهي، ان کي ڀرجڻ ۾ گهڻو وقت لڳي سگهي ٿو، ۽ پوءِ اسين ڄنگهه جي فريڪچر وارن هنڌن کي ملائي پڪو پٽو چاڙهينداسين، ان دوران سڄي ٽنگ تي پٽو چاڙهي ڇڏيائون، باقي هڪ پاسي جو مسئلو هجي، ان دوران ڳوٺاڻن، دوستن، عزيزن ۽ ڀائرن جو اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري هجي، هر روز ڪيئي ماڻهو ايندا ويندا رهندا هئا، شروع شروع جي ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ حالت ايتري ته خراب هئي جو ايندڙ ويندڙ وڃي ڳوٺ ۾ يا ملندڙ ماڻهن تي اهو تاثر ڇڏيندو هئو، ته همراهه جو بچڻ مشڪل آهي، جي بچي ويو ته اهو معجزو آهي.