آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

ايم ڪيو ايم مان نجات حاصل ڪرڻ جي حڪمت عملي

اسٽيٽ بئنڪ جي نوڪريءَ دوران مون لياقت ساهيءَ سان صلاح ڪئي ته ڇا ڪجي جو اسين پنهنجي ۽ سڀني ملازمن جي، هنن ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن مان جند آجي ڪرائي سگهئون؟! هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ هڪ وفاقي اداروآهي. ان ۾ هڪ وفاقي سطح جي يونين رجسٽر ڪرائڻ گهرجي جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ وزيراعظم جي سفارش گهرجي. هاڻي مشڪل اها هئي ته وزيراعظم جي سفارش ڪٿان آڻجي؟ ان دوران منهنجو يار فقير داد کوسو به پ پ قيادت ۽ ايم اين اي، سردار ملڪ اسد سڪندر سان گڏيو. اها هڪ الڳ روئداد آهي ته فقير داد ۽ سائين امير حيدر شاهه وچ ۾ ڪهڙا اختلاف ٿيا. ان سان ڪهڙا ڪهڙا ويڌن ٿيا. مان ان جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. جنهن تي اڳتي لکندس ته جيئن ماڻهن جا اصل چهرا سامهون اچن. بهرحال مان، فقير داد ۽ ملڪ اسد سڪندر سان ملي کين عرض ڪيو ته يونين رجسٽر ڪرائڻي آهي. جنهن لاءِ وزيراعظم جي سفارش جي ضرورت آهي. ان تي ملڪ صاحب چيو ته جڏهن قومي اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿئي تڏهن اوهان اسلام آباد اچجو. آءٌ ڪوشش ڪندس. ان تي مون چيو ته ايئن نه ٿئي جو مان اسلام آباد اچان ۽ اوهان اتي ملو ئي نه ڇو ته اڪثر ڪري سياستدانن بابت اهڙو تاثر عام هيو. ملڪ صاحب مون کي سٺي نموني سان سڃاڻي ڇو ته فقير داد کي به پ پ ۾ مان موڪليو هيو. ان تي ملڪ اسد سڪندر چيو ته ڪم ٿئي يا نه ٿئي مگر مان پنهنجي سموري توانائي خرچ ڪري اوهان لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندس. جيڪا اوهان کي نظر به ايندي.
مون لياقت ساهيءَ کي چيو ته ڪاغذي ڪارروائي مڪمل ڪر. مان يونين رجسٽر ڪرائيندس ته هن وڏو ٽهڪ ڏئي چيو ته تون هن وقت هن صدي جي سڀ کان وڏي مذاق ڪري رهيو آهين. هي انتهائي ناممڪن ڪم آهي. ان تي مون چيو ته ”ڊيموڪريٽڪ يونين اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڪراچي“ به ته مون ئي رجسٽر ڪرائي هئي. جيڪو عمل پڻ ان وقت ناممڪن هيو. ان تي هن جواب ڏنو ته هي ان کان ڏهوڻو مشڪل ڪم آهي. مون پڇيو ته ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو ته ان تي چيائين ته اسٽيٽ بئنڪ جي هر برانچ مان ميمبرشپ گهرجي. ان لاءِ سڄو ملڪ گهمڻو پوندو. ان لاءِ اسان سڄي پاڪستان جي سينٽرن تي وياسين مگر مايوس ڪن صورتحال هئي جو ڪوبه ميمبرشپ فارم ڀرڻ لاءِ تيار نه هيو.
مان راولپنڊي سي بي سيءَ جي صدر غلام فاروق کي منٿ ڪئي ته ان جي زير اثر چئن سينٽرن جي ميمبرشپ ملي وئي. يونين لاءِ شرط هيو ته گھٽ ۾ گھٽ ٻن صوبن ۾ ميمبرشپ هجي. اهڙي ريت اسان اهو شرط به پورو ڪري اسلام آباد هليا وياسين. اتفاق سان اسيمبليءَ جو سيشن به هلندڙ هجي. مون اسيمبلي ۾ وڃي ملڪ اسد سڪندر سان ملاقات ڪئي. هن مون کي چيو ته مون محترمه بينظير ڀٽو کان ملاقات لاءِ وقت گھريو آهي. ساڻس ملاقات ٿئي ته هن کان ڪنهن کي چورايان؟ ان جا تفصيل لکي ڏي؛ تنهن تي مون چيو ته نيشنل انڊسٽريل رليشن ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين رانا شوڪت محمود کي چورائڻو آهي. هو پ پ پنجاب جو صدر به رهي چڪو هيو ۽ هن کي چيئرمين به محترمه ڪرايو هيو. اگر هو چاهي ته بنا ڪنهن نوٽيس جي يونين کي رجسٽر ڪري سگھي ٿو. ملڪ صاحب ان دوران آصف علي زرداري صاحب سان مليو ۽ کيس چيو ته محترمه کان ملاقات لاءِ وقت وٺي ڏيو. زرداري صاحب ڪم پڇيس ته هن مون وارو ڪاغذ هن جي حوالي ڪيو. ان وقت ئي هن رانا شوڪت کي ٽيليفون ڪئي ۽ مون لاءِ هڪ خط ورتو، جيڪو رانا ڏي لکيل هيو. ان ۾ زرداري صاحب لکيو ته محمد خان ابڙو اوهان ڏي اچي رهيو آهي. هن جو هر حال ۾ ڪم ڪرڻو آهي. مون اهو خط لياقت ساهيءَ کي ڏنو. هن چيو ته چيئرمين هن وقت لاهور ۾ آهي. مان ان سان ملڻ وڃان ٿو. اوهان هتي اسلام آباد ۾ ئي ترسو. متان ضرورت پوي ته اوهان ڪال ڪرائي وٺجو.
لياقت ساهي اهو خط کڻي لاهور روانو ٿي ويو. اتي هو چيئرمين؛ رانا شوڪت محمود صاحب سان مليو. هُن چيس تون ته ابڙو ڪونه آهين. ان تي لياقت چيس ته اهو اسلام آباد آهي. ان مون کي موڪليو آهي. ان تي رانا چيو ته ٺيڪ آهي. مان اوهان جي درخواست قبول ڪيان ٿو. توهان وڃي رجسٽرار وٽ وجسٽريشن ڪرايو. هن ايئن ڪيو ۽ مون کي فون ڪيائين ته ڪم ٿي ويو. رانا شوڪت اوهان سان ملڻ چاهي ٿو. ان ڪري اوهان به لاهور اچو. اميد ته صبح تائين سرٽيفيڪيٽ ملي ويندو. ان تي مون چيو ته صبح جو ڇو؟ اڄ ئي ڪم ڪرايو. روانگيءَ وقت مان هن کي هڪ لک روپيه به ڏنا هئا ته ضرورت وقت ڪم ايندئي، تون رجسٽريشن ڪرائي ڇڏ. ان تي هن چيو ته ان جي ڪهڙي ضرورت آهي. اسان جو ڪم هونئن ئي ٿي ويو آهي. رجسٽرار ڀلي ڪاغذ چيڪ ڪري ۽ صبح جو سرٽيفيڪيٽ ڏي.