آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

وڃن سور سنڌا ڪيو

محمد خان ابڙي جو شمار ستر جي ڏهاڪي واري ان قوم پرست شاگرد قيادت ۾ ٿئي ٿو، جن جهر جهنگ وڃي، سنڌ جي آجپي، خوشي ۽ خوشحاليءَ جي تسبيح سوري، قومي جاڳرتا ۽ شعور ڦهلائڻ توڙي حب الوطنيءَ جي جذبي کي هڪ تحريڪ ۽ سوچ جو روپ ڏيڻ ۾ غير معمولي ڪردار ادا ڪيو. ”وڃن سور سنڌا ڪيو“ ۾ سنڌ جي شاگرد سياست توڙي قومپرست سياست جي تاريخ جو ترورابه آهن ته 70 جي ڏهاڪي ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن اندر سائين جي ايم سيد جي فڪر، فلسفي ۽ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد جي جواني واري دور جون يادون ۽ تاريخ به آهي، جڏهن سنڌ اندر قومي سوچ هڪ سگهاري قوت طور اڀري سامهون آئي هئي ۽ ون يونٽ خلاف هلايل ڪامياب جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي ذهنن ۾ پنهنجي وطن، ٻولي، درياهه، نوڪرين ۽ حق حڪمرانيءَ جي احساس کي سگهارو ڪيو هو، تڏهن سنڌ اندر جساف نه رڳو يونين جون چونڊون کٽيندي هئي پر تعليمي ادارن جي مالڪي ۽ شاگردن جي حقن ۽ سندن تعليمي گهرجن جو پوراءُ به ڪندي هئي، اهي سڀ تاريخي حوالا هن ڪٿا ۾ اختصار سان موجود آهن

Title Cover of book وڃن سور سنڌا ڪيو

پنهنجي ڪاليج جي مالڪي

مون سندس شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو مانس آءٌ ايندڙ مهيني اوهان وٽ حاضر ٿيندس. هيءُ ويو ته ابراهيم صاحب کي چيم ته سائين ٻڌايو ته ڪڏهن ٿا ڪلاس وٺڻ اچو؟ چيائين بابا مان انجنيئر ماڻهو آهيان مئٿ اسان به پڙهي انٽر ۾! هاڻي ته وسري ويئي آهي. هروڀرو ڇو ٿو اسان تي خلق کلائين! ليڪن اسان جي زور تي هڪ دفعي آيو ۽ چيائين، پرنسپل کان اجازت وٺو ته ڪلاس روم ۾ هلئون ۽ جيڪو حال آهي سو پڙهايان مون چيو سائين ڪلاس روم ڇا ڪندؤ هڪ استاد هڪ شاگرد سو منهنجي يونين آفيس ۾ ويهي هن کي مئٿ پڙهايو! اهو ڪم هن کي آسان لڳو ۽ ايئن ٻه دفعا آيو ته مٿان اهو صاحب سيڪريٽري ايڊيوڪيشن کي چيو ته مئٿس جو ليڪچرار سيوهڻ ڪاليج ۾ موڪليو. اتي ڊيولپمينٽ جو ڪم پيو هلي وزير اعظم هر مهيني رپورٽ ٿو گهري. مون کي هر مهيني هڪ ٻه چڪر ڪم ڏسڻ لاءِ سيوهڻ وڃڻو ٿو پوي. يونين جا ڇوڪرا مون کي ڪم ڏسڻ نٿا ڏين. انهيءَ ڪري هڪ هفتي اندر ليڪچرار مقرر ڪري ڏيو. سيڪريٽري ايڊيوڪيشن هڪ هفتي اندر ليڪچرار موڪليو. ڪراچيءَ جو اردو ڳالهائيندڙ هئو، نقوي پيو سڏائي. ۽ ايئن انور ڀٽو- هڪ شاگرد لاءِ هڪ ليڪچرار جي مقرري ٿي ويئي. هوڏانهن هتان جي انجنيئرن کي چيم ته ذاهدي صاحب ايندو. ان ڪري جان محمد ڀٽي جي ڳوٺ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم جي ايسٽيميٽ ٺاهي رکو ته جيئن اچي ته هن کان منظور ڪرايون. ايسٽيميٽ به تيار ٿي ويئي ليڪچرار به اچي ويو ۽ جڏهن ذاهدي صاحب ٻئي دفعي آيو ته هن پاڻيءَ جي اسڪيم منظور ڪئي ۽ چيائين بابا اوهان جا سڀ مسئلا حل ٿي ويا. مون چيو سائين الله توهان کي اجر ڏيندو جو هڪ ڳوٺ ۾ پاڻي ڏنوَ ۽ ليڪچرار به مقرر ڪري ڏنوَ. باقي هڪ مسئلو! چيائين وري ڇا آهي؟ چيم ته ڪاليج جي بلڊنگ ته ٺهي ويئي ليڪن ايڊيوڪيشن ورڪس کاتي وارن وٽان فنڊ کٽي ويو آهي بلڊنگ جي چوديواري اوهان ڏياري ڏيو. ان وقت اها چوديواري ٻن کان اڍائي لکن ۾ تيار پئي ٿي. چيائين اهو اسان جي پراجيڪٽ جو ڪم ته نه آهي ليڪن آءٌ اوهان کي اهو ڪم به ڪرائي ٿو ڏيان. ليڪن هڪڙو شرط منهنجو به آهي ته اوهان هاڻي ڪو اهڙي قسم جو مسئلو مون وٽ نه کڻي ايندا. مون به واعدو ڪيو ته هاڻي اوهان کي وڌيڪ تنگ نه ڪبو. ڪٿي اسان جي ئي ڪنهن غلطيءَ جي ڪري اسان جي ئي شهر جو ڪم نه دربدر ٿئي مون چيو سائين واعدو آهي وري اوهان کي نه چونداسين. ايئن بدر الدين ذاهدي صاحب جي انتهائي همدردي، پيار ۽ مهربانيءَ سان منهنجي ڪاليج يونين جي جنرل سيڪريٽريءَ جي ايامن ۾ اهي ڪم ٿيا ۽ ان کانسواءِ ايريگيشن جي SDO سيال صاحب مون کان نالو وسري ويو آهي پنهنجي طرفان منهنجي چوڻ تي ڪاليج ۾ ڪرڪيٽ جي راند لاءِ سيمينٽ جي پچ پڻ ٺهرائي ڏني.
بهرحال ايئن انور صاحب جي امتحان جي موقعي تي مون جيڪو ساڻس واعدو ڪيو هئو ته توکي انجنيئرنگ ۾ داخلا ملندي. مون ان وقت مهراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگرد يونين جي جنرل سيڪريٽري امير حمزه مينگل، جيڪو ڀان جي ڀرسان ڳوٺ ننگر خان جو رهواسي هئو - ليڪن منهنجي ان سان دوستي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪري ٿي، ان کي عرض ڪيم ته دادوءَ ۾ امتحان جي موقعي تي اچي ۽ اسان جو هڪ دوست آهي ان کي پرچي ۾ مدد ڪري. هن مهرباني ڪئي امتحان جي موقعي تي آيو ۽ انور ڀٽي جي ڀرپور مدد ٿي ۽ آخرڪار انور ڀٽو، نوابشاهه انجنيئرنگ ڪاليج ۾ اليڪٽريڪل شعبي ۾ داخلا وٺي انجنيئر ٿي ويو.