سائين جي ايم سيد ڏانهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جا لکيل خط
پراڻي خاندانيءَ واسطيداريءَ جو ورق اٿلائيندي، ڀٽي صاحب سائين جي ايم سيد سان احترام ۽ پاٻوهه جو رستو برقرار رکيو آهي. جيتوڻيڪ مقصد، مُرادَ ۽ منزل تي رسڻ جا رستا الڳ الڳ آهن خواب ۽ ساڀيائون پڻ الڳ الڳ آهن، پر قديم سنڌ جي رواداري، ماڻهپو، اخلاق، وڏ، ننڍائي ۽ بزرگي ٻنهي جي وچ تي موجود رهي آهي.
يقينن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس خاندان جون بي شمار قربانيون، جنهن به مقصد لاءِ هيون يا آهن، ان جو مثال ملڪ جي ويجهڙيءَ تاريخ ۾ ملڻ نهايت ئي مشڪل آهي. ڪنهن به باطل آڏو ڪنڌُ نه جهڪائڻ هن مٽيءَ جي ئي مڻيا آهي!
سنڌ جي پنج هزار سالن جو اتهاس گواهه آهي ته جڏهن به صليبن جو سڏُ ٿيو آهي ته سنڌ جي سپوتن جي هڪ وڏي قطار سامهون نروار ٿي وقت جي جلادن کي شڪست ڏني آهي. اهو سچ آهي ته آمر ضياءُ الحق هوا ۾ هوا ٿي ويو، پر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس گهراڻي جو رَتُ واهوندي جي واءَ ۾ هٻڪارون، هٻڪارون ٿي ويو آهي. سڄو ڪٽنب جان جو نذرانو ڏئي هن مٽيءَ ۾ پنهنجي مهڪ ڇَٽي امر ٿي ويو آهي!